Saturday, 16 May 2015

معراج جي رات

#Rajab27th    #NightOfAscent

Arash se noor chala or haram tak puhancha,
tere Meraj ke jane tu kaha tak puhancha,
Silasala mere gunaho ka karam tak puhancha,
mere Meraj ke me tere,Qadam tak puhancha.

اڄ شب معراج آھي اڄ ڀاڳن واري مُرادن واري منتن جي رات آھي.ھجرت کان ٻه سال اڳ اڄوڪي رات جڏھن افق تي اونداھ ڇائنجي ويئي، جڏھن ھر ڪو آرامي ھيو ته  ٻنھي جھانن جو سردار ،رحمت العالمين، آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه واله وسلم جن براق تي سوار ٿي  الله سائين سان ملاقاتي ٿيا.پاڻ  سڳورا  ان ڪائنات جي حسين پرنور سفر تي نڪري پيا ۽ واپس پھتا ته بستر مبارڪ اڃا گرم ھيو.ان رات الله ۽ سندس مٺڙي محمد جي وچ جو مفاصلو صرف ٻن ڪمانن جو ھيو.ان رات ئي محمد دوزخ ،جنت سميت الله جي پيدا ڪيل مخلوقن جا قسم، ستن آسمانن جو سير دوران  سفر ڏٺا.ان رات ئي ھزارن نمازن جو ثواب  ڏينھن ۾ پنج وقت ادا ڪرڻ ۾ ئي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو.ان رات ئي محمد پنھنجي امت جي شفاعت ۽ بخشش جو خاص مطالبو منظور ڪرايو.

اچو ته ان سڀاڳي رات ۾ پنھنجي لاء آسپاس ء عالم انسانيت جي ڀلائي لاء ھٿ بلند ڪيون.فتني ،فساد ،تخريبڪاري ۽ ظالميت کان پناھ وٺون.پنھنجي ڪيل گناھن جي معافي طلبي وري نه دھرائڻ جو وچن ڪيون.اچو ته اڄ کان وٺي ھڪٻئي جا ھمدرد مددگار ۽ سھار بڻجي وڃون.
دعائن جي طلبگار:ماھم سنڌي.
.

Wednesday, 13 May 2015

روشنين جي شھر کان خوني شھر ۾ تبديل ٿيل ڪراچي...

‎#KarachiBleeds #SafooraChowk  #CityOfLights or #CityOfBlood
روشنين جي شھر کان خوني شھر ۾ تبديل ٿيل ڪراچي...

اڄ وري اکين مان ڳوڙھا زاروقطار جاري آھن،اڄ وري ڪيترائي گھر اڄڙي ويا آھن،اڄ ماتم جو صفون وري وڇايون ويون آھن،اڄ لخت جگر،نور نظر،چينِ دل ،وري خون ۾ وھنجاريا ويا آھن.
آھ وبُڪا،رڙيون،دانھون،فريادون،نم اکيون،ٽٽل دل،ڏڪندڙ جسم،دھشت زده روح،وري ڪراچي جي روشنين کي مڪمل طرح پنھنجي اختيار ۾ آڻي ڇڏيو آھي. صفوران چورنگي جي علائقي مان گزرندڙ اسماعيلي ڪميونٽي جي بس ۾ گھڙي انڌ ڌنڌ فائرنگ ڪري ،45 قيمتي جانيون ڳڙڪائيندڙ ،24 ماڻھن کي شديد زخمي ڪندڙ وحشي خونخوار جانور انساني ويس ڍڪي ڪيترن ئي گھرن جو خوشيون کسي ويا.
6 امامي اسماعيلي شيعه فرقي کي خوفناڪ دھشت جو نشانو بڻايو ويو.9 ايم ايم سميت ٻن مختلف قسم جي ھٿيارن جو استمعال ڪندي انساني جسم جو خون جو ھڪ دريا وھايو ويو.شيعه نسل ڪشي کي ثواب اعلي سمجھندڙ تحريڪ طالبان جي گروپ جندالله ان واقعي جي زميواري وڏي فخر سان قبول ڪئي آھي جنھن کي گزريل سال جي نومبر مھيني کان اسلامي دولت آف عراق الشام ( آئي ايس آئي ايس) جي سپورٽ پڻ حاصل آھي.
ان ڪميونٽي جي ليڊر آغا خان سخت ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اھو فرقو امن پسند ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندڙ آھي.
ڪجھ روايتي مذمتي بيان،ڪميٽيون ،ھنگامي نوٽيس،وڏن آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون،اسپتالن ۽ گھرن جا دورا،ڪجھ  پئسن جا امدادي چيڪ،سوڳ ملھائي جھڪيل قومي پرچم،اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي ڪجھ سوڳ ۽ غم وارا گانا ،ساز ۽ شاعريون،فاتحون توڙي پمفليٽ ۽ٻاريل ميڻ بتيون شايد ۽ ان حادثي ۾ شڪار ٿيلن کي سڪون ۽ آٿت ڏئي سگھن.

ڀلي ڪو به ڪھڙي فرقي ۽ مذھب سان وابسته ڇو نه ھجي پر سڀ کان پھرين ته انسان ٿيو نه؟؟؟؟؟

ماھم سنڌي :-(

Monday, 11 May 2015

12 مئي 2007 جڏھن ڪراچي جنگ جو ميدان بڻيو...

12 مئي 2007 جڏھن ڪراچي جنگ جو ميدان بڻيو...

پاڪستان جي تاريخ جو ھڪ وڌيڪ ڪارو ڏينھن،جڏھن ڪراچي آڙاھ جي شعلن ۾ جلندي ۽ ڀڙڪندي رھي ....
ڪراچي جي شاھراھ فيصل تي  اڄوڪي ڏينھن،  34  ماڻھن جي موت  ۽ 140 زخمي ٿيل ماڻھن جي خون سان سرخ رنگ ۾ رنگجي ويئي ھئي. عدليا جي بحالي  خاطر ،وڪيل برادري کي خطاب ڪرڻ ۽ احتجاج لاء ڪراچي آيل، اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري جڏھن روشنين جي شھر ڪراچي لٿو ته ،ڪاري ڪوٽن وارا وڪيل جيڪي پنھنجن حقن خاطر پنھنجن گھرن جي چائنٺ ٽپي اچي روڊ تي بيٺا  ھئا ،سي ويچارا ڇڙواڳ گولين جو کاڄ بڻيا.جديد ھٿيارن جي سڄي ڏينھن کلي عام ائين نمائش ھلندي رھي ڄڻ ڪو ھٿيارن جو نمائشي پروگرام يا ميوزيم ھجي.مختلف سياسي پارٽين جا بيان توڙي الزامات، ڪجھ پيرا ساڳي چيف جسٽس ڏي به کڄيا ته ڪجھ ڪراچي تي قابض بڻيل پارٽي  تي به جيڪي پاڻ کي سياسي به سڏرائين ٿيون ته عسڪري ونگ جون به مالڪ آھن ،پر نه ڪجھ ٿي سگھيو ته انھن انساني جانين سان انصاف؟
قانون جي رکوالن جو  خون به جتي پاڻي ۾ لوڙھيو ويو ته عام ماڻھو ڪھڙي اميد رکي؟؟؟؟

Sunday, 10 May 2015

منھنجي ماءُ منھنجو فخر

#May10th    #MothersDay   #LoveUAmi
توکي ڪھڙو نانءُ ڏيان،تنھنجي ڪنھن سان ڀيٽ ڪيان،توکي سجدا ڇو نه ڪيان،او امان ،او امان،او امان

