Saturday, 3 December 2016

سنڌي ٻولي به ايڪتا گُھري ٿي / ماھم سنڌي / ميرپورخاص.

سنڌي ٻولي به ايڪتا گُھري ٿي / ماھم سنڌي / ميرپورخاص.

mahamsindhi05@gmail.com

4 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ايڪتا ڏينھن ملھائڻ جي حوالي سان ھر ھنڌ دُھل ۽ قومي گيتن تي رقص شروع ٿي ويو آھي. ھر سماجي ، ڪاروباري ۽ تعليمي سطح تي ان ڏينھن کي ملھائڻ جون ڀرپور تياريون ڪيون ويون آھن . روزانه جي اخبار کڻي ڏسون ته ھڪ سڄو پيج ئي ان تي ملندو ، جنھن ۾ ڪٿي ايڪتا ريليون ، ڪٿي ثقافتي پروگرام،  ڪٿي مشاعرا ، مچ ڪچھريون،  راڳ جا پروگرام،  ادبي پروگرام ، تقريرون ۽ ٽيبلوز ٿيڻ جو خبرون پڙھڻ لاء ملن ٿيون . سڀ ٻار ٻچا ۽ ٻُڍا سنڌي ثقافتي ڪپڙا ، ٽوپي اجرڪ پائي پنھنجي سونھن وڌائي پيا ھلندا آھن ،  انھي حوالي سان دڪانن ۾ به انھن جي گھرج وڌيل آھي. سرڪاري توڙي غير سرڪاري طور تي سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪري اُھو ڏينھن ملھائڻ لاء جشن جھڙو سماء ٺاھيو ويو آھي. سنڌي پاڻ چون ٿا ته اھو اسان جي لاء ڪاڄ جو ڏينھن آھي،  اسين ڳائي نچي انھي کي ملھائينداسين. مان ذاتي طور پڻ ان ڏينھن جي ساراھ ڪيان ٿي ته،  اسان جو فرض آھي جنھن ڌرتي تي رھون ٿا ۽ جتان جو ان داڻو کائون ٿا ، اتان جي ثقافت کي ھٿي ڏيڻ لاء اسان دنيا اڳيان پنھنجا ڏھاڙا ملھايون.  مان انھي ڏينھن ملھائڻ جي قطئي خلاف ناھيان ، بلڪه دل جي گھراين سان ان جي حمايت ڪري پاڻ به ملھايان ٿي،  پر اھو ذھن نشين ڪرڻ به ضروري آھي ته ڪنھن به قوم جي ثقافت ان جي ٻولي،  رھڻي ڪھڻي،  ويس وڳن  تھذيب وتمدن,  رواجن ۽ کاڌن تي ٻڌل ھوندي آھي. ٻوليون قومن کي جئيندان ڏينديون آھن ۽ جنھن قوم وٽ پنھنجي ٻولي ناھي ھوندي يا ترقي ناھي ڪري سگھندي،  اھا ڪاميابين جي بلندين تائين رسي ناھي سگھندي. اسان کي سڀ کان وڌيڪ پنھنجي توانائي ان تي صرف ڪرڻ گھرجي جٿان واقعي اسان جي قوم ۽ اسان جي جنم ڀومي کي ترقي ملي.  اسان کي خيالي خوابن ۾ رھڻ  بدران اھا سمجھ رکڻ گھرجي ته، جڏھن انھن  خوابن کي عملي لباس پرائي انھن کي حقيقي  روپ ۾ بدلائينداسين ته  ئي ان جي اصل سونھن ۾ ان کي ڏسي سگھڻ جي قابل ٿي سگھنداسين  . اسان ھر سال ثقافتي ڏڻ ملھائڻ لاء ايڏا ته پرجوش ٿي پئون ٿا  ۽ جسم کان رقص ڪرائي ان جي توانائي کپايون ٿا ، جو ھوش ئي نٿو رھي .   ڇا اسان ايڏي ئي محنت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ ۽ ان جي اوسر و ترقي،  جائز حق طلبي ۾ لڳائي آھي؟ اسان جا قومپرست سنڌي سياستدان  ، اسان جا اديب ،  اسان جا شاعر،  اسان جا سماجي ورڪر،  دانشور،  اسان جا مفڪر،  سنڌي چئنل کولي سچا سپوت سڏائيندڙ سگھارا ماڻھو ،  ۽ اسان ۾ موجود وڏن عھدن تي فائز سنڌي ،  ڇا ايتري اھميت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ تي ڏيئي رھيا آھن ،  جيترو اڄ اسين جھمريون پائي سنڌ جي ثقافت ملھائي سنڌ تي احسان پيا ڪريون؟   ڇا سنڌي اجرڪ اوڍڻ ۽ ٽوپي پائڻ سان اسان جي سنڌي ھئڻ جو فرض پورو ٿيو وڃي؟ ڇا اسين ايتري موٽ،  بحث مباحثا ۽ ايتري سنجيدگي سنڌي ٻولي جي ترقي بابت ڪريون ٿا؟ اھي اُھي سوال آھن جن جا جواب ڪو سنڌي نه پر پاڻ خود سنڌ ڌرتي طلبي ٿي.
اسان اڄ تائين سنڌ جي قديمي ٻولي کي به ان جو جائز حق ڏئي ناھيون سگھيا ، باقي جھمريون پائڻ  ۽ پاڻ نچائڻ آسان مشغلو آھي.

1940ع ۽ 1972ع وارين قراردادن موجب علائقائي ۽ صوبائي مادرين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي انھن کي ترقي ڏيڻ جو چيل آھي. آئين جي آرٽيڪل 251  ۾ ترميم ڪري اھو ٻولي بابت بل اڳوڻي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ماروي ميمڻ ۽ پي پي پي جي نواب يوسف ٽالپر جي اڳواڻي ۾ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽي اڳيان  2008ع ۾ پيش ڪيو ويو جنھن ۾ ڄاڻايل ھيو ته  “ سنڌي ، بلوچي،  پشتو،  پنجابي ۽ سرائيڪي  ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۽ انھن ٻولين جي نالي تي فنڊ قائم ڪيا وڃن،  انھن کي اسڪولن ۾ پڙھائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي جنھن سبب انھن ٻولين جي اوسر ۽ انھن جي ترقي ٿيندي .“ پر اھو بل ڪاميٽي جي چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري رد ڪيو ، جنھن ۾ پي پي پي ، ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ نواز به شامل ھيون ۽ اھو به چيو ويو ته انھي بل کي واپس وٺو،  پر ماروي ميمڻ چيو ھو اھو بل سڄي عمر واپس نه وٺنديس . 2011ع ۾ وري اھو بل قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي سامھون رکيو ويو پر انھي کي ٻيھر رد ڪيو ويو . ٻيھر اھو بل سينيٽ جي اسٽينڊنگي انصاف واري ڪاميٽي سامھون  3 آڪٽوبر 2016ع تي پيش ڪيو ويو. پر صرف ٻن ووٽن جي مخالفت ڄاڻائي جائز حق ڏيڻ کان روڪيو ويو ۽ بل ھڪ ڀيرو وري رد ٿيو .شروع کان ئي وقت بوقتا انھي کي رد ڪيو پئي ويو  ۽ وري اطلاعات موجب  27 نومبر تي ٻيھر سينيٽ ۾ ساڳيو بل سينيٽر سسئي پليجو ۽ اعجاز ڌمراڻي پاران جمع ڪرايو ويو آھي ، جنھن بابت به  ڪا نتيجي خيز اميد نه پئي نظر اچي. وفاقي حڪومت ۽ ٻولي واري بل جي مخالفت ڪندڙ قومي تعصب رکندڙ ڌريون،  اھو ڇو وساري ويٺيون آھن ته ويجھڙائي ۾ ئي ٻولي جي حق گھرڻ خاطر مايوس ٿي بنگالي نوجوان 1952ع ۾  ڍاڪا جي روڊن تي نڪري آيا ھئا ۽ انھن جو قتل عام ٿيو ھيو. انھن جي ئي تحريڪ ايڏو زور ورتو جو اقوام متحده 21 فيبروري کي مادري ٻولين جو ڏينھن ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو. بنگالين جي پنھنجي ٻولي ۽ قوم جي بقا لاء ڪيل جدوجھد تڏھن ڪامياب ٿي،  ڇو جو انھن ۾ ايڪتا ۽ ٻڌي ھئي،  پوء اسان جي ٻڌي ڇا سنڌو دريا ۾ غوطا پئي کائي ؟ جو اسين ان جي اوسر ترقي ۽ جائز حق لاء اڃا تائين ڪامياب ناھيون ٿيا. گوگل ٽرانسليٽر به ٻولي جي اھميت ڏسي ان ٻولي ۾ ترجمو مھيا ڪري ڏنو آھي،  پر اسان ڇو پنھنجي قوم جي حقن لاء سياسي سماجي ۽ ٻين ورھاستن ۾ ورھائجي الڳ الڳ ڪُنڊ جھليو ويٺا آھيون.

نائين صدي جي شروعات ۾ جڏھن عرب سنڌ ۾ ڪاھي پئي آيا تڏھن سنڌي ٻولي ھتي رائج ھئڻ سبب انھن قرآن پاڪ جو پھرين دفعا ترجمو انھي ۾ ڪيو. 1050ع کان 1350ع تائين جو سومرن جو دور سنڌي ٻولي ۾ ادب جي ترقي جو ڀلوڙ دور ھيو ، جنھن ۾ سنڌي ادب تخليق ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ھر موضوع تي سنڌي زبان جي لکت اچڻ لڳي.1351ع کان 1520ع تائين جڏھن سَما حاڪم ٿيا انھي دور ۾ به سنڌي ادب تخليق ٿيو پر محفوظ نه رھڻ سبب گھڻو وڃائجي ويو. 1520ع کان 1555ع تائين جي ارغونن  جي دور  ۾ شاھ ڪريم ھڪ وڏو نالو ۽  قاضي قادن سنڌي ٻولي ۾ شاعري لکي.  16ھين کان 17ھين صدي دوران ڪلھوڙن جي دور ۾  شاھ عبدالطيف ڀٽائي سنڌي ٻولي جي سونھن پنھنجي شاعري ذريعي چئوڻي ڪري ڇڏي .ان جي بعد 17 کان 18ھين صدي  تائين سچل سرمست شاھ لطيف جي ئي  چاڙھيل ڪُني جو ڍڪ لاھيندي شاعري کي ڪمال بخشيو۔  ان وچ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ نثر پڻ پنھنجي ترقي جون منزلون طئي ڪندو پئي آيو. اھا ٻولي جنھن ۾ ادب جي کوٽ ھجي ، ان جي ئي اوسر مشڪل ٿئي ٿي پر سنڌي جھڙي شاھوڪار ٻولي ۾ نه صرف ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعري ۽ نثر وڏي تعداد ۾ ملي ٿو،  بلڪه شاعري جون مختلف صنفون به سنڌي شاعرن استمعال ۾ آنديون آھن،  ان باوجود به جائز حق سنڌي ٻولي کي ناھي مليو.  مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي پڻ 17ھين صدي ۾ سنڌي صورتخطي لکي اعلي ڪم ڪيو. 1843ع ڌاري جڏھن سنڌ تي انگريز قابض ھئا،  تڏھن ٻولي کي سرڪاري درجو حاصل ٿيو ۽ ان جي اھميت ۾ اضافو ٿيو. تنھن وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنڌي لازم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو ۽ سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي،  جنھن جي حل لاء ڪميشن جوڙي وئي . مسلسل يارھن مھينن جي محنت رنگ لاتو ۽ 52 اکرن تي مشتمل نج سنڌي ٻولي جي آئيويٽا تيار ٿي ۽ ان کي سرڪاري درجو ڏنو ويو. انھي دور ۾ 1888ع ۾ مرزا قليچ بيگ جون ٻولي ۾ ادبي خدمتون ذڪر لائق آھن.  18ھين صدي جي وچ ڌاري انگريزن جو اچڻ ۽ پوء انھي خلاف مسلم ھندو گڏيل آزادي تحريڪ،  پوء مسلمانن جو الڳ تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ  ۽  پاڪستان جي آزادي بعد سنڌ نظر انداز ٿيڻ سبب سنڌي ٻولي به جائز حق حاصل ڪري نه سگھي. سنڌي ٻولي جي جائز حق لاء جدوجھد ان وقت کان اڄ تائين ھلندي ته رھي آھي  پر اڃا وڌيڪ انھي اھم موضوع تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي.

