Monday, 23 March 2015

آرٽيڪل:داعش جي بربريت/ماھم سنڌي

22/03/2015
My article Published in #SindhExpress
http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130250979&Issue=NP_HYD&Date=20150322#.VQ6Q96v4qoA.twitter

and in other 4 Newspapers.

#DailyHilalEPakistan
#DailyShaam
#DailyApeal  http://www.dailyappeal.pk/home/
#DailySindhBulletin

ماھم سنڌي/ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

دنيا اندر دھشتگردي، فرقيواريت ۽ مذھبي انتھا پسندي ۾ ڏينھن گزرڻ سان  اضافو اچي رھيو آھي. شدت پسند تنظيمون منظم طريقي سان نه صرف اسانجي  ملڪ کي پر  دنيا ۾ موجود امن پسند طبقي کي ڏچي ۾ وجھي رھيون آھن.اسلامي دولت آف عراق الشام(ISIS)جنھن کي عربي جي لفظن جي شارٽ فارم ۾ داعش پڻ چيو وڃي ٿو، دنيا اندر تيزي سان پنھنجو دائرو وڌائي رھي آھي.القاعده جي گروپ سان لاڳاپيل ھن گروپ عليحدگي ڪري پنھنجو نئون نالو دنيا سامھون آندو آھي.جيڪو وڌيڪ خطري وارو، مالي طرح سان سگھارو ۽ مظبوط گروپ آھي. ھن جون وحشي ڪاروايون دنيا اندر عبرت جو نشان بڻيل آھن.ھن جو خليفو ابوبڪر بغدادي عراق سان تعلق رکندڙ آھي، ڊپٽي ليڊر ابو مسلم بن ترڪماني ۽ شام ۾ ان جو ڊپٽي ليڊر ابو علي ال انباري آھي.29 جون 2014 تي دنيا وي سطح تي خلافت جو اعلان ڪندڙ اھا تنظيم ان اعلان بعد غير انساني ڪارواين ۾ واڌرو آڻي ڇڏيو آھي.ھي پاڻ کي مذھبي جھادي گروپ سڏرائي اسلام جي نالي تي دھشت ڦھلائيندڙن ۾ مٿانھين نالي طور نظر اچي رھي آھي.عراق جي ھڪ وڏي سني علائقي تي ھن جو قبضو آھي جيڪو ملڪ جو 33 سيڪڙو حصو وڃي بيھي ٿو۽ شام ۾ پڻ ڪافي ھنڌن تي قابض آھن.انھن دعوي ڪئي آھي ته ليبيا جي علائقي برقا ۾ جيڪو اوڀر طرف آھي اھو به ھن جي ڪنٽرول ھيٺ آھي.نائيجيريا ۾ موجود انتھا پسند بوڪوحرام پڻ انھن سان اتحاد جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ھي(آئي ايس آئي ايس) پنھنجون سموريون ڪاروايون تنظيم سازي ۽ پلاننگ تحت ڪن ٿا.ان سان لاڳاپيل ان جي ميمبرن جي سڃاڻپ ان سان ڪري سگھجي ٿي ته ان جي وڏي ڏاڙھي ھجي ٿي.اسلام جو نالو ۽ ڪلمي کي سامھون رکي ھي دھشتگرد ظلم جي انتھا ڪندي بنھ نٿا ڊڄن.انھن جي روين مان ائين ٿو ظاھر ٿئي ته ان سان لاڳاپيل انساني ويس ۾ درندا سڀ جنت جي ٽڪيٽ يافته آھن.ھنن جو عقيدو ته اھو ٿو ظاھر ڪري ته اھي غير انساني، ھانءُ ڏاريندڙ واقعا ڪري جڏھن پنھنجي روح جسم کان جدا ڪندا ته ،بنا ڪنھن حساب ڪتاب ،پڇا ڳڇا جي سڌو جنت ۾ داخل ٿي لذيذ مشروبن ۽ پُرڪشش حورن سان فيضياب ٿيندا.بم ڌماڪن سان توڙي تشدد ڪري ماريندڙ انھن سر قلم ڪرڻ واري پراڻي رواج کي نئين سر اڀاريو آھي.ھي جڏھن به ڪنھن جو سر قلم ڪن ٿا ته پويان پنھنجي جھنڊو رکن ٿا،جيڪو ڪاري رنگ جو ھجي ٿو ۽ ان ۾ ڪلمو لکيل ھوندو آھي.جاء واردات تي مطلوب شخص کي سامھون آڻي ھي الله اڪبر جي سدا بلند ڪري سندن سر ڌڙ کان ڌار ڪن ٿا ۽ سامھون مڪمل وڊيو ڀرين ٿا.جنھن ۾ شروع کان آخر تائين مطلب ته مقتول جي آخري پساھن تائين ،دردن سان ڀريل ان جي وڊيو ھوندي آھي جيڪا  سر عام نيٽ تي رکي بافخر پنھنجي ڪاروائي ذريعي دھشت۽ خوف پکيڙن ٿا.آئي ايس آئي ايس جي نيٽ مان ورتل مختصر معلومات ھتي شئير ڪندم ،جيڪا يقينن دل ۾ ڏار وجھندڙ آھي.جنھن ۾ جون مھيني کان پوء ٿيل سر قلم جا  واقعا جيڪي سرعام نيٽ تي وڊيوز  اڄ به موجود آھن ۽ اھي ڏسڻ جي ھمت صرف ڪجھ ماڻھو ئي ڌاري ٿا سگھن.اھي وارداتون جيڪي لکندي ئي پين ھٿ مان ترڪندي وڃي ھيٺ ڪري ٿي خبر ناھي درندا صفت ماڻھو اھو سڀ ڪئين ٿا ڪري وڃن.