جتي تعريفون کٽي وڃن،جتي پيار جي ڪا انتھا نا رھي،جتي ھڪ انسان ذاتي قربانين کان وٺي جانثاري تائين کن پل ۾ تيار ٿي وڃي،جتي لامشروط ،بي پناھ محبت ۽ خلوص ھجي،جتي خودغرضي،لالچ جي ڪا تِر جيتري به جڳھ نه ھجي،جتي جان ،مال ۽ عزت جو تحفظ ھجي،جتي قلم لکي ٿڪي پون،جتي سوچن جا دائرا وسيع ھوندي به محدود لڳن،جتي دنيا جي علم جا خزانا به کوڪلا لڳن،جتان جي گھرائي سمنڊ به ماپي نه سگھي،جٿ وسيع آسمان  جي ڦھليل چادر توڙي  زمين جي گولائي به گھٽ لڳي.اھو آھي اڻ ٽٽ ماءُ جو رشتو جيڪو سندس ٻار سان ھجي ٿو.
ھڪ ڏينھن کي ماءُ جو ڪري ملھائڻ سراسر نا انصافي آھي .سمورا ڏينھن اسان جيڪر ماءُ جي عظمت ۽ شان کي ڀيٽا ڏيندي گزاريون ته به ھن جي محبت جي پيمائش نه ٿي سگھندي.
اڄ سموري ڪائنات جي سڀ کان وڌيڪ عظيم،اھميت جي حامل،ماءُ جو عالمي ڏينھن آھي.
اُھا ماءُ جنھن جي تعريف نه ڪي ھزارين اڻ ڳڻت لکيل ڪتاب ڪري سگھيا نا ئي ڪي انسان.

منھنجي امي منھنجو فخر ،آبرو،منھنجو پھريون پيار آھي.ان سان مونکي بي انتھا پيار  ۽ لڳاءُ آھي پر لڳي ٿو اھو بنھ گھٽ آھي ان ڀيٽ ۾ جيترو ھو مونسان ٿي ڪري.منھنجي امي دنيا جي سڀ کان بھترين امي آھي.زندگي جي لاھن چاڙھن،ڏکن سُکن ،توڙي بابا جي اڻ مندائتي وڇوڙي باوجود به امي مون لاء مظبوط ڍال ئي رھي آھي.صبح مونکي جلدي اٿارڻ کان رات جو جلدي سمھڻ جي   تلقين ڪندي،سڄي ڏينھن مون ساڻ رھي ٿي.منھنجي گھر پھچڻ ۾ پنج منٽن جي ديري به منھنجي امي جي چھري جو رنگ ڌنڌلو ڪري ڇڏيندي آھي.ڪمزور جسم،ڳورو رنگ،صابرين ۽ ماٺيري منھنجي امي ھر وقت منھنجي منھن تي مرڪ وکيرڻ کي ئي پنھنجو مقصد سمجھي ٿي.
اڄ به دنيا مان جڏھن مايوس ٿيان ٿي،جڏھن به ڪو پنھنجو يا پرائو رنجائي ٿو،جڏھن به ڪو دلي دنياوي ڏک پھچي ٿو،ناڪامين جي ور چڙھان ٿي،ناسمجھي ۾ غلطيون ڪريان ٿي،غصي سبب جلدبازي ۾ فيصلن تي اچان ٿي،لڪي روئان ٿي يا وري ڳوڙھا لڪائي ڪوڙي مرڪ سجايان ٿي ته منھنجي امي پنھنجو سيڪنڊن ۾ چھرو پڙھي وٺي ٿي.زور سان ڀاڪر پائي چميون ڏئي چئي ٿي،تون فڪر نه ڪر ،منھنجي ممتا جو جيستائين تنھنجي مٿان ڇانورو ھوندو تيستائين ڪو به گرم جھولو،طوفان توکي ڇُھي به نه سگھندو.
الله سائين منھنجي پياري امي کي وڏي  حياتي ، صحت ۽ خوشيون ڏجانس.
آئي لو يو امي.ماھم سنڌي.

Friday, 1 May 2015

انصاف جو طلبگار پاڪستان جو مزدور طبقو/ماھم سنڌي

#May1st   #LabourDay
01/05/2015
My article published in 7 newspapers.

