15/07/2016
Short True story " Lipstick" written by Maham sindhi.
ڪھاڻي / سُرخي / ماھم سنڌي
سونھن جي اصل وجود ته سادگي مان ئي
جنم ورتو آھي پر اسان وٽ توڙي اسان کان اوائلي دور ۾ پاڻ کي ٺاھڻ ۽ ميڪ اپ ڪرڻ جي روايت گھڻ رُخي بنيادن تي موجود آھي.جيڪر اسان مذھب جي نظر سان ڏسون ته سنت ۾ به پڻ اھا ڳالھ موجود آھي ته پاڻ کي ٺاھي ھلڻ ۾ ڪو عيب ڪونھي.اگر اسين عقل وفھم جو استمعال ڪيون ته به اھو نتيجو نڪرندو ته پاڻ کي ۽ پنھنجي صورت کي ٺاھڻ ۾ ڪو مھڻو آھي ئي ڪونه.قدرت واري انسان جي فطرت ۾ پاڻ کي ٺاھي ھلڻ جي خواھش ۽ جستجو ته ھڪ ضرورت جيان رکي آھي پر اھو گھڻو چيو ٿو وڃي ته خاص ڪري عورتن جي جنس ۾ ميڪ اپ ڪرڻ جي وڌيڪ عادت ھوندي آھي.باقي اڄڪلھ جي حقيقت کي جيڪڏھن مڃڻ جي سگھ ڌاريون ته نظرن اڳيان ائين وائکي آھي جئين ڪو صاف شيشو.نوجوان عورتن وانگيان يا ان کان به اڳتي نڪتل نوجوان ڇوڪرا ھر وقت پنھنجي پاڻ ٺاھڻ ۾ ائين مصروف ھوندا آھن جئين ڪو امتحان اچي سر تي بيٺا ھجن ۽ انھن جا نقل لاء ٺاھيل نوٽس نامڪمل ھجن.
سو مان به انھي ڳالھين کي پاڻ مٿان وقت اچڻ سان گڏ فرض سمجھڻ لڳي ھيس.شايد وقت جي لڪير به گوگل ميپس جي ايپليڪيشن جيان گزرندڙ عمر جي گُھرجن جي مڪمل طريقي سان رھنمائي پڻ ڪري رھي ھئي ته اسان ڪھڙي موڙ تي ڪڏھن پھتا آھيون ، اسان کي ٻالڪپڻ ۾ ڪئين رھڻو آھي؟ جواني ۾ ڪئين رھڻ گھرجي؟
مون گھر ۾ ته ڪم ڪار سبب ڪڏھن اجائي ميڪ اپ کي ڇھيو به نه ھو ۽ وقت جي ڪمي سبب سڄو ڏينھن آئينو اکين آڏو رکڻ به ممڪن نه ھيم پر ٻاھر نڪرڻ وقت دل ضرور اھو چاھيندي ھئي ته ھڪ دفعو آئينو ڏسي پنھنجو ئي ديدار ڪري وٺجي ۽ شڪل ٺاھي پوء وڃجي ، جئين بورچيخاني مان ڪو ڪارو ٽڪو منھن تي نه ھجي.اھا نا صرف مون اڪيلي جي بلڪه عورتاڻي فطرت جي اھم صنف آھي جنھن کان ڪابه عورت انڪاري چاھيندي به ٿي نه ٿي سگھي.
ڳالھ جو رخ صحيح طرف موڙان ، سو ھر ڪنھن جي زندگي ۾ بھاري جي موسم لازمي اچي ٿي جيڪا آبھوائي ۽ ماحولياتي موسم کان الڳ ۽ دلي ڪيفيتن تي مشتمل ھجي ٿي.انھي موسم جو دارومدار اوھانجي گھر ۾ موجود ٽيمپريچر کان الڳ ھجي ٿو۔
ھونئن به جھڙي طرح خوشي جي ڪا موسم ناھي ھوندي اھڙي طرح دلين جي ڏي وٺ جو به ڪو ٽائيم مقرر ڪونھي.سچ پچ ته زندگي ان باغ مثل ئي آھي جنھن ۾ پيار جا گلابي گل فقط ھڪ دفعا ئي ڦٽي خوشبو وکيري باقي بچيل زندگي کي معطر ڪن ٿا.زندگي جي باغ ۾ انھي خاص خوشبو ۽ گل جي ضرورت ھر ڪنھن کي ھجي ٿي پر ڪٿي ڪجھ جذبا پاڻمرادو لڪايا وڃن ٿا ۽ ڪجھ دنياوي ڪڙي حقيقتن آڏو ظاھر ڪرڻ جي ڊپ وچان سيني اندر سمائڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي.ٿيڻ به ائين ئي گھرجي جنھن دنيا ۾ انمول شين ۽ رشتن جا سستا اگھ لڳايا وڃن انھن کي دنياوي بازار کان خفيا رکڻ ئي سمجھ جي تقاضا آھي.
