Saturday, 23 July 2016

سفرنامي جو شڪوه ڪندڙ يادگيريون...

22/04/2016
#Iran

سفرنامي جو شڪوه ڪندڙ يادگيريون...

جڏھن اسان جو قافلو ايران کان عراق بارڊر تائين سفر لاء نڪتو ته واٽ واٽ تي بس کاڌي پاڻي لاء بيھندي پئي وئي ، اڃا ٻنپھرن جو وقت نه آيو ھو ته ھڪ جڳھ ته بس  ننڍڙي ھوٽل سامھون بيٺي،اسان سڀ واري واري لٿاسين،ھڪ ھوٽل ھيو جنھن ۾ ڪاھوو (ايراني سليماني چانھ) به ملي پئي ۽ آئسڪريم ، بسڪٽ ،چپس وغيره مليا پئي.حالانڪه اسان جي قافلي جا اڪثر ماڻھو ڪاھوو وڏي شوق سان پئيڻ شروع ٿي ويا، پر مونکي نه وڻندو ھو ته پاسو ڪيم.اھو ھوٽل ھڪ ننڍي ڪمري تي مشتمل ھو جنھن ۾ دروزاي کان گھڙڻ سان ئي نظر آيم ته ساڄي پاسي کان گئس اسٽوو پيل ھو ۽ اتي ملازم ڪاھوو ٺاھي رھيا ھئا.اُتي ئي ڀر ۾ اھي حُقا يا شيشا سر عام پيل ھئا ۽ ھي اھو ھنڌ ھو جتي اڪثر ڪري زيارتين جا قافلا رڪي ڪري ساھي پٽيندا آھن ۽ صاف ظاھر آھي زيارتين ۾ صرف مرد نه پر عورتون ۽ ٻار پڻ شامل ھوندا آھن. جنھن وقت اسام موجود ھئاسين ته ھڪ ٻه بسو بيٺل ھيون ۽ جنھن مھل نڪتاسين پئي ته زيارتين جي قافلي جون بسو آيون پئي.ھي ڪو مغربي ملڪ نه ھو، ڪو يھودي ملڪ نه ھو، ھي ڪو ھندو ملڪ نه ھو،ھي اسلامي جھموريه ايران ھو......

اھي حُقا يا شيشا سر عام انھيء ھوٽل تي پيل ڏٺم.حالانڪه عرب ملڪن سميت ايران ۾ به شيشو يا حُقو وڏي شوق سان واپرايو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته ماڻھو شيشو واپرائڻ کي شاھانو انداز سمجھن ٿا ۽ فيشن طور به اپنائڻ ضروري سمجھيو وڃي ٿو.پر حيرت جوڳي حقيقت اھا به آھي ته ايراني عورتون مردن کا ٻيڻي انگ تي شيشو  واپرائڻ  ٿيون،  خاص ڪري خراسان ۽ فارس صوبي ۾ عورتن جو وڏو تعداد حُقي جو عادي آھي، جنھن ۾ 28 سيڪڙو ٽين ايج گرلز آھن.ايران ۾ حُقي جي سر عام واپرائڻ تي پابندي پڻ لڳي پر حُقا بار جي مالڪن جي سخت احتجاج بعد 2012ع ۾ اھا پابندي ھٽائي وئي.

ﺣﻘﻲ ﻳﺎ ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﺗﺒﺎﮬﻴﻦ ۽ ﺑﺮﺑﺎﺩين  بابت ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺍﮬﺎ ڳاﻟﮭﻪ ﺳﺎﻣﮭﻮﻥ ﺁﺋﻲ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ڪﺎﺭﺑﺎﻥ ﻣﻮﻧﻮ ﺁڪﺴﺎﺋﻴڊ ،  ﻧڪﻮٽين، ٽار ۽ ٻين ڳرﻥ ﮄﺍﺗﻦ ﺟﺎ ﺗﺒﺎھي ڦھلائيندڙ ﺍﺛﺮات ﻋﺎﻡ ﺳﮕﺮﻳٽ ﮀڪﻴﻨﺪڙﻥ کان ﻭﮄﻳڪ  ﺷﻴﺸا ﮀڪﻴﻨﺪڙن تي ﭤﻴﻦ ﭤﺎ،ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ
مسلسل نشي جيان واپرائڻ سان ﭰﭱڙﻥ ﺟﻮ ڪﻴﻨﺴﺮ، ﺁنڊﻱ ﺟﻮ ڪﻴﻨﺴﺮ، ﺩﻡ ۽ ھڪڙي ﺋﻲ ﭘﺎﺋﻴﭗ ﮐﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﺎﮢﮭﻮﻥ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺳﺒﺐ ﻭﺍﺕ ﺟﻲ ڪﻴﻨﺴﺮ ﺟﺎ ﺍﻣڪﺎﻥ به ﻭﮄڻ جو خطرو ھجي ٿو. ﺍﮬﺎ ڳاﻟﮭﻪ ﺑﻪ ﺳﺎﻣﮭﻮﻥ ﺁﺋﻲ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ ﺷﻴﺸﻮ ﻧﻮﺟﻮﺍﻧﻦ ۾ ﺗﻮﻟﻴﺪﻱ ﻗﻮﺕ ﮐﻲ ﺑﻪ گھٽائي ٿو.ھڪ رپورٽ مطابق ﮬڪ ﻋﺎﻡ ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﮬڪ ﺩﺅﺭ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻨﺪڙ ﺩﻭﻧﮭﻴﻦ ۾ ﻧڪﻮٽين  ۽ ٽار ﺟﻮ ﺗﻌﺪﺍﺩ 20 ﺳﮕﺮيٽن  ﺟﻲ نقصانڪار آھي ، ﺗﺤﻘﻴﻖ ﺍﮬﻮ ﺑﻪ ﺛﺎﺑﺖ ڪﻴﻮ ﺁﮬﻲ ﺗﻪ 45 منٽن ﮐﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺷﻴﺸﻲ ﻣﻨﺠﮭﺎﻥ ﮬﻮﺍ ﺟﻲ ﮔﺬﺭ ﻭﺍﺭﻭ ﻋﻤﻞ ﻣﺪﻱ ﺧﺎﺭﺝ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﮭﻦ ﺳﺒﺐ ڪﺎﺭﺑﺎﻥ ﻣﻮﻧﻮ ﺁڪﺴﺎﺋﻴڊ، ﭘﻼﺯﻣﺎ ﻧڪﻮٽﻴﻦ ۽ ﺩﻝﺟﻲ ﺭﻓﺘﺎﺭ ۾ ﻭﺍﮄ ﺍﭼﻲ ﻭﭸﻲ ﭤﻲ٬ ﻋﺎﻡ ﻣﺎﮢﮭﻮﻥ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﺷﻴﺸﻮ ﻭﺍﭘﺮﺍﺋﻴﻨﺪڙ ﺟﺎ ﭰﭱڙ 25 ﺳﻴڪڙﻭ ﮔﮭٽ ڪﻢ ڪﻦ ﭤﺎ.
بھرحال ڪو حُقو واپرائي يا ٻيو ڪجھ اھو انھي جو ذاتي عمل آھي، پر اھا ڳالھ به ذھن نشين ڪرڻ گھرجي ته ضرورتمند پاڻھي ئي پنھنجي ضرورت پوري ڪرڻ پويان اچي ھنڌ ڳوليندو ،ضروري ناھي ته کلم کھلا عوامي ھنڌن ۽ عوامي لنگھ جي جاء تي حُقا يا ٻي ڪا نشي آور شيءَ نمائش لاء رکيل ھجي.

ماھم سنڌي

No comments:

Post a Comment