22/09/2015
ڪوڙي مرڪ/ماھم سنڌي/ميرپورخاص
پيار جا پيچ ڪا جڳھ ھنڌ يا ٽائيم ڏسي مظبوط ناھن ٿيندا.اھو خدا طرفان پيدا ڪيل خاص اھميت وارو جذبو جنھن جي ڪا مند مھل ته طئي ٿيل آھي ئي ڪونه.اھڙي ئي طرح سان ساجد جڏھن سوشل ويب سائيٽس استعمال ڪرڻ لڳو ته الاء جي ڪئين قسمت ۾ لکيل ھئڻ سبب ان جي فيس بڪ تي فرينڊشپ ماريه عرف گُڊي نالي ڇوڪري سان ٿي وئي.دوکي سان ٺھيل ڪوڙيون آء ڊيز وغيره سڀ ڪجھ ھڪ جاء تي پر ساجد کي ته ان مھل ئي نواڻ ۽ سچائي لڳي جڏھن ھن جي ڳالھ ڳولھ ۽ تعارف گڊي سان ٿيو ھيو.گڊي جو به ڌيان ضرورت کان مٿي ساجد طرف ڇڪجڻ لڳو.ھو ٻئي ھڪٻئي لاء خاص بڻجي چڪا ھئا.
ماريه ڪراچي جھڙي وڏي شھر ۾ رھندڙ سکي ستابي ڇوڪري جڏھن ته ساجد به ڪراچي جوئي ھيو پر گھريلو پريشانين ۽ ان جي پيءُ جي وفات کانپوء ان تي سڳي ۽ ماٽيلي ماءُ جي ذميواري سبب ھو ھر وقت پريشان رھندو ھو.تنھن ھوندي به ھو مايوس ٿيڻ بجاء پر اميد رھندو ھيو.ھو مقامي اخبار ۾ وڏي پوسٽ تي ڪم ڪندو ھو سندس صحافت سان دلچسپي ھئڻ سبب اتي ئي لاڳاپيل ھيو.گڊي ۽ ساجد وقت گزرڻ سان گڏ ويجھڙا ٿيندا ويا.۽ ٻئي ھڪ ٻي جي جذباتن جي سچائي کي سمجھي چڪا ھئا.جڏھن خيالات ۽ جذباتن جي مڪمل ھم آھنگي ٿي ته انھن ٻنھي چاھيو پئي ته اسان شادي ڪري ھميشه لاء ھڪ ٿي وڃون.انھي شادي لاء انھن پھرين ملاقات جو سوچيو جنھن ۾ آمھون سامھون ھو پھرين دفعا اچي ھڪٻئي سان ڳالھائي سگھن.ٻئي ملاقات لاء جڏھن سوچي پلاننگ ڪندا ھئا ته تمام گھڻا پرجوش ٿي ويندا ھئا پر انھن کي ملاقات جو موقعو قسمت ڏنو ئي نه پئي.ھو ھميشه ھڪٻئي کي چوندا ھئا ته جڏھن پھرين ملاقات ٿي ته خوب گھمنداسين، گڏ لنچ ڪنداسين، جھولن تي لڏنداسين ،ٻيو به الائي ڇا ڇا انھن جي خيالي پھرين ملاقات کي پرجوش بنائي ڇڏيندو ھو.ھو انھي پھرين ملاقات جي لاء حد کان وڌيڪ آتا ھئا.پر اھو ڏينھن اچڻ لاء خدا جو حڪم ٿيندو ئي نه ھو.
ھڪ ڏينھن اوچتو صبح ساڻ ئي گڊي فون ڪندي اطلاع ڏني ۽ زور ڀريندي چيو ته مون وٽ اڄ ملڻ ضرور اچجان ساجد ،اڄ توسان ملڻ حد کان وڌيڪ اھم آھي ڪئين به ڪري اچجان ،شايد وري موقعو ملي به يا نه؟ساجد کي فڪر ٿيڻ لڳي پر اھو سڀ گڊي جي اڳيان لڪائيندي چيائين ته جٿي چوندي مان حاضر ٿي ويندس.