سنڌي ٻولي اترادي،  لاڙي،  لاسي ، وچولي ڊاٽڪي ، ٿري ، ۽ ڪڇي ٽوٽل ڇھن لھجن يا ان کان به وڌيڪ نمونن ۾ ڳالھائي سمجھي وڃي ٿي،  ان جي تاريخ موئن جي دڙي جي تھذيب مان ملي ٿي جيڪا دنيا جي قديم تھذيبن مان ھڪ آھي . سنڌي ڳالھائيندڙن جو تعداد ڪروڙن ۾ آھي،  جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آھن . ايڏي شاھوڪار ٻولي جي ھوندي به اسان سنڌي پنھنجي ڌرتي جا انھي ڪري مياري آھيون،  جو اسان جي سنڌي ٻولي اڃا حق کان محروم آھي. جشن ۽ عيدون ته ڪاميابين تي ملھايا ٿا وڃن پر اسين ايڪتا ڏينھن ملھائي ھل ھنگامو ڪرڻ ته ڄاڻون پيا پر اھو ڇو نٿا ڏسون ته سنڌ ۾ ڌاريا اڃا به ڊيرا ڄمايو ويٺا آھن،  اڄ به ڪراچي حيدرآباد جي بازارن ۾ وڃڻ دوران اردو ٻولي سان مخاطب ٿيڻو ٿو پوي،  اڄ به سنڌ دشمن معاھدا پنھنجي راھ عمل ۾ آھن، اڄ به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي وفاقي سطح تي دٻايو پيو وڃي ۽ انھن جي ترقي جي راھ ۾ رنڊڪون بيٺل آھن،  اڄ به سنڌي نوجوان توڙي پوڙھا ملڪ سان غداري جي الزام ۾ گُم ڪري ماريا وڃن ٿا،  اڄ به مذھبي انتھاپسند ۽ دھشتگرد کلي منھن وڏين گاڏين تي گُھمن پيا،  اڄ به سنڌي ھندو نياڻين کي جبري طور مذھب جي تبديلي ڪرائي انھن جا نوان نالا رکي انھن کي نئي سڃاڻپ ڏني وڃي ٿي   ، اڄ به ته سنڌي ھندو لڏڻ لاء ائين مجبور آھن جئين 1947ع ۾ ھئا،  اڄ به ته مندر ٽوڙيا پيا وڃن ۽ سنڌ کان امن کسيو پيو وڃي. ٻين تي الزام ھڻڻ کان پھرين پنھنجي ضمير جي انھي سڏ ٻڌڻ جي به ضرروت آھي جيڪو ڪيھون ڪري اسانکي آواز پيو ڏي ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڄڻ ڪو غفلت جو ھينڊفري لڳڻ سبب اسان آواز ٻڌڻ کان ڪاسر آھيون.انھي ئي سُتل ضمير کي جڳائڻ لاء سنڌ ۽ ھند جي سنڌي شاعر نارائڻ شيام
سنڌي ٻولي بابت پنھنجو ڏچو ڏيکاريندي غيرت جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي .

“ الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي
ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.... “
http://dailykalyan.com/epaper/2.php?date=04-12-2016

جو کيڙي سو کائي /ماھم سنڌي / ميرپورخاص.

17/11/2016

جو کيڙي سو کائي /ماھم سنڌي / ميرپورخاص.
mahamsindhi05@gmail.com


“جو کيڙي سو کائي“ جو انقلابي نعرو ڏيندڙ،  صوفي ازم  ۽ انسانيت جي حقن جو پرچارڪ،  صوفي شاھ عنايت شھيد جو 3 روزه ساليانو  308ھون عرس 17 صفر کان ان جي نگري جھوڪ شريف  ضلعي سجاول ۾ شروع ٿي رھيو آھي. ٽي ڏينھن لڳندڙ ميلي دوران ان جون تياريون پوريون ڪيون ويون آھن. جنھن ۾ درگاھ جي ۽ ان جي اردگرد جي صفائي سٿرائي ۽ ايندڙ ھند ۽ سنڌ کان زائرين جي لاء مناسب بندوبست ڪرڻ جا ڪم ڪار جاري آھن.  مليل معلومات موجب درگاھ ٻاھران 300 کان وڌيڪ ٻاريون تيار ڪيون ويون آھن ، جنھن ۾ راڳي صوفياڻا ڪلام ڳائي صوفياڻي محفل مچائيندا. درگاھ جو گادي نشين عطاالله ستاري ميلي جي افتتاح دوران اڳڀرو ھوندو. اھا ھڪ حقيقت آھي،  جيڏي خاموشي ، شانتي ۽ سڪون شاھ عنايت جي درگاھ ۾ ھوندو آھي ، اھو ٻي ھنڌ ناھي ملندو. اتي ڪو مذھبي ويڇو انسانن جي وچ ۾ اچي انھن کي جدا ناھي ڪندو،  بلڪه ھندو مسلمان توڙي ٻي مذھب جا گڏجي ڪري اچي حاضري ڏين ٿا. انھي درگاھ تي خوبصورت روشنائي ٿيل ھوندي آھي ۽ صوفياڻا راڳ ڳائي راڳي سڪون قلب حاصل ڪندا آھن.

صوفي شاھ عنايت شھيد غريبن،  لاچارن ۽ ڪڙمين جو ھڏڏوکي ھيو . ان جي شخصيت سادي ۽ گھڻ رُخي گُڻن تي مشتمل ھئي.
شاھ عنايت شھيد ھارين جي ھيسيل طبقي کي ڏسندي ، ان جي لاء آواز بلند ڪيو ته جيڪي زمين کيڙي سرسبز بڻائين ٿا ، جيڪي ڏينھن رات جا اوجاڳا ڪري اوھانکي تازا فصل اپائي ڏين ٿا ، اصل ۾ پھريون حق انھن جو آھي ته پھرين ھو کائين ۽ پوء ئي اوھان کائو. ھاري ويچارا پرھ ڦٽي کان اڳ جڏھن رات جا پاڇا باقي ھوندا آھن ته،  آرامده بستري کان موڪلائي اڌ بکئي پيٽ ٻنين ۾ نڪري وڃن ٿا ۽ انھن جي سار سنڀار ڪنھن ننڍي ٻار جيان وڏي خلوص سان ڪن ٿا. زمين جي کيڙي،  ان  ۾ ٻج پوکڻ ، پوء سلا ڦٽڻ  ۽ انھن جو وڏو ٿيڻ،  انھن کي مناسب پاڻي ڏيڻ،  گُڏ کٽڻ ، انھن کي پکين  ، جيتن  ۽ مويشي مال کان بچائڻ سڀ ڪجھ وڏي محنت سان ڪن ٿا،  پر جڏھن فصل  پچي راس ٿئي ٿو ته انھن زمينن جا مالڪ پنھنجي زمين ڄاڻائي سڄي اُپت پنھنجي ھڙ ۾ جمع ٿا ڪري ڇڏين ۽ انھن جي اصل حقدار ھاري کي ان جو گھربل حصو ته ٺھيو پر اڌ به نٿو ڏنو وڃي۔  جنھنڪري ھاري ۽ انھن جو خاندان سدائين مفلسي واري زندگي گزارين ٿا. جنھن فصل لھڻ جي آسري ۾ اُھي ڏکيا ڏينھن صبر سا ڪٽين ٿا ته فصل لڻڻ بعد سکيا ڏينھن ايندا،  پر انھي فصل لھڻ بعد ھاري جو حال جھڙو جي تھڙو. اھي سڀ ناحقي ظلم ڏسي شاھ عنايت ھارين جي جائز حق لاء جاکوڙيندي ھڪ انقلابي نعرو بلند ڪيو ته جيڪو کيڙي ٿو اُھو ته کائي.
شاھ عنايت انسانيت سان محبت ڪندڙ سنڌ ڌرتي جو اھو سچو سپوت ھو جنھن امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام پري پري تائين پھچايو.

پاڻ ھڪ ھنڌ فرمائي ٿو ته
“سر در قدم يارفدا شد چه بجا شد،
اين بارگران بود ادا شد چه بجا شد.“
ترجمو: “حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگي جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو.“
شاھ عنايت چوي ٿو ته منھنجو سر منھنجي جان منھنجي يار (حق جي راھ) تان جيڪر صدقي ٿي ته سمجھو اُھا ڪامياب وئي ڇوته جان اچڻي وڃڻي آھي ۽ ھي جسم ھڪ ڏينھن فنا ٿيڻو آھي ، سو منھنجو جيڪر حق جي راھ  ۾ ناحق سان وڙھندي دم نڪري ٿو ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪندي اگر ساھ سسي مان نڪري ٿو ته مان سمجھندس ته منھنجي حياتي جا ھڙئي مقصد پورا ٿيا ۽ مون اُھا منزل حاصل ڪري ورتي ، جنھن ڪاڻ انھي جنت جھڙي ڌرتي سنڌ ۾ آيو ھئس.

ٻي ھنڌ ارشاد اٿس ته
“مُلا تون مسجد لاء،
پني ڪرين ٿو لک،
سجدي جي سڪ لاء،
نرڻ وڇهائي تو نڪ،
هتي ماڻهو مرن بک،
توکي فڪر فردوس جو.“

ھن ٽن سٽن واري بيت ۾ شاھ عنايت مذھبي پيشوائي ڪندڙ مُلن کي تنقيد بڻائي اھا ھدايت ٿو ڪري ته ، اوھان انسانيت جي قدر ڪري انھن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪريو باقي انسانيت کي نظر انداز ڪري خدا کي خوش ڪرڻ جو سوچيو به نه. احمق نه ٿيو بلڪه خدا جي خلق کي خوش ڪرڻ کي ترجيح ۾ رکو.
شاھ عنايت پنھنجي لفظن ۽ ڪردار ذريعي سدائين امن،  ڀائيچاري،  محبت کي ساراھيو آھي. تاريخي حوالن ۾ آھي ته شاھ عنايت جا وڏا عراق جي گادي جي ھنڌ بغداد جا ھئا. شاھ عنايت جي والد فضل الله جن جا ابا ڏاڏا اتان بغداد جا رھاڪو ھئا ، جتان اُھي لڏ پلاڻ ڪري اچي پنجاب جي شھر اُچ شريف ۾ رھيا ۽ ان بعد سنڌ جي ڳوٺ نصريه ۾ رھڻ لڳا ۔  پوء ميران پور ۾  اچي ترسيا جيڪو ھاڻوڪي جھوڪ شريف جي اوڀر ۾ واقع آھي.
صوفي عنايت شاھ جو ميران پور  ۾ جنم  1066 ھجري بمطابق 1654-55ع ۾ ٿيو. ھن عربي فارسي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوء حيدرآباد دکن ۾ شاھ عبدالملڪ برھانپوريء جي صحبت ۾ 5 ورھيه گزاريائين.  شاھ عبدالملڪ ھڪ ڳاڙھو خرقو ترار ۽ ٽوپي ڏيئي صوفي جي لقب سان نوازيو ۽ ان کي سنڌ جي سھڻي ڌرتي تي وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. ھي واپسي تي اچي ميران پور ۾ آباد ٿيو ۽ اتي اچڻ سان ان جي فقيري ۽ درويشي ڦھلجڻ لڳي ۽ ماڻھن جي دلين شاھ عنايت جو مزاج ۽ سادگي گھر ڪرڻ لڳي.  ھن ايندي ئي غريبن ۽ ھارين جي حمايت ۾ آواز اٿاريو ۽ انھن جو ساٿ ڏيڻ لڳو. پر جئين ئي 1128ھجري سن 1715ع ۾ ٺٽي جو گورنر نواب اعظم خان ٿي آيو ته ايندي ئي ويڌن مچايائين ۽ اچي باھ ٻاريائين ۔  شاھ عنايت ۽ ان جي عقيدتمندن کي جھڪڻ جو  ۽ ڍَل ڏيڻ جو مطالبو ڪيائين. پر نواب اعظم شاھ عنايت جي انڪار تي يار محمد ڪلھوڙي جا ساٿ سان وڏو لشڪر ڪاھي اچي ميران پور ۾ ڪاھ ڪئي ۽ ويڙھ دوران ڇھ مھينه تائين گھيرو جاري رھيو ۔  پوء 17 صفر 1130ھجري بمطابق 1718ع تي شاھ عنايت ھارين ۽ ڪُڙمين خاطر وڙھندي شھيد ٿي ويو.هي شعر پڙهيائين:
“رهائيندي مرا از قيد هستي
جزاڪ الله في الدارين خيرا.“
ترجمو: “تو مون کي حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. الله توکي ٻنهي جهانن ۾ ان جو بدلو ڏئي.“
جلاد جي ترار جڏهن سندس ڪنڌ تي ڪِري ته پاڻ چار تڪبيرون چئي، پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائين. انا الله و انا اليہ راجعون . . . .
ڪن ڪتابن ۾ ذڪر آيو آهي، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي شاه صاحب کي شهيد ڪرائي، سندس سسي دهليءَ ڏانهن اُماڻي هئي. اُنهيءَ سسي مان هيٺيون بيت ٻڌو ويو:
”جنت، جوکيو، نومڙيو، ٽيئي ليکي مان لاهه؛
ڪلهوڙاڻي باهه؛ ڪا نه ٻرندي ڪڏهين.“

صوفي شاھ عنايت جيڪو غريبن جي حقن لاء وڙھندي شھيد ٿي ويو،  سو ويندي ويندي سنڌ ڌرتي سان سچو ساٿ نڀائي ويو. اڄ کان جھوڪ جي نگري ۾ شاھ عنايت شھيد جي ميلي جي شروعات ٿي رھي آھي ۽ ان جا ڪيترائي  عقيدمند پھچي حاضريون ڏئي صوفياڻا راڳ ڳائيندا. سنڌ جي اصلي روايت اھا ئي آھي ته ھر وقت امن ۽ شانتي قائم ھجي ۽ سيڪيولر سنڌ ڪڏھن به مذھبي انتھاپسندي ۽ انتشار جي ور  نه چڙھي. اسان سڀني سنڌين کي انھي ڳالھ جي شدت سان ضرورت آھي ته پنھنجي سونھاري سنڌ ۾ امن جي دائمي قيام لاء صوفين جي پيار ۽ ڀائيچاري واري روايت اپنائي پنھنجي ڌرتي جي حفاظت پنھنجو فرض سمجھي انھي ۾ جُنبي وڃون.



لال لطيف عشق ڪرڻ به سيکاري ٿو / ماھم سنڌي/ ميرپورخاص

15/11/2016
لال لطيف عشق ڪرڻ به سيکاري ٿو / ماھم سنڌي/ ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

عشق ھڪ اڻ کُٽ ۽  اڻ مٽ جذبو آھي. چوندا آھن جنھن انسان ۾ محبت پيار ۽ عشق جو جذبو نه ھجي ته،  ائين ان جو وجود کوکلو ۽ بي مقصد آھي ، جئين ڪو خالي ڪڪر ھجي ، جيڪو نه وقت تي وسي ڌرتي جي اڃ اجھائيندو ، نه ئي تتل ڌرتي تي ڪو مھلائتو ڇانورو ڪري ان کي ٿڌاڻ بخشيندو. انسان ته ٺھيو پر ھر جاندار ، جانورن توڙي پکين ۾ به  محبت جو جذبو ڀريو پيو آھي.  پيار بنا جياپو ڄڻ ته ائين آھي ، جئين ڪا اھا واري ھجي جنھن تي ڪڏھن کان بارش جي ڪڻي نه پئي ھجي ۽ نا ڪو سائو سلو ڌرتي چيري ڦٽو ھجي.  جيڪي به انسان اڄ تائين آيا ڪي پيار کي سمجھي ديوانا ٿي ويا ، ۽ ڪي اڌ ديوانا ٿي انھي مونجھ ۾ رھندي ئي  فنا ٿي ويا ، ته ڪن پنھنجي ھستي مٽائي ته،  ڪنھن پنھنجو ظاھري ڏيک بدلائي ڇڏيو.
ٻيو ته ٺھيو پر ھن ڪائنات جي خالق الله پاڪ به پنھنجي مٺي محبوب محمد صه ۽ ان جي آل سان محبت خاطر ھي ايڏي وسيع نظارن سان ڀرپور رنگ برنگي دنيا خلقي ڇڏي.  ھن دنيا ۾ جنھن پيار ڪيو ، جيڪو عشق جي آتش ۾ سڙيو،  تنھن ئي ڄڻ ته قدرت جي رمز جو راز پروڙيو،  باقي ته اجايا آيا ۽ ائين ئي ويا ھليا. محبت ۽ عشق جو ڪو خاص درھم ناھي پر اھو جذبو ھر درھم جي بنيادي صفت آھي. ھر درھم  و دين پيار جو ئي پيغام  ڏيندو رھيو آھي.

سنڌ جو درويش صفت صوفي بزرگ ، دنيا جو امن پسند  مھان انسان،  سنڌ جو قومي  شاعر ، انسانيت جو پرچارڪ ،  ڀٽ جو ولي ، لاکيڻو شاھ عبدالطيف ڀٽائي جيڪو ھر پھلو ۾ وائکو آھي،  ھن خدا جي خلقيل ھر پوشيده ۽ نروار نظاري کي ساراھيو آھي .  ڪوڙ ڪپت ، منافقت توڙي توحيد بابت شاعري لکي جنھن لوڪ سڄي کي سمجھ ڏني،  انھي لال لطيف به پنھنجي شاعري جي لفظن ۾ عشق ڪرڻ سيکاريو آھي. اھا حقيقت آھي ته عشق سکي ۽ سوچي ناھي ڪبو پاڻھي اھا نعمت خدا جي طرفان ڪجھ ماڻھن تي نازل ٿيندي آھي،   پر شاھ لطيف جا لفظ ٻڌائن ٿا ته ھو انھيء جذبي کي سمجھڻ جي سگھ مڪمل  رکندو ھو.
شاھ جي شاعري جنھن مڪمل پڙھي پنھنجي سمجھ جي دائري ۾ آندي  اھو به ڄڻ عشق جي ع  ش  ق کان واقف ٿيو. شاھ سائين جي باري ۾ چون ٿا ته ھن پاڻ به عشق ڪيو پر ھو ڪرڻ کان وڌيڪ سيکاري ويو. ھو امن جو درس ڏيندي ڏيندي ڀٽ جي ڀر ۾ ڍنڍ جي پاسي  پنھنجي ويھڪ ۾ ، گڏوگڏ عشق جا راز به پڌرا ڪري دلين کي رستا ڏيکاري ويو. جنھن شاھ کي دل سان پڙھيو سو به ڄڻ عاشق ٿيو پوء ڀلي ان جو محبوب خالق حقيقي ھجي يا مجازي عشق ۾ ڪنھن وجود اڳيان گوڏا کوڙي دل ھميشه لاء ان جي قدمن ۾ رکي ڇڏي. شاھ سائين جو عشق ۽ عاشقي سمجھ جي دائري ۾ داخل ڪرڻ سولي صفا ناھي،  پر اھي دليون جيڪي پنھنجي محبوبن لاء مانديون آھن اُھي ڀلي ڀت لڪل راز به سمجھن ٿيون  ته ،  عقابي اکين سان صاف ڏسن به ٿيون.

