Eid with photo frame.
فوٽو فريم سان گڏ عيد...
عيد ملڻ ملائڻ .ڳلي لڳائڻ، گڏ ٿيڻ ،ميل ميلاپ جو ڏينھن آھي.عيد جو نالو ئي اھڙو آھي جنھن سان ھڪ عجيب خوشي محسوس ٿيندي آھي.اسان پنھنجيون سڀ مصروفيات ۽ روزانه جا ڪم ڪار ھڪ پاسي رکي بس پنھنجن جي موجودگي کي ترجيح ڏيون ٿا.
عيد جي ڏينھن ۾ ملي صرف اھي سگھن ٿا جيڪي آسي پاسي ۽ پرڏيھي ملڪن ۾ ھجن ۽ سڀ اچي گڏ ٿين ، پر جن جا عزيز ۽ ويجھڙا ھي جھان ئي ڇڏي چڪا ھجن اھي آخر ڪئين گذارو ڪن؟
اھي نا ته ماني جي ويلھي جا ڀائيوار ھوندا آھن نا ئي ڪنھن شاپنگ دوران گڏ ھوندا آھن.بس ھڪ وڻ مان ٽٽل ٽاري جيان ھميشه لاء عليحدگي ڪري ويندا آھن.اھي سڀ سوچون ھڪ خوشي جي ماحول کي به اداس ڪري ٿيون ڇڏين.مون سوچيو ۽ حقيقت به اھا آھي ته ديس ڇڏي وڃڻ وارا دير سوير موٽندا آھن ،پر دنيا ڇڏڻ وارن جي موٽڻ جي اميد لڳائڻ اجائي ،بي معني آھي.
پوءفيصلو ڪيم ته عيد ان جي سوچن، يادگيرين ۽ انھن جي ساروڻين سان گڏ گزاريندس.جيتوڻڪ نون ويس وڳن جو ،ميڪ اپ جو، سجڻ جو شوق ته ھاڻي ٿئي ئي نه ٿو پر ان جي باوجود عيد ڏھاڙي پھرين ننڊ مان اٿي پري ويل کي ساربو.ان جي تصوير جو فوٽو فريم کڻي سامھون رکبي ۽ ماضي جي دري مان ٽپي وڃي پوئين سالن جي جھان ۾ وڃي لھبو.جٿي دور ٿيل پنھنجو گڏ ھوندو ۽ خوش ھوندو.پنھنجي ڌيء کي پيار به ڏيندو ۽ دعائون به ڏيندو ته عيد خرچي به ملندي.سڀ خوشي اتي مڪمل ھوندي ،ھڪ مڪمل خاندان ھوندو.سڀ پنھنجا ھڪ ئي ھنڌ ھوندا.صبح جي ناشتي ۾ به ،ته لنچ ۾ به ھڪ ھنڌ جمع ھوندا.ڪوبه انھن مان غمگين نه ھوندو ۽ سڀ نون ڪپڙن ۾ تيار ھوندا.سڄو ڏينھن ڀرپور خوشي ۾ گزرندو.جڏھن ماضي کان حال جو وري سفر ڪندس ته شايد ڪجھ پاڻي اکين ۾ لھي به اچي پر اھو ماضي جي يادن جي چمڪ سان گڏ ھوندو.ھا! ھي عيد ماضي کي ياد ڪري ملھائبي.جنھن جو ماضي ايترو حسين ۽ مڪمل ھجي اھي حال ۾ انھن کي سھارو بڻائي سگھن ٿا.سڀاڻي واري عيد بابا جي يادگيرين سان گڏ ملھائبي.ھن جي ھر عمل کي ياد ڪبو.ان جي ڪردار تي گھري اک وجھندم. ھن کي نه صرف بابا، پر ھڪ ھمدرد، سھارو ڏيندڙ ۽ ھڪ سٺي انسان جي حوالي سان ياد ڪندم.ھو عيد جي ڏينھن ڇا ڇا ڪندو ھو؟ڪيڏي نه پيار سان پيش ايندو ھو؟اسانجي ھلڪي ڪاوڙ به ان کي گوارا نا ھوندي ھئي؟اھو سڀ سڀاڻي ياد ڪبو.ھو ڪئين تيار ٿي عيد نماز لاء سفيد ڪپڙا پائي روانو ٿيندو ھيو ۽ واپسي تي اچي دعائون ڏيندو ھيو.پيار ڏيندو ھيو.سڀاڻي اھو سڀ يادڪبو.اھي يادگيريون جيڪي منھنجي زندگي جو اثاثو ۽ ملڪيت آھن انھن کي ھڪ ھڪ ڪري ڳڻيندم ۽ دھرائيندم.ھي عيد خوشين واري يادن جي نانءُ ڪريان ٿي.ھي عيد مان ماضي جي خوبصورت پلن حوالي ڪيا ٿي.شايد بھتر به اھو ئي آھي.
ماھم سنڌي.
No comments:
Post a Comment