Thursday, 21 July 2016

سفرنامي جون شڪوه ڪندڙ يادگيريون...

#Iran
Some complaints to Irani Womens


سفرنامي جون شڪوه ڪندڙ يادگيريون...

ايراني عورتن کان شڪايتون...

جئين ته مونکي ننڍپڻ کان اھا سکيا مليل آھي ته نماز پڙھڻ وارو مصلو ھجي، تسبيح يا نماز واري مُھر ان جي عظمت  ۽ احترام رکڻ ضروري آھي.مان تسبيح ۽ نماز مھر کي ھميشه چمي پوء رکندي آھيان ۽ چمي پوء کڻندس.خدا نخواسته جيڪر ھٿ مان ڪري پيا ته ڪافي برو محسوس پيو ٿيندو، جلد ئي استغفرالله پڙھي ڇڏيندس.نماز پڙھڻ دوران مصلو صاف شفاف جاء تي رکندس ۽ چپل يا ٻي ڪا شيءَ ھوندي ته ڪافي پري ڪري رکبي.امامن سان نسبت ڏنل علم پاڪ ھجي ، تابوت يا جھولو ان جي زيارت ۽ احترام پنھنجي مٿان ضروري ٿي سمجھان.

ھڪ ڇوڪِري طور مون ظاھر آھي ايراني عورتن ۽ انھن جي طور طريقن کي گھڻو پرکيو ۽ ڏٺو به.ايران جو عورتون ڏسڻ ۾ مھذب ۽ صاف صفائي واريون ھيون، ان سان گڏوگڏ سر تان چادر ته ھٽندي نه ھين .پر جئين جو سڀ کان پھرين شھر قم ۾ رھڻ دوران مون نماز حرم ۾ پئي پڙھي ۽ جيترو وقت ملندو ھيم اتي ئي گزاريندي ھيم.اتي ڇا ته ڏسان انھي نماز مھر ۽ تسيبح جي اھميت بنھ گھٽ ھئي.انھن مٿان پير  اچي وڃڻ ، انھن مٿان گزري وڃڻ، ٻارن کي رانديڪي وانگر ھٿ ۾ ڏئي ڇڏڻ ، انھن جي لاء عام فھم جي ڳالھ ھئي.جنھن کي جٿان سٺو پئي لڳو گزرندي پئي وئي.اھو تڪ نوٽ نه ڪيس ته سامھون ڪا عورت حالت نماز ۾ آھي، ان سامھون ھروڀرو گزرڻ صحيح ڪونھي.حالانڪه اھو مان به سمجھان پئي ته انفرادي طور نماز پڙھڻ ۽ ايڏي وڏي روضي ۾ جٿي لاتعداد عورتون موجود ھيون، وڏو فرق ھو.مان ھڪڙي گھر ۾ جيڪا شيء آھستي آھستي کڻي سنڀالي پئي رکندس اھا ايڏي رش واري جاء ۾  انھي سليقي سان رکڻ ۽ کڻڻ ممڪن ڪونھي.پر تعجب تڏھن ٿيم جڏھن بنا ضرورت جي به پاڻمرادو اھو عمل ڪيو پئي ويو.ايراني عورتن کي پنھنجي جوتن سان ته ايڏو لڳاءُ  ھيو جو  ڪافي عورتون حرم اندر انٽري دوران اھا چپل پلاسٽڪ جي شاپر ۾ وجھي پوء داخل ٿينديون ھيون، حالانڪه جُتيون امانت واري جڳھ تي جمع ڪرائڻ سان چوري جو ڪو پري پري تائين ڊپ نه ھو ۽ امانت طور رکڻ ۾ ڪو ھڪ يا ٻه ايراني ريال ته نه لڳندو ھو ، بلڪه مفت ھو پوء به الاھي ڇو؟
اکين ڏٺا نظارا شئير ڪيان ته ڪافي عورتون نماز پڙھڻ دوران ھڪ جڳھ تي نماز واري مھر رکي ان جي بلڪل برابر ۾ اھا جوتين واري ٿيلھي رکنديون ھيون ۽ ڌڙا ڌڙ سجدا ڏيندي يقينن چونديون ھونديون سبحان اعلي ربي وبحمده...

نماز ، جنھن وسيلي اسان سڌو خدا سان مخاطب ٿيون ٿا ته اسان کي رويو ۽ افعال به ته اھڙا پاڪ ۽ سٺا رکڻ گھرجن.دل ۾ ته خراب خيال اچيو ئي وڃن پر ظاھري ته ائين ڪرڻ کان پاسو ڪجي ته ئي بھتر آھي.

جيئن ته مشھد ۾ امام رضا عليه السلام ۽  قم ۾ بيبي فاطمه بنت امام موسي ڪاظم عليه السلام جي ذريع  مقدس ۾ رش دوران مسي مسي وڃي زيارت نصيب ٿيندي ھئي ، ذريع سان لڳو لڳ گھڻي وقت تائين با آساني سان بيھي نه سگھبو ھو.پر اکين ڏٺا احوال ھي به آھن ته قم ۾ زير زمين ھڪ ذريع آھي جيڪا چئي پئي وئي ته بيبي معصومه جي ئي آھي.اتي لفٽ ذريعي گرائونڊ فلور کان ھيٺ واري فلور تي ويس ته ذريع موجود ھئي ۽ مرد توڙي عورتون موجود ھيون ليڪن رش صفا ھئي ئي ڪونه.پنھنجي مرضي سان جيتري دير ذريع سان لڳو لڳ ويھو يا بيھو اوھانجي مرضي.اتي ڏٺم ته  ڪجھ ايراني عورتون آيون پئي ته سندن جوتن واري ٿيلھي ھٿ ۾ ھئي ۽ جئين  جو زيارت لاء ٻئي ھٿ  کڻي ذريع کي لڳائي چمڻ لڳن تي انھن جي ھٿ سان لٽڪيل ٿيلھي ذريع کي پئي ڇھيو  مون لاء جيڪو ناقابل قبول ھو. مونکي مڪمل طور فارسي زبان اچي ھا ته اھڙي حالت ڏسي ضرور  تنبيھ ڪندي ڪجھ چوان ھا ، پر سوچيم انھن سامھون انگريزي يا سنڌي ڳالھائڻ معنٰي ڀت ۾ مٿو ھڻڻ ۽ مون ڪونه پئي چاھيو پرديس ۾ پاڻکي زخمي ڪري وجھان.
اھي حالتون اتي دنگ نه ھيون آسپاس ۾ موجود زيارتيون ڪرڻ وياسين ته اتي رش نه ھئي ،ته اتي به اھا حالت ڏٺم، سوچيم وڃ ڙي ايرانڙيون اوھانجو مقدس چپلون، جو ٻه منٽ لاء رکڻ به نٿيون چاھيو.ايڏين وڏين مقدس جاين تي ھوندي به جوتي کي اھميت ڏئي ساڻ ٿا رکو.ڪٿي ڪٿي اھو سڀ عراق ۾ به نظر آيم پر تمام گھٽ،ڇوته امامن جي روضي جي انٽري دوران چيڪنگ  خطري جي سبب انتھائي سخت ھئي، جنھن ڪري چاھيندي به اھو سڀ ممڪن ھيو ئي ڪونه.
مان ته بي سمجھ ۽ پھرين دفعي آيل پرديسڻ ، پر اوھان کي ته مڪمل واقفيت ھئڻ گھرجي ته زيارت جي معنٰي ، مفھوم ۽ فضيلت ڇا آھي؟

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment