Wednesday, 9 September 2015

سوڙھي گھٽي ۾ ڦاٿل وزيراعظم پاڪستان /ماھم سنڌي/ميرپورخاص

09/09/2015

سوڙھي گھٽي ۾ ڦاٿل وزيراعظم پاڪستان
/ماھم سنڌي/ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com
ڪنھن به اداري جو سنڀالڻ وارو ۽ ڦير گھير ۽ فيصلا وٺڻ وارو ان جو انتظامي سربراھ ھوندو آھي ۽ ملڪ جو انتظامي سربراھ وزيراعظم ھوندو آھي جنھن جي ھيٺ ٻيا ادارا ڪم ڪن ٿا.پر پاڪستان ۾ جٿي انتظامي سربراھ ڪجھ بي اختيار ئي بڻيل آھي.پاڪستان جي سياست ۾ اوچتن لاھن چاڙھن  جو ڪو ٽائيم مقرر نا آھي.سياست ۾ پيدا ٿيندڙ گرمي، سرد پاري واري موسم کي به گرمايو ڇڏي  ٿي ۽ ميڊيا جا حلقا توڙي بين الاقوامي ميڊيا تبصري ۽ تجزيي ڪرڻ وارا سڀ جا سڀ ايڪشن ۾ اچي وڃن ٿيا.محترمه بينظير جي شھادت بعد 2008ع جي اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي اڪثريت ۾ حڪومت  ٺاھيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي پورا پنج سال وفاق توڙي سنڌ ۾ تخت تي ويٺي رھي.مختلف لاھن چاڙھن جي باوجود منتن ۽ مفاھمتن جي پاليسي جي نالي تي پي پي  5 سالن جي عرصي لاء ڪرسين کي پاڻ وٽ سوگھو ڪري رکيو.اھو دور پي پي لاء مشڪلاتن کا آجو نه ھيو پر سياسي سگھ، چالاڪين ۽ نوڙت نيازي سان انھن پاڪستان جي تاريخ ۾ پھرين چونڊيل حڪومت جو مدو مڪمل ڪيو.ان دوران پي پي ۽ ايم ڪيو ايم جو ڳٺ جوڙ  رھيو پئي جنھن ۾ پي پي جو اڪثر جھڪاو نظر پئي آيو.پي پي جو مسلم ليگ ن ۽ ٻين سياسي پارٽين  سان سرچاءُ توڙي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ موجود سگھاري عسڪري قوت سان نڀاءُ جي ڪري پي پي پورا پنج سال حڪومت ۾ موجود رھي.پي پي  نواز ليگ سميت ٻين پارٽين کي تحفظ ڏئي لڪ لڪان ۾ انھن جي مٿان ھٿ رکي انھن کي پنھنجي حڪومتي دور ۾  قابو ڪندا آيا.نواز ليگ جڏھن 2013ع جي مئي ۾ ٿيل اليڪشن ۾  اڪثريت سان کٽي آئي ته ڪجھ وقت لاء خاموشي اختيار ڪرڻ جوسوچيائين.پر 2013ع جي جون مھيني ۾ ان کي ڌچڪو تڏھن رسيو جڏھن آرمي چيف راحيل شريف جون طالبان سان ڳالھين جو ارادو ڪراچي ايئر بيس تي ٿيل حملي بعد ترڪ ڪري  ڏکڻ وزيرستان ۾ باقاعدگي سان ضرب آپرشن شروع ڪيو ويو جيڪو حڪومت جي رضامندي جي بلڪل ابتڙ  ھيو.سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ شايد اختلافن جو ٻج انھي مھل ئي ڇٽجي چڪو ھو.پوء سال بعد 2014ع جي آگسٽ کان شروع ٿيل خطرناڪ ڌرڻن کي منھن ڏيندي رھي.جنھن موجب چيو پئي ويو ڪنھن امپائر جي مرضي سان لڳايو ويو ھو انھن نواز  حڪومت کي ڪافي مشڪل وقت مان گزاريو.31 سيپٽمبر تي پارليامينٽ ھائوس تي چڙھائي دوران دير رات جو گھڻن ماڻھن اھو سمجھي ڇڏيو ھيو ته آرمي چيف ڄڻ ته ٽيڪ اوور ڪيو پر  ائين ٿيو ڪونه.اھي ڌرڻا جن ملڪي معيشت کي ڪمزور ۽ ۽ اسلام آباد جي ڊي چوڪ کي مصروف رکيو اھو  ڊسمبر ۾ پاڻمرادو ختم تڏھن ڪيا ويا جڏھن پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۾ 16 ڊسمبر تي ٿيل حملي ۾ شاگردن جو جاني نقصان ٿيو ۽ ملڪ کي ڪجھ وقت لاء سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو ھيو.ان حملي  بعد  سڀني پارٽين جي گھرايل اي پي سي جنھن ۾ حتمي فيصلا ڪيا ويا ھئا ته دھشتگردن کي ڪنھن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو ۽ نيشنل ايڪشن پلان تشڪيل ڏنو ويو.فوجي عدالتن جي منظوري موت جي سزا يافته مجرمن کي ڦاھي تي جلد ٽنگائڻ توڙي ڪيس جلدي اڪلائڻ جي پاليسي تشڪيل ڏني وئي ھئي.ان بعد فوج ڪجھ وڌيڪ ئي ايڪشن ۾ اچي وئي. 2 سال کان جاري ڪراچي آپريشن  کي مڪمل طور رينجرز جي حوالي ڪيو ويو ۽ ان ۾ تيزي آندي وئي.ضرب عضب آپريشن ۾ به آرمي چيف راحيل شريف جي بيانن موجب تيزي آندي وئي.اقتدار ۾ ويٺل  نواز حڪومت جا ھٿ ڪمزور ٿيندي ڏسجڻ لڳا.ان جي فوج سان لڳاپن ۾ ڪجھ تلخيون وڌنڌيو ويون ۽  ان بعد فوج ۽ وفاقي اداري  ايف آئي اي ڪراچي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.جٿي پي پي سميت ايم ڪيو ايم خلاف ڪاروايون شروع ٿيون.نائن زيرو تي ڇاپو ھڻي وڏي تعداد ۾ ھٿيار ھٿ ڪرڻ جي دعوي، صولت مرزا جھڙي موت جي سزا يافته مجرم جو ڦاھي کان اڳ حيرتناڪ انڪشافن سان ڀريل  ويڊيو جاري ڪرڻ سميت لنڊن ۾ موجود الطاف حسين خلاف ڪاروائي لاء برطانيا حڪومت ڏي درخواست جھڙا واقعا سر فھرست آھن.الطاف حسين جي تقرير جنھن ۾ ھن فوج جي اداري بابت ڪجھ غلط ڳالھيون چيون ان ڄڻ ته باھ لڳائي ڇڏي ۽ الطاف خلاف  پي ٽي آء سربراھ عمران خان جي پارٽي طرفان ھر شھر ۾ ڪيس داخل ڪرائڻ سميت ٻيا ڪيترائي مثال ملي ويندا.ھاڻ ته الطاف جي تقرير نشر ڪرڻ تي لاھور ھاء ڪورٽ پابندي  پڻ لڳائي ڇڏي آھي ايتري تائين جو ان جي تصوير به شايع ڪرڻ جي اجازت نه ھوندي. احتجاجن ايم ڪيو ايم اڳواڻن جون استعيفائون جنھن موجب ن ليگ جو وڏو زور آھي ته واپس وٺن پر انھن جي رکيل شرطن کي نوازحڪومت مڃڻ کان قاصر آھي. ڇا اھو سڀ وزيراعظم چاھيو پئي ته ھئينر ايم  ڪيو ايم سان ڦٽائجي؟
سنڌ اندر ڪرپشن خلاف پوين مھينن کان قومي احتساب وارو اداري جا رينجرز جي سھڪار سان ھر ھنڌ ڪامورن خلاف ڇاپا جنھن پي پي سان لاڳاپيل ماڻھو ۽ اڳواڻ به لسٽ ۾ اچي رھيا آھن.تازو آصف زرداري جي ويجھي ساٿي ۽ دوست، آڳوڻي وفاقي  ھائير ايجوڪيشن  ڪميشن جي چيئرمين  ڊاڪٽر عاصم کي نيب طرفان  26 آگسٽ تي ڪراچي جي ڪلفٽن علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آھي. 90 ڏينھن لاء رينجرز جي تحويل ۾ ورتل ھيڪ چيئرمين تي چائنا ڪٽنگ، اربين روپين جي ڪرپشن  ،غير قانوني طور قبضي ۾ ورتل زمينن تي ڪينسر اسپتال ۽ يونيورسٽين جا ڪئمپس کولڻ  ،سي اين جي اسٽيشنز جا غير قانوني لائنسس جاري ڪرڻ سميت مني لاڊرنگ جي الزامن ھيٺ ٻين ڪيسن سان گڏ  دھشتگردي جي خاتمي واري قانون اينٽي ٽيريرزم ايڪٽ جي سيڪشن 11EEEE تحت کيس دھشتگردي جي ڏوھ بابت جاچ پڙتال لاء  تحويل ۾ ورتو ويو آھي .دھشتگردي جو ڏوھ پنھنجي نوعيت جو سڀ کان سنگين الزام آھي.جيڪو پي پي جي ساک متاثر ڪري رھيو آھي.ان بعد ئي پي پي جو اڳواڻ مخدوم امين فھيم   خلاف ڪرپشن ۽ اڳوڻي وزيراعظم   يوسف رضا گيلاني جي خلاف گڏاپ ڪرپشن  ڪيس ۾ ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ٿيڻ پڻ پي پي کي ڏچي ۾ وجھي ڇڏيو آھي.پي پي جي ئي اويس مظفر ،انور مجيد ،ثاقب سومرو  ۽ منظور ڪاڪا جيڪي چائنا ڪٽنگ ۽ پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ سميت ڪرپشن جي ٻين ڪيسن ۾ ملوث ڄاڻايا پيا وڃن.جيڪي  ملڪ کان ٻاھر آھن تن کي انٽرپول ذريعي گرفتار ڪرڻ لاء پڻ چيو ويو آھي.انھن ڪارواين تي پي پي ڀڙڪي  اٿي آھي.اپوزيشن ليڊر خورشيد شاھ جو بيان ته آصف ۾ ھٿ وڌا ويا ته جنگ ٿيندي انھي ڳالھ طرف چٽو اشارو لڳي پيو ته ڇا ايندڙ وارو پي پي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو آھي.شيري رحمان جي بيان موجب جيڪي قانون دھشتگردن جي روڪٿام لاء ٺاھيا ويا اھي پي پي تي مڙھيا پيا وڃن.انھن ڪارواين سان پي پي ۽ نواز ليگ وچ ۾ جنگ ڇڙي پئي آھي.بلاول ڀٽو زرداري لاھور مان ئي للڪار ڏني آھي ته ھاڻي مفاھمت نا مزاحمت ٿيندي.جيتوڻڪ سڄي سنڌ ۾ نيب جو ڪاروايون زور شور سان جاري آھن.ڪرپشن ڪري جيبون گرم ڪندڙ وڏن ڪامورن کي گرفتار ڪرڻ انھن کان اوڳاڙي ڪرڻ ھڪ سٺو عمل آھي جنھن تي سنڌ جي مڙني طبقي جا ماڻھو مطمئن نظر پيا اچن  پر ھاء پروفائيل سياسي شخصيتن جو گرفتاري ٿيڻ ڪنھن به سياسي پارٽي لاء سٺو سنوڻ ھرگز ناھي.انھي گرفتارين جنھن سبب خاطري سان چئي سگھجي ٿو ته وزيراعظم کي اعتماد مان وٺڻ کانسواء گھرو وفاقي وزير چوڌري نثار جنھن جو والد پڻ فوج سان لاڳاپيل ھيو  ۽ آرمي چيف جي ڳٺ جوڙ سبب گرفتاريون عمل ۾ آيون آھن.وزيراعظم ته پي پي جي احتجاج بعد ئي چيو ته مون رپورٽ طلب ڪئي  آھي اھو  ان  جي لاتعلقي جو واضح ثبوت آھي.نواز شريف جنھن کي عمران خان وقت بوقت ٽف ٽائيم ڏيندو رھيو آھي ڌرڻي بعد استيعفائون وري جوڊيشل ڪميشن جو قيام ان بعد ٽي وڪٽون پنجاب جون وٺڻ سبب عمران جو شروع کان ئي ڌانڌلي جي الزام ھيٺ نواز ليگ سان دنگل ٿيل آھي.وري ايم ڪيو ايم جي استيعفائن جو معامرو اڃا حل نه ٿي سگھيو آھي. آرمي چيف جو ڪراچي جو دورو جنھن ۾ وزير اعلي قائم علي شاھ کي پڻ شامل نه ڪيو ويو ھيو ۽ ان جي حتمي رپورٽ اھا آئي ته وڏن ماڻھن خلاف  بلا تفريق  گرفتارين جي اجازت ڏني وئي آھي.سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته وزيراعظم جيڪو ان پوزيشن ۾ ناھي ته ڪو ڪنھن سان ويڙھ جوٽي ان جي رضامندي جي ابتڙ اھي ڪاروايون ٿيڻ ۽ ان جي لاعلمي فوج ۽ حڪومت جي وچ ۾ پيل ڏارن کي وڌيڪ وائکو پئي ڪري.31 آگسٽ تي نواز شريف جي وڏي حامي ۽ وڏو ڀاءُ  سڏايندڙ  آصف زرداري ڊاڪٽر عاصم  جي گرفتاري ۽ ٻين اڳواڻن تي ڪيل ڪيسن جو ردعمل ۾ نواز شريف کان ڌار ٿي ان  سان حقيقي طور اپوزيشن نڀائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي.ڌرڻن ۽ ٻين مسئلن ۾ فرينڊلي اپوزيشن ۾ رھي  مدد ڪندڙ پي پي ھاڻ نواز شريف کي کلي وارننگ ڏئي ڇڏي آھي ۽ اعلان جنگ ڪندي ڌمڪيون پڻ ڏنيون آھن.زرداري ته اھو به چيو  آھي ته شريف ڀائرن جن ڪرسين تي ويٺا آھن اھي به سندن جي ئي ڪري آھن.پي پي ته صاف ڄاڻي پئي ته نواز شريف ڪڏھن ان ۾ ھٿ نه وجھي ھا پر وزيراعظم تي پريشر وجھڻ جو اھو موقعو پي پي ھرگز وڃائيندي.انھي بيان بعد نواز شريف ڪراچي صورتحال جي رپورٽ پڻ طلب ڪئي آھي ۽ چيو اٿس ھو ان معامري کا  بي خبر ھيو.مفاھمت جي بادشاھ جي مفاھمت ترڪ ڪرڻ جي پاليسي نوازَشريف لاء سڀ کان وڌيڪ اوکي آھي.اڳتي ھلي عمران  ۽ پي پي ڌانڌلي خلاف جيڪر ھٿ ملايو ته ويتر  ن ليگ خلاف معامرا بگاڙ طرف ويندي نظر اچن پيا.اصغر خان ڪيس، ماڊل ٽائون ۾ ڏينھن ڏٺي جو ٿيل رياستي دھشتگردي اھي اھڙا داغ آھن جيڪي مسلم ليگ ن تان اڃا لٿا نه آھن.اھا پي پي ئي ھئي جنھن ھر وقت مسلم ليگ ن کي سھارا ڏئي اڳتي آڻيندي رھي. پر تازي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي اھي به تبصرا به صحافي حلقي جي ضرورت بڻجي ويا آھن  ته ڇا ملڪ مڊ ٽرم اليڪشن طرف وڃي رھيو آھي.چون ٿا ته ماضي پاڻ کي دھرائيندي آھي شايد وري ھن دفعي ماضي جو منھن وري ڏسڻ ۾ اچي وڃي.نواز شريف جٿي ملڪي سطح  تي بي اختيار آھي اتي سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪارواين ۽ رينجرز طرفان ٿيندڙ ڇاپن جي عملن ۾ ڪو اختيار پاڻ وٽ رکي سگھي نه رھيو آھي.نواز شريف پنھنجي وس آھر ايم ڪيو ايم توڙي پي پي سان  لاھ وچڙ ھرگز نه کائي آھي پر افسوس جي ڳالھ آھي ته اھي ڪم جن ۾ وزيراعظم جي مشاورت گھربل ھوندي آھي اھي گھرو وزير چوڌري نثار ۽ آرمي  پاڻھي ئي ڪري رھي آھي.تازو ٿيل آرمي چيف ۽ وزيراعظم جي ملاقات جي تجزين ۽ تبصرن ته موجب به  ملاقات ۾ طئي ٿيل معامرا به مشاورت سان نه پر زوري مڙھيا ويا آھن.جاري ڪيل بيان مطابق ھر سياسي وابستگي کان مٿي ٿي ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ ڏوھارين جو خاتمو آندو ويندو ان ملاقات ۾ گھڻو فوڪس ڪراچي تي  ئي ھيو.
ڪراچي آپريشن کي جيتوڻڪ ٻه سال مڪمل ٿي ويا آھن ۽ ظاھري طور ڏوھن  جن ۾ ٽارگٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري ۾ گھٽتائي آئي آھي.پر مڪمل طور امن اڄ به ناھي اڄ به غيرقانوني سرگرميون زور شور سا جاري آھن.پر ياد رھي انھي ئي آپريشن دوران صفوران چورنگي وٽ اسماعيلي شيعه برادري جي بس تي حملو پڻ  سيڪيورٽي ادارن  جي ناڪامي ئي آھي.ڪراچي  سميت سڄو ملڪ پرامن تيستائين ڪڏھن نه ٿي سگھندو جيستائين سڀ ملڪ  سان لاڳاپيل سياسي جماعتون اتي موجود عسڪري قيادت ھڪ ٽيبل تي ويھي حل ڪڍن جٿي وزير اعلي سنڌ جا اھي بيان جاري نه ٿين ته مونکي ته خبر ئي نه ھئي ته  ڪراچي ۾ ڇا ۽ ڇو ۽ ڇا لاء ٿيو.ملڪ جو انتظامي سربراھ  مجبور  ۽ بي اختيار نظر اچي رھيو آھي.جيڪڏھن سياسي ۽ عسڪري قيادت جو مڪمل ٺاھ نه ھوندو ته پوء ڏيکاوي جا ٺاھ ٺوھ گھڻي دير لڪي ناھن سگھندا آھن.
http://dailyjeejal.com/e-paper/2015-09-09/news/page4/1%20(2).htm
http://farm1.staticflickr.com/723/21250537255_850518f84a_o.jpg

http://dailyjhoongar.com/files/09-09-15/Page-edit.jpg

http://www.dailyappeal.pk/home/paper/2015-09-09/2.jpg
#DailyJhoongar
#DailyJeejal
#DailySindh
#DailyAppeal
#DailyShaam
#DailyKhabroon
#DailyNaenSindh

No comments:

Post a Comment