انصاف جو طلبگار پاڪستان جو مزدور طبقو

ماھم سنڌي/ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

اڄ مزدورن/پورھيتن جو عالمي ڏھاڙو آھي.اڄ سڄي دنيا ۾ موجود تنظيمون ،جيڪي مزدورن جي حقن لاء جاکوڙي رھيون آھن انھن طرفان مزدورن جي حق ۾ مختلف قسم جا ميڙاڪا ،عوامي اجتماع، سيمينار ڪوٺائي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. مزدور جيڪو پنھنجي تشريح پنھنجي ڪم ۽ محنت سان ڪري ٿو ،سو ھر وقت بنا ڪنھن سردي جي موسم ۾ ڄميل پاري جي فڪر ڪندي ۽ گرمي ٺاٺ ۾ اس جي شدت کي اھميت نه ڏيندي پنھنجي پگھر جو ھڪ ھڪ ڦڙو پنھنجي ڪم ۾ لڳائي ڇڏي ٿو.لوھار ،واڍا ،رازا،مستري  ،ڪوري ،ڪنڀار ،ھاري ،مڪينڪ،  کاڻن جي کوٽائي ڪرڻ وارا، مٽي ڊوھڻ  وارا،سرن جي بٺي تي سڙڻ وارا، پٿر ڪٽڻ  وارا،مھاڻا ،سڀ مزدورن جا ئي روپ ھجن ٿا.جيڪي پنھنجي ھٿن سان ڪم ڪندي ،پنھنجن ھٿن کي رڪ وانگر سخت بنائي ڇڏيندا آھن ،پر انھن جو مزاج انھي جي بنھ ابتڙ آھي.ھو ويچارا پنھنجي ڪم دوران سندن مالڪن جا دڙڪا ،داٻا ۽ ڇڙٻ سڀ ھڪ گونگي وانگر دل تي پٿر رکي سھي وڃن ٿا.تاج محل جھڙي شاھڪار کان وٺي چين جي عظيم ديوار تائين، جن جي بناوٽ جي ساراھ دنيا ۾ موجود ھر انسان ٿو ڪري ،سي به انھن مزدورن جي ڏينھن رات جي اوجاڳن، ڪاريگري ۽ محنت جو ئي ثمر آھي. مزدورن کي گھٽ  اھميت جو حامل سمجھندڙ شايد سڀ کان وڌيڪ جاھل سڏبا جيڪي ھڪ محنت ڪش جي محنت کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ٿا ڪن.
الله جي ڪلام پاڪ ۾ ارشاد آھي،ترجمو: "انسان لاء ڪجھ به نه آھي ،مگر جنھن لاء ھو ڪوشش ڪري.“ اسانجي آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم پڻ ھٿ جي پورھئي ۽ مزدوري کي وڏو مان ۽ عزت ڏني آھي.سندس ئي ھڪ جڳ مشھور حديث آھي ته “الڪاسب حبيب الله “يعني محنت ڪش خدا جو دوست آھي".ھڪ ٻي ھنڌ  به ارشاد ٿيل آھي ته پورھئي ڪرڻ کان ڪڏھن به عار نه ڪيو. پاڻ سڳورا ھميشه تاڪيد ڪندا ھئا ته مزدورن کي انھن جو اجورو انھن جي پگھر سڪڻ کان پھرين ادا ڪيو وڃي.نه صرف حديثن جي حد تائين پر ھن پاڻ به مديني ۾ موجود مسجد نبوي جي اڏاوت دوران اصحابن سڳورن سان گڏ ڪم ۾ حصو ورتو جيڪو امت لاء به ھڪ کليل پيغام ھو ته مزدوري ڪري حلال جي روزي کائڻ ۾ ئي اصل روحاني سڪون آھي.نبين مان حضرت نوح عليه السلام پڻ واڍڪو ڪم ڪندا ھئا. حضرت  ادريس عليه السلام پڻ ٻني ٻارو ڪندا ھئا. حضرت دائود پنھنجي دور ۾ لوھارڪو ڪم ڪندو ھو. حضرت علي عليه السلام پڻ ٻني ۾ ڪم ڪيو. حضرت سلمان فارسي تڏا ٺاھيندو ھو، ان مدائن جو گورنر ٿيڻ بعد به اھو ڪم جاري رکيو.اسان جو مذھب اھو درس ڏئي ٿو ته پورھيت ۽ مزدورن جي دل سان عزت ڪيون ئي انھن کي ڪمتر سمجھڻ بجاء معاشري جو عزت وارو فرد سمجھون.شاھ عبدالطيف ڪپڙن اڻڻ وارن  يعني ڪورين جي ساراھ ۾ بيت چوي ٿو جيڪي پڻ مزدورن جو ئي روپ آھن.

ھلو ھلو ڪوريين نازڪ جن جو نينھن
ڳنڍين سارو ڏينھن ڇنڻ مور نه سکيا.

عالمي سطح  تي اھو ڏھاڙو 1886ع ۾ شڪاگو جي مزدورن کي ڀيٽا ڏيندي ملھايو ويندو آھي.انھي سال 4 مئي تي  پيدا ٿيل وڳوڙ جنھن ۾ شڪاگو جي ھائي مارڪيٽ ۾ موجود مزدور طبقي طرفان 10 کان 16 ڪلاڪ جي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪندي ،اھو مطالبو رکيو ته اسانجي ڪم جو دورانيه گھٽائي 8 ڪلاڪ ڪيو وڃي.ڇو ته لڳاتار ڪم ۽ گھٽ معاوضي سبب انھن پنھنجي جائز مطالبات کي اڳيان رکندي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي.انھي ميڙاڪي کي منتشر ڪرڻ لاء جبر جو استمعال ڪندي پوليس طرفان ان تي بم اڇلائي ۽ انڌ ڌنڌ فائرنگ شروع ڪئي وئي. مڊل ڪلاس سان تعالق رکندڙ مزدور طبقي کي سندن حق ڏيڻ بجائي انھن تي گولين جو وسڪارو ڪري انساني خون سان روڊ رستا رنگيا ويا.انھن ئي مزدورن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ھر سال اھو ڏھاڙو ملھايو وڃي ٿو.
پاڪستان ۾  به پھرين مئي تي عام موڪل پڻ ھوندي آھي.جيتوڻڪ ھتي به مزدورن سان ڪا خاص ھمدردي نه آھي ۽ انھن جي حق تلفي ٿيندي رھي ٿي.پاڪستان نائون وڏو ملڪ آھي جنھن ۾ مزدورن ۽ پورھيتن جي وڏي تعداد  موجود آھي. پاڪستان جي وڌندڙ  آبادي، وسيلن جي اڻ ھوند ،غير معياري تعليم ،۽ بي روزگاري سبب وڏي تعداد ۾ غريب طبقو جيڪو غربت جي لڪير کان ھيٺ گزاري رھيو آھي ان جي  به  گھڻائي ان مزدوري جي پيشي سان لڳل آھن، ڪجھ ڏھاڙي جي حساب سان ته ڪجھ مھيني وار پنھنجي پيٽ پالڻ لاء ڏينھن رات محنت ۾ رڌل آھن.حڪومت جي اعلانيل گھٽ ۾ گھٽ  6 ھزار ماھوار وظيفو به گھڻن کي نٿو ملي. پاڪستان ۾ ڪل 57.2 سيڪڙو ماڻھو مزدوري پيشي سان لڳل آھن. جنھن مان 43 سيڪڙو زراعت سان، 20.3 سيڪڙو صنعت ۽ 36.6 سيڪڙو ٻين مختلف کاتن ۾ آھن.اسان وٽ مزدورن جي الڳ وزارت به ھئي پر  آھا آئيني گھرجن کي سامھون رکندي  30 جون 2011 تي ختم ڪئي وئي.
ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ  پروگرام پاران 2007 ۾ خانگي سطح تي ڪرايل سروي مان معلوم ٿيو ته ٿرپارڪر ،عمرڪوٽ ،دادو ۽ ڄامشوري ۾ 55 سيڪڙو ٻار ،مختلف قسمن جي مزدوري ۽ پورھيو ڪن ٿا.جنھن ۾ 68 سيڪڙو ڇوڪرا ۽  32 سيڪڙو ڇوڪريون آھن جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ بجاء صبح سوير ڪمن کي لڳي وڃن ٿا.سڀ کان وڌيڪ تعداد يعني 56 سيڪڙو ڇوڪريون ھر ضلعي ۾ گھريلو ڪم ڪار جي نوڪرين تي لڳل آھن، جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد ڄامشوري ضلعي اندر آھي.27 سيڪڙو ٻار ٿرپارڪر ۾ آھن، جيڪي وري مالوند جو ڪم ڪار ،انھن کي چارڻ، سار سنڀال ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿا.
آرٽيڪل نمبر 11 ۾ ھر قسم جي غلامي جبري پورھئي ۽ معصوم ٻارن جي پورھئي کان منع ٿيل آھي.آرٽيڪل 17 اھا اجازت ٿو ڏئي ته پورھيت طبقو پنھنجي بنيادي حقن جي حاصلات لاء يونين تنظيمون تشڪيل ڏين ،جن جو ليڊر به اتان ئي چونڊيو وڃي ،جيڪو ٿيل ناانصافين جو آواز مٿئين سطح تائين پھچائيندو رھي.پر انھي قانون تي عمل صرف ڪاغذي حد تائين ٿئي ٿو. ڇوته اڄ به سنڌ ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي وڏيرن طرفان قائم ڪيل خانگي جيلن ۾ ٻار توڙي جوان قيد ٿيل آھن، جن کان جبري پورھيو ڪرايو وڃي ٿو.يونيسيف جي 2012 جي رپورٽ ۾ آھي ته اٽڪل 10 لک ٻار پورھيو ڪن ٿا.جنھن مان 2 لک 64 ھزار اھڙا آھن جيڪي غيرمحفوظ ھنڌن تي غير مناسب ماحول ۾ ڪم ڪن ٿ،ا جن وٽ کاڌو به معياري ميسر نه آھي.2013 جي انگ اکرن مطابق 21 ٻارن جا اھڙا ڪيس ظاھر ٿيا جن تي پورھئي دوران جسماني تشدد ڪيو ويو جنھن مان 8 معصوم ٻارن جي موت پڻ واقع ٿي.

اھو پورھيت طبقو جيڪو صرف پنھنجي ڪم  ۾ ايترو مصروف ھوندو آھي جو، دنياوي چالاڪين ۽ چالن کان به بي خبر ھجي ٿو.شايد اھا خبر به نه ھوندي اٿس جنھن فيڪٽري، بلڊنگ جي تعمير لاء ھو ڏينھن رات ڪوشان آھي ،سا ڪي نيڪ مقصد لاء به ڪم آندي ويندي يا نه؟ خبر ناھي انھن مزدورن سان ڪنھن کي نانگ وارا وير ڇو ھوندا آھن؟ انھن جي سج لھڻ کان پوء موٽڻ تائين انھن جي غريب گھروارن جي چلھو اجھاميل ھوندو آھي.سندن گھر وارن جا چھرا ٻھڪي ٿا پون، جڏھن ھي گھر جي چوڪٽ ٽپي اندر  کاڌ خوراڪ جي سامان سميت داخل ٿيندا آھن.امير ماڻھن وٽ ته ڪمائڻ جا سوين جائز، ناجائز طريقا ھوندا آھن پر ھي صرف تڏھن ئي بک جي باھ مٿان ڇنڊو وجھي سگھندا آھن، جڏھن انھن جا ھٿ ڪم ڪندي زخمي نه ٿيندا. ڪجھ ڏينھن اڳ 11 اپريل 2015 جڏھن اونداھي پوري طرح اختيار ۾ ھئي،رات جو 2 وڳي بلوچستان صوبي جي تربت علائقي ۾ گوگدان وٽ ڪجھ آزادي جي ڳالھ ڪندڙ انساني صفت درندن، جن جو تعلق بلوچستان لبريشن فرنٽ( جيڪا عسڪري تنظيم) آھي تن  سھراب ڊئم جي آڏاوت ۾ ڪم ڪندڙن مزدورن تي حملو ڪري ڏنو, سندن ان ڊئم جي آڏوات تي اعتراض ھو ۽ انھن سڄي رات جي ٿڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاء ستل بي گناھ مزدورن تي گولين جا منھن سڌا ڪيا.20 مزدور جن مان 13 جو تعلق پنجاب ،۽ 7 سنڌي جن جا لاش سنڌ صوبي جي حيدرآباد ضلعي ۾ پھچايا ويا ھئا.جن ۾ ٻه ضلعي بدين سان تعلق رکندڙ تلھار واسي سڳا ڀائر محمد ايوب ۽ محمد اسلم منگواڻو ھئا.ٿرپارڪر جي ھيڊڪواٽر مٺي جي ڳوٺ ڇوڻھار واسي صوبدار ۽ مجنون سميت قلندر ،لالو ۽ ڪارو ان بدنصيبن ۾ شامل ھئا.سي جيڪو واعدو گھروارن سان نڪرڻ مھل ڪري آيا ھئا ته پئسا ڪمائي جلد موٽبو ،تن کي ھميشه لاء ابدي ننڊ سمھاريو ويو.3 زخمي ٿيل مزدور شل پنھنجي عزيزن سان ڪيل واعدو پاڙي سگھن.دماغ جي سوچڻ جي سگھ ئي ڪم ڇڏيو وڃي جڏھن ويچار ڪجي ٿو ته آخر  انھن مزدورن وچان ڇو پنھنجن ذاتي مقصدن مٿان قربان ڪيو ويو.اھو انتھائي درد ناڪ واقعو صوبائي حڪومت ته ھلڪو ئي ورتو ۽ شھيد ٿيل مزدورن کي 10 لک ۽ زخمي ٿيلن کي  50 ھزار جي ادائگي بعد پنھنجي فرض کان آجي ٿي وئي.11 سيپٽمبر 2012 سال تي به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ انساني خون نه وھيو بلڪه ڪيترائي انساني جسم جليا جيڪي سڌي ريت مزدورن جا ھئا.اولھ ڪراچي طرف بلديه ٽائون  ٽيڪسٽائيل فيڪٽري کي ھڪ سازش تحت لڳايل باھ جنھن ۾ 289 مزدور جلي رک ٿي ويا ۽ 600 کان مٿي سڙيل جسم سبب اڌورا ٿي ويا.ان ڏينھن جي خبرن موجب دروازا به ٻاھران بند ھئا جڏھن ته درين کي بند ڪرڻ لاء مبينا طور ٻاھرين طرف کان لوھي راڊون لڳل ھيون.باھ لڳل بعد انساني جسم جلندا رھيا ۽ ڪراچي جھڙي شھر ۾ به جھڙوڪ ڪلاڪ بعد ريسڪيو عملو ۽ فائر برگيڊ جون گاڏيون پھتيون ۽ تيستائين صرف انساني سڙيل گوشت جي بدبوء ۽ ڪمرن ۾ بند ٿيل آھون ۽ دانھون ئي مليون.ظاھري طور سياسي جماعت جو نالو ان واقعي پويان آيو آھي پر انھن مزدورن جا قاتل اڃا تائين آزاد پيا گھمن.سياسي دشمنين جي آڙ  ۽ خفيه ايجنسين سان اڻ بڻ ۾ انھي غريب طبقي کي بري طرح ايذائي خون لوڙھيو ويو.جيتوڻڪ اڄ به ڪو وڃي ان فيڪٽري جو وزٽ ڪندو ته انھن مزدورن جون ڪوڪون ضرور محسوس ڪندو جيڪي وڏي واڪي انصاف گھري رھيون آھن.
مزدورن کي مان ڏيڻ ۾ ۽ انھن جي تحفظ سان ئي ملڪي معيشت ۾ چاڙھ ايندو.سڄي دنيا جتي مزدورن لاء آواز اٿاري رھي آھي، اتي اڄ اسان جو به قومي ۽ انساني فرض ٿو بڻجي ته مزدور جيڪي اسان جي سر مٿان موجود ڇت اڏي اسانکي ٿڌو ڇانورو ٿا ڏين تن جي جان جي حفاظت لاء اڳتي وڌون.ڇوته انھن وٽ مال ملڪيت ته آھي ئي ڪونه جن جي حفاظت جي ھو گھر ڪن ،ھو ته بس پنھنجو ساھ محفوظ ٿا چاھين ،جنھن آسري انھن جون زالون ۽ آل و اولاد اميدون لڳائي ويٺا آھن.

#DailyJeejal http://dailyjeejal.com/e-paper/2015-05-01/news/page4/1%20(3).htm

#DailyJhoongar http://dailyjhoongar.com/files/01-05-15/Page-edit.jpg

#DailySindhExpress  Sindh Express News Story http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130264902&Issue=NP_HYD&Date=20150501#.VUM2Y13PVW8.twitter …

#DailyApeal http://www.dailyappeal.pk/home/
#DailyHilalEPakistan
#DailyShaam
#DailyPakSindh