Saturday, 5 September 2015

زندگي ڀلي اھڙي ٽُڪ جي رلي جھڙي،آئون وڇايان تون نه ويھين،ڇو نه پوء ويڙھي ڇڏيان

#September5th  49th  #HappyBirthday  #HassanDaras

زندگي ڀلي اھڙي ٽُڪ جي رلي جھڙي،آئون وڇايان تون نه ويھين،ڇو نه  پوء ويڙھي ڇڏيان.

سنڌ جي البيلي نوجوان طبقي جي مشھور شاعر، حُسن پرست،محبت پرست شاعر حسن درس جو  اڄ  49ھون جنم ڏڻ آھي.حيدرآباد ۾ 5 سيپٽمبر 1966ع ۾ اک کوليندڙ حسن درس ،جنھن جي  شاعري نوجوان طبقي اندر گھڻي پسند ڪئي ويندي ھئي.16 جون 2011ع جي ڪاري رات ۾ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ زندگي وڃائيندڙ حسن جي بي وقتائتي وڇوڙي ان جي ھمسفر ،ٻارن ۽ سڄي سنڌ کي غمگين ڪري ڇڏيو ھيو.
اڄ سندس ھمسفر،ٻارن ۽ سنڌ واسين کي ان جي جنم ڏينھن جو وڌايون ڏيان ٿي.
منھنجي حيات منھنجي ورسي،
توئي جيتيو تنھنجي سرسي.
مرڪ به منھڙو  موڙيو تو جئين
لڙڪن جي برسات برسي.
سج به سوٽا ھڻي پيو جھومي
چنڊ به ٿي پيو آھي چرسي.
واٽ وٺي مان ڪئين وڃان ھا،
تون نه آئين پيس ترسي.
من جو مڪتب خالي ويران
حسن ڇڏائي وئي سڀ درسي.

ان جي شاعري جو مجموعو حسن درس جو رسالو سان سنڌ جي ھر بڪ شاپ تي دستياب آھي.سنڌلاجي ۾ حسن درس جي نالي سان الڳ ڪارنر ٺاھيو ويو آھي جنھن ۾ ان جون تصويرون لکڻيون ۽ ٻيون يادگيريون آھن جيڪي ان سان حياتي دوران جڙيل ھيون
سندس جي شاعري “ساري سنڌ پرين جو پاڇو“ ۽ “پکي پرديس  جا “سميت ٻيون شاعريون به بھترين آھن.ان جي شاعري مان چونڊ ڪري ھڪ مان ھيٺ لکان ٿي.

تمنا تاڪ ۾ آھي،لڪي توکي ڏسڻ چاھي
مصور اس مان آخر تنھنجي تصوير ٿو ٺاھي.
ڦرين کي جھڙو جھلي بيٺو چوين جنھن وقت برسائي
ھوا تنھنجي اچڻ تائين گلن تي ماڪ ترسائي
اگر آھين سن آھي،سوا تنھنجي صفا ناھي.


پاران: ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment