سنڌي ٻولي به ايڪتا گُھري ٿي / ماھم سنڌي / ميرپورخاص.
mahamsindhi05@gmail.com
4 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ايڪتا ڏينھن ملھائڻ جي حوالي سان ھر ھنڌ دُھل ۽ قومي گيتن تي رقص شروع ٿي ويو آھي. ھر سماجي ، ڪاروباري ۽ تعليمي سطح تي ان ڏينھن کي ملھائڻ جون ڀرپور تياريون ڪيون ويون آھن . روزانه جي اخبار کڻي ڏسون ته ھڪ سڄو پيج ئي ان تي ملندو ، جنھن ۾ ڪٿي ايڪتا ريليون ، ڪٿي ثقافتي پروگرام، ڪٿي مشاعرا ، مچ ڪچھريون، راڳ جا پروگرام، ادبي پروگرام ، تقريرون ۽ ٽيبلوز ٿيڻ جو خبرون پڙھڻ لاء ملن ٿيون . سڀ ٻار ٻچا ۽ ٻُڍا سنڌي ثقافتي ڪپڙا ، ٽوپي اجرڪ پائي پنھنجي سونھن وڌائي پيا ھلندا آھن ، انھي حوالي سان دڪانن ۾ به انھن جي گھرج وڌيل آھي. سرڪاري توڙي غير سرڪاري طور تي سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪري اُھو ڏينھن ملھائڻ لاء جشن جھڙو سماء ٺاھيو ويو آھي. سنڌي پاڻ چون ٿا ته اھو اسان جي لاء ڪاڄ جو ڏينھن آھي، اسين ڳائي نچي انھي کي ملھائينداسين. مان ذاتي طور پڻ ان ڏينھن جي ساراھ ڪيان ٿي ته، اسان جو فرض آھي جنھن ڌرتي تي رھون ٿا ۽ جتان جو ان داڻو کائون ٿا ، اتان جي ثقافت کي ھٿي ڏيڻ لاء اسان دنيا اڳيان پنھنجا ڏھاڙا ملھايون. مان انھي ڏينھن ملھائڻ جي قطئي خلاف ناھيان ، بلڪه دل جي گھراين سان ان جي حمايت ڪري پاڻ به ملھايان ٿي، پر اھو ذھن نشين ڪرڻ به ضروري آھي ته ڪنھن به قوم جي ثقافت ان جي ٻولي، رھڻي ڪھڻي، ويس وڳن تھذيب وتمدن, رواجن ۽ کاڌن تي ٻڌل ھوندي آھي. ٻوليون قومن کي جئيندان ڏينديون آھن ۽ جنھن قوم وٽ پنھنجي ٻولي ناھي ھوندي يا ترقي ناھي ڪري سگھندي، اھا ڪاميابين جي بلندين تائين رسي ناھي سگھندي. اسان کي سڀ کان وڌيڪ پنھنجي توانائي ان تي صرف ڪرڻ گھرجي جٿان واقعي اسان جي قوم ۽ اسان جي جنم ڀومي کي ترقي ملي. اسان کي خيالي خوابن ۾ رھڻ بدران اھا سمجھ رکڻ گھرجي ته، جڏھن انھن خوابن کي عملي لباس پرائي انھن کي حقيقي روپ ۾ بدلائينداسين ته ئي ان جي اصل سونھن ۾ ان کي ڏسي سگھڻ جي قابل ٿي سگھنداسين . اسان ھر سال ثقافتي ڏڻ ملھائڻ لاء ايڏا ته پرجوش ٿي پئون ٿا ۽ جسم کان رقص ڪرائي ان جي توانائي کپايون ٿا ، جو ھوش ئي نٿو رھي . ڇا اسان ايڏي ئي محنت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ ۽ ان جي اوسر و ترقي، جائز حق طلبي ۾ لڳائي آھي؟ اسان جا قومپرست سنڌي سياستدان ، اسان جا اديب ، اسان جا شاعر، اسان جا سماجي ورڪر، دانشور، اسان جا مفڪر، سنڌي چئنل کولي سچا سپوت سڏائيندڙ سگھارا ماڻھو ، ۽ اسان ۾ موجود وڏن عھدن تي فائز سنڌي ، ڇا ايتري اھميت سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻائڻ تي ڏيئي رھيا آھن ، جيترو اڄ اسين جھمريون پائي سنڌ جي ثقافت ملھائي سنڌ تي احسان پيا ڪريون؟ ڇا سنڌي اجرڪ اوڍڻ ۽ ٽوپي پائڻ سان اسان جي سنڌي ھئڻ جو فرض پورو ٿيو وڃي؟ ڇا اسين ايتري موٽ، بحث مباحثا ۽ ايتري سنجيدگي سنڌي ٻولي جي ترقي بابت ڪريون ٿا؟ اھي اُھي سوال آھن جن جا جواب ڪو سنڌي نه پر پاڻ خود سنڌ ڌرتي طلبي ٿي.