شاھ جي رسالي جي ٻي سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ ايڏو ته گھرو لکيو آھي جو ، انسان جو عقل عشق اڳيان ھار کايو وڃي. پاڻ چئي ٿو،
“ عاشق عزاريل  ٻيا مڙيئي سڌڙيا
منجھان سڪ سبيل لعنتي لال ٿيو. “
سادن اکرن ۾ اھو ته عاشق ته ابليس ٿيو جنھن محبت جي ڪري ئي ھميشه لاء لعنت ۽ ڦٽڪار قبول ڪئي.
شاھ سائين ڪٿي خالق حقيقي کي پنھنجو پرين ٺاھيو آھي ته ، ڪٿي مجازي خدا جي ساراھ ۾ سڪ سان ڀريل لفظ سرجيا اٿس. ھونئن به شاھ صاحب جي بيتن جي سمجھاڻي لاء ان کي ٻن حصن ۾ ورھائبو آھي،  ھڪ ته اھو جيڪو ظاھري لفظ ڏيک ڏين ٿا ۽ ٻيو ان جو لڪل پاسو جنھن ۾ رھنمائي به شامل آھي ۽ ڪٿي وري تنقيد به ڪئي اٿس .
شاھ لطيف عشق کي آسان ۽ سولو جذبو چوڻ بجائي اھو چيو آھي ته عشق ڪا ٻارن جي راند ڪونھي،  بلڪه ھن ۾ گرفتار ٿيڻ بعد رڳو تڪليفن ۽ اذيتن جا اونچا پھاڙ آھن.
ٻيھر سر يمن ڪلياڻ ۾ لکي ٿو،
“محبت جي ميدان ۾ سر جو ڪر مَ سانگ
سوريءَ سُپيرين جي چڙھ ٿه ٿئين چانگ
عشق آھي نانگ خبر کاڌن کي پوي.“
شاھ سائين چوي ٿو : عشق جي ڪرين ٿو ته زندگي جو جوکم کڻڻ سک ۽ سر جو سانگو لاھي اڳتي نڪري وڃ ، عشق ڪا عام شيء ناھي بلڪه ھڪ ڪاريھر نانگ مثل آھي ۽ ان ڪاريھر نانگ جي زھر جي شدت بابت صرف انھن کي سُڌ آھي،  جنھن کي ھن ڪکيو آھي باقي ٻيا صرف ڳالھيون ڪري من وندرائي سگھن ٿا،   محسوس ڪرڻ انھن جي وس جي ڳالھ ڪونھي.
شاھ لطيف سُر کنڀات ۾ ايڏا ته رومانس سان ڀرپور لفظ رچيا آھن ، جيڪي عام ماڻھو ڀلي سمجھ ۾ نه آڻي سگھي پر عاشقن جو ھئنيون پار ٿا ڪري ڇڏين. شاھ لطيف پنھنجي محبوب کي چوڏھين جي چنڊ کان به وڌيڪ خوبصورت ۽ چمڪندڙ ٿو سمجھي،  ۽ وري انھي چاندي جھڙي چنڊ کي پنھنجو قاصد ڪري پرين ڏي پيار ڀريا سنيھا ٿو اماڻي ته،  جئين چنڊ آسمان تي سڀن کان مٿي آھي سو منھنجي پرين کي به ڏسندو ھوندو تنھنڪري رات جي پھر ۾ منھنجا سنيھا منھنجي سڄڻ تائين رسائيندو.
سُر کنڀات ۾ لکي ٿو،
“چنڊ تنھنجي ذات پاڙيان نه پرين سين
تون اڇو ۾ رات سڄڻ نت سوجھرو.“
چوي پيو ته اي چمڪندڙ چنڊ ! توکي مان ھرگز منھنجي مٺي محبوب جي مٽ نٿو سمجھان.  تون صرف رات جي پھر ۾ چمڪين ۽ سج جي نڪرڻ کان اڳ ئي غائب ٿيو وڃين ،  پر منھنجو محبوب ايڏو ته حسين آھي جو ھر وقت پيو چمڪي ۽ توکان وڌيڪ سھڻو ۽ روشن آھي. تنھنجو حُسن صرف اونداھي ۾ چمڪي ٿو ، پر منھنجو پرين اک ڪڍنڍڙ تيز سج کي به روشني جَھڪي ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي. جھڙو تون سڄي عمر ٿو چمڪين تھڙو چمڪڻ منھنجي پرين جي پل جو چمڪڻ ۽ روشن ٿيڻ آھي.
شاھ لطيف پنھنجي امر ۽ عظيم شاعري ۾ اھڙا ته چونڊي چونڊي عشقيه داستان لکيا آھن جيڪي رومانس سان ڀرپور آھن. ماڻھو چون ٿا ته شاھ صاحب رڳو صوفي شاعر ھيو،  پر جھڙو شاھ عشق کي سڃاتو تھڙي پرک ٻين ۾ ڪٿي؟ سنڌي شاعري ۾ ٻيا به اھڙا شاعر ٿي گزريا جن عشق جي سونھن قلمن ذريعي سرجڻ چاھي ۽ حُسن جي نازڪي کي نرم پنن تي اُڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شاھ سائين ته عشق ڪيو به سھي،  ته ڪرڻ سيکاري به ويو. جيڪو شاھ جي مڪمل شاعري پڙھي ۽ پوء به چوي ته ھي عشق ڇاھي ؟  ته سمجھو ان شاعري صرف زبان سان پڙھي ۽ شاعري زبان  توڙي اکين جي رستي تان دل تائين پھچڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.
شاھ لطيف جو والد شاھ حبيب ھڪ حڪيم به ھو،  جنھن کي ماڻھو علاج لاء گھر گھر وٺي ويندا ھئا. ڪوٽڙي شھر جو مرزا مغل بيگ ، شاھ حبيب کان ھميشه دعا ڦيڻو ڪرائيندو ھو. ھڪ ڏينھن ان جي ڌيء جي طبيعت ناچاڪ ٿي پئي،  ساڳي وقت شاھ حبيب به بيمار ٿي پيو ، سو پنھنجي پٽ شاھ لطيف کي وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. شاھ سائين جئين ئي پير داخل ڪري گھر ۾ دستڪ ڏئي پھتو ته مغل جي ڌيءُ جو حسن ۽ خوبصورتي ڏسي عاشق ٿي پيو ۽ ان جي ئي آڱر کي پنھنجي ھٿ ۾ زور سان قابو ڪندي  تاريخي لفظ چيائين “  جنھن جي آڱر سيد جي ھٿ ۾ تنھن کي لھر نڪو لوڏو“.

