18/2/2017
بزدل دھشتگرد يا حڪمران ؟ / ماھم سنڌي / ميرپورخاص
صوفين ۽ امن جي ڌرتي طور سڃاڻپ رکندڙ سنڌ جو شھر سيوھڻ جٿي حضرت عثمان مروندي لال شھباز قلندر جي مقدس مزار تي ھزارين پانڌيئڙا خالي جھوليون کڻي دعائون گھرڻ اچن ٿا اتي 16 فيبروري جي شام جو افسوسناڪ جيءُ جھوريندڙ آپگھاتي حملو ان وقت ٿيو جڏھن جمعي رات جي ڌمال ھلي رھي ھئي ۽ جاري ٿيل ويڊيو ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته جڏھن ڌمال دوران عقيدتمند جھومي ڪري نعرا ھڻي رھيا ھيا ته ھڪ ناپاڪ بمبار سون جي دروازي کان داخل ٿي مزار جي احاطي ۾ 20 ڪلو ڌماڪيدار مادي سان پاڻ کي اڏائي ڇڏيو جنھن ۾ ايندڙ آخري رپورٽن تائين 90 بيگناھ قلندر جا عقيدتمند شھيد ٿي ويا جنھن ۾ 20 ٻار ۽ 9 عورتون به شامل ھئا ۽ 210 کن زخمي ٿيا جن ۾ ڪجھ جو بچڻ مشڪل آھي . سيوھڻ اسپتال جي ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر معين الدين صديقي موجب زخمين مان 40 جي حالت انتھائي ڳڻتي واري آھي . زخمين کي حيدرآباد نوابشاھ ڏي منتقل ڪيو ويو . ڪيترن ئي گھرن ۾ ماتم برپا ۽ سنڌ امڙ جي ڌرتي تي سوڳ جو تڏو وڇايو ويو . نوري آباد واسي 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا . جيڪب آباد واسي ٽي ڀاءُ ڀيڻ به شھيد ٿي ويا . سنڌ امڙ ڪارو لباس پھري ورتو ۽ امن جي ڌرتي سنڌ ۾ دھشت ۽ ڏھڪاءُ روڄ راڙو پکڙجي ويو . صبح ٿيندي ئي ظلم جا ستايل ماڻھو روڊن تي سراپا احتجاج آھن ھر ھنڌ ھڙتال آھي ۽ سنڌ واسي انصاف گھري رھيا آھن . وزيراعظم نواز شريف آرمي چيف قمر جاويد باجوه سميت سيوھڻ اچي رھيو آھي جيڪو چند پئسا ورھائي ۽ تماشو ڏسي روانو ٿي ويندو پر انصاف وري به سنڌ کي پلئه نه پوندو .معمولي سيڪيورٽي جي ڪري آساني سان داخل ٿيل حملو ڪندڙ ان خوني حملي جي ذميواري دولت اسلاميه (آئي ايس ) قبولي آھي . جيڪي لشڪر جھنگوي سان ملي ڪري اھي حملا ڪري رھيا آھن . وزرات داخله روايت موجب خاموش تماشائي بڻي بيٺي آھي .
پنج دريائن سان ملي ٺھندڙ پنجاب صوبي جي گادي واري ھنڌ لاھور ۾ 13 فيبروري شام جو 6 وڳي پنجاب اسيمبليءَ سامھون مال روڊ تي خودڪش ڌماڪو ان وقت ٿيو ، جڏھن پنجاب ڊرگ ايڪٽ 2017ع خلاف ڪيمسٽ ۽ ڊرگ ايسوسيئيشن پاران پنجاب اسيمبلي سامھون ڌرڻو ھنيو پئي ويو، جنھن سبب اتي ميڙاڪو ھيو ۽ پوليس جا وڏا آفيسر ٺھراءُ لاء اتي پھتل ھئا ۔ 22 ساله نصرالله عرف زبيع الله نالي شخص پنھنجي پاڻ کي 6 کان 8 ڪلو مادو بم ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ان نتيجي ۾ ساھ جي بچائڻ خاطر ماڻھن ۾ ڊُڪ ڊوڙ پئجي وئي ۽ ان خودڪش بم حملي ۾ ڊي آء جي ٽريفڪ ڪئپٽن احمد مبين ۽ ايس ايس پي آپريشن ذاھد گوندل ، ٻه ٽرئفڪ اھلڪار ۽ ٻن پوليس وارن سميت 14 معصوم ماڻھن جي بي گناھ مارجي وڃڻ جا اطلاع آھن گڏوگڏ 70 کان مٿي ماڻھو زخمي ٿيا آھن . ڌماڪي جي بعد جلد ئي روايت برقرار رکندي مذمتي ۽ تعزيتي پيغام وزيراعظم سميت ٻين جا جاري ٿيندا رھيا جئين ڪو نيڪ لفظ چوڻ ۾ رھجي نه وڃي . ھڪ دفعو ٻيھر عام ماڻھو رت ۾ وھنجاريا ويا ۽ با اختيار ادارا ھٿ ۾ ھٿ ڏئي چپ جو روزو رکي ڏسندي پرکندي سوچيندي رھجي ويا . پنجاب صوبو جٿي دھشتگردن جون نرسريون ۽ پناھگائون آھن ، جٿي رينجرس کي پير پائڻ جي اجازت ناھي (جيڪا سنڌ ۾ اچڻ بعد مُدو وڌائيندي پئي وڃي ۽ اتي پنھنجي مَن موجب ڪاروايون ڪري پئي) سا پنجاب ۾ پير اورانگھڻ کان لاچار آھي . 15 فيبروري تي پشاور ۾ 5 سول جج عدالت کان سرڪاري گاڏي ۾ وڃي رھيا ھئا ته بمبار وين سان پاڻ کي اڏائي ڇڏيو ۽ ڊرائيور شھيد ۽ جج زخمي ٿي پيا . ڪوئيٽا ۾ به بم ڌماڪو ٿيو ، مھمند ايجنسي ۾ به آپگھاتي بم ڌماڪا ٿيا جنھن ۾ 3 ليويز اھلڪار ، اسڪول ٽيچر ۽ ھڪ عام شھري شھيد ٿي ويو . 16 فيبروري ۾ بلوچستان جي بارودي سرنگھ آواره واري علائقي ۾ ڌماڪو جنھن ۾ 3 فوجي اھلڪار مارجي ويا .
