25/09/2016
#StopBalochGenocide
#VoiceOfMissingPersons
تون ڪنھن ڪنھن کي خاموش ڪندين،اعلان ھزارين مان نه رڳو
ماھم سنڌي / ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com
جڏھن ڪا به قوم مذھبي ، ثقافتي ۽ ٻولي جي اڻ برابري ۽ نا انصافي جو شڪار ٿئي ٿي ته جلد ئي عليحدگي جو مطالبو ان جي اڻٽر ضرورت بڻجيو وڃي.پوء اھا قوم پنھنجي لاء ھڪ با ڪردار ۽ مظبوط ليڊر ڳولي ان جي قيادت ۾ اڳيان قدم وڌائي ٿي.برصغير ۾ 18 ھين صدي جي وچ ڌاري جڏھن مسلمان بادشاھ بھادر شاھ ظفر جي حڪومت جي پستي آئي ته، برطانيا جا انگريز اڳڀرائي ڪري سڄي ھندوستان تي قابض ٿي ويا ۽ فقط مذھب جي بنياد تي اتي مسلمانن ۽ ھندن وچ ۾ ھڪ منظم سازش تحت وڇوٽيون وڌايون ويون ۽ ھڪٻئي لاء حسد جي باھ ٻاري وئي . انھن جي وڇوٽين جو سڀ کان وڌيڪ اھم ۽ ڳنڀير اشو مذھب جو سامھون آيو ھيو ۽ شاعر مشرق علام اقبال جو ڏنل ٻه قومي نظريو اصل ۾ انھي بنياد جو ھو ته برصغير ۾ ٻه مذھبن جي ماڻھن ۾ اڻ برابري سبب مسلمان اڪثريتي علائقن کي الڳ ملڪ ڪري ڏنو وڃي، جئين پنھنجي مذھب مطابق آزادي سان زندگي بسر ڪن.نيٺ مذھبي جنونيت ايتري وڌي وئي ھئي جو انھيء آڙ ۾ ماڻھن جو پاڻ ۾ ٽڪراء ٿي پيو.ھندو توڙي مسلمان ھڪٻئي جي عقيدي تي ٺٺوليون ڪري مخالفت ڪرڻ لڳا ايتري تائين جو مسلمانن جي اک ۾ مندر ۽ ھندن جي اک ۾ مسجد چبھڻ لڳي. ائين ٿيندي ئي جڏھن صورتحال انتھا تي پھتي ته پوء اسلام مذھب جي نالي سان مسلمانن الڳ وطن کي وجود ۾ آڻڻ جو ڪوششون ورتيون. انھي جي ڪوششن سان پاڪستان جي رياست وجود ۾ آئي ۽ باقي سڄو حصو ھندوستان ٿي ويو .1947ع تي پاڪستان آزاد ٿيو ، اتي ئي جلسي دوران قائداعظم محمد علي جناح ڪراچي ۾ اڳيان ايندڙ بحرانن کي نظر سامھون رکندي اھو چيو ھيو تہ “ اوھين پاڪستان جي رياست ۾ آزاد آھيو، اوھين ڀلي مندر، مسجد ، گرجاگھر وڃي عبادت ڪيو ، ھڪ شھري ھئڻ جي ناتي اوھانکي سڀ حق برابر جا مليل ھوندا“. پر مذھبي انتھاپسندي نه گھٽي سگھي ۽ پاڪستان ۾ رھجي ويل اقليتي قومن کي پاڪستان ٺاھڻ وارين ھستين پيرن ھيٺيان ڪچلڻ پئي چاھيو. جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد موجب “ ته سچي جھموريت ۾ ڪا به قوم پنھنجي اڪثريت، دولت، ٽئلينٽ ۽ ڏاھپ جو بنياد ڄاڻائي ٻي قوم مٿان فوقيت نٿي رکي سگھي.“
جڏھن اوڀر پاڪستان کي ھيڻو سمجھي بنگالين سان ويڌن لاتي وئي ته انھن به الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.مدد ڀلي پاڪستان جي حريف ھندوستان ئي ڪئي ھئي پر ان وقت جي حالات مطابق بنگالي ڪنھن به صورت ۾ گڏ رھڻ نه پيا چاھين.بنگالين جو قتل عام، انھن جي عورتن سان ريپ ۽ بنگالين کي چونڊي چونڊي انھن سان غير انساني تشدد ۽ انھن سان حڪومتي توڙي ھيٺين سطح تي نا انصافي انھن کي الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو.بنگالين سان گھٽ ظلم نه ٿيو ۽ پوء 16 ڊسمبر 1971ع تي جڏھن بنگال ٽٽي الڳ ٿيو ته ھتان جا حڪمران ھٿ مٿي تي ڏئي ان کي پنھنجي وڏي شڪست سمجھڻ لڳا.پر اھا ته عام فھم جي ڳالھ آھي ، ظالم ظلم ڪندي ٿڪجي پوي ٿو پر سھڻ وارو سھي سھي نيٺ رُڪ جيان سخت ٿي ٻيڻي طاقت سان جواب ڏئي ٿو. بنگالي ته نيٺ الڳ ٿي پنھنجن الڳ طور طريقن سان رھڻ لڳا.اڄ به ھڪ غريب ملڪ ھوندي به بنگلاديش ھر طرح سان ڀرپور ڪوشش ڪري رھيو آھي ته دنيا جي ڊوڙ ۾ صفا پوئتي نه رھي.ان بعد پاڪستان جي خفيه ايجنسين ، اسٽيبلشمينٽ ۽ عسڪري قيادت جنھن جا بنياد ئي پنجاب جا آھن، انھن پنجاب کي وڏو ڀاءُ بڻائي سڀ ئي انھي جي جھولي ۾ وجھڻ شروع ڪيو ۽ پوء مفاد پرستي جي آڙ ۾ مسلمانن جو مسلمانن سان ئي نا انصافين جو ھڪ وڏو سلسلو شروع ٿيو.جنھن جٿي انصاف لاء آواز پئي کنئي ان کي اتي دٻايو پئي ويو.خيبرپختوانخواھ ۾ جٿي افغاني آڻي وري موڪلڻ تي دل ئي نٿي چون ۽ انھن افغاني پٺاڻن کي ترسائي نه صرف نشي آور شيون گھرائي ملڪ اندر آنديون ويون، پر اڄ انھي ماضي جي ڪيل غلط فيصلن سبب ملڪ دھشتگردي جو ڳڙھ بڻيو پيو آھي نه صرف ايترو پر ڪيترن کي سنڌ ۾ پناھ ڏئي اتان جي وسيلن تي انھن کي قابض ڪيو ويو آھي . سنڌ جي حصي مان پاڻي جي چوري، وفاق ۾ گھٽ نمائندگي، سنڌ ۽ بلوچستان سان اڻ برابري واري سلوڪ جي ھاڻ اچي انتھا ٿي آھي.با اختيار ڌريون انھي تي اعتراض واراين ٿيون ته آخر ڇو سنڌو ديش جو ۽ بلوچستان جي عليحدگي جو خيال ڪنھن جي ذھن ۾ آيو؟
بلوچستان جي سماج سڌارڪ بچا خان جي عدم تشدد بابت فلاسفي موجب “ طاقت ۽ آرمي ، ڏاڍائي ۽ تشدد جو ھڪ روپ آھي.پر اھو سڀ ھٿيار ذريعي ڦھلجي ٿو ۽ تشدد جو ھٿيار بندوق آھي.ڪجھ ماڻھو ائين سمجھن ٿا ته زيادتي ڪرڻ پنھنجي سيلف ڊفينس لاء ضروري آھي پر انھن کي احساس ناھي ته انھي سان ئي پوء عدم تشدد جو دروازو کلي ٿو. حقيقت اھا آھي ته جٿي نا انصافي ٿيندي آواز ته لازمي گونجندا.بلوچ قوم سان ناانصافي ڪو ھاڻوڪي ڪونھي، پر جئين جو پاڪستان دنيا جي نقشي تي نروار ٿيو ته عسڪري قيادت طرفان پنجاب کي وڏو ڀاءُ تسليم ڪرڻ لاء زور وڌو ويو.وڏي ڀاءُ جو نالو ڏئي ڪري پنجاب کي ھر ھڪ محاذ تي اڳيان آڻي بيھاري اتان جي نمائندگي ڪئي پئي وئي.پر اھا حقيقت آھي سڀ کان پھرين پاڪستان جي ٺھراء لاء بل پاس ڪندڙ سنڌ صوبو آھي . سنڌ سان گڏوگڏ بلوچستان جي ھر سطح تي نمائندگي گھٽائي پئي وئي. بجيٽ جو گھربل حصو ھجي، وفاقي ادارن ۾ نوڪريون ھجن، ترقياتي ڪم ھجن، توڙي فلاحي ڪم، بلوچ قوم کي ھڪ منظم سازش تحت پويان ڌڪيو پئي ويو.ھئينر به پاڪستان چائنه راھداري منصوبو پڻ سڌو سنئون پنجاب کي فائدو ڏيڻ لاء شروع ڪيو پيو وڃي ، جنھن ڪري ٻين صوبن سان نا انصافي سبب انھن جو صوبائي حڪومتون ڪو تعاون ڪرڻ لاء تيار ناھن . سنڌ ۽ بلوچستان جون قومپرست جماعتون ان خلاف احتجاج پڻ ڪري رھيون آھن ۽ انھي منصوبي کي روڪڻ جو پُر زور مطالبو ڪري رھيون آھن.
بلوچستان جي قومپرستن ۾ علائقائي ۽ صوبائي سطح تي نا انصافيون ۽ ظلم ڏسي چڻنگ اٿي پئي، جنھن ڪري ھو پنھنجي بقا ۽ حقن جي حاصلات لاء آواز بلند ڪندا رھيا پر دانھن ٻڌڻ بجاء پوئتي ڌڪو ڏنو پئي ويو . نيٺ مظلوم ظلم به ڪيترو سھندو؟نتيجي ۾ بلوچستان ۾ آزادي جي تحريڪ جي چڻنگ ٻري باھ جو روپ ڌاريو جنھن کي جئين دٻايو پئي ويو تئين ڀڙڪا کائي اڳيان پئي آئي . رياستي ادارن اھو سڀ دٻائڻ لاء بلوچن جي اھم اشوز کي لڪائڻ جي سازش ڪئي.ڪيتري ئي وقت کان بلوچستان طرفان صرف مند پسند خبرون ئي ملڪي ميڊيا ھلائي ٿو.انھن جا احتجاج توڙي مطالبا عام ماڻھو کان ڳجھيا رکيا ويندا آھن.ذميوار صحافين ۽ سماجي ورڪرن ۽ سياسي ڪارڪنن جٿي جٿي بلوچن جي محرومين جو ذڪر ڪري اھو موضوع ڇيڙيو انھن کي اتي ئي بندوق جي زور تي چپ ڪرايو ويو.اھو مطلب کڻي ڪڍجي تي بلوچستان مخالف قوتون بلوچن جي تحريڪ کان ايترو ته خوفزده ٿي ويون جو ھاڻي انھن کي سڌو مارڻ کانسواء ڪو چارو ڄڻ بچيو ئي نه ھجي.جيڪي به بلوچ اڳواڻ ۽ سياسي سرگرم ڪارڪن اڳيان اچي ڪجھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، انھن کي ايجنسين جا نامعلوم افراد اغوا ڪري گُم ڪريو ڇڏين.ھو ڪھڙن ٽارچر سيلن ۾ انھن کي رکن ٿا؟ ڪيتريون جسماني اذيتون ڏئي تڙپائين ٿا؟ اھو ڪنھن جي اندازي ۾ ڪونھي.گمشدگي جي لسٽ ۾ رھي رھي اھي نالا تڏھن انھي لسٽ مان خارج ٿيو وڃن ، جڏھن انھن جا تشدد شده لاش بر آمد ٿين ٿا ، جيڪي ڀيانڪ تشدد بابت ظاھر ڪري رھيا ھوندا آھن ۽ انھن جي دردناڪ موت ذريعي اھو پيغام ڏنو وڃي ٿو ته ڪو به سياسي ڪارڪن اڳيان وڌيو ته ان جو انجام به اھڙو ئي ٿيندو.نا صرف ايترو پر عورتن سان ريپ، توڙي شاگردن کي کنڀڻ، جديد طرز جي ٺھيل تعليمي مرڪزن کي ڊاھڻ، انھن جي عالمي ڪميونٽي تائين رسائي کي ھر حال ۾ روڪڻ جي ڪوشش به ڪئي وڃي ٿي.حقن جي حاصلات ۽ بربريت کي روڪڻ لاء بلوچ قوم بلوچن جي تنظيم وائس آف مسنگ پرسنز (Voice of Missing Baloch persons) ھيٺ پنھنجو آواز بلند ڪرڻ ۾ رڌل آھي، جنھن کي دٻائڻ جي ھر طرح ھر سطح تي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.انھي تنظيم جي چيئر پرسن نصر الله بلوچ موجب صرف 463 بلوچن کي سال 2015ع ۾ جبري طور گم ڪيو ويو ، انھن مان 157 ماڻھن جا چچريل لاش صوبي اندر مختلف جڳھن تي ڦٽي ڪيا ويا.2014ع ۾ نصر الله بلوچ موجب 455 چچريل لاش بلوچن ڏي اماڻيا ويا.اھا کلي ظلم جي انتھا آھي پر انھن دردن جي درمان لاء رياستي ادارا چپ جو روزو رکيو ويٺا آھن.جئين ته سال 2013ع ۾ تقريبن 500 کان مٿي ماڻھو گُم ڪيا ويا.انھن جي تحريڪ ھلائڻ لاء بلوچن جي گمشدگي بابت تحريڪ جي اڳواڻ عبدالقدير بلوچ جنھن کي ماما قدير چيو وڃي ٿو ان انٽرنيشنل ڪميونٽي جو ڌيان ڇڪائڻ لاء 2013 ۾ بلوچستان کان اسلام آباد تائين بلوچن جي اڳواڻي ڪندي پيرين پنڌ قافلي سان نڪتو.اٽڪل 2000 ڪلوميٽرن جو ڊگھو سفر طئي ڪندي ماما قدير ھر وک حقن جي گُھر لاء کنئي. ماما قدير جي ان پيدل مارچ ڪافي عالمي تنظيمن ۽ اڳواڻن جو ڌيان پڻ ڇڪايو.ماما قدير پاڻ انھي ظلم جو ستايل ھيو ڇوته 2009ع ۾ ان جي جوان پٽ جليل ريڪي بلوچ کي گھر جي دروازي تان کنڀيو ويو ۽ ان جو لاش چيچري 2012ع ۾ موڪليو ويو. ماما قدير ان ڏس ۾ جان جو جوکم کڻي ڪيترائي قدم کنيا ، جنھن ۾ جڏھن ھو مارچ 2015ع ۾ نيورياڪ ۾ انساني حقن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاء پئي ويو ته اتي ان کي ڪراچي ۾ جناح ايئرپوٽ وٽ روڪيو ويو.9 اپريل 2015ع تي ماما قدير لاھور مئينجمينٽ يونيورسٽي سائنسز طرفان ھڪ ايونٽ رکرايو ھيو جيڪو آخري وقت ۾ حڪومتي ڌر پاران ملتوي انھي ڪري ڪرايو ڪرايو ويو ته ان ۾ بلوچن جي حقن جي لتاڙ بابت بحث ٿيڻي ھئي.ماما قدير موجب 21 ھزار بلوچ گم ٿيل آھن ۽ 6000 اسان لاشون وصول ڪيون آھن.ان اھو به چيو ته آخر سڀ سياسي پارٽيون ايڏي ظلم تي خاموش ڇو آھن؟
جڏھن ۽ جٿي بلوچن جي حقن لاء آواز اٿاري پئي وئي اتي انھن ئي خفيه ايجنسين دخل اندازي ڪري روڪي ڇڏيو.سماج سڌارڪ، انساني حقن لاء جاکوڙيندڙ ۽ صحافي سبين محمود جڏھن ڪراچي ۾ پنھنجي ڪيفي T2F تي بلوچن جي لاء آواز اٿارڻ پئي چاھيو جنھن ۾ ماما قدير ، مير محمد ٽالپر، فرزانه بلوچ ، ڪالم نگار وسعت الله خان شرڪت ڪرڻ وارا ھئا.جنھن ۾ پھرين بلوچستان ۽ بلوچن سان ٿيل ظلم بابت ڊاڪيومينٽري ھلائي وڃي ھا بعد ۾ فون ڪالز تي معلومات ورتي وڃي ھا، پر انھي ڏينھن 24 اپريل 2015ع تي ھو جڏھن پروگرام ۾ شرڪت لاء آئي پئي ته منزل تي پھچڻ کان اڳ رستي تي گوليون ھڻي ان کي ھميشه لاء خاموش ڪيو ويو. جنھن سببان اھو پروگرام جيڪو گھڻين بااثر ڌرين جو ڌيان ڇڪائي ھا اھو ٿيڻ کان رھجي ويو.
بلوچ اسٽوڊنٽ تنظيم (آزاد) جي چئيرپرسن ڪريما بلوچ پڻ ڊسمبر 2015 ۾ ڪئينڊا ۾ احتجاجي مارچ ڪيو ، جنھن ۾ ان ايمنسٽي انٽرنيشنل اقوام متحده جو ڌيان ڇڪايو احتجاج کي خطاب ڪندي چوڻ لڳي، اسان جا نوجوان روز جبري طور کنيا وڃن ٿا، بنا ڪنھن جرم جي ۽ الزام جي ۽ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي. اتي ڪريما بلوچ پاران انساني حقن جي تنظيم جي بلوچستان بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي جنھن جي انگ اکرن موجب 20 ھزار نوجوان توڙي پوڙھا گم ڪيا ويا آھن ۽ 2 ھزار لاشون وصول ڪيو ويون آھن.اھو به چيائين ته 2014ع ۾ اسٽوڊنٽ تنظيم جو چيئرپرسن زاھد بلوچ پڻ لاپتا ڪيو ويو آھي م ان وقت ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ترجمان ايلزبيٿ ھنٽر انھي واقعي تي گھري ڏک جو اظھار پڻ ڪيو ۽ اميد ڏيکاريندي چيائين ته اسان ھر فورم تي اھو مسئلو کڻنداسين ۽ گم ٿيلن جي واپسي لاء آواز بلند ڪنداسين ۽ چيائن عالمي قانون موجب ھر ھڪ فرد کي مڪمل حق آھي، اھو آزاد ۽ سٺي زندگي گزاري ۽ انھيء کان بنيادي حق کسڻ جو ڪير به حق نٿو رکي.
ڏکڻ آفريڪا جي انقلابي اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي چواڻي موجب “ جيستائين اوھان انسانن جي حقن کان انڪار ڪندا رھندو اوترو ئي انسانيت اوھانکي چئيلنج ڪندي رھندي“.
انھيء طرح سان ڪوششن باوجود به بلوچن جي گمشدگي جو ڳنڀر مسئلو ڪنھن لوڙھي ۾ ڦاتل ڪچي ڌاڳي جيان وڌيڪ وڪڙجندو ۽ ڳرندو پيو وڃي.
انھي مسئلي جي حل لاء سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وفاق جو پڻ ڌيان ڇڪايو پر اتان به انصاف اڃا اڻلڀ آھي.
ان جي پھرين ٻڌڻي جون 2015ع تي ٿي پر ان سان انصاف نه ملي سگھيو.
نيشنل ايڪشن پلان جي شروعات بعد حڪومت پڻ اعتراف ڪيو ته ان ڏوھ ۾ ملوث 9000 ماڻھو گرفتار ڪيا آھن، پر اھي سرعام ڪڏھن پيش ئي نه ٿيا.پاڪستان پروٽيڪشن ايڪٽ تحت حڪومت جوابده آھي ته ھو گم ٿيل بلوچن بابت انھن جي خاندانن سان رابطو ڪري انھن تائين رسائي رکي ۽ اغوا ٿيلن جي باري ۾ ڄاڻ ونڊي ، پر ان تي 10 سيڪڙو به عمل نه ٿيو.تازو ئي سماجي ۽ فلاحي ڪم ڪندڙ بلوچن جي سياسي سرگرم ڪارڪن واحد بلوچ کي ڪراچي مان 26 آگسٽ تي کنڀيو ويو آھي.ڪنھن کنڀيو ؟ ڇو کنڀيو ؟ ڪيس داخل ٿيو يا نه اھو سڀ سواليه نشان بڻيل آھي.گم ٿيلن ۾ ھي اضافي نالو شامل ٿي ويو جنھن جي باري ۾ ڪا اطلاع منظر عام تي ناھي آندي. حيرت ۾ َوجھندڙ اھا ڳالھ ته پاڪستان جي اليڪٽرانڪ پرنٽ ميڊيا ۽ آزاد صحافت جا دعويدار صحافي اھڙي ته انھن ايجنسين اڳيان يرغمال آھي ، جو بلوچن ۽ بلوچستان جي مسئلي کي ڪا تر جيتري به ڪوريج ڏيڻ کان ائين خوفزده ٿيندا آھن ، ڄڻ زھريلن نانگن جي ٻر ۾ ھٿ وجھي وير رکندا ھجن.آزاد صحافت جي اخلاقن ۽ اصولن کي لتاڙيندي اڄوڪا صحافي انھي مسئلي کي پري کان کڻڻ ۾ ۽ ذڪر ۾ ئي آڻڻ کان ڊڄن ٿا.جئين ته انھي مسئلي بابت جيو ٽي وي جي صحافي ولي خان بابر انھي مسئلي تي ڪتاب لکي پئي ته مارجي ويو . نامور صحافي حامد مير انھي بابت پروگرام ڪيو ته انھي کي مارچ 2015ع تي نشانو بنايو ويو جيڪو خوشقسمتي سان بچي ويو ۽ پوء آئي ايس پي آر جي ترجمان ھڪ مذمتي بيان سان گڏ اھو پڻ چيو ته حامد مير جيڪي الزام آئي ايس آئي تي لڳايا آھن ان جي سخت مخالفت ڪريون ٿا ھن کي ائين نه ڪرڻ گھرجي ھا ، تفتيش ڪندڙ صحافي عمر چيما کي سچ ڳالھائڻ جي ڏوھ ۾ 2010ع ۾ ايجنسين پاران اغوا ڪري ان سان غير انساني سلوڪ ڪيو ويو. بلوچن کي ڪچلڻ جي سازش ايڏي ته وسيع آھي جو جٿي جيڪو به ذرو آواز اڀري ٿو ان کي اتي ئي دٻائي ھميشه لاء بند ڪيو وڃي ٿو.ھاڻي ته بلوچن انھي آواز کي عالمي سطح تي اٿارڻ لاء ويب سائيٽس پڻ ٺاھيون آھن.جنھن بابت انھن جي کنيل قدمن ۽ ڪوششن بابت رپورٽون شايع ٿين ٿيون. ان کانسواء اقوام متحده ۽ ٻين انساني حقن واري تنظيمن کي پڻ آگاھ ڪيو وڃي ٿو.ھڪ ٻيو تازو نروار ٿيل پھلو به آھي جيڪو بلوچن ۽ انھن جي مسئلن لاء سوچ ۾ وجھندڙ آھي.پاڪستان جي روايتي حريف ھندوستان جنھن سان ماضي ۾ ڪو سٺو تعالق نه رھيو آھي، ان ڳجھي طريقي بعد ھاڻي سرعام بلوچستان جي حمايت شروع ڪري ڏني آھي.ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي 15 آگسٽ تي لال قلعي۾ کليل ۽ چٽي لفظن ۾ چيل ته پاڪستان بلوچن ۾ انساني حقن خلاف ورزي ڪري پيو ۽ اتي ظلم جي انتھا آھي ۽ نواب اڪبر بگٽي جي پوٽي برھمداغ بگٽي کي سياسي پناھ ڏئي مدد جي دعوت ڏيڻ ۽ ان بعد ڀارت جي اقوام متحده جي مستقل ترجمان ۽ ايمبيسڊر اجيت ڪمار پاران اقوام متحده جي انساني حقن واري ڪائونسل جي فورم تي اھو مسئلو کنيو ويو آھي.چون ٿا ته لڙھندڙ کي ذري جو سھارو به بچائڻ لاء ڪافي ھوندو آھي سو بلوچ اڳواڻ ان جي مڪمل آجيان ڪري رھيا آھن ۽ جلاوطن ٿيل بلوچ اڳواڻ برھمداغ بگٽي پڻ ڀارت کان مدد جو مطالبو ڪري پيو، پر ماضي جي نتيجن بعد ائين لڳي ٿو ته ڀارت صرف پاڪستاني رياست کي ڪمزور ڪرڻ لاء بلوچن کي سھارو ڏئي انھن جي آواز اڳيان کڻي پيو.ڇوته ھڪدم ۾ ڀارت جو ايڏو سڄڻ ٿيڻ پنھنجي مفاد کان ھرگز خالي ناھي.ڀارت جي اھڙن اعلانن بعد پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي باھ ڀڙڪا کائي رھي آھي جيڪا ٻنھي ملڪن ۾ وڌيل اختلافن کي اڃا وڌائي رھي آھي. تجزيه نگار ايندڙ وقت ۾ انھي اختلافن کي وڌنڌي پيا ڏسن ۽ اڙي حملي جي واقعي بعد خدانخواسته وري جنگيون لڳڻ جا آثار ٻڌايا پيا وڃن جنھن سا پاڪستان کي يا ھندوستان کي نه بلڪه سنڌو سنئون ھاڃو انسانن کي رسندو.
انھيء ڏس ۾ پيچدگين ۽ وڏين ننڍين سازشن کي سامھون رکي بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سميت سپريم ڪورٽ کي گھرجي ته سڀ کان پھرين بلوچن جون گمشدگيون روڪرائي ۽ سوين جي تعداد ۾ گم ٿيل بلوچن کي آزاد ڪري.ڇوته انھن آزادي جو علم ائين نه کنيو، بلڪه ظلم جي انتھا بعد ھو اھڙي قدم کڻڻ لاء مجبور ٿيا جيستائين ظلم نه رڪندو تيستائين ڀلا ڪئين مظلوم چپ رھي سگھندو.گم ٿيل بلوچن کي نا زمين ڳھيو آھي نه آسمان طرف ڇڪجي ويا آھن، پر اتي ئي ٺھيل ٽارچر سيلن ۾َ صبح شام اذيتون پيا سھن ، انھن سان غير انساني سلوڪ بند ڪري واپس اماڻيو وڃي.ڇوته انھن جي تشدد شده لاشن تي ڪنھن جھنگ جي جانور نه بلڪه اتي ئي رھندڙ ظالمن ظلم ڪيو آھي.ان بعد انھن جي عورتن ۽ ٻارن کي تنگ ڪري دٻائڻ جي سلسلي کي بند ڪري اجائي مداخلت نه ڪن ۽ اھو ذھن ۾ رکن ته بلوچستان تي پھريون حق ۽ مالڪي اتان جي ڌرتي ڌڻين بلوچن جي آھي جنھن کان ڪو انڪاري نه ٿي سگھندو.۽ بلوچن کان سرعام معافي به گُھري وڃي انھن لاشن جي جيڪي انھن پوين سالن ۾ وصول ڪيا.