#InternationalWomensDay2015
My article Published in 3 Sindhi Newspapers.
#DailyHilal_e_Pakistan
#DailyJhoongar
#DailyJeejal
الله پاڪ اشرف المخلوقات کي ٻن جنسن جي بنياد تي ورھايو آھي.ھڪ مرد ٻيو عورت.عربي زبان مان اخذ ڪيل لفظ عورت ۽ فارسي جي لفظ زن جي مونث زنانه انسان جي مادي جنس کي چيو وڃي ٿو.لفظ عورت جي پنھنجي لفظي اچارن سان مڪمل ڀيٽ ڪري سگھجي ٿي.پيار، بي پناھ محبت، لامشروط چاھت، وفاداري سان گڏ نماڻپ جي معنيٰ ڏيندڙ اھو لفظ چار اکرن تي مشتمل ھئڻ باوجود انيڪ ۽اڻ ڳڻيون فريادون ۽ التجائون ڪري ٿو وڃي.اسان جي پھرين نبي حضرت آدم عليه اسلام جي پاسراٽي مان تخليق ڪيل ھي مخالف جنس جڏھن کان خلق ٿي آھي ته ھر سطح ۽ ھر امتحان ۾ پاڻ لاء جاکوڙي ڪاميابي حاصل ڪري پنھنجي دليري ثابت ڪئي آھي.عورت جا ھڪ نه پر ھزارين روپ آھن ۽ ڏينھن رات ھو پاڻ کي مڃائڻ لاء ھر وقت ڪوشان آھي.عورت جو سڀ کان اعلي، معتبر ۽ مان وارو روپ ماءُ جو آھي. جنھن کي خدا پاڻ سلام ٿو پيش ڪري.الله سائين پاڻ ھر ھنڌ بروقت نه پھچڻ سبب ھڪ ماءُ جي تخليق ڪري ڇڏي ته جئين ٻارن جي پرورش ۽ سار سنڀار ڪندي رھي.عورت لاء پڻ اھو اعزاز دنيا جي سڀ کان وڏو انعام آھي ته ھو نوء مھينا ھڪ نئين زندگي کي پالي جنم ڏئي ھن دنيا ۾ آڻي ٿي.جڏھن به عورت ماء جو روپ وٺي ٿي ته دنيا ۾ موجود لفظن جي وسيع ڊڪشنرين ۾ اکرن جي خزانن ۾ ڏڪار ٿو ظاھر ٿئي.ماءُ جي تعريف اڻ کٽ ۽ لامحدود آھي.ڪائنات جي فقط اھا عظيم ھستي جنھن لاء ھر مڪتب فڪر ھر مذھب سان وابسته انسان بي پناھ عزت ۽ پيار ٿو ڪري.
عورت ھڪ ڀيڻ جي پاڪيزه رشتي جي روپ ۾ به ڀائرن ۽ سموري گھر لاء رحمت جو سبب ھجي ٿي.جنھن وٽ ڀيڻ ھوندي آھي ان ڀاءُ جي حق ۾ لڳاتار خدا جي درٻار ۾ دعائون رجسٽرڊ ٿينديو رھن ٿيون.ڀيڻيون ته ڀائرن مٿان سر گھورڻ کان به نه ٿيو ڪيٻائن ،رڳو سندن صدقي اتارڻ ۾ لڳيون پيون ھونديو آھن، خوشقسمت آھن اھي ڀاءُ جن وٽ ڀيڻين جو پيار ۽ دعائون ھر محل گڏ آھن.
جڏھن اھا پرڻجي اباڻي ڪکن مان رخصت ٿي پنھنجي ور جي چوديواري ۾ قدم رکي ٿي ته مرڻ گھڙي تائين ان گھر جي ٿي رھڻ جو وچن ڪري ڇڏي ٿي.ھو پنھنجي مڙس سان ھر دم ڏک سک ۾ سڀ کان اڳتي بيٺي نظر اچي ٿي ۽ ھر ڏکئي وقت ۾ وفادراي جا اعلي مثال قائم ٿي ڪري وڃي.
ھڪ پيءُ لاء ته اھا خدا طرفان رحمت آھي ته سندس پھريون اولاد نياڻي جو ٿئي ٿو.نياڻي جي سندس پيءُ سان محبت بي پناھ ھوندي آھي.ھو ھر وقت پيءُ جي خوشي پئي ڳوليندي آھي.الله سائين راضپي ۽ خوشي منجھان ھڪ نياڻي جي پيدائش ڪري ٿو.