اسان اڄ تائين سنڌ جي قديمي ٻولي کي به ان جو جائز حق ڏئي ناھيون سگھيا ، باقي جھمريون پائڻ ۽ پاڻ نچائڻ آسان مشغلو آھي.
1940ع ۽ 1972ع وارين قراردادن موجب علائقائي ۽ صوبائي مادرين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي انھن کي ترقي ڏيڻ جو چيل آھي. آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم ڪري اھو ٻولي بابت بل اڳوڻي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ماروي ميمڻ ۽ پي پي پي جي نواب يوسف ٽالپر جي اڳواڻي ۾ قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽي اڳيان 2008ع ۾ پيش ڪيو ويو جنھن ۾ ڄاڻايل ھيو ته “ سنڌي ، بلوچي، پشتو، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۽ انھن ٻولين جي نالي تي فنڊ قائم ڪيا وڃن، انھن کي اسڪولن ۾ پڙھائڻ لازمي قرار ڏنو وڃي جنھن سبب انھن ٻولين جي اوسر ۽ انھن جي ترقي ٿيندي .“ پر اھو بل ڪاميٽي جي چيئرپرسن نسيم اختر چوڌري رد ڪيو ، جنھن ۾ پي پي پي ، ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ نواز به شامل ھيون ۽ اھو به چيو ويو ته انھي بل کي واپس وٺو، پر ماروي ميمڻ چيو ھو اھو بل سڄي عمر واپس نه وٺنديس . 2011ع ۾ وري اھو بل قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي سامھون رکيو ويو پر انھي کي ٻيھر رد ڪيو ويو . ٻيھر اھو بل سينيٽ جي اسٽينڊنگي انصاف واري ڪاميٽي سامھون 3 آڪٽوبر 2016ع تي پيش ڪيو ويو. پر صرف ٻن ووٽن جي مخالفت ڄاڻائي جائز حق ڏيڻ کان روڪيو ويو ۽ بل ھڪ ڀيرو وري رد ٿيو .شروع کان ئي وقت بوقتا انھي کي رد ڪيو پئي ويو ۽ وري اطلاعات موجب 27 نومبر تي ٻيھر سينيٽ ۾ ساڳيو بل سينيٽر سسئي پليجو ۽ اعجاز ڌمراڻي پاران جمع ڪرايو ويو آھي ، جنھن بابت به ڪا نتيجي خيز اميد نه پئي نظر اچي. وفاقي حڪومت ۽ ٻولي واري بل جي مخالفت ڪندڙ قومي تعصب رکندڙ ڌريون، اھو ڇو وساري ويٺيون آھن ته ويجھڙائي ۾ ئي ٻولي جي حق گھرڻ خاطر مايوس ٿي بنگالي نوجوان 1952ع ۾ ڍاڪا جي روڊن تي نڪري آيا ھئا ۽ انھن جو قتل عام ٿيو ھيو. انھن جي ئي تحريڪ ايڏو زور ورتو جو اقوام متحده 21 فيبروري کي مادري ٻولين جو ڏينھن ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو. بنگالين جي پنھنجي ٻولي ۽ قوم جي بقا لاء ڪيل جدوجھد تڏھن ڪامياب ٿي، ڇو جو انھن ۾ ايڪتا ۽ ٻڌي ھئي، پوء اسان جي ٻڌي ڇا سنڌو دريا ۾ غوطا پئي کائي ؟ جو اسين ان جي اوسر ترقي ۽ جائز حق لاء اڃا تائين ڪامياب ناھيون ٿيا. گوگل ٽرانسليٽر به ٻولي جي اھميت ڏسي ان ٻولي ۾ ترجمو مھيا ڪري ڏنو آھي، پر اسان ڇو پنھنجي قوم جي حقن لاء سياسي سماجي ۽ ٻين ورھاستن ۾ ورھائجي الڳ الڳ ڪُنڊ جھليو ويٺا آھيون.
نائين صدي جي شروعات ۾ جڏھن عرب سنڌ ۾ ڪاھي پئي آيا تڏھن سنڌي ٻولي ھتي رائج ھئڻ سبب انھن قرآن پاڪ جو پھرين دفعا ترجمو انھي ۾ ڪيو. 1050ع کان 1350ع تائين جو سومرن جو دور سنڌي ٻولي ۾ ادب جي ترقي جو ڀلوڙ دور ھيو ، جنھن ۾ سنڌي ادب تخليق ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ھر موضوع تي سنڌي زبان جي لکت اچڻ لڳي.1351ع کان 1520ع تائين جڏھن سَما حاڪم ٿيا انھي دور ۾ به سنڌي ادب تخليق ٿيو پر محفوظ نه رھڻ سبب گھڻو وڃائجي ويو. 1520ع کان 1555ع تائين جي ارغونن جي دور ۾ شاھ ڪريم ھڪ وڏو نالو ۽ قاضي قادن سنڌي ٻولي ۾ شاعري لکي. 16ھين کان 17ھين صدي دوران ڪلھوڙن جي دور ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي سنڌي ٻولي جي سونھن پنھنجي شاعري ذريعي چئوڻي ڪري ڇڏي .ان جي بعد 17 کان 18ھين صدي تائين سچل سرمست شاھ لطيف جي ئي چاڙھيل ڪُني جو ڍڪ لاھيندي شاعري کي ڪمال بخشيو۔ ان وچ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽ نثر پڻ پنھنجي ترقي جون منزلون طئي ڪندو پئي آيو. اھا ٻولي جنھن ۾ ادب جي کوٽ ھجي ، ان جي ئي اوسر مشڪل ٿئي ٿي پر سنڌي جھڙي شاھوڪار ٻولي ۾ نه صرف ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعري ۽ نثر وڏي تعداد ۾ ملي ٿو، بلڪه شاعري جون مختلف صنفون به سنڌي شاعرن استمعال ۾ آنديون آھن، ان باوجود به جائز حق سنڌي ٻولي کي ناھي مليو. مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي پڻ 17ھين صدي ۾ سنڌي صورتخطي لکي اعلي ڪم ڪيو. 1843ع ڌاري جڏھن سنڌ تي انگريز قابض ھئا، تڏھن ٻولي کي سرڪاري درجو حاصل ٿيو ۽ ان جي اھميت ۾ اضافو ٿيو. تنھن وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنڌي لازم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو ۽ سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي، جنھن جي حل لاء ڪميشن جوڙي وئي . مسلسل يارھن مھينن جي محنت رنگ لاتو ۽ 52 اکرن تي مشتمل نج سنڌي ٻولي جي آئيويٽا تيار ٿي ۽ ان کي سرڪاري درجو ڏنو ويو. انھي دور ۾ 1888ع ۾ مرزا قليچ بيگ جون ٻولي ۾ ادبي خدمتون ذڪر لائق آھن. 18ھين صدي جي وچ ڌاري انگريزن جو اچڻ ۽ پوء انھي خلاف مسلم ھندو گڏيل آزادي تحريڪ، پوء مسلمانن جو الڳ تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ ۽ پاڪستان جي آزادي بعد سنڌ نظر انداز ٿيڻ سبب سنڌي ٻولي به جائز حق حاصل ڪري نه سگھي. سنڌي ٻولي جي جائز حق لاء جدوجھد ان وقت کان اڄ تائين ھلندي ته رھي آھي پر اڃا وڌيڪ انھي اھم موضوع تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي.
