#March2nd #HappyBirthday #ShaikhAyaz
سنڌ جي صوفي ڌرتي مان جنميل،سنڌي شاعري جي بي تاج بادشاھ *شيخ اياز* جڏھن بھار جي گل ٽڙڻ جي مند ۾ سال 1928 جي 2 مارچ تي ھن ڌرتي جيجل جي شھر شڪارپور جي مٽي مان جنم ورتو ته سندس جيجل ماءُ سرھائي ٿي خوشي مان ڳيچ ڳائي مٺي پٽ کي ڀاڪر پائي آجيان ڪئي.
اڄ شيخ اياز جي 92ھين جنم ڏينھن تي سنڌ واسين کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.شيخ کي ڳائڻ وارو صادق جيتوڻڪ ڌرتي واسين کي ڪجھ ڏينھن پھرين ھي ديس اچانڪ ڇڏي اداس ۽ غمگين ڪري ويو آھي.پر يقينن اڄ صادق اياز سان گڏجي ھن جي سالگرھ تي ساڻس گڏ روحن جي رھاڻ جي محفل رچائي اياز جي ئي شاعري جا سُر وکيريندو.
شيخ اياز جي شاعري جو ئي لکيل سٽون سندس جنم ڏڻ تي مان ھيٺ لکي سنڌ جي ھن مھان ڪوي کي ڀيٽا ڏيان ٿي،جنھن ۾ ھو پنھنجي پرين جي خوشي ۽ کِل خاطر ھر قسم جو جوکم کڻڻ لاء تيار ٿو نظر اچي.
چونڊي چونڊي،
ڪٺا ڪيم ڪنڊا جھوليءَ ۾،
ٽاريءَ ٽاريءَ تان جئن پيارا،
پٽي سگھين تو سُھڻا گل،
چُڀي نه توکي ڪوئي ڪنڊو
تنھنجي لاءِ مٺل،
چونڊي چونڊي،
ڪٺا ڪيم ڪنڊا جھولي ۾!
ڄاڻي واڻي،
ھن جيون جي جوئا مان،
ھارائيندو آيو آھيان،
جئن تون جيتين،
ٽڙي پون ھر بار خوشيءَ ۾،
تنھنجا ڳاڙھا ڳل!
تنھنجي لاءِ مٺل،
ڄاڻي واڻي،
ھارائيندو آيو آھيان.
(ڀونر ڀري آڪاس پيج نمبر 122).
Tribute Presented by:Maham Sindhi
No comments:
Post a Comment