شايد شاھ لطيف تي پنھنجي عشق جو به اثر ھيو جو ان تي عشقيه داستانن حد کان وڌيڪ اثر ڪيو. سھڻي ۽ ميھار جي عشق لامحدود کي به شاھ گھڻو ئي ساراھيو آھي . شاھ کي سھڻي جو اھو انداز ڏاڍو وڻيو جو ٿڌي يخ برف جھڙي سرد پاڻي ۾ به ، ھن ھڪ ڪچي گھڙي جي سھاري لھندي دير نه ڪئي۔  اصل عشق ته اھو ئي چئبو جٿ گرمي سردي، تتي ٿڌي اثر نه ڪري. موسمن جا اثر ۽ دنياوي راحتون ھڪ عاشق اڳيان بي مول آھن،  انھن لاء ته انھن جو سڄڻ ئي سڀ کان اونچو ۽ سر جو تاج آھي.
سُر سھڻي ۾ ذڪر آھي ته،
“ جان جان ھُئي جئري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀون پيٺي سڪندي کي سڄڻين.“
جيستائين سھڻي جي ساھ جي تند اٽڪيل ھئي ۽ جيستائين ھو جئيرن ۾ شمار ھئي ، ھو ھڪ پل لاء به ڪڪ  ۽ بيزار ٿي نه ويٺي ۽ پنھنجي زندگي عزيز ڪري پوئتي ھٽڻ جو بھانو نه ٺاھيائين.  ھو ميھار جي بانسري جي سڏ تي ترندي وڃي پاڻي جي ھيٺانھين تري ۾ لٿي ۽ ختم ٿي وئي پر پنھنجي پيار جي امرتا ۽ سچائي ثابت ڪري وئي . ھن کي صرف ميھار جي عشق جي ڇڪ ھئي،  ھن پاڻي جي ٿڌاڻ ۽ ڪچي گھڙي کي رات جي تاريڪي ۾  شڪست ڏئي پنھنجي جان پنھنجي مٺي محبوب تان گھوري ڇڏي.

شاھ لطيف سسئي پنھون جي عشق جي اٿاھ کي ۽ انھن جي فراق کي پڻ وڏي پيماني تي بيان ڪيو آھي. پنھون جو سسئي سان پيار ۽ پوء شادي ، ان جي درد ڀري جدائي شاھ کي دلي طرح ڇھيو آھي. شاھ لطيف سر سسئي ۾ چوي ٿو،
“ساجن ڪاڙڻ سڃ مر قبولي سسئي
اندر جنين اڃ پاڻي اڃيو ان کي.“
شاھ چوي ٿو ڀلي سسئي جھڙي عاشقياڻي اوکو ۽ اڻانگھو سفر ڪري پنھون ڪاڻ،  جنھن وٽ پنھون جي پيار جو سچو جذبو آھي . اھڙي سڪايل ۽ اڃايل لاء خود پاڻي به اڃايل آھي. سچائي ۽ شفافيت شفاف شين کي پاڻ ڏانھن چقمقي ڇڪ ذريعي ڇڪي ٿي. تنھن ڪري ئي سسئي سچي عشق جي اڻانگھي ڪنڊن ڀرئي واٽ تي ھلڻ ۾ دير نه ڪئي.
سُر حُسيني ۾ لکي ٿو ته،
“منجھان منھنجي روح جي جي وڃي ساجن وسري
ته مر لڳي لوھ ٿر ٻاٻيھو ٿي مران !“
ٻاٻيھو پکي کي مثال بنائيندي لطيف چوي ٿو ته ٻاٻيھو پاڻي جي تلاش ۾ ريگستان اندر پاڻي لاء تڙپي ٿو ، پر جڏھن خدا جي رحمت وسي ٿي ته پھرين ئي بوند سان ٻاٻيھو مري وڃي ٿو. سسئي جو چئي لکي ٿو ته مان منھنجي سچي عشق  پنھون جي سار پنھنجي روح مان پل به ڪڍي ذھن بدلايان ته،  منھنجو حشر به ان ٻاٻيھي جيان ٿئي ، جيڪو تڙپي ۽ ترسي به پاڻي لاء ٿو ۽ وري فنا به انھي پاڻي ڪري ئي ٿيو وڃي.
ٿر جي وارياسي علائقي جي سورمي مارئي جنھن پنھنجي مڱينتر ۽ پنھنجي ماروئڙن جي عشق ۾ عمر جا عيش ٿڏي ڇڏيا ، اھا مارئي به شاھ سائين جي ذڪر ۾ سدائين رھي.
سُر مارئي ۾ لکيل آھي ته،
“محلين ماندي مارئي ڏٺيم منھن ملور
اڻڀا سڻڀا ڪري سونھن وڃايس سور
پيس لوه لطيف چئي لٿس ڪوڏ ڪپور
چت جنين جا چور سي مکي مرڪ نه ڪنديون.“
شاھ سائين شاعري ۾ پنھنجي راء ڏيندي چوي ٿو ته مون شاندار عمر سومري جي محل ۾ مارئي کي پريشان ۽ اداس ڏٺو. ھن کي پنھنجي ديس سان ۽ پنھنجي ٿيڻ واري ور سان ايڏو چاھ آھي جو ، ھو محل ۾ وارن کي تيل ھڻي سڻڀا ڪرڻ بجاء اڻڀا وار ڪيو ويٺي آھي. ھو ڪا  به ٺاھ ٺوھ نٿي ڪري، بلڪه ھن جي نظر ۾ آھي ته  ھو سڀ سورنھن سينگار وڃي پنھنجي ور اڳيان ڪندي،  جنھن سان ان جو عشق آھي باقي ھو عمر سومري کي پيار جو دشمن سمجھي ٿي ۽ ھتي محلن جا سُک ۽ آسائشون ان لاء عذاب مثل آھن.
نوري ڄام تماچي جي قصي کي به شاھ سائين خوب ساراھيو آھي ۽ تعريف ڪئي اٿس.
انھي رومانس ڀرئي ماحول جي منظر ڪشي ڪري  سُر ڪاموڏ ۾ شاھ لکي ٿو،
“ھيٺ جر مٿي جر پاسي ۾ وڻراه
اچي وڃي وچ ۾ تماچي جي ساءَ
لڳي اتر واءَ ڪنجھر ھندورو ٿئي.“
سردار ڄام تماچي ھڪ  ميرن ڪپڙن واري مھاڻي تي عاشق ٿي ان کي پنھنجي راڻي بڻايو ۽ اھا ئي راڻي ان جي عشق جي امتحانن تي پوري لٿي ، جنھن سان اڄ ڪينجھر ڍنڍ ۾ ٻيڙي تي چڙھي سير پيو ڪري ۽ نوري جي سادگي ۽ نوڙت تماچي جي روح کي به ريجھائي ڇڏيو آھي.
مومل راڻي جي عشق جي ڪھاڻي به شاھ کي متاثر ڪيو آھي. راڻي جو رسڻ ۽ پوء ٻنھي جو آخر ۾ فنا ٿيڻ ، انھن جي عشق کي خاص ۽ اُتم ٿو بڻائي.
سر مومل راڻو ۾ لکي ٿو،
“ھلو ھلو ڪاڪ تڙين جتي گھڙجي نينھن
نه ڪا رات نه ڪا ڏينھن سڀڪو پسي پرين کي.“
شاھ لکي ٿو ته بنا ڪنھن ويچار جي ڪاڪ محل ھلو،  جتي ھر وقت نينھن پيو گھڙجي  اتي رات ڏينھن جي ڪا حد مقرر ناھي،  ھر ڪو پنھنجي پرين کي ھر وقت نظر سان ڏسي اکين جون سڪون لاھي سگھي ٿو.