22 نومبر 2012 ۾ شام مان کنڀي گم ڪيل آمريڪي صحافي جيمس فولي،جيڪو شام اند ٿيندڙ  خانه جنگي بابت ڪوريج لا۽ ترسيل ھو ان جو 12 آگسٽ 2014 تي  سر قلم ڪري باڊي گھر وارن ڏي اماڻي وئي ۽ ان جي سرقلم جي وڊيو به جاري ڪئي ويئي.ياد رھي ته اھو پھريون آمريڪي شھري ھو جيڪو ان عمل جو شڪار ٿيو .ان تي آمريڪي موجوده حڪومت، اقوام متحده سميت اتحادين سخت مذمت ڪري غم سان گڏ شديد ڪاوڙ جو اظھار ڪيو.علي السيد جيڪو ھڪ لبناني فوجي ھيو اھو به  28 آگسٽ 2014 تي ساڳي غير انساني عمل جو شڪار ٿيو.اسٽيون جوئل سوٽلوف نالي ھڪ اسرائيلي آمريڪي ٽائيم ميگزين جو صحافي، جيڪو  2013 کان شام ۾ اغوا ھيو ان جو سر قلم 2 سيپٽمبر 2014  تي ڪري سر عام آندو ويو.ڊيوڊ ھينائس جيڪو انساني حقن جي حاصلات سان لاڳاپيل ھڪ ايجنسي ۾ ڪم ڪندو ھو اھو خد غير انساني عمل جو شڪار 13 سيپٽمبر 2014 يعني پوئين سال  ٿيو.لبناني آمريڪي فوجي عباس ميڊليج 6 سيپٽمبر 2014  تي وڊيو ۾ سر قلم ٿيندي نظر آيو ۽ پو۽ سڃاڻپ ڳجھي رکي ھڪ ڪردش  سپاھي ۽ ٻين 23 سپاھين سان ساڳي ڪار ڪئي ويئي.سيپٽمبر 20 تي افغانستان جي غزني صوبي ۾  60 گھرن کي جلائي 100 کان مٿي ماڻھو ماريا ويا.جن ۾ 15 جا سر قلم ڪيا ويا. ان واقعي ۾ به ساڳيو داعش وارو ڪلمو اڪريل جھنڊو ڏسڻ ۾ آيو ھو. ماسڪ پھريل حيوان پاڻ کي داعش سان لاڳاپيل ڄاڻايو جن کي مقامي ٻولي به نه ايندي ھئي.فرانسيسي شھري ھروي گورڊل جيڪو 21 سيپٽمبر 2014  تي الجيريا  مان  کنڀي گم ڪيو ويو ھو ان جو سر ڌڙ کان ڌار ٿيل  24 سيپٽمبر تي سندن خاندان کي موصول ٿيو.1 آڪٽوبر تي  جاري ٿيل ھڪ شام جي انساني حقن جي تنظيم جي رپورٽ موجب  10 ڪوبانين جا سر قلم ڪري موڪليا ويا جنھن ۾  ٻه مرد ۽ ٽي عورتون انھن خلاف ويڙھاڪ ھيون ء 4 شامي باغي ۽ ھڪ عام شھري ھيو.3 آڪٽوبر تي الان ھنينگ جو سر قلم ڪيو ويو جيڪو برطانوي انساني فلاحي مرڪز جو ورڪر ھيو ۽ ڊسمبر 2013 ۾ کنڀيو ويو ھو.عراق جي شھر سامره سان تعلق رکندڙ راد الرضوي کي صرف ان ڏوھ جي بنياد تي پنھنجو سر قلم ڪرائڻو پيو ڇو ته ھو داعش لا۽ ڪم ڪرڻ کان انڪاري ھو.عراق جي ئي علائقي باجي ۾ 10آڪٽوبر 2014 ۾ ٽن ماڻھن جو سر وڍي قتل ڪيو ويو.شام ۾ موجود انساني حقن جي تنظيم جي لبناني ورڪرن پيٽر ايڊورڊ ڪيسنگ ۽ عبدالرحمان ڪيسنگ کي 16 نومبر 2014 تي پنھنجي جان تان ھٿ ڌوئڻو پيو ۽ ساڳي ڏينھن فرانسيسي 22 سالا ميگزمي ھائوچرڊ به انھي عمل جو شڪار ٿيو.ڊسمبر جي مھيني ۾ آئي ايس آئي ايس طرفان جاري ڪيل رپورٽ۾ ڄاڻايو ويو ته 100 کان مٿي پرڏيھين جو ان لاء سر قلم ڪيو ويو ته ھو رقه (شام)ڇڏڻ چاھيندا ھئا.2015 جي پھرين مھيني ۾ جاپاني  رپورٽر ھورانا ياڪوا کي به ساڳي عمل تحت ماريو ويو.ان جي قتل کان اڳ 72 ڪلاڪ جي ڊيڊ لائين ڏئي 200 ملين ڊالر جو مطالبو ڪيو ويو جنھن  جي پورائي نه ٿيڻ سبب ان جو سر قلم ڪري وڊيو يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪئي ويئي.فيبروري 2015 ۾ 10 مصر سان تعالق رکندڙ ماڻھن کي ماريو ويو.