گڊي جنھن جو پيء نيوي اداري سان لڳاپيل ھيو ھو پنھنجي پيء، ماءُ ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏجي ڪراچي جي ھڪ پارڪ ۾ گھمڻ لاء وئي جنھن ۾ خاص پاس ذريعي ئي انٽري ملندي ھئي ۽ فيميلي کانسواء اڪيلي ماڻھو جي داخلا تي پابندي ھئي.سڀ ڪم ڪار ھڪ پاسي رکي جئين ئي سج لڙڻ لڳو ۽ ذرد شام ٿي ته ساجد ٻڌايل پارڪ جي دروازي ٻاھران بيھي رھيو.ان وقت ئي خراب قسمت سبب ساجد جي موبائل جي اچانڪ سان بيٽري شٽ ڊائون ٿي وئي. جنھن ڪري ان جو پارڪ جي اندر موجود گڊي سان رابطو منقطع ٿي ويو.ساجد ويتر پريشان ۽ گڊي فڪرمند ٿيڻ لڳي.ساجد ٻاھر چڪر ڪاٽڻ لڳو ۽ گڊي اندر پريشاني ۾ وڪوڙجي وئي.شام کان آيل ساجد انھي پارڪ جي ٻاھرين گيٽ تي گڊي جي ھڪ جھلڪ لاء واجھائڻ لڳو ۽ رب کان ان سان ملڻ لاء دعا گھرڻ لڳو.مغرب جي آذان به اچڻ لڳي ۽ ساجد نه وڃڻ جو پڪوپھ ڪري ڇڏيو.نيٺ طويل انتظار بعد انڌاھري ۾ سوجھري مثل گڊي ظاھر ٿي ۽ آھستي آواز سان ڪنڌ جھڪائي چوڻ لڳي
ساجد ڪئين آھين تون؟مونکي سڃاتئي؟
دل جي اڪيلي مالڪ کي سڃاڻڻ لاء به ڇا اکين جي ضرورت پوي ٿي ساجد گڊي جي اکين ۾ گھوريندي وراڻيو ۽ وڌيڪ چيائين مان ٺيڪ آھيان منھنجي گڊي بس تنھنجي لاء فڪرمند ھئس. توکي ڇا خبر ناھي توکي ڏسڻ ،توسان ملڻ، لاء ڪيترو نه آتو آھيان.رابطو ڪٽجڻ بعد حد کان مٿي اداسي ٿي وئي ھئي.رب جو شڪر آھي جو تنھنجي ھڪ جھلڪ نصيب ٿيم.
منھن تي فڪر جي موجودگي سان گڏ گڊي چوڻ لڳي ساجد منھنجي ڳالھ ٻڌ غور سان ،منھنجا مائٽ منھنجي شادي ھڪ فوجي آفيسر سان ڪري رھيا آھن ۽ منھنجي ھر خواھش ۽ راضپي کي ٿڏي ڇڏيو اٿن. ساجد ٿي سگھي ته معاف ڪري ڇڏجان پر پاڻ کي گڏجڻ ڪڏھن نه ڏيندا.منھنجي توسان گڏ ٿيڻ جي خواھش دفن ٿيڻ وڃي رھي آھي.
ساجد ٿڌو ساھ کڻندي چوڻ لڳو:مان ايندس ۽ اطمينعان سان ڳالھائيندس تنھنجي مائٽن سان، ايلاز ڪندس، منٿون ڪندس ته تنھنجون ھٿ منھنجي ھٿن ۾ ڏين ،اڃا ساجد ڳالھ مڪمل نه ڪئي ھئي ته گڊي کي سڏ ٿيڻ لڳو جيڪو بھانو ٺاھي ھو نڪتي ھو ان جو ٽائيم به اچي پورو ٿيو.ھو گھر وارن سان گڏجي رواني ٿي وئي ۽ ويندي ھڪ دفعو منھن ورائي چيائين ٽيڪ ڪئير ساجد....