سنڌي ٻولي اترادي، لاڙي، لاسي ، وچولي ڊاٽڪي ، ٿري ، ۽ ڪڇي ٽوٽل ڇھن لھجن يا ان کان به وڌيڪ نمونن ۾ ڳالھائي سمجھي وڃي ٿي، ان جي تاريخ موئن جي دڙي جي تھذيب مان ملي ٿي جيڪا دنيا جي قديم تھذيبن مان ھڪ آھي . سنڌي ڳالھائيندڙن جو تعداد ڪروڙن ۾ آھي، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آھن . ايڏي شاھوڪار ٻولي جي ھوندي به اسان سنڌي پنھنجي ڌرتي جا انھي ڪري مياري آھيون، جو اسان جي سنڌي ٻولي اڃا حق کان محروم آھي. جشن ۽ عيدون ته ڪاميابين تي ملھايا ٿا وڃن پر اسين ايڪتا ڏينھن ملھائي ھل ھنگامو ڪرڻ ته ڄاڻون پيا پر اھو ڇو نٿا ڏسون ته سنڌ ۾ ڌاريا اڃا به ڊيرا ڄمايو ويٺا آھن، اڄ به ڪراچي حيدرآباد جي بازارن ۾ وڃڻ دوران اردو ٻولي سان مخاطب ٿيڻو ٿو پوي، اڄ به سنڌ دشمن معاھدا پنھنجي راھ عمل ۾ آھن، اڄ به سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي وفاقي سطح تي دٻايو پيو وڃي ۽ انھن جي ترقي جي راھ ۾ رنڊڪون بيٺل آھن، اڄ به سنڌي نوجوان توڙي پوڙھا ملڪ سان غداري جي الزام ۾ گُم ڪري ماريا وڃن ٿا، اڄ به مذھبي انتھاپسند ۽ دھشتگرد کلي منھن وڏين گاڏين تي گُھمن پيا، اڄ به سنڌي ھندو نياڻين کي جبري طور مذھب جي تبديلي ڪرائي انھن جا نوان نالا رکي انھن کي نئي سڃاڻپ ڏني وڃي ٿي ، اڄ به ته سنڌي ھندو لڏڻ لاء ائين مجبور آھن جئين 1947ع ۾ ھئا، اڄ به ته مندر ٽوڙيا پيا وڃن ۽ سنڌ کان امن کسيو پيو وڃي. ٻين تي الزام ھڻڻ کان پھرين پنھنجي ضمير جي انھي سڏ ٻڌڻ جي به ضرروت آھي جيڪو ڪيھون ڪري اسانکي آواز پيو ڏي ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڄڻ ڪو غفلت جو ھينڊفري لڳڻ سبب اسان آواز ٻڌڻ کان ڪاسر آھيون.انھي ئي سُتل ضمير کي جڳائڻ لاء سنڌ ۽ ھند جي سنڌي شاعر نارائڻ شيام
سنڌي ٻولي بابت پنھنجو ڏچو ڏيکاريندي غيرت جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي .
“ الا ائين نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙھجي
ھئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.... “
http://dailykalyan.com/epaper/2.php?date=04-12-2016