اھي تي مختصر انگ اکر صرف سر قلم ٿيل ماڻھن جا ھئا جيڪي صحافت يا ورڪر طور اڳڀرا ھئا،پر اھا تنظيم ڪيترائي بم ڌماڪا ۽ ٻيون ڪاروايون ڪري انسانيت جو قتل عام ڪيو آھي.ان جا ميمبر ته زنانو لباس پائي ڏاڙھي ڪوڙائي ڪاروايون به ڪن ٿا.عراقي فوجين طرفان ھڪ ٽولو سوگھو پڻ ڪيو ويو آھي جنھن ۾ عورتن جي لباس ۾ موجود داعش جا ميمبر باقاعده سرخيون پائوڊر ھڻي، برقعا پائي  سرمئي اکين سان نظر آيا .
يونيسڪو طرفان عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنل 3 ھزار سال پراڻي نمرود جي مجسمي ۽ 2 ھزار سال قديم ھتارا واري تاريخي ماڳ کي 7 مارچ 2015 تي عراق اندر تباھ ڪيو ويو.جنھن ۾ قيمتي نوردات کي به مٽايوويو.شيعه مذھب جي مقدس جاين کي پڻ ميثمار ڪيو ويو آھي.16 مارچ 2015 جي خبر موجب داعش عراق ۾ ڏکڻ طرف واقع تڪريت علائقي جي ڳوٺ ۾ موجود اڳوڻي صدر صدام حسين جي قبر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏي.ان کان به وڌيڪ لڱ ڪانڊريندڙ خبر اھا سامھون آئي آھي ته ھن انتھا پسند تنظيم پاران ننڍڙن کير پياڪ ٻارن کي خودڪش بمبار طور استمعال ڪيو پيو وڃي.داعش ۾ فوجين جي ڪمي سبب اھي ٻار ڪم آندا پيا وڃن جيڪي جھاد النڪاح(زنا) تحت پيدا ٿيا ۽ صرف 45 ڏينھن جي ٽرئينگ بعد انھن ٻارن کي بم وارو جيڪٽ ٻڌي ٽارگيٽ واري ھنڌ اڇلايو وڃي ٿو ۽ ٻار جي زمين تي ڪرڻ سان ئي بم ڦاٽي وڃي ٿو.ان کان وڌيڪ شايد ڪا ٻي بربريت جي انتھا نه ٿيندي. ان ۾ عورتن لاء به سخت قانون جيڪو انوکو ۽ اڻ برابري تي ٻڌل آھي.ان کي رائج ڪرڻ جي به سختي سان تاڪيد ڪيل آھي.قانون تي  عمل نه ڪندڙن لاء وري الڳ پيڙاھون به آھن.قانون موجب ڇوڪرين جي شادي 9 سال جي عمر ۾ ڪئي وڃي پر انھي عمر ۾ ته ڇوڪريون نابالغ ،ناسمجھ ھجن ٿيون.خبر ناھي  9 سالن جي عمر واريون معصوم ٻارڙيون ڪئين داعش جو مستقبل روشن ڪري سندن نسل پروان چاڙھينديون.عورتن کي مردن سان گڏ ڪم ڪرڻ پري جي ڳالھ بلڪه گھر جي چار ديواري تائين محدود رھڻ جو چيل آھي.انھن کي نوڪري يا پڙھائي وغيره سڀ کان منع ٿيل آھي.ڪو به ڪپڙن توڙي وارن يا ٻيو به فيشن ڪرڻ جي اجازت به ناھي.عورت کي پوئتي ڌڪي غلامن واري ورتاء واري ان قانون کي دنيا ۾  موجود مذھبي عالمن جي طبقن مان ڪو خاص تنقيد يا مزمتي بيان ناھي جاري ڪيو.اھا پڻ سوچڻ جي ڳالھ آھي.
.اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ان کي جنگي جرم قرار ڏئي مزمت سان گڏ شديد ڪاوڙ جو اظھار پڻ ڪيو آھي.داعش شام جي اتر اولھ ۾ موجود تيل جي زخيرن تي پڻ قابض آھي جنھن مان ھن جي روزاني آمدني 10 لک پائونڊن تي وڃي بيھندي.سپر پاور آمريڪا سميت ان جا اتحادي ظاھري طور ان جي خلاف جنگ به وڙھن پيا ۽ گڏوگڏ ان جي وڌنڌڙ وسيع ايراضي تي ڳڻتي ۾ پڻ آھن.آمريڪا ته داعش کي سڄي دنيا لاء سنگين خطرو قرار به ڏنو آھي.پر ڪجھ سامھون ايندڙ حقيقتون ڳالھين جي رخ کي ٻي طرف ٿيون ڪن.جيتوڻڪ اڃا تائين کلي عام ڪي ثبوت ناھ  مليا پر ان ھوندي به ڪجھ ڇرڪائيندڙ انڪشاف اھڙا به آھن جيڪي ظاھر ٿا ڪن ته داعش ڏينھون ڏينھن ايتري طاقتور ڪيئين پئي ٿيندي وڃي.سيپٽمبر 2014 ۾ آمريڪي فوج جي سربراھ جنرل مارٽن ڊمپسي جو ڪانگريس ۾ ھي بيان به حيرت ۾ وجھندڙ آھي جنھن ۾ ھن چيو ته آمريڪا جا عرب اتحادي ملڪ داعش جي مالي مدد ڪري ان کي سھارو ڏيئي رھيا آھن.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ته داعش سا  لاڳاپيل ڪجھ زخمين سان عيادت لاء اسپتال تائين وڃي پھتو ھو.ڪجھ وقت اڳ موصل ويجھو عراقي فوج ڪاروائي ڪري داعش جي چار فوجي مشيرن کي گرفتار ڪيو ته اھي پرڏيھي ڪي ٻيا نه پر 2 آمريڪي ھڪ اسرائيلي ۽ ھڪ عرب ھو.اڻ سڌي  طرح اھڙي ئي قسم جا ڪجھ الزام ترڪي ۽ سعودي عرب تي به آيا آھن.ان جي قوت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته داعش جا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي 9200 اڪائونٽ ٺھيل آھن جيڪي داعش جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪري سھارو ڏين ٿا.