ساجد اتي ئي ھيٺ پٽ تي مٿي تي ھٿ رکي ويھي رھيو.مايوسي ۽ نا اميدي ھن کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو.۽ پوء ھمت جوٽي گڊي جي پيء وٽ وڃي حاضر ٿيو ۽ ان جو ھٿ گھرندي ھر قسم جي خاطري ڪرائڻ لڳو ،پر گڊي جي پيء ان کي کتو جواب ڏيندي شادي جون تاريخون به ڏسي ڇڏيون.ائين ساجد پنھنجا پير گڊي جي چوڻ تي پوئتي ڪري ڇڏيا.ڇوته جيڪر اھو رشتو ساجد اڳتي وڌائي ھا ته ان رشتي جي پاڪيزگي ئي نه رھي آھي.ٻنھي کي ڪڌي رسم سبب ڪارو ڪاري ڪري خراب انجام تائين پھچايو وڃي ھا.جيڪر گڏي ساجد جي سھاري گھران نڪري ھا ته به پنھنجي مائٽن جي پھچ کان گھڻو وقت پري نا رھي سگھي ھا ۽ نيٺ ان جا مائٽ ان کي پڪڙي سوگھو ڪن ھا.جنھن بعد رڳو ذلت ۽ خواري ئي وڃي بچي ھا.۽ ساجد کي ڪنھن به قيمت تي گڊي جي عزت ۽ مان ۾ ذري برابر ڪمي ڪنھن قيمت تي منظور نه ھئي.
آخرڪار گڊي ڪوڙي مرڪ سجائي ڪنوار جو روپ ڌاري ڳاڙھي جوڙي ۾ ڪنھن ٻي سان شادي ڪري وڃي ٻي گھر پھتي.حقيقي خوشي ان جي ساجد سان ئي ھئي پر دنياوي مجبورين سبب ھن ساجد کي رابطي ڪرڻ جو به جھلي ڇڏيو.ھڪ امير گھراڻي ۾ گڊي ته پرڻجي وئي ۽ کيس الله طرفان پٽ جو اولاد به ٿيو پر ھو بلڪل خوش نه ھئي ۽ پاڻ کي اڻپورو محسوس ڪندي ھئي. پئسو ،دولت ۽ پٽ جو اولاد به ان کي اھا خوشي نه ڏئي سگھيو جيڪا ھن کي ساجد جي موجودگي ڏيندي ھئي.گڊي جو مڙس شاھزيب به شروع کان ئي گڏي کي اھميت ڏيڻ بجاء پئسي جي زور تي دڙڪا داٻا ڏئي ھيسائيندو رھندو ھو ۽ ان ريت گڊي وٽ سڀ ڪجھ ھوندي به سُک جي شديد ڪمي ھئي.ساجد جنھنجو وس ڪوبه ھلي صرف ان ڪري نه سگھيو جو گڊي ھن کي چيو ھاڻي ته ڪجھ ٿي نه سگھندو سو الله جي رضا اھا آھي ته پنھنجا دل گڏ رھڻ لاء ۽ پنھنجو جسماني وجود الڳ رھڻ لاء ٺھيا آھن.جٿي گڊي ناخوش ھئي اتي ساجد ته پاڻ کي ئي ڇڏي ڏنو.شادي به نه ڪيائين ۽ سندس مڱڻي به ٿي وئي پر اڄ ڏينھن تائين ھو شادي لاء مختلف بھانا ٺاھي اھا ٽاري ٿو ڇڏي.
اھڙي طرح ساجد جي ۽ ماريه عرف گڊي جي پھرين ملاقات آخري بڻجي وئي ۽ ھو ھميشه لاء جدا ٿي ويا.
My story in today's Kawish newspaper's gallery page,
here is a link
http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2015/Sept/22-09-2015/Page5/P5-3.jpg