ھر رشتي ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندڙ عورت ھميشه اسان جي تنگ نظر معاشري ۾ ھيڻي ئي رھي آھي.اسان وٽ موجود مرداڻو معاشرو ڪڏھن به عورتن کي اڀرڻ ۽ اڳٿي اچڻ نه ٿو ڏئي.ھن کي قدم قدم تي ھيسائڻ جو اھو ئي مقصد ٿي تو سگھي ته مرد نه ٿا چاھين سندن ڪو مقابلي جي صف ۾ اچي ڪلھو ڪلھي سان ملائي تعليمي يا ڪنھن ٻي فورم تي ھنن کي مات ڏين.انھي بزدل ڊپ کي پنھنجي شخصي سوچ تي ھاوي ڪندي ھو عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪين ٿا.ڇوته جنھن علم جي روشني حاصل ڪري ورتي ان لاء دنياوي اندھيرا بي معني ٿيو وڃن.ڇوته جيڪر عورت روشني ڳولي لڌي ته ھو ان جي لپيٽ ۾ آسپاس کي به آڻي اونداھي ۽ جاھلائپ جو ڳلو پنھنجي ڪمزور ھٿن ء مظبوط دماغ سان جلد ئي گھٽي ڇڏيندي.
اسين جيڪر اسلام کان اڳ جھالت واري دور جي ڳالھ ڪنداسين ته ان وقت عورتن کي انسان سمجھڻ ته پري جي ڳالھ پر ھڪ پالتو جانور کان به بدتر سلوڪ ڪيو ويندو ھو.ڄمڻ بعد زنده دفنائڻ، مار پيٽ ڪرڻ، پٽ نه ڄمڻ تي صرف ان کي واحد ذميوار بنائي ظلم ڪرڻ ،جنسي ۽ جسماني تشدد ڪرڻ ،۽ ڪجھ قبيلن ۾ سندس جي جسم کي جلائي مارڻ ،جٿي به ماريندا نه ھئا اتي غير انساني سلوڪ ڪري ان کي ڪمتر بنائي ظلم ڪيو ويندو ھو.اسلام جي اچڻ بعد به روڪٿام نه اچي سگھي.اسان جو نبي صلعم پاڻ ھڪ تجارت ۽ ڪاروبار ڪندڙ عورت بيبي خديجه رضه سان نڪاح ڪري اھا ڳالھ امت مٿان واضح ڪئي ته عورت به گھر توڙي ٻاھر جي زندگي ۾ پاڻ کي ڪامران بڻائي سگھي ٿي.حضور صه پنھنجي اڪيلي نياڻي خاتون جنت، بيبي فاطمه عليه السلام جي مان ۾ ھميشه ان کي ايندو ڏسي بيھي رھندا ھئا.ھو پنھنجي نياڻي کي باعث فخر سمجھي الله پاڪ اڳيان پيا شڪر جا سجدا ڪندا ھئا.سندن چوڻ ھو ته ڪنھن به نياڻيجي پيءُ کي ڪڏھن به نه ستائجو ڇو جو مان پڻ ھڪ نياڻي جو پيءُ آھيان.جڏھن 60 ھجري ۾ ڏسنداسين ته به ڪربلا جي واقعي ۾ عورت جو ڪردار نمايان آھي.بيبي زينب سلام عليھا ھڪ عورت ھجڻ جي باوجود قافلي جي سالار ٿي قافلي کي به سنڀاليو، دين بچائڻ خاطر به وچ بازار ۾ خطبا پڙھندي رھي ۽ نيٺ تائين نه حوصلو ھاريس نه ئي جھڪي نه ئي ٿڪي.
انھن ڳالھين مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته جٿي به عورت کي تعليم ۽ شعور ڏنو ويو ھو اتي ھر قسم جي ڪٺن امتحان ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني ئي حاصل ڪئي..جسماني طور ڪمزور ۽ ذھني طور گھٽ عقلمند سمجھي ويندڙ عورت جيتري بھادري، سھپ ،عقل ۽ فھم جو مظاھرو ڪيو اوترو شايد گھڻن مردن جي وس جي ڳالھ ئي نه ھئي.
پھرين دور وارو ساڳيو حربو استمعال ڪندي عورت کي پست ڪرڻ جو فقط اھو طريقو اپنايو ٿو وڃي ته انھن کي تعليم جو حق مڪمل طور کسي ڇڏجي.جيڪر عورت کي تعليم ملي وئي ته يقينن انھي شعور جي زور تي ھو پنھنجا ذاتي حق گھرڻ سان گڏ پنھنجي گھر ۾ توڙي آسپاس ٿيندڙ حق تلفين خلاف ڳورو آواز اٿاريندي.
پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ به عورتن جي ڪردار جا ورق سونھارا آھن.پر ھڪ ڀيڻ جو ڪردار انوکو ۽ دل ۾ ڪشش پيدا ڪرڻ آھي.مادر ملت محترم فاطمه جناح سندس ڀاءُ محمد علي جناح سان ھر دم ساٿ نڀايو.ايتري تائين جو آخري وقت ۾ به ساڻ گڏ ھئي.کاڌي جي سار سنڀار کان رات جو دير سان ڪمري ۾ جھاتي پائي ڏسڻ ته ڀاءُ آرامده آھي يا ڪم ڪار ۾ رڌل آھي،ھو ھر قدم تي گڏ بيٺي نظر ايندي ھئي.سنڌ راڻي شھيد بينظير ڀٽو به ھڪ عورت ھئي، جيڪر تعليم نه حاصل ڪري ھا ته اسان ان کي اڄ سڃاڻو به ڪونه ھا ،پر ھو ھڪ اعلي شخصيت ،اوڀر جي نياڻي، عالم اسلام جي پھرين وزيراعظم عورت، ھڪ عالمي ڪامياب اڳواڻ صرف علم جي روشني جي چمڪ سبب ٿي.امن جي نوبل انعام يافته ملاله يوسف زئي جيڪر طالباني سوچ اڳيان ھار مڃي ويھي ھا ته اڄ ھو دنيا ۾ سڃاتي نه وڃي ھا.عمرڪوٽ جي آسو ڪولھي جڏھن مشڪل سان ڪجھ تعليم حاصل ڪري ٻارن کي پڙھائڻ جو عزم ظاھر ڪيو ته ان جي تعليم جي ڇڪ تعليم صوبائي وزير نثار کھڙي سميت ٻين مختلف اين جي اوز کي سندس ڇني ،ڪکن پنن واري اسڪول ۾ اچي حاضري ڏيڻ تي مجبور ڪيو.
پر افسوس اسان وٽ ڇوڪرين جي تعليمي شرح انتھائي گھٽ آھي.پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25 ۾ اھو لازمي قرار ڏنل آھي ته معياري ۽ لازمي شروعاتي تعليم 5 سالن کان 16 سالن جي ھر ٻار کي ڏني وڃي.
ايجوڪيشن ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ 120 ملڪن مان پاڪستان جو نمبر 113آيو آھي ان ۾ ڪاٿو لڳائڻ مشڪل نه ٿيندو اسين ڪيتري قدر تعليم کي فروغ پيا ڏيون.
سنڌ صوبي ۾ 47,394 اسڪولن جي تعداد ھئڻ باوجود به عورتن جا صرف 72,83اسڪول آھن .اسان وٽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ته تعليمي شرح 22 سيڪڙو وڃي ٿي بيھي جيڪو فڪر جوڳو آھي.سنڌ جي ٽوٽل آبادي جي 40 سيڪڙو ڇوڪرين اسڪول جو منھن به ناھي ڏٺو جنھن مان 55 سيڪڙو ڳوٺن جي آبادي آھي.سڄي ملڪ مان صيف سنڌ جي ٻارن جي حاضري تمام گھٽ رڳو 67 سيڪڙو وڃي بيھي ٿي جنھن ۾ اڌ کان به گھٽ ڇوڪرين جي آھي.
اسان جي ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل 15,25,34 ۾ عورتن جي برابري، آزادي ،عوامي ھنڌن توڙي سياسي ،سماجي، فلاحي ميڙاڪن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت مليل آھي.پر ان جي بنھ ابتڙ تمام بدتر ڪار رھي آھي. 13 سيڪڙو وڌيڪ ظلمن ۽ تشدد ۾ وڌارو آيو آھي.جنھن ۾ گينگ ريپ، ڪاروڪاري، پيٽ باسڻ جي رسم(جنھن ۾ ان جي جنم کان اڳ ان جو رشتو طئي ڪيو وڃي ٿو) سڱ چٽي ڏيڻ ،گھريلو تشدد، نابالغ نياڻين جي شادي ۽ ٻيا به ڪيترائي ڏوھ جيڪي ميڊيا جي ڪيمري جي اک کان لڪل رھيا آھن.سال 2011 جي انساني حقن جي تنظيم جي رپورٽ موجب 729 قتل غيرت جي نالي (Honour killing)جا ٿيا.جنھن ۾ 605 عورتون ھيون.اقوام متحده ته اھو ظاھر ڪيو آھي غيرت جي نالي تي پاڪستان ۾ ھر سال ھزار ناحق خون ٿين ٿا ۽ ڏورانھين ۽ پٺتي پيل علائقن جون خبرون پھچڻ کان اڳ دفن ٿي وڃن ٿيون.انساني حقن واري تنظيم جي رپورٽ موجب پوين چئن سالن ۾ 1,957 غيرت جي نالي تي قتل ٿيا جنھن ۾ گھڻن جي بنياد محز ھڪ ڪمزور شق ھو.
نياڻي کي ست قرآن جيترو درجو ڏيندڙ سنڌ ۾ عورتن سان ھر آئي ڏينھن نئون ظلم ٿئي ٿو.ھر ڏينھن اخبار کڻڻ سان ظلم جي نئي ۽ انوکھي داستان سامھون اچي ٿي.پر ظلم ڪندڙ سنڌي ڇو ٿا وساري ويھن ته سنڌ جي والي عظيم صوفي شاعر شآھ عبدالطيف ڀٽائي پنھنجي شاعري ۾ عورتن جي ھمت کي داد ڏيئي ۽ ساراھ ڪندي ست سورمين جا داستان پنھنجي قلم سان سرجي ڇڏيا.مارئي، مومل ،سورٺ، نوري، سھڻي ،سسئي ۽ ليلا سڀني جي لا۽ ڪيڏو مان ۽ ڀيٽا ڏني اٿس.شاھ سائين جا شعر پڙھندڙ ڀلي ڀت ان ڳالھ کان واقف ھوندا ته شاھ سائين ڪيڏو نه مان سان نوازيو آھي عورتن جي دليري ۽ بھادري کي ،پر اڄ اسين تعليم ته پري جي ڳالھ پر سندن عزت به نه ٿا ڪيون.ڇا اسان کي اھو سونھي ٿو ته پنج منٽ چانھ ۾ ليٽ ٿي وڃڻ سبب زال کي زندگي مان ئي آجو ڪري ڇڏيو.ڀيڻ جي موبائل تي ايندڙ ھڪ مسڪال جي بنياد تي ان جي مٿان پنھنجي ڪھاڙي جا وار ڪري ڇڏيون.برادري ۾ ٿيندڙ ڪنھن ويجھي رشتيدار جي خون عيوض پنھنجي ڪمسن نياڻين کي ڪنھن اڌروٽ سان پرڻائي ان کي جيئري ئي موت ڏيئي ڇڏيون.اھا اسانجي تھذيب، ثقافت بنھ ناھي.اھي ڪڌيون ڪاروايون اسان جي سنڌ جي حصو ھرگز ناھن، بلڪه جھالت جي اوندھي روشني آھي جيڪا سماج کي اڃا انڌو ڪري بيٺيي آھي.ھڪ عورت جي سڌرڻ سان نه صرف ھڪ فرد بلڪه ھڪ گھر ،ھڪ باشعور معاشرو ٿو پيدا ٿئي.اسان جيستائين سوچ کي نه سڌارينداسين تيستائين ترقي ڪرڻ ممڪن ئي ناھي.تنھنڪري جيترو جلدي اسين انھي انڌير نگري مان نڪرنداسين اوترو ئي اڳتي وڌي ترقي ڪري سگھنداسين.جيستائين اسان پنھنجي ماء،ُ ڀيڻ ،ڌي ۽ زال کي مان ۽ مرتبو ڏئي تعليم جي حق سان نه نوازينداسين، تيستائين ترقي جي راھ ۾ پوئتي ئي رھنداسين.حڪومت، سماجي ورڪرز توڙي انساني حقن خلاف جاکوڙيندڙ تنظيمن کي ھر سطح تي ڀرپور جاکوڙ جي ضرورت آھي.
8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينھن تي اسان ھر سال صرف ڪجھ ميڙاڪا ۽ سيمينار ڪوٺائي پنھنجي فرض جي پورائي ٿا سمجھون پر اھو قرض تيستائين اسان جي ضمير کي جھنجوڙو پيو ڏيندو جنھن وقت تائين اسان جي نظر جي پھچ تائين ڪا عورت ڪنھن به ظلم جو شڪار ٿيندي رھندي.
ماھم سنڌي/ميرپورخاص
No comments:
Post a Comment