پاڪستان توڙي سنڌ اندر پڻ داعش جي وال چاڪنگ جنھن
زنده آباد جا نعرا ڏسڻ  ۾ آيا آھن.جيڪي ڪراچي توڙي ٻين شھرن ۾ مليا آھن.تحريڪ طالبان جندالله ۽ سپاھ صحابه جي نقصانن کي ڀوڳيندڙ پاڪستان لاء اھا انتھائي فڪر انگيز خبرآھي.جيڪا نھايت ئي ڏچي ۾ وجھندي رھي آھي.شريعت يا شھادت جونعرو ھڻندڙ ان گروپ جي ڪيل ھر وال چاڪنگ ۾ ڪلمي جو استمعال ٿيل ھوندو آھي.اسلام ۽ جھاد کي ھڪ غلط روپ ڏيندڙ داعش جي پويان لڪل ھٿ ان جي مستقبل جي نقصانات مان شايد واقف نا ھن .ڇو ته آستين ۾ پاليل نانگ وڏو ٿي پھرين پاڻ ڏي ئي زھريلو ڏنگ ڪري ڏنگي ٿو.اڳين کي ڏنگَ لاء پاليل نانگ صرف اڳيان نه پر پويان به پنھنجو زھر ضرور ڦٽي ڪندو.
ايتري ڀيانڪ انساني تشدد ۽ سر قلم ڪرڻ جھڙن ظلمن تي مشتمل آئي ايس آئي ايس کي جيڪر ترقي يافته اسريل ملڪ ڳجھ ڳوھ ۾ سھارو ڏيندا رھندا ته انھي ظلم ۽  بربريت ۾ اھي به شريڪ ڪار سڏبا.اسريل ملڪن جي مالي امداد ۽ سپورٽ جي ڳالھ ۾ اگر ٿوري به صداقت ھوندي ته ايندڙ ڏينھن ۾ عالم انسانيت لاء وڌيڪ خطرا ۽ ڳنڀر مسئلا پيدا ٿيندا.جيڪي ھڪ ملڪ  يا ھڪ خطي کي نه پر سڄي دنيا لاء نقصانده ثابت ٿيندا.

Thursday, 19 March 2015

There is no honor in violence with women BY MAHAM SINDHI

Here is the link of my english article,was published on 8th march #WomensDay

http://www.lhrtimes.com/2015/03/08/there-is-no-honor-in-violence-with-women-241068/

Few months ago probably in month of November 2014, in a
village of Lower Sindh, (Belong to true story), a Faithful 30
years old, by face beautiful, Housewife is busy in her work,
about 1:00pm She was in kitchen, and preparing food for
his family (Childs, husband, father-in-law, mother-in-
law).She is preparing lunch and cutting vegetables.
Suddenly she hear voice, it seems someone knocks door
very badly, Voice creating disturbance and Noise pollution.
She came outside the kitchen and opens the door. When
She open saw her Husband, who enter in home, and start
gazing wife. She Eternally Gather some courage and ask,
Without Calling his name, What’s wrong with you, what’s
the problem, why you are so much angry? What shall I do
for you?
After 10 seconds, He shouted very loudly and say Shut Up
your mouth, He pushed his wife backward, Wife fall down
on floor, He start hitting him, first with his hands, then
wood stick. He torturing him physically, Blood start from
her nose, then mouth. He is full angry, in uncountable
Mood. Wife starts crying and in next moment She stood up
and Start talking. You continuously hit me without telling
any reason. First tell me what was my fault, why u
physically and mentally tortures me everyday. I serve your
family all the day, I wakeup Before the Sunrise, and Whole
day I do work, without any single complaint. God Bless me
with 4 Childs (Three boys, one baby), I am younger than
you four years. My skin color is White I do not claim that I
am so good looking and beautiful, but I know I am not so
bad. Think for a moment, I am a female human being, and
I also deserve love, sympathy, respect and rest. But from
my day first, you start beating me like a animal. It really
hurts me, and felling so much pain in my body and soul,
your behavior make me weak and I spend my whole day
thinking about my fault, but daily I failed. Am (like all
women) want my husband’s love.
Husband takes long breath, sit down on chair. Listen I
know you serving my family from first day, you gave me
beautiful lovely Childs, you work all the day from sunrise to
sunset, I love you and also like your habits, your beautiful
face, your way of Working, your sincerty.You are a
obedient Daughter in law, loving mother, caring and faithful
wife, but I Do all this because you are a women, I Listen
from my ancestors, a brave man always Torture her wife.
All males of my village says, to hit wives, is not a crime,
afterall our wives are our personal properties, we all have
full right to hit them, anytim, it’s our right as a husband.
That’s all reason because I injured you daily. And Torture
you daily without your any mistake, any fault.
Sadness spread in husband’s face, now he is not angry, he
enters in room and locks the door inside. wife wash his
face, comeback to kitchen Continue her work on kitchen
and thinking yes my husband, you are absolutely right, its
part of your duty so keep it up, I will try my best to be
silent after your torture….
What a mind approach we have, a women who deserve
more love, respect than a man, we Prove our All power on
a weak gender. It’s a shameful act that we all are
following proudly. To hit a women or a human, even a
living thing without any crime, is a big sin. But in our
society, we make our own timid rules, and following them.
Today is Worlds women’s day, the story which I wrote
above, like this many wives, are threaten by her husbands
in the name of honoring the name of ancestors laws. But
its unfortunity, we are silent, as like we have no tongue for
speak. Pakistan’s Constitution in article,15,25,34 ,Clearly
written, equality of both genders, equal rights of education,
to became a working lady and full permission to
participate in all social/political/domestic gatherings., but
included government ,social activist ,human rights
activists, International organizations are totally failed to
protect a women. Its a request and also a strong demand,
Stop women violence, Stop hitting your
mothers,sisters,wives,daughters.please take a step forward
to protect women, a women which gave me birth and off
course all of you.

Sunday, 8 March 2015

#InternationalWomensDay2015

#InternationalWomensDay2015

My article Published in 3 Sindhi Newspapers.
#DailyHilal_e_Pakistan
#DailyJhoongar
#DailyJeejal