جيئن ئي مان زندگي جي سفر ۾ وکون وڌائيندي اڳتي ھلڻ لڳيس اڃا مس ئي ڪجھ لاشعوري ۾ شعور پُر ٿيڻ لڳو ھو، جڏھن دنيا جي ٿوري ٿوري پرک ٿيڻ لڳي ھيم ،جڏھن اڃا چوڏس ڪو خيالي ڪردار سايي وانگر ھلڻ نه لڳو ھو ، ته مونکي گمان به نه ھو ته منھنجي طبيعت به رومانوي ڪردارن طرف چقمقي ڇڪ کائيندي ۽ مان اھو جذبو محسوس ڪرڻ لڳندس جيڪو خوشنصيبي جي علامت سمجھيو وڃي ٿو.چوندا آھن ٿيندو اھو آھي جيڪو خدا کي منظور ھوندو آھي ، سو ٿيو به ائين جيڪو رب پاڪ جي عظيم ذات چاھيو. ھڪ ڊرامائي انداز ۾ ڪڙي ڪڙي سان ملندي آئي ، مون ۾ ان پيار ۽ محبت جي پاڪ جذبي جو جنم ٿيو.دل ۽ دماغ ٻنھي جي مڪمل رضامندي ۽ روحاني راضپي سان آخر ان خوبصورت ۽ راحت ڏيندڙ وڪڙ ۾ وڪڙجي ويس.اھا ته ھڪ وڏي داستان آھي جيڪا لفظي طور بيان ڪرڻ ۾ وقت لڳي وڃي ، ھونئن به چوندا آھن ھر شخص پنھنجي اندر ھڪ ڪھاڻي سمائي ھلي پيو.
رب پاڪ جي پاڪ ذات ڇا چاھي ٿي؟ ڇا ڪري ٿي؟ انھي کي سمجھڻ جي سمجھ انساني دماغ جي سمجھڻ جي ڳالھ ئي ناھي. ٿيو ائين جو گرمي جي موسم سبب ھميشه جيان منھنجي مزاج ۾ چڙچڙائپ وڌيل ھئي.اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ڏينھن توڙي رات جو ننڊ جي ڪمي رھندي ھيم ۽ مصروفيت ھئڻ سبب منھنجو ڌيان پاڻ تي نه ھئڻ برابر ھيو.کائڻ پيئڻ ته ياد ھو باقي پاڻ تي گھري نظر رکڻ وسري وئي ھيم.مون لپ اسٽڪ (سُرخي) لڳائڻ بلڪل ڇڏي ڏني ھئي.مونکي صفا اھا وڻندي نه ھئي.ٻاھر دعوتن ۾ شرڪت ڪيان يا ڪاڏي وڃان ان کي پاسيرو رکندي ھيس.حالانڪه ان جو خاص سبب به نه ھو ۽ نه ئي ڪا خاص ڳالھ پر پاڻھي ئي ان کي ايتري اھميت نه پئي ڏنم.منھنجي لاء ايڏي گرمي ۾ ڪنھن به قسم جي ڪنھن ميڪپ اپ جي ڪا جڳھ نه ھئي.منھنجو موڊ ڪنھن اڪيلي پکي جي ان آکيري جيان ٿي پيو ھيو جنھن وٽ جڳھ ئي مختصر ھئي.دل چاھيندو ھو بس صفا سادو ٿي رھجي.
اچانڪ سان ھڪ رات جو جڏھن اڃا عشاء جي نماز مان فارغ ٿيس ته ڳالھائيندي ڳالھائيندي ، دل گُھرئي انسان سوال ڪندي پڇيو : ڇو ڀلا لپ اسٽڪ صفا ڪونه لڳائين ڇا ماجرو آھي؟
ورندي ڏيندي چيم : ڏسين نٿو ڪيڏي گرمي لڳي پئي آھي مونکي ساھ جي لڳي آھي ۽ تون وري فرمائشون پيو ڪرين.ايڏي گرمي ۾ اھي سڀ شيون مونکي وڻن نٿيون بس ساده رھڻ ٿي چاھيان.
چوڻ لڳو : ڪاوڙ ڇو پئي ڪريم منھنجي ميڊم؟
ڪاوڙ واري ئي لھجي ۾ جواب ڏنم: تنھنجا بي معني سوال ۽ ڳالھيون ڪاوڙ مونکي نه ڏيارينديون ته ڇا پاڙي واري کي ڏيارينديون؟
چيس ڪئين به ڪري اڄ سرخي لڳائي؟
چيم : ڪونه لڳائيندس ۔
رعب واري آواز ۾ چوڻ لڳو : منھنجو حُڪم اٿئي؟
طبيعت ۾ موجود ضد کان ائين ھٿڙو ڇڏايم جئين ڪو مسافر ريلوي اسٽيشن تي دير سان پھچڻ سبب ريل جي نڪري وڃڻ جي ڊپ کان جلد ئي عزيزن کان موڪلائي ھٿ ڇڏائي اڳيان ڊوڙ پائي وڃي چڙھي ٿو.سو ڪجھ ائين ئي مون ضد کان موڪلاڻي ڪئي،
پنھنجي مزاج ۾ نرمي آڻيندي چيم :صفا ڪو ڪِنو آھين...
حاضر سرڪار تون چوين ۽ آئون انڪار ڪيان ڇا ائين به ڪڏھن ٿيو آھي؟
سو ان جي حڪم تي لبيڪ چوندي اھا ان جي ڪيل ننڍڙي فرمائش دل سان مڃيم.ان کي زباني ٻڌايم ته تنھنجي فرمائش پوري ڪري ڇڏي اٿم.اُن کي منھنجي لفظن تي پڪو اعتبار ھو سو چيس سُٺو ڪيئي.
ائين ئي ان ڳالھ کي درگزر ڪندي رات جي ڪمن مان فارغ ٿي سمھي رھيس.ٿڪل ھئڻ سبب ننڊ اکين تائين اچڻ ۾ ڪو نخرو نه ڪندي شريف ٻار وارو مظاھرو ڪندي بنا دير جي نيڻن ۾ نوڙجي پئي.
پوء وري ٻيو ڏينھن ٿيو ، نئون اڀرندڙ سج نوان سوال کڻي اچي نيري اڀ تي منھنجي ڪمري جي اوڀر طرف واري دري تان حاضر ٿيو.ان ڏينھن صبح دير سان منھنجي اک کلي.اک کلندي ئي ڏٺم ته نٽھڻ اُس ٿي چڪي ھئي ڪمري ۾ ھلڪي تپش پئي محسوس ٿي.ڇت واري پکي جي ھوا ۾ به رات واري ٿڌاڻ نه ھئي. ڪمري جي صفائي نه ڪرڻ سبب فرش تي ھلڪو ڪچرو پکڙيل ھيو۔ پنھنجي موبائل ۾ ٽائيم ڏسي جلد اٿي ويٺس ۽ اٿي ڪري منھن ڌوئي ڪمري ۾ واپس آيس ۔ اڃا ٽوال سان مڪمل مُنھن اُگھيو به نه ھيم ، اڃا موبائل تي پھتل ٽيڪسٽ مسيج پڙھيا به نه ھيم، ته گھر جي ٻاھرين گيٽ کان فقيرياڻي پنھنجي 8 ساله ڌي سان گڏ خيرات گھرڻ لاء اندر داخل ٿي.فقيرياڻي ۽ ان جي ڌيء گرمي ۾ ھلڻ سبب پگھر ۾ شل ھيون ۔ ٻنھي ماءُ ڌي کي ھڪ ڪلھي تي سامان جي ڳوٿري رکيل ھئي ۽ ٻي تي وڏي لڪڙ جھليل ھين.رنگ جو ڪارڙيون پر ڏسڻ ۾ چست پئي لڳيون.ان جي ماءُ