سر بروو سنڌي ۾ چيائين،
“ڪَڙو مَنجھ ڪڙي جيئن لُھار لَپيٽيو
منھنجو جي جڙي سپيريان سوگھو ڪيو“
شاھ سائين لوھار جي مثال ڏيندي چوي ٿو جئين زنجير ٺاھڻ وقت لوھار ھر ھڪ ڪڙي کي ٻي سان ملائي ٿو ۽ سوگھو قابو ڪري ٿو ته ، جئين زنجير ڪٿان ڍري  ٿي اُکڙي نه پوي ، تئين منھنجي جان منھنجي مٺڙي محبوب سان اٽڪيل آھي ۽ قابو لڳي پئي آھي.
سُر آسا ۾ ھي سٽون آھن ته،
“نيرانا ئي نيڻ نيئي آڇ پرين کي
ستر کاڌا کيڻ جه ڏٺو منھن محبوب جو.“
چوي ٿو بنا ڪجھ ڏسڻ جي جيئن ئي اک کوليو ته نيراني ئي پنھنجين اکين سان پنھنجي پرين کي ڏسي صبح جو آغاز ڪريو، پوء جڏھن پرين کي اکين ڏٺو ڄڻ ته انھن ستر کاڌا کائي ڇڏيا . پرين جي ديدار بنا ڪنھن ڏي نه ڏسو بلڪه  ھر نئي صبح جي آجيان پنھنجي محبوب جو مُک ڏسي ڪريو.

حالانڪه عشق جو موضوع ته وسيع کان به وڌيڪ وڏو ۽ ويڪرو آھي  ، ڄڻ ڪو آسمان ھجي جو اک کٽي،  دماغ منجھي ، پر نيراڻ نه ختم ٿئي .ڄڻ ڪو سمنڊ ھجي جنھن جي اونھائي جي شدت جو ڪو اندازو ئي نه ھجي.  پر شاھ جي شاعري دل سان پڙھجي ته سچ پچ عاشق ئي ڪريو ڇڏي.
سنڌ جي صوفي شاعر ۽ امن جو پيغام ڏئي دنيا سميت سنڌ لاء دعا ڪندڙ گھوٽ لال لطيف جو ساليانو 273ھون عرس 14 صفر کان 16 صفر تائين ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاھ ضلعي مٽياري ۾ شروع ٿي رھيو آھي،  جنھن ۾ ڀٽائي جا لاتعداد عاشق اچي ميڙ ڪندا.
ھن دفعي ڀٽ شاھ جي ميلي ۾ نواڻ آڻڻ لاء نوان قدم کنيا ويا آھن . ثقافت واري صوبائي وزير سردار علي شاھ ۽ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري جي صدارت ۾ ڀٽ شاھ ريسٽ ھائوس ۾ گڏجاڻي ٿي. ميلي جي پھرين ڏينھن تي سورٺ راء ڏياج جو اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويندو. ٻئي ڏينھن  ۾ عالمي ادبي ڪانفرنس “ لطيف منھنجي نظر ۾ “ جي عنوان ھيٺ مذاڪرو ٿيندو. روحاني راحت ڏيندڙ روح جي غذا موسيقي به ٽئي ڏينھن لاڳيتو ھوندي ، جنھن ۾ راڳ جي راڻي عابده پروين لطيف جا ڪلام ڳائي لطيف جي پانڌيئڙن کي جھومائيندي.  ميلي جو افتتاح پي پي پي سنڌ جو صدر ايم پي اي نثار کھڙو ۽ گادي نشين سيد وقار علي شاھ  ۽ اختتامي تقريب ۾ وزيراعلي مراد علي شاھ ھوندو.
شاھ جي ميلي تي ھر سال جيان ھن سال به لطيف جا لکين پانڌيئڙا اچي شاھ جي نگري پھچي اچي رنگ رچائيندا،  ۽ ان جي ڪئي عاشق اچي پنھنجي عشق ۽ محبوب جي سلامتي لاء دعائون گھرندا. ھن سال جي عرس ۾ دعا آھي ته شاھ جا عاشق سدائين پنھنجي پرين سامھون سُرخرا رھن.