الله پاڪ اشرف المخلوقات کي ٻن جنسن جي بنياد تي ورھايو آھي.ھڪ مرد ٻيو عورت.عربي زبان مان اخذ ڪيل  لفظ عورت ۽ فارسي جي لفظ زن جي مونث زنانه انسان جي مادي جنس کي چيو وڃي ٿو.لفظ عورت جي پنھنجي لفظي اچارن سان مڪمل ڀيٽ ڪري سگھجي ٿي.پيار، بي پناھ محبت، لامشروط چاھت، وفاداري سان گڏ نماڻپ جي معنيٰ ڏيندڙ اھو لفظ چار اکرن تي مشتمل ھئڻ باوجود انيڪ ۽اڻ ڳڻيون فريادون ۽ التجائون ڪري ٿو وڃي.اسان جي پھرين نبي حضرت آدم عليه اسلام جي پاسراٽي مان تخليق ڪيل ھي مخالف جنس جڏھن کان خلق ٿي آھي ته ھر سطح ۽ ھر امتحان ۾ پاڻ لاء جاکوڙي ڪاميابي حاصل ڪري پنھنجي دليري ثابت ڪئي آھي.عورت جا ھڪ نه پر ھزارين روپ آھن ۽ ڏينھن رات ھو پاڻ کي مڃائڻ لاء ھر وقت ڪوشان آھي.عورت جو سڀ کان اعلي، معتبر ۽ مان وارو روپ ماءُ جو آھي. جنھن کي خدا پاڻ سلام ٿو پيش ڪري.الله سائين پاڻ ھر ھنڌ بروقت نه پھچڻ سبب ھڪ ماءُ جي تخليق ڪري ڇڏي ته جئين  ٻارن جي پرورش ۽ سار سنڀار ڪندي رھي.عورت لاء پڻ اھو اعزاز دنيا جي سڀ کان وڏو انعام آھي ته ھو نوء مھينا ھڪ نئين زندگي کي پالي جنم ڏئي ھن دنيا ۾ آڻي ٿي.جڏھن به عورت ماء جو روپ وٺي ٿي ته دنيا ۾ موجود لفظن جي وسيع ڊڪشنرين ۾ اکرن جي خزانن ۾ ڏڪار ٿو ظاھر ٿئي.ماءُ جي تعريف اڻ کٽ ۽ لامحدود آھي.ڪائنات جي فقط اھا عظيم ھستي جنھن لاء ھر مڪتب فڪر ھر مذھب سان وابسته انسان بي پناھ عزت ۽ پيار ٿو ڪري.
عورت ھڪ ڀيڻ جي پاڪيزه رشتي جي  روپ ۾ به ڀائرن ۽ سموري گھر لاء رحمت جو سبب ھجي ٿي.جنھن وٽ ڀيڻ ھوندي آھي ان ڀاءُ جي حق ۾ لڳاتار خدا جي درٻار ۾ دعائون رجسٽرڊ ٿينديو رھن ٿيون.ڀيڻيون ته ڀائرن مٿان سر گھورڻ کان به نه ٿيو ڪيٻائن ،رڳو سندن صدقي اتارڻ ۾ لڳيون پيون ھونديو آھن، خوشقسمت آھن اھي ڀاءُ جن وٽ ڀيڻين جو پيار ۽ دعائون ھر محل گڏ آھن.
جڏھن اھا پرڻجي اباڻي ڪکن مان رخصت ٿي پنھنجي ور جي چوديواري ۾ قدم رکي ٿي ته مرڻ گھڙي تائين ان گھر جي ٿي رھڻ جو وچن ڪري ڇڏي ٿي.ھو پنھنجي مڙس سان ھر دم ڏک سک ۾ سڀ کان اڳتي بيٺي نظر اچي ٿي ۽ ھر ڏکئي وقت ۾ وفادراي جا اعلي مثال قائم ٿي ڪري وڃي.
ھڪ پيءُ لاء ته اھا خدا طرفان رحمت آھي ته سندس پھريون اولاد نياڻي جو ٿئي ٿو.نياڻي جي سندس پيءُ سان محبت بي پناھ ھوندي آھي.ھو ھر وقت پيءُ جي خوشي پئي ڳوليندي آھي.الله سائين راضپي ۽ خوشي منجھان ھڪ نياڻي جي پيدائش ڪري ٿو.
ھر رشتي ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندڙ عورت ھميشه اسان جي تنگ نظر معاشري ۾ ھيڻي ئي رھي آھي.اسان وٽ موجود  مرداڻو معاشرو ڪڏھن به عورتن کي اڀرڻ ۽ اڳٿي اچڻ نه ٿو ڏئي.ھن کي قدم قدم تي ھيسائڻ جو اھو ئي مقصد  ٿي تو سگھي ته مرد نه ٿا چاھين سندن ڪو مقابلي جي صف ۾ اچي ڪلھو ڪلھي سان ملائي تعليمي يا ڪنھن ٻي فورم تي  ھنن کي مات ڏين.انھي بزدل ڊپ کي پنھنجي شخصي سوچ تي ھاوي ڪندي ھو عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪين ٿا.ڇوته جنھن علم جي روشني حاصل ڪري ورتي ان لاء دنياوي اندھيرا بي معني ٿيو وڃن.ڇوته جيڪر عورت روشني ڳولي لڌي ته ھو ان جي لپيٽ ۾ آسپاس کي به آڻي اونداھي ۽ جاھلائپ جو ڳلو پنھنجي ڪمزور ھٿن ء مظبوط دماغ سان جلد ئي گھٽي ڇڏيندي.

اسين جيڪر اسلام کان اڳ  جھالت واري دور جي ڳالھ ڪنداسين ته ان وقت عورتن کي انسان سمجھڻ ته پري جي ڳالھ پر ھڪ پالتو جانور کان به بدتر سلوڪ ڪيو ويندو ھو.ڄمڻ بعد زنده دفنائڻ، مار پيٽ ڪرڻ، پٽ نه ڄمڻ تي صرف ان کي واحد ذميوار بنائي ظلم ڪرڻ ،جنسي ۽ جسماني تشدد ڪرڻ ،۽ ڪجھ قبيلن ۾ سندس جي جسم کي جلائي مارڻ ،جٿي به ماريندا نه ھئا اتي غير انساني سلوڪ ڪري ان کي ڪمتر  بنائي ظلم ڪيو ويندو ھو.اسلام جي اچڻ بعد به روڪٿام نه اچي سگھي.اسان جو نبي صلعم پاڻ ھڪ تجارت ۽ ڪاروبار ڪندڙ عورت بيبي خديجه رضه سان نڪاح ڪري اھا ڳالھ امت مٿان واضح ڪئي ته عورت به گھر توڙي ٻاھر جي زندگي ۾ پاڻ کي ڪامران بڻائي سگھي ٿي.حضور صه پنھنجي اڪيلي نياڻي خاتون جنت، بيبي فاطمه عليه السلام جي مان ۾ ھميشه ان کي ايندو ڏسي بيھي رھندا ھئا.ھو پنھنجي نياڻي کي باعث فخر سمجھي الله پاڪ اڳيان پيا شڪر جا سجدا ڪندا ھئا.سندن چوڻ ھو ته ڪنھن به نياڻيجي پيءُ کي ڪڏھن به نه ستائجو ڇو جو مان پڻ ھڪ نياڻي جو پيءُ آھيان.جڏھن 60 ھجري ۾ ڏسنداسين ته به ڪربلا جي واقعي ۾ عورت جو ڪردار نمايان آھي.بيبي زينب سلام عليھا ھڪ عورت ھجڻ جي باوجود قافلي جي سالار ٿي قافلي کي به سنڀاليو، دين بچائڻ خاطر به وچ بازار ۾ خطبا  پڙھندي رھي ۽ نيٺ تائين نه حوصلو ھاريس نه ئي جھڪي نه ئي ٿڪي.
انھن ڳالھين مان صاف ظاھر ٿئي ٿو  ته جٿي به عورت کي تعليم ۽ شعور ڏنو ويو ھو اتي ھر قسم جي ڪٺن امتحان ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني ئي حاصل ڪئي..جسماني طور ڪمزور ۽ ذھني طور گھٽ عقلمند سمجھي ويندڙ عورت جيتري بھادري، سھپ ،عقل ۽ فھم جو مظاھرو ڪيو اوترو شايد گھڻن مردن جي وس جي ڳالھ ئي نه ھئي.
پھرين دور وارو ساڳيو حربو استمعال ڪندي عورت کي پست ڪرڻ جو فقط اھو طريقو اپنايو ٿو وڃي ته انھن کي تعليم جو حق مڪمل طور کسي ڇڏجي.جيڪر عورت کي تعليم ملي وئي ته يقينن انھي شعور جي زور تي ھو پنھنجا ذاتي حق گھرڻ سان گڏ پنھنجي گھر ۾ توڙي آسپاس ٿيندڙ حق تلفين خلاف ڳورو آواز اٿاريندي.
پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ به عورتن جي ڪردار جا ورق سونھارا آھن.پر ھڪ ڀيڻ جو ڪردار انوکو ۽ دل ۾ ڪشش پيدا ڪرڻ آھي.مادر ملت محترم فاطمه جناح سندس ڀاءُ محمد علي جناح سان ھر دم ساٿ نڀايو.ايتري تائين جو آخري وقت ۾ به ساڻ گڏ ھئي.کاڌي جي سار سنڀار کان رات جو دير سان ڪمري ۾ جھاتي پائي ڏسڻ ته ڀاءُ آرامده آھي يا ڪم ڪار ۾ رڌل آھي،ھو ھر قدم تي گڏ بيٺي نظر ايندي ھئي.سنڌ راڻي شھيد بينظير ڀٽو به ھڪ عورت ھئي، جيڪر تعليم نه حاصل ڪري ھا ته اسان ان کي اڄ سڃاڻو به ڪونه ھا ،پر ھو ھڪ اعلي شخصيت ،اوڀر جي نياڻي، عالم اسلام جي پھرين وزيراعظم عورت، ھڪ  عالمي ڪامياب اڳواڻ صرف علم جي روشني جي چمڪ سبب ٿي.امن جي نوبل انعام يافته ملاله يوسف زئي جيڪر طالباني سوچ اڳيان ھار مڃي ويھي ھا ته اڄ ھو دنيا ۾ سڃاتي نه وڃي ھا.عمرڪوٽ جي آسو ڪولھي جڏھن مشڪل سان ڪجھ تعليم حاصل ڪري ٻارن کي پڙھائڻ جو عزم ظاھر ڪيو ته ان جي تعليم جي ڇڪ تعليم صوبائي وزير نثار کھڙي سميت ٻين مختلف اين جي اوز کي سندس ڇني ،ڪکن پنن واري اسڪول ۾ اچي حاضري ڏيڻ تي مجبور ڪيو.
پر افسوس اسان وٽ ڇوڪرين جي تعليمي شرح انتھائي گھٽ آھي.پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25  ۾ اھو لازمي قرار ڏنل آھي ته معياري ۽ لازمي شروعاتي تعليم 5 سالن کان 16 سالن جي ھر ٻار کي ڏني وڃي.
ايجوڪيشن ڊولپمينٽ  انڊيڪس ۾ 120 ملڪن مان پاڪستان جو نمبر 113آيو آھي ان ۾ ڪاٿو لڳائڻ مشڪل نه ٿيندو اسين ڪيتري قدر تعليم کي فروغ پيا ڏيون.
سنڌ صوبي ۾ 47,394  اسڪولن جي تعداد ھئڻ باوجود به عورتن جا صرف 72,83اسڪول آھن .اسان وٽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ته تعليمي شرح 22 سيڪڙو  وڃي ٿي بيھي جيڪو فڪر جوڳو آھي.سنڌ جي ٽوٽل آبادي جي 40 سيڪڙو ڇوڪرين اسڪول جو منھن به ناھي ڏٺو جنھن مان 55 سيڪڙو ڳوٺن جي آبادي  آھي.سڄي ملڪ مان صيف  سنڌ جي ٻارن جي حاضري تمام گھٽ رڳو 67 سيڪڙو وڃي بيھي ٿي جنھن ۾ اڌ کان به گھٽ ڇوڪرين جي آھي.
اسان جي ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل 15,25,34 ۾ عورتن جي برابري، آزادي ،عوامي ھنڌن توڙي سياسي ،سماجي، فلاحي ميڙاڪن ۾ حصو وٺڻ  جي اجازت مليل آھي.پر ان جي بنھ ابتڙ تمام بدتر ڪار رھي آھي. 13 سيڪڙو وڌيڪ ظلمن ۽ تشدد ۾ وڌارو آيو آھي.جنھن ۾ گينگ ريپ، ڪاروڪاري، پيٽ باسڻ جي رسم(جنھن ۾ ان جي جنم کان اڳ  ان جو رشتو طئي ڪيو وڃي ٿو) سڱ چٽي ڏيڻ ،گھريلو تشدد، نابالغ نياڻين جي شادي ۽ ٻيا به ڪيترائي ڏوھ جيڪي ميڊيا جي ڪيمري جي اک کان لڪل رھيا آھن.سال 2011 جي انساني حقن جي تنظيم جي رپورٽ موجب 729 قتل غيرت جي نالي (Honour killing)جا ٿيا.جنھن ۾ 605 عورتون ھيون.اقوام متحده ته اھو ظاھر ڪيو آھي غيرت جي نالي تي پاڪستان ۾ ھر سال ھزار ناحق خون ٿين ٿا ۽ ڏورانھين ۽ پٺتي پيل علائقن جون خبرون پھچڻ کان اڳ دفن ٿي وڃن ٿيون.انساني حقن واري تنظيم جي رپورٽ موجب پوين چئن سالن ۾ 1,957 غيرت جي نالي تي قتل ٿيا جنھن ۾ گھڻن جي بنياد محز ھڪ ڪمزور شق ھو.

نياڻي کي ست قرآن جيترو درجو ڏيندڙ سنڌ ۾  عورتن سان ھر آئي ڏينھن نئون ظلم ٿئي ٿو.ھر  ڏينھن اخبار کڻڻ سان ظلم جي نئي ۽ انوکھي داستان سامھون اچي ٿي.پر ظلم ڪندڙ سنڌي ڇو ٿا وساري ويھن ته سنڌ جي والي عظيم صوفي شاعر شآھ عبدالطيف ڀٽائي پنھنجي شاعري ۾  عورتن جي ھمت کي داد ڏيئي ۽ ساراھ ڪندي ست سورمين جا داستان پنھنجي قلم سان سرجي ڇڏيا.مارئي، مومل ،سورٺ، نوري، سھڻي ،سسئي ۽ ليلا سڀني جي لا۽ ڪيڏو مان ۽ ڀيٽا ڏني اٿس.شاھ سائين جا شعر پڙھندڙ ڀلي ڀت ان ڳالھ کان واقف ھوندا ته شاھ سائين ڪيڏو نه مان سان نوازيو آھي عورتن جي دليري ۽ بھادري کي ،پر اڄ اسين تعليم ته پري جي ڳالھ پر سندن عزت به نه ٿا ڪيون.ڇا اسان کي اھو سونھي ٿو ته پنج منٽ چانھ ۾ ليٽ ٿي وڃڻ سبب زال کي زندگي مان ئي آجو ڪري ڇڏيو.ڀيڻ جي موبائل تي ايندڙ ھڪ مسڪال جي بنياد تي ان جي مٿان پنھنجي ڪھاڙي جا وار ڪري ڇڏيون.برادري ۾ ٿيندڙ ڪنھن ويجھي رشتيدار جي خون عيوض پنھنجي ڪمسن نياڻين کي ڪنھن اڌروٽ سان پرڻائي ان کي جيئري ئي موت ڏيئي ڇڏيون.اھا اسانجي تھذيب، ثقافت  بنھ ناھي.اھي ڪڌيون ڪاروايون اسان جي سنڌ جي حصو ھرگز ناھن، بلڪه جھالت جي اوندھي روشني  آھي جيڪا سماج کي اڃا انڌو ڪري بيٺيي آھي.ھڪ عورت جي سڌرڻ سان نه صرف ھڪ فرد بلڪه ھڪ گھر ،ھڪ باشعور معاشرو ٿو پيدا ٿئي.اسان جيستائين سوچ کي نه سڌارينداسين تيستائين ترقي ڪرڻ ممڪن ئي ناھي.تنھنڪري جيترو جلدي اسين انھي انڌير نگري مان نڪرنداسين اوترو ئي اڳتي وڌي ترقي ڪري سگھنداسين.جيستائين اسان پنھنجي ماء،ُ ڀيڻ ،ڌي ۽ زال کي مان ۽ مرتبو  ڏئي تعليم جي حق سان نه نوازينداسين، تيستائين ترقي جي راھ ۾ پوئتي ئي رھنداسين.حڪومت، سماجي ورڪرز توڙي انساني حقن خلاف جاکوڙيندڙ تنظيمن کي ھر سطح تي ڀرپور جاکوڙ جي ضرورت آھي.
8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڏينھن تي اسان ھر سال صرف ڪجھ ميڙاڪا ۽ سيمينار ڪوٺائي پنھنجي فرض جي پورائي ٿا سمجھون پر اھو قرض تيستائين اسان جي ضمير کي جھنجوڙو پيو ڏيندو جنھن وقت تائين اسان جي نظر جي پھچ تائين ڪا عورت ڪنھن به ظلم جو شڪار ٿيندي رھندي.

ماھم سنڌي/ميرپورخاص