پنج ڏينھن ۾ چارئي صوبن سميت فاٽا ۾ 8 ڌماڪا ؟ ائين لڳي رھيو آھي ته انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ دھشتگرد پنھنجي بد ارادن سان ملڪ تي مڪمل غالب اچي ويا آھن، جنھن جي خلاف ساڳي رٽ رٽيندي شايد دھشتگردن جي ايڏي دليري کي ئي شاباس ڏيڻ لاء قومي سلامتي ھنگامي اجلاس سڏايو ويو آھي . آرمي چيف قمر جاويد باجوه طرفان ڏکڻ پنجاب ۾ ڪومبنگ آپريشن جي ھدايت ڪندي 3 شھرن ۾ گرينڊ آپريشن جو چيو آھي جنھن جو باقاعده اعلان ۽ شروعاتي قدم اڃا ناھي کنيو ويو .
ٿورو سوچجي ته پوئين مھيني 17 جنوري ۽ 25 جنوري کان ڌمڪيون ھيون ۽ سيڪيورٽي ريڊ الرٽ ڪرڻ جو چيل ھيو . پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ ته اھي منٽس به شامل ھئا پر ان ھوندي به خودڪش بمبار آساني سان داخل ٿيو ۽ پنھنجي مقصد ۾ مڪمل طور تي ڪامياب ٿي ھڪ دفعو ٻيھر بزدل چوندڙن کي پنھنجي ناپاڪ عمل جي بھادري جي ڇاپ انھن جي منھن تي ھڻي ويو ، جيڪي چوندا ٿا رھن ته جلد دھشتگردي جو نام نشان مٽايو ويندو ۽ دھشتگرد ڪمزور ٿي رھيا آھن ، انھن جي چيلھ چٻي ٿي وئي آھي ، اھي بوکلائجي ويا آھن وغيره . سنڌ حڪومت پڻ ايڏن مليل ڌمڪين بعد انتھائي اھم ۽ حساس جڳھين تي سختي ڇونه ڪئي . ڌمڪيون ته سڄي ملڪ لاء ھيون پر سنڌ حڪومت ڪي خاص جوڳا اُپاءُ نه ورتا ويا .
نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي (نيڪٽا ) پاران تازو ئي 7 فيبروري تي پنجاب صوبائي حڪومت ، پنجاب چيف سيڪريٽري ، پنجاب ڊي جي رينجرز کي وارننگ جاري ڪئي وئي ھئي ته حملا آور عوامي رش واري جڳھين ، عمارتن ، اسپتالن ۽ اسڪولن کي نشانو بڻائي سگھن ٿا جنھن سبب ريڊ الرٽ جاري ڪري وڌ ۾ وڌ سيڪيورٽي وڌائي وڃي . پر حڪومت ان ڌمڪي کي ۽ عوامي جانين کي ھلڪو ۽ سستو پئي سمجھيو ۽ پنھنجي خوف اندر ڪنبندي چپ رھڻ بھتر سمجھيس .
حملي کان ٽي ڏينھن اڳ ان جماعت پاران بيان جاري ڪيو ويو ھيو ته اڃا ته صرف شروعات آھي ايندڙ ڏينھن ۾ بم حملا سڄي ملڪ ۾ ڪري عام ڪوس ڪيو ويندو . ايتري ڌمڪين بعد به نيشنل ايڪشن پلان جو توڙي نيڪٽا جو نه ڪوئي اجلاس ٿيو ۽ نائي ڪا اڳڀرائي آندي پئي وئي بلڪه ملڪ جي پاڙن تائين پھتل دھشتگردي جي وڻ کي اڃا وڌيڪ خاموشي سان پاڻي ڏنو پئي ويو .
لاھور بم ڌماڪي بعد جلد انجي ذميواري پابندي پيل دھشتگرد تنظيم جماعت الاحرار اعلانيه قبولي ورتي آھي ، ان سان گڏ بمبار جو فوٽو جاري ڪيو ويو آھي ۔ ڇا اھا بزدلي آھي؟ سرعام حڪومت اڳيان اھو ثابت ڪرڻ ته اسانکي اوھان ڪجھ ڪري ئي نٿا سگھو . عام فھم جي ڳالھ آھي ته ڌمڪيون ڏئي چئلينج ڪرڻ ۽ اھي ڌمڪيون پوريون ڪري ڏيکارڻ ، ڪٿي آھي ڪو ڊپ ڊاءُ انھن کي ، جيڪي سولي طريقي سان ماڻھن کي رت ۾ وھنجاري ، ڪنھنجو ڀاءُ ته ڪنھنجو مڙس ، ڪنھنجو پيءُ ته ڪنھنجي ماءُ آرام سان کسي خوشيون ملھائين ٿا ته ڪير آھي اسانکي روڪڻ وارو ؟ ڪير به ته نه .
پنجاب کي دھشتگردن لاء محفوظ پناھگاھ بڻائي سياسي شخصيتن جي سرپرستي ۽ انھن جي بزدلي سبب پنجاب ۾ 16 ماڻھن جو بي گناھ رت مٽي ۾ ملي ويو ، سنڌ کي ان کان ٻيڻ ٽيڻ تي 80 لاش مليا . جنھن جي پوئينرن لاء بس چند لک پئسا ورھائي ڳالھ کي پٺي ڏني ويندي . پنجاب جون والي بڻجندڙ قوتون دھشتگردن ۽ انتھاپسندن کي پنھنجي ذاتي ڊپ خاطر ھر سھولت ڏيو ويٺا آھن ۽ انھن جا ھر قسم جا سھولتڪار ٿيا ويٺا آھن ، جنھن تي عسڪري قيادت به ڪو پاڻمرادو قدم نٿي وٺي . ڇوته ھي سنڌ ناھي جو پنھنجي قوت ۽ پنھنجي طاقت جو اظھار ڪري کلي عام ثابت ڪيو وڃي . جيترن دھشتگردن جا نالا ۽ انھن جو بامحفوظ رھائشون پنجاب اندر آھن سي ٻي طرف آھن ئي نه ۽ مجال آھي جو انھن سامھون ڪو اک به کڻي سگھي ۽ ڪا خبر به ھلي . جھڙي طرح ايم ڪيو ايم ۽ پي پي پي کي ڏوھاري سمجھي انھن مان چٿرون ڪڍڻ لاء نيب به متحرڪ آھي ته ٻيا ادارا توڙي وفاقي حڪومت جي ماتحت ڪم ڪندڙ ٻيا به ادارا سرگرم آھن ، پر پنجاب اندڙ ته ھڪ قدم وڌائڻ جي ھمت ڪنھن وٽ ناھي سڀ ڀاڙيا ٿيو ويٺا آھن . ڇوته اتي مذھب جي نالي تي دھشتگردي ڪندڙن جو تعداد وڌي وڻ ٿي ويو آھي جنھن کي ڪپڻ لاء ڪو به واڍو اڳيان اچڻ کان ڊپ کائي رھيو آھي . ڇوته ذاتي نقصان ۽ ذاتي دشمني ڪير به ڳلي ۾ وجھڻ نه پيو چاھي پوء ڀلي عوام ھنڌن تي موجود عوام قربان ٿيندي رھي . حافظ سميت سميت ٻيا نامي گرامي انتھاپسند ۽ لال مسجد ۾ پرورش حاصل ڪندڙ دھشتگرن تي ڪا ذري برابر پابندي نه آھي . بلڪه چوڌري نثار ميل ملاقاتون ڪري انھن جي ھر معاونت لاء تيار ٿيو بيٺو آھي .
اھا ڪھڙي قسم جي دليري چئبي جو پنجاب ۾ بھار جي موسم ۾ ملھائجندڙ بسنت موسم لغڙ بازي تي پابندي لڳائي وئي . ان بعد 14 فيبروري تي سڄي دنيا ۾ ملھائي ويندڙ ويلينٽائين ڊي تي به اسلام آباد ھاء ڪورٽ پابندي ھڻي ڇڏي . جنھن عمل سان عوامي سطح تي خوشي ملھائي وڃي ٿي اتي ڪجھ سبب ڄاڻائي پابندي ۽ وري بم ڌماڪن ۽ دھشتگردن جي سرپرستي ڪندڙن کي سياسي پشت پناھون آھن انھن کي وائکي ڪرڻ بجاء وزير داخله جا حيرت ۾ وجھندڙ بيان ٿا اچن .
حڪمرانن ۾ ڀلا ايتري طاقت ھوندي جو ڪنھن تنظيم جو نالو وٺي ان کي کليل چئلينج ڏين ۽ بعد ۾ انھن جو گرفتاريون ٿين بلڪه ڪا گرفتاري ايندي ته به ڳجھ ۾ ٺاھ ڪرائي رھا ڪيا ويندا. فوجي عