Saturday, 8 April 2017

جُھولي لال ته جھوليون ڀري ڏيندو آھي ! / ماھم سنڌي / ميرپورخاص

8/4/2017
My short story.
Remembering   #SehwanAttack

جُھولي لال ته جھوليون ڀري ڏيندو آھي ! / ماھم سنڌي / ميرپورخاص


اولاد ھڪ عورت جي مڪمل ھجڻ جو ثبوت ھوندو آھي ان سوا ھر عورت نامڪمل ۽ اڌوري ھوندي آھي  ،  بلڪل ائين جئين ڪو وڏي ديودار وڻ تي ،  ويران جھولي نما خالي آکيرو ھجي جنھن ۾ ڪک پن ته ھوندا پر ڪو  ٻار مثل پکيئڙو ان آکيري کي رونق بخشڻ لاء نه اتي ترسندو آھي  نه ان طرف رُخ ڪندو آھي .

22 سالن جي ھندو مذھب سان لاڳاپيل ڇوڪري لڪشمي جڏھن  پنھنجي جواني ۾  ھم عمر رام چند سان پرڻجي ان جي گھر ۾ قدم رکيا  ته ، ھن کي پيار توجه ۽ ھڪ خوشحال زندگي نصيب ٿي ۔ جنھن سبب ھو سرھي ھوندي ھئي ته ٻين دوستاڻين جي ڀيٽ ۾ مان ڪيڏي نه وڌيڪ سُکي آھيان جو وَر به ڀائينم ٿو ،  ساھرا به سٺي طريقي سان پيش اچن ٿا ۽ نڻانون توڙي ٻيا سڀ ڪيڏو نه خيال رکن ٿا . انھي خوشي ۾ ھو سڀن سان گڏجي ڪم ڪار ۾ شادي بعد جلد ئي ھٿ ونڊائڻ لڳي  ۽ سڀني سان جلد رلي ملي وئي . اوڀر طرف منھن واري گھر ۾ ٽي ڪمرا ۽ وڏو صحن ھيو ، جتي لڪشمي پنھنجي شوق سان گلابن،  چنبيلي ۽ راڻي گل جون ڪونڊيون به رکيون .جيڪو به ٻاھران ايندو ھو انھن گلن طرف ڇڪي ضرور کائيندو ھو . انھن جي سار سنڀار لڪشمي پاڻ ڪندي ھئي ۽ گھر جي ٻين ڪم ڪارن ۾ پڻ اڳڀري ھوندي ھئي .  رام چند مائٽن جو سڪيلڌو پٽ  ۽ 4 ڀيڻن جو وڏو ڀاءُ ھيو . رام چند کي جئين ئي  گريجوئيشن بعد زرعي کاتي ۾ 15 گريڊ جي نوڪري ملي ته ان جا مائٽ ان کي پرڻائڻ لاء رشتي جي تلاش ۾ لڳي ويا ۽ انھن کي ويجھو ئي لڪشمي جو رشتو نظر آيو . شڪل شبيھ ۽ قد بُت ، چال چلن ۾ لڪشمي ھڪ سٺي ڇوڪري ھئي . ان جي لھجي ۽ لفظن جي مٺاس دل خوش ڪري ڇڏيندي ھئي . لڪشمي 2 ڀائرن ۽ ھڪ ڀيڻ جي وڏي ڀيڻ ھئي . ھن جي تعليم بي اي تائين ھئي  پر ھو گڏوگڏ محنتي ،  سلڇڻي ۽ شعور رکندڙ ڇوڪري ھئي . شادي بعد صبح سوير اٿي پنھنجي پيءُ جھڙي سُھري کي اخبار پڙھي ٻڌائيندي ھئي ،  سس جو پڻ خيال ڪندي ھئي ، نڻاڻن جي پڙھائي ۾ مدد ڪندي ھئي ، توڙي مڙس جي به ليکي چوکي ۽ ھر مسئلي ۾ صلاح مشورو ڪرڻ واري ھئي . شادي جي سال بعد لڪشمي جي ساھرن کي ٻار جي خواھش ٿيڻ لڳي ته اسانجي سڪيلڌي پٽ جو اولاد ٿئي جنھنجا  ھن چپ چاپ گھر ۾ ٽھڪڙا  گونجن  ۽ معصوم ٻار گھر ۾ خوشيون پکيڙي . ھڪ عورت ھئڻ جي ناتي لڪشمي جي فطرتي ممتا به ظاھر ٿي رھي ھئي ۽ ان کي به ٻار جي خواهش بي انتھا جي ٿيندي ھئي . بس چاھيندي ھئي جلد کان جلد منھنجي جھولي سائي ٿئي .  انھي خواھش جي پورائي لاء لڪشمي سال ڏيڍ  جي انتظار بعد پنھنجي سس سان گڏجي ليڊي ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ وئي ، جنھن ھن جي ٽيسٽن بعد معمولي بيماري ڄاڻائيندي ان جو علاج شروع ڪيو ۽ اميد ڏنائين ته جلد ئي لڪشمي ڳورھاري ٿي ويندي . لڪشمي ۾ سرھاڻ اچي وئي ۽ ھو پر اميد ٿي وئي ته شايد ھاڻي جلد ئي پنھنجي ساھرن کي خوشخبري ڏيندس . ائين سھڻن خيالن جي دنيا سجائيندي  ڏينھن گزرندا ويا ۽ لڪشمي علاج سختي سان جاري رکيو پر ڪجھ نه ٿيو ۽ ھو ڊاڪٽرياڻي بدلائيندي  وڌيڪ مشھور ۽ مھانگي ڊاڪٽرياڻي وٽ وڃڻ لڳي پر شادي جا 5 سال گذري ويا ۽ اڃا ان جي ھنج خالي ،  ۽ گھر بي رونق ،  ڪنھن سرءُ جي موسم جيان خالي ۽ اياڻو ھيو . 5 سالن جي عرصي گذرڻ بعد آسپاس جو عورتون اچي لڪشمي جي سس جا ڪن ڀرينديون ھيون ۽ ان تي کار کائڻ لڳيون ته توکي ته تنھنجي پياري ننھن ڏاڏي ٿيڻ جو سک ئي نه ڏنو . پنج سالن جي دوران لڪشمي جون ٻه نڻانون پرڻجي چڪيون ھيون جن مان ھڪ وٽ ٻار ھو ۽ ٻي اميد سان ھئي پر لڪشمي کي ماءُ بڻجڻ جو سک نصيب نه پئي ٿيو ،  جيڪو  ان جي دل دماغ کي ٿر جي واري جيان خشڪ ۽ کوکلو ڪري رھيو ھيو  . ان جي شروعاتي خوشحال زندگي ۾ ٻار جي ناموجودگي خلل وجھي رھي ھئي ۽ ھاڻي ھو پاڻ به شدت سان ٻار جي ڪمي محسوس ڪرڻ لڳي . ان جي اندر جي ممتا تڙپي رھي  هئي ،  جيڪو به ٻار ڏسندي ھئي ان لاء چري ٿي  پوندي ھئي ۽ پيار قرب وچان ھنج کڻي چميون ڏيندي ھئي،  پر پرايو ٻار سو پرايو ھي پوء به اڪيلي ۽ پريشان .

لڪشمي ان دعا جي حوالي سان گھر ۾ پوڄا پاٽ به رکرائي ، پھتل پنڊتن کي گھرائي خاص  پوڄائون ڪرائي ڀوجن ( بھترين ماني ) به کارايائين گڏوگڏ گھر ۾ منتر به پڙھايائين ۔ جٿان جيڪا صلاح يا دعا ٻڌنڌي ھئي ھو انھي تي عمل ڪرڻ ۾ دير نه لائيندي ھئي . ھر پنڊت ۽ ڀڳت ڏي وڃڻ ، ستيون ڦڪيون ڪرائڻ ۽ گڏوگڏ ميڊيڪل علاج بعد به ھن کي صرف آسرا مليا باقي جھولي ۾ ٻار نه آيس . سال ساعتن ۾ گزرڻ لڳا ھن جي سڀني نڻاڻن جي شادي ٿي وئي ،  سڀ اولاد واريون ٿي ويون پر لڪشمي جو گھر اڳي وانگر ئي بي رونق . ھاڻي ان جو مڙس به گھڻو وقت اداس ۽ گھر کان ٻاھر رھڻ لڳو ھو . سندس سھرو فالج جي حملي سبب ھاڻي رڳو بستر تي ئي ھوندو ھيو . باقي لڪشمي جي سس ڪنھن وقت لڪشمي تي ڪاوڙ به ڪندي ھئي ته ڪنھن وقت ان جي ھمدرد به بڻجندي ھئي . ڪيترين ئي ٻارن جي ناني بڻجڻ بعد رامچند جي ماءُ  کي ڏاڏي نه ٿيڻ جو ڏک ائين ستائيندو ھو جئين ڪو گُل بھار ۾ گونچ جھلي ۽ ڦٽڻ جي عمر ۾ ڪومائجي وڃي  . اميد جي ڳنڍ کي ڳنڍون ڏيندي ڏيندي ڏھ سال  پوء 12 سال انھي آسري ۾ لنگھي ويا پر ڪا ڦڪي ڪنھن دوا ۽ ڪنھن پوڄا پاٽ جو اثر نه ٿيو ۽ سالن گزرڻ سان ، گھر جي ھر ديوار تي رڳو خوبصورت ٻارن جي تصويرن جو واڌارو آيو پر گھر ۾ ٻار جي آمد نه ٿي . ھاڻي لڪشمي کي پورو خوف حراس ھيو ته ان جو مڙس ٻي شادي ڪندو ۽ ان کي بي اولادي سان گڏ پھاج جو به سور سڄي عمر سَر تي مصيبت وانگر جھيلڻو پوندو . ھن کي ھر وقت انھي آفت جو خوف رھڻ لڳو ھيو ته ھاڻي جلد ئي ان جي پھاڄ ايندي ۔  ڇوته ھو گھر جي ماحول مان سمجھي وئي ھئي ته ان جي مڙس جي جلد شادي ٻي ھنڌان ڪرائي ويندي .
شادي جي پندرھن سال گزرڻ بعد نيٺ اھو ڏينھن آيو جو ان جي سس ان کي اعتماد ۾ وٺندي ان مٿان اھو پٿر ڪيرايو ته لڪشمي ھاڻي مجبور آھيون اسين به پنھنجي سڪيلڌي پٽ جو اولاد ڏسڻ چاھيون ٿا .  شادي جا صرف 15 سال نه گذريا ھئا پر لڪشمي جون پندرھن بھارون توڙي سانوڻيون به ڄڻ  خالي ھنج جي خوف ساڻ  گزريون ھيون . لڪشمي ڄڻ ته پندرھن سال ھڪ منت پويان رب دوجھان کي ريجھائي رھي ھئي جنھن جي نه ريجھڻ جي خبر ان سامھون هئي .

لڪشمي ڇا تون اجازت ڏئين ٿي ؟ سندس سس  سواليه انداز ۾  ڪجھ ڪجھ بيزاري آڻيندي ڦڪي منھن سان پڇڻ لڳي .
ھن وراڻي ڏيندي چيو ته  : جئين رامچند جي مرضي .
ائين چئي ھو ڪمري ۾ وڃي تمام گھڻي رُني . اڪيلي ڪمري ۾ ھو در ديوارن کي پنھنجي دانھن ڏني .
ٻي ڏينھن صبح جو لڪشمي جئين گهر جي ڪمن ڪارن مان واندي ٿي ھڪ ويجھڙي ۽ ننڍڙي مندر تي  معمول مطابق حاضري لاء پئي وئي ته ،  اتي رستي تي ئي ھڪ پوڙھي عورت ڏٺس جيڪا ان جي سامھون چار قدمن جي مفاصلي تي ٿاٻڙجي ھيٺ ڪري پئي ھئي . لڪشمي جلد اڳيان وڌنڌي ان کي سھارو ڏئي اٿاريو ۽ رستو پار ڪرايائين . اھا جھوني عورت ھلڪي گرمي سبب پگھريل ھئي . پنھنجي ميري چادر سان منھن اگھندي لڪشمي کي دل سان دعائون ڏيڻ لڳي . لڪشمي ھٿ ۾ جھليل رومال ان جي ھٿن ۾ پگھر اگھڻ سانگي ڏيندي چيو :  ڏاڏي امان دعائون ڪھڙيون ته ڏئي پئين ؟  15 سال خالي جھولي جو سور کنيو اٿم ۽ ھاڻي پھاڄ به مٿي ۾ لڳڻ واري آھي . ھڪ سٺو پيار ڏيڻ وارو مڙس ۽ ساھرا مليا ھئا ، پر  هاڻ اھڙي جو بدنصيبي پلو ۾ پئي پوم  جنھن ڪري جلد سڀ کسجي ويندم . ائين ان جي اکين مان لڙڪن جي قطار اچي ڄاڙي وٽ ڇيڙو ڪيو .
اھا پوڙھي ان جا ڳوڙھا اگھندي  پنھنجي چادر کي صحيح طرح سان پائيندي چيو : ڌيءُ پريشان نه ٿي ھڪ صلاح ڏيائين ٿي جلد کان جلد عمل ڪر تون جلد ماءُ بڻجندين .
لڪشمي ناڪار ۾ چوڻ لڳي ته  نه ڏاڏي امان سڀ ڪجھ آزمائي ڏٺم ھاڻي پنھنجي پاڻ تي ئي يقين ڪونه اٿم .
فقيرياڻي جي اسرار تي ان جي ڳالھ چُپ ڪري ٻڌڻ لڳي .
پوڙھي پوري اعتماد سان منھن ۾ اميد جي چمڪ آڻيندي چيس : سيوھڻ ۾ سخين جي ڏاتار جھولي لعل شھباز قلندر جي درگاھ آھي . جيڪو  هر ڪنھن جون خالي جھوليون ڀري ڏيندو آھي  .  تون ھڪ رات ان جي درگاھ تي وڃي پنھنجي منت گُھر  ۽ پوري يقين سان  فرياد سامهون رکي پنھنجي ڏکڙو وڃي لال تائين رساء ڏسجان جلد تون اولاد واري ٿيندين .

لڪشمي منجھي پئي ۽ چيس  : ڏاڏي امان پر اھا   ته مسلمانن جي آھي ۔ اسان ھندو مذھب جا آھيون اسين رام کي مڃڻ وارا ۽ گيتا کي پڙھڻ وارا آھيون .
نا ڌيءَ  نا . قلندر وٽ سڀ انسان ۽ ڏک وارا ڏکڙا کڻي ايندا آھن  ۽ ھو سکن سان نوازيندو آهي . ھو ھندن مسلمان جو نه پر سڀني جو لال قلندر آھي .

ھفتي اندر مايوس لڪشمي پنھنجي سس کي راضي ڪيو ۽ مڙس جي رضامندي سان ھو پھرين دفعي سيوھڻ ۾  قلندر ڏي رواني ٿي .
اندر مزار ۾ گھڙندي ئي لڪشمي پنھنجي ڳاڙھي رنگ جي ساڙيءَ جو پلو مٿي تي رکيو . داخله واري دروازي وٽ پنھنجا سينڊل لاھيندي ھو مايوس  ھوندي به ٿورڙي اميد ٻڌي نڪري پئي . جئين  اندر پھتي قلندر جي نگري جو نظارو ان لاء عجيب ۽ وڻندڙ ھيو .  ھو پھچڻ ساڻ ئي  اوڇنگارون ڏئي روئيندي رھي ۽ پنھنجي خالي جھولي ڦھلائيندي رھي . ھو بنا ڪجھ کائڻ پئيڻ جي سڄي رات قلندر آڏو ٻاڏائيندي رھي ۽ ان جي ڌمالن تي سر پڻ جھومائيندي رھي .  ھن جي سس جي ته رات جو اک لڳي وئي پر لڪشمي ھڪ ننڊ جو جھوٽو به نه ڪيو ۽ لڳاتار پنھنجي ويران جھولي لاء روئيندي رھي .
رات پوري ٿي ۽ نئي سج اڀرڻ بعد ٻي ڏينھن صبح جو لڪشمي واپس گھر آئي . مڙس جو ساڳيو ئي اکڙيل رويو ھيو ۽ سس به خاموش ھئي .
لڪشمي جي سس جتان پٽ جو رشتو گھريو پئي ان ڇوڪري وارن جواب ڏئي ڇڏيو ھيو ان جو اچانڪ ٻي ھنڌ رشتو طئي ٿي ويو ھيو  ۽ ھي ٻي رشتي جي تلاش ۾ لڳي وئي .
ٻن مھينن دوران ئي اھڙو ڦيرو آيو جو لڪشمي اميد سان ٿي وئي ، جيڪا دل اندر ئي پاڻ کي ڀانج جي لعنت جي حصيدار سمجهڻ لڳي ھئي . لڪشمي پھرين پٽ جي اولاد کي جنم ڏنو ۽ ويل خوشيون ڪنھن ڌاريل پکي جيان وري موٽي اچي گھر رسيون ھيون ۽ ائين لڪشمي کي 3 پٽ ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد ٿيو ۽ ھن جي هاڻ  زندگي مڪمل ھئي .

16 فيبروري 2017 تي شام وقت ھو پنھنجي سڀ کان ننڍي پٽ کي ، جيڪو سال جو ھيو ان کي چمچي سان  سيريليڪ کارائي رھئي ھئي . ننڍڙو ٻار وري وري وات مان ڪڍي رھيو ھو ۽ لڪشمي رومال سان صاف ڪندي پئي وئي .  پاسي ۾ پيل رموٽ تي جڏھن غلطي سان پيالي ۾ پيل سيريليڪ ڪري پئي ته لڪشمي ٽي وي رموٽ کي صاف ڪندي پاور آن ڪري ٽي وي کولي . ھڪ نيوز چئينل تي سيوھڻ تي ٿيل خودڪش ڌماڪي جي بريڪنگ نيوز نشر ٿي رھي ھئي . جڏھن لڪشمي ٻڌو ته ان ڌماڪي ۾ 20 ٻارڙا شھيد ٿي ويا آھن ته ھڪدم پنھنجي سامهون ليٽيل پٽ کي ھنج ۾ کڻي زور جي ڀاڪر ۾  ڀريندي چميون ڏيندي دانھن ڪري چوڻ لڳي : جُھولي لال ته جھوليون ڀري ڏيندو آھي .

No comments:

Post a Comment