پنھنجي ڳوٿري مان ڪُٽ جو وڏو وٽو ڪڍنڍي زمين تي ڇانھ واري پاسي تي ويھي ڪري ھميشه جيان سوال ڪرڻ لڳي۔ اٽي جي خيرات ڏيڻ تائين لڳاتار پئي سوال ڪيائين ته ڪپڙو لٽو ھجي ته ڏيو ، ماني بچيل ھجي ته ڏيو وغيره وغيره.مان اندر ڪمري ۾ ويٺي ھيس ۽ انھن کي نظرانداز ڪري پاڻ تي توجه پئي ڏنم .اوچتو ان جي ننڍڙي ڌيءُ مون ڏانھن مخاطب ٿي ٿوريو وکون واڌائي چئي ٿي ته رئيساڻي سرخي ھجي ته ڏيو؟
(ھڪ وضاحت زندگي ۾ ڪڏھن ڪنھن مونکان خيرات ۾ سرخي ناھي گھري، ڪپڙا لٽا جوتا گھريا ھوندن پر اھا سرخي ڪڏھن به نه) ان جا اھي لفظ جئين ڪنن تائين پھتا ته الائي ڇو پڪ ٿي ته ان جو ڳانڍاپو رات واري ڳالھ سان ئي ھوندو.ڪالھوڪي رات منھنجو ايترن ڏينھن بعد فرمائش تي سرخي ھڻڻ ۽ صبح جو اٿندي ئي معصوم ٻارڙي مون ڏانھن سائل سرخي بڻجي ۽ سوالي ٿي مون کي مخاطب پئي ٿي.حيرانگي جي حد نه رھي ۽ ڪجھ سوچڻ بنا ئي ھڪدم ھائوڪار ڪندي اھا سرخي کڻي ان ٻارڙي جي ھٿ جي ننڍڙي تري تي رکندي چيم ته ، تون اھا گھر وڃي لڳائجان ، تون جام سھڻي لڳندين.ھو خوش ٿي کلڻ لڳي.ھونئن نه غريبن جا ٻار ننڍڙي خوشي کي به وڏن ٽھڪن سان ڀيٽا ڏئي رب جو شڪر ادا ڪن ٿا.
ان جي انھيء خوشي مونکي پڻ بيحد سرھو ڪيو.ان جي وڃڻ بعد 15 منٽن اندر ئي ٻي فقيرياڻي حاضر ٿي ان سان به ننڍي ڇوڪري ھئي.حالانڪه فقيرياڻين جي اھا عادت رھي آھي ڪٿان ڪا به شيء ملندي ته سڄي پنھنجي گروپ کي آگاھي ڏينديون ته فلاڻي گھر مان فلاڻي شيء ملي پئي.سو لڳي ٿو پھرين واري ٻارڙي ٻي ٻارڙي کي اطلاع ڏني ھوندي.ڇوته ان به اچي مونکي چيو سرخي ڏي، مرڪندي چيم سرخيون کوڙ۔۔۔! .پوء ٻي کڻي انُھي کي ڏني اھا به ڪافي خوش پئي لڳي.
انھن جي خوشي مونکي ته سرھو ڪيو پر انھن جي وڃڻ بعد سوچڻ لاء ذھن ڦيرو کاڌو۔ ھڪ عجيب سوال ذھن ۾ گھر ڪري ويو ته آخر ھي سڀ ڇا ھو؟ خدا جو ڪھڙي قسم جو نياپو ھو مون لاء ۽ ھن لاء.ايترن ڏينھن بعد سرخي فرمائش تي ھڻڻ ۽ صبح اٿندي ۽ الله جي نالي تي ان ٻارڙي جو گھرڻ..ڇا ته ھيو اھو سڀ؟؟؟
ھڪ معصوم ٻارڙي جو مون وٽ سائل ٿي اچڻ ، جنھن ۾ اڃا ايتري سمجھ به نه ھئي ته سرخي لڳائبي ڪئين آھي .الله ڪھڙي روپ ۾ مون وٽ آيو ، ڇا سمجھاڻي ڏئي ويو، ايتري ڄاڻڻ جي سگھ مون ۾ نه ھئي.پر اھو يقين سان چئي سگھان ٿي ته اھو سڀ صرف اتفاق نه ھو.۽ مرزا غالب جو ھي سٽون ياد اچي ويون.
بي خدي بي سبب نھي غالب,
کچھ تو ھي ضرور جس کي پردا داري ھي...