#September4th 13th #DeathAnniversary #FoziaSoomro
نه جوڙ ٽوڙيو اسان ٻنھي جو اسان ته ڦتڪي مري وينداسين،
اسان جون دليون جدا ڪندو جي اوھانجي ھٿڙن ۾ دم ڏينداسين.
اسان جي پاڻ ۾ آ پاڪ محبت ،منھنجي ته ڪنھن سان به ناھي نفعرت،
اسان جون آسون الله ۾ آھن ،اسين اوھانکي دعا ڪنداسين.
اسانجون دليون جدا ڪندو جي....
ھڪ منٽ ھن کي نا سامھون ڏسان ٿي ،نالو وٺي رڳو رويو پوان ٿي،
ھي دردوندن جو قول آھي ،ڪڏھن نه ھڪ پل جدا ٿينداسن.
سانجون دليون جدا ڪندو جي....
سنڌ جي وارياسي علائقي ٿر ۾ 1966ع ۾ جنم وٺندڙ فوزيه سومرو جنھن پنھنجي درد سان ڀريل آواز ۾ سنڌ اندر ۽ انکان ٻاھر بي پناھ شھرت ماڻي اڄ ان جي 13ھين ورسي آھي.اردو ،مارواڙي،سرائيڪي ،بلوچي،پنجابي ،۽ سنڌي گيت ڳائي جادو جڳائيندڙ فوزيه جنھن جو اصل نالو حڪيمان ھو ان جي پيار جي 1993ع ۾ شادي مصري شاھ سان ٿي.گردن جي تڪليف سبب ان جو انتقال 4 سيپٽمبر 2002 ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ ٿيو.اڄ به سندس گانا ھر ھنڌ ڳائجن ۽ ٻڌجن پيا.
No comments:
Post a Comment