Friday, 22 July 2016

ٻه ته ٻارنھن /ماھم سنڌي /ميرپورخاص

21/07/2016

ٻه ته ٻارنھن /ماھم سنڌي /ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

سنڌي ۾ ٻڌي ۽ ايڪتا جي حوالي سان مشھور چوڻي آھي ته “ ٻه ته ٻارنھن“ جنھن منجھ پاڻ ۾ ٻڌي جو سبق ڏنل آھي.چوڻي موجب جيڪر انسان پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ھڪ ٻي جو ساٿ ڏئي ته ھو پنھنجي منزل ماڻي سگھي ٿو ۽ دشمنن کي پڻ مات ڏئي سگھي ٿو.مثال طور گھر جا ڀاتي پاڻ ۾ ملي ڪري ٻڌي جو مظاھرو ڪن ته اھو گھر ھر ٻاھرين سازش کان پاڪ رھندو ۽ گھر ۾ خوشحالي ھوندي.گھر جا سڀئي ڀاتي خوشي توڙي غمي ۾ ھڪ ٿي ڪري مقابلو ڪندا ته خوشيون ٻيڻيون ۽ غم ونڊجي اڌو اڌ ٿي پوندا. اھا ساڳي ٻڌي جيڪر ڪنھن قوم ۾ اچي وڃي ته انھيء قوم جو روشن مستقبل ٿي وڃي ٿو.قومن ۾  نفاق ۽ بي اتفاقي سببان ئي ملڪن جا ملڪ زوال پذير ٿيو وڃن.پر جٿي ڪا قوم پاڻ ۾ ٻڌي قائم رکي ٿي ته ان جي بھادري دنيا اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسي ٿي.ٻڌي به ھڪ خدا طرفان ڏنل نعمت ئي آھي جنھن جي موجودگي عرش تي پھچايو ڇڏي ۽ جنھن جي عدم موجودگي ائين فرش تي ڪرايو ڇڏي ڄڻ ڪو انڌو پکي ولر کان وڇڙي اونچي اڏام ڪرڻ جي خواھش ۾ وڃي ڪنھن ڊگھي وڻ سان ٽڪرايو ھُجي.

پاڪستان سميت سڄي دنيا جي نظرن جو مرڪز ھنيئر ترڪي بڻيو پيو آھي.جنھن جي بھادر ۽ غيور عوام 15 ۽ 16 جولائي جي وچ واري رات جي انڌيري ۾ جانن جا نظرانا ڏئي  اھڙا ته وار ڪيا جو دشمنن جو ڪنڌ شرم وچان جُھڪي ويو.تُرڪي ۾ عدم استحڪام جو خبرون پھرين ئي گردش ڪري رھيون ھيون ۽ ٻاھرين مداخلت سبب ھي ملڪ خطري جي ھيٺ ڏسڻ ۾ پئي آيو.انھي واقعي کان اڳ 29 جون تي استنبول جي اتاترڪ ايئرپورٽ تي بم حملي سبب 42 ماڻھو مارجي ويا ھئا جنھن ۾ 13 پرڏيھي ھئا ۽ اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا ھئا ،  جنھن سبب ترڪي پريشر ھيٺ ھو.اُھا سازش ته آئي ايس آئي داعش جي چئي پئي وئي ، پر ٻين به اندروني توڙي ٻاھرين سازشي ٽولن جي سازش مڪمل ٿي چڪي ھئي ۽ ھو ھاڻي مناسب موقعي جي تلاش ۾ ھيا.جڏھن ملڪ جي دفاع لاء ٺاھيل فوج رات جو ساڍي يارھن وڳي راڪشس جو روپ وٺي ترڪي جي گادي واري ھنڌ انقره کان چڙھائي ڪئي ته ، ھوند آسپاس جون ڌريون آمريڪا توڙي روس ۽  ٻيا سگھارا ملڪ انھي خوشي ۾ خاموش ٿي ويا ته اجھو ٿي آمريت مصلت ٿئي ۽ فوج جو قبضو ٿو ٿئي.ترڪي ۾ ڪجھ وقت کان وڌيل ڇڪتاڻ انھي واقعي جي خطري جي آگاھي ڏئي رھي ھئي.ترڪي کي وري آمريت ۾ ڌڪو ڏيڻ لاء وڏيون قوتون ڪم رھي ھيون ۽ پاڻ کي ڪاميابي جي ويجھو پئي سمجھيائون.جيئن ته غداري ڪرڻ لاء ظاھري طور اڳيان وڌنڌڙ رڳو فوج جو مخصوص ٽولو ٿيو ھيو ، جنھن انقره کان چڙھائي ڪئي ۽ استبول اتاترڪ ايئرپورٽ ،  پارليامينٽ ھائوس سميت ھر طرف پکڙجڻ لڳي.سرڪاري ٽي وي چينلز تي قبضو ڪري نشريات روڪرائڻ ، ھٿيارن ۽ ٽينڪرن سان گڏ شھر ۾ داخل ٿيڻ ، مٿان وري سازش تحت انٽرنيٽ جي سھولت کي صفا آھسته ڪري ڇڏڻ ، جئين عوام جو ۽ آمريت سان نفعرت ڪندڙن جو رابطو دنيا سان ڪٽيل رھي ۽ ھو اسان جي ڪُڌي ڪم کي دنيا تائين پھچائي نه سگھن.فوجين جو اھو باغي ٽولو مڪمل تياري سان ڪاميابي جا پڪا آسرا کڻي ميدان ۾ لٿو ھو ۽ جنھن طريقي سان اڳتي پئي وڌيو ته ان جي ڪاميابي اڻٽر پئي لڳي.پر ڪجھ فيصلا وقت تي صحيح طريقي سان ڪجن ۽ ٻڌي جو مظاھرو ڪجي ته ان جا اثر صدين تائين رھندا آھن.جئين جو موجوده صدر رجب طبيب اردگان تائين اھي خبرون گردش ڪري پھتيون ته شايد گھڙي کن لاء ھو به ڏچي ۾ پئجي ويو ھجي ته ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي؟پر  عقل جو مھلائتو استمعال ڪندي صدر سڀ کان پھرين پنھنجي بچاءُ ۽ ملڪ کي آمريت کان بچائڻ لاء پھرين وک وري به عوام جي در تي رکي، اھا عوام جنھن سان ويساھ گھاتي سڀ کان پھرين ڪئي وڃي ٿي.اردگان واٽس ايپ ذريعي عوام سان رابطي ۾ آيو ۽ بيان جاري ڪيائين ته عوام روڊن تي اچي،  باغين ۽ غدارن جو مقابلو ڪري.پوء ته بس دير ھئي ڪنھن اشاري جي،  ترڪي جو عوام سڀ بند ٽوڙيندي،  سڀ ليڪا لتاڙيندي ، پنھنجي ۽ پنھنجي ملڪ جي دفاع لاء نڪري پيو.نا ڪا جان جي وڃڻ جي پرواھ ، نا ڪنھن ٻي نقصان جي ڳڻتي ، بس جنون ھو ته اھو ھو ته انھن فوجين کي شڪست ڏئي ناڪام ڪرڻو آھي.ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻ فيڊرل ڪاسترو ڪيڏو نه درست چيو آھي ته “جڏهن قومون وڙهنديون آهن ته هٿن سان ٽينڪون اٿلائي وجهنديون آهن ۽ پٿرن سان جهاز ڪيرائينديون آهن.“ته انھي وانگر ئي ترڪي جي غيور عوام جڏھن روڊن رستن تي آئي ته آرمي لاء گھٽيون ۽ چوراھا تنگ ٿي پيا.جيتوڻڪ ھٿيارن سان رت جي ھولي به کيڏي وئي،  ترڪ عوام جانين جا
نذرانا به ڏنا پر پوئتي نه مُڙي.ماڻھن جا جٿا جٿي ڪٿي فوج سان ھٿئين پئجي ويا ، ڪٿي انھن کي مارڪٽ ڪرڻ لڳا،  ڪٿي ٽينڪرن سامھون ليٽي پيا، ان وقت جنھن کي جئين پئي سمجھ آيو پنھنجي سرزمين کي ڊڪٽيٽرشپ کان محفوظ رکڻ لاء رجھي ويو.ترڪ عوام ڏاھپ جو مظاھرو ڪندي دنيا سان ڳنڍجڻ جي ڪوشش ڪئي ته جئين رات جي راڪشسن جي خبر ڦھلائي سگھن.جيتوڻڪ انٽرنيٽ جي سھولت پڻ معطل ڪرڻ جي سازش ھئي پر جئين تئين ڪري ڳالھ کي ڦھلايو ويو.پرائيوٽ ٽي وي چينلز تان پڻ خبرون نشر ڪرايائين ۽ پوء سرڪاري چئنلز جي دفترن مان آرمي سان وڙھي ان کي نيڪاري،  ان جي نشريات به جاري ڪيائين.اھي منظر ڏسڻ وٽان ھئا ۽ ھر جھموري ۽ آزاد سوچ رکندڙ لاء وڻندڙ ھئا، جڏھن ترڪي  جي عوام فوج کي ناڪام بڻايو ، ته ڪٿي فوجين جي ھٿن ۾ ھٿڪڙيون پئي پارايون ويون،  ڪٿي انھن کي ڌڪا ٿاٻا ڏنا پئي ويا،  ڪٿي اھي بندوق جي نشاني تي ھئا ، مطلب ته نظارا ڏسڻ وٽان ھئا.صبح جو ڇھ وڳي تائين ترڪي جي عوام آمريت جي شڪست جو جشن ملھائڻ لاء روڊن تي ھئي،  جڏھن آمريت عوام ھٿان پنھنجي ئي ڪيل ڪرتوتن عيوض ذليل ٿي رھي ھئي۔ عوام پنھنجي طاقت جو ڀرپور مظاھرو ڪري دنيا سامھون پنھنجي طاقت کي واضح ڪيو جئين ته پاڪستان جي بين الاقوامي ليڊر ذوالفقار ڀٽي چيو ھيو ته “طاقت جو سرچشمو عوام آھي.“، اھا ڳالھ ترڪي جي ماڻھن سرعام ثابت ڪئي.پر عوام جي روڊن تي اچڻ کان اڳ جڏھن فوج چڙھائي ڪئي ته ان رستي تي ايندڙ ويندڙ ۽ پنھنجي ڪمن ڪارن سان ٻاھر نڪتل انجان ۽ بي خبر ماڻھن تي گوليون وسائڻ شروع ڪيون ، جنھن سبب عوام جانين جا نذرانا پڻ وڏي تعداد ۾ ڏنا.پرڏيھي وزارت موجب 290 مارجي ويلن ۾ 100 کان مٿي ماڻھو اھي ھئا جيڪي سازش ۾ شامل ھئا، ۽ ڪل  1500 ماڻھو زخمي ھئا.ﻭﺯﻳﺮﺍﻋﻈﻢ ﺑﻦ ﻋﻠﻲ ﻳﻠﺪﺭﻡ اسيمبلي کي خطاب دوران چيو ته عوام روڊن تي نڪري جشن ملھائي ۽ اھو اسانکي خدا موقعو ڏنو آھي ته جئين فوج ۾ موجود گند ۽ غدارن کي ڪڍي صاف ڪريون.ھن عوام کي مخاطب ٿيندي چيو، اسان تائين اوھانجو واضح پيغام پھچي چڪو آھي.ھن آمريڪي صدر براڪ اوباما کي چتائيندي چيو ته جيڪو به فتح الله گولن سان گڏ آھي ۽ ان کي پناھ ڏيو ويٺو آھي ، اھو اسان جو دشمن آھي ۽ اسان سمجھنداسين اسان سان جنگ ڪري رھيو آھي.جڏھن ته گولن اسان جي حوالي ڪيو وڃي.
جئين ته ان ناڪام بغاوت پويان فتح الله گولن تي الزام ھنيو ويو ۽ چيو ويو آمريڪا  جي مدد سان ھن ڪيو پر ظاھري طور فتح الله ۽ آمريڪا جي وزير خارجه  جان ڪيري بيان ڏيندي ان ڳالھ جي ترديد پڻ ڪئي.پوء نيٺ ظاھر ٿيو ته ترڪ جي اڳوڻي ايئر چيف آڪن ازترڪ ان رٿابندي جي اعتراف ڪيو آھي. ھاڻي مختلف ادارن ۾ آپريشن ڪلين اپ شروع ڪيو ويو آھي،  جنھن اندر بغاوت ۾ ملوث ڪيترائي فوجي اھلڪار ،جج گرفتار ٿيل آھن، 2700 ججن سميت 9 ھزار کان وڌيڪ پوليس اھلڪار، اعلي آفيسر پڻ برطرف ڪيا ويا.20 ھزار جي لڳ ڀڳ گرفتاريون ٿيون ، جنھن ۾ بغاوت ڪندڙ ۽ ان جا حامي شامل آھن.فتح الله گولن جي حامي ٽي وي چئينلز ۽ ريڊيو چئينلن کي بند ڪرڻ جو حڪم ،30 کان مٿي صحافين جا پريس ڪارڊ رد ڪيا ويا آھن ۔صدر پاران اھو به چيو ويو آھي ته جيڪر عوام چاھيندي ته ڦاھين واري قانون کي بحال ڪيو ويندو
.جيتوڻڪ طيب اردگان جو پنھنجو ڪردار شفاف ناھي رھيو ۔ڪرپشن  ،غير ملڪي صحافين سان ناروا سلوڪ ڪرڻ ، پريس تي پابنديون،2011ع ۾ 200 کان وڌيڪ سيڪيلور صحافين ۽ فوجين تي مقدمو دائر ڪرٹ ، 2013ع ۾ غازي پارڪ استنبول ۾ َجڏھن عوامي طاقت ان جي خلاف مظاھر ڪيو ته  انھن کي ڪچلڻ لاء فوج استمعال پڻ ڪئي. 2002ع ۾ وزيراعظم بڻجندڙ اردگان 2014 ۾  ملڪ جو پھريان منتخب صدر بڻيو.
ترڪي جي عوام نه صرف صدر  طيب اردگان کي بچائڻ لاء ٻاھر نڪتي ھئي پر ھو جمھوريت کي وڌائڻ لاء روڊن جو رخ ڪيو ۔پر اھا پڻ حقيقت آھي ته اتان جي عوام کي پنھنجي قيادت تي مڪمل اعتماد ھيو ، جنھن ڪري ھو ان جي ھڪ سڏ تي نڪري پيا۔ جيتوڻڪ ان کان اڳ چار فوجي بغاوتون ڪامياب پڻ ويون آھن، پر ھن ڀيري ترڪي جي فوج کي سٺو سبق مليو آھي.حالانڪه ترڪي ۾ اڃا به انھي ڳالھ جو خطرو تا حال موجود آھي ،گڏوگڏ ملڪ کي استحڪام جي پڻ ضرورت آھي، ملڪ جو خانه جنگي طرف وڃڻ جو به خطرو آھي.ترڪي کي صحيح رستي تي ھلائي عوام جي امنگن تي پورو لھڻ واقعي به ھڪ امتحان آھي.پر عوام جھڙي طريقي سان پنھنجي ملڪ جي بقا لاء ٻاھر نڪري پئي ،ان ۾ اھا جس لھڻي.جئين جو اھو واقعو ٿيو آھي ته ھر طرف اھو تبصرو آھي ته پاڪستان ۽ ان جي عوام کي ڪھڙو سبق مليو؟سنئون سڌو جواب ته اھو ٿيندو ته پاڪستان ايترو ته ترقي پذير ۽ ايڊوانس آھي جو ڪجھ سکڻ جي موڊ ۾ لڳي ئي نٿو.اتي جي فوجي ناڪامي ھتي جي ماڻھن کي افسرده ڪري ڇڏيو آھي.ھتان جا سياسي اڳواڻ ته وڏي جوش خروش سان دعوتون ڏئي رھيا آھن ته ڪو آرمي اچي ۽ وري ڪارو دور شروع ٿئي.پوين مارشل لاء ۽ فوجي ڊڪٽيٽرشپ کان متاثر ماڻھو اڄ به پنھنجو موقف واضح پيا رکن.پي ٽي آء سربراھ تہ  صاف لفظن ۾ نيت پڌري ڪئي ته فوج اچي ته عوام مٺائيون ورھائي ناچ ڪندي ۽ ھو پھرين به ان ڳالھ جو خواھشمند رھيو آھي.2014ع ۾ لڳل ڌرڻي ۾ صاف چوندو ھو ته ايمپائر جي آڱر اڳيان ٿيندي ۽ ھن پارليامينٽ ھائوس طرف وڌي ڪري پورو موقعو ٺاھيو ھيو ، پر لڳي پيو تڏھن جناب چيف آرمي جو اچڻ جو موڊ نه ھو.حالانڪه گاڏو انھي جي ھٿ ۾ آھي ، پر کلي طرح ھو نه اچي ڪري چاھي پيو ته فوج تي لڳل سڀ داغ ڌوپجي وڃن ، جيڪو منھنجي نظر ۾ ممڪن ڪونھي.فوج جي دور جيڪي ملڪ تي راتاھا ھنيا،  تنھن سببان ئي ملڪ پوئتي پيل آھي.اسان جي ڪجھ سياسي ليڊرن جو نيڪ خواھشون ھميشه آرمي سان رھيون آھن.عوام جو پنھنجي قيادت تي اڻپورو اعتماد ئي ان کي روڪي ٿو ۽ نتيجي ۾ جڏھن فوج اچي ٿي ته ڪجھ ڌريون ٺري پون ٿيون.جيڪر سياسي اڳواڻ سچا ۽ ايماندار ٿي پون ته پوء ھو به ڏسن ته ھتان جي عوام ۾ به اوتري ٻڌي اچي سگھي ٿي.پر سياسي سکيا ئي رڳو فرقيواريت جي بنياد تي ملي ٿي ۽ پوء ھر ڪو انفرادي مفاد تائين محدود لڳو پيو آھي.ھڪ ئي قومي مفاد ۽ فيصلي تي ھر ڪو ڌڙا ڌڙا ٿي ڪري پنھنجي مفاد پويان ڊوڙڻ کي ئي بھتر سمجھي ٿو.

No comments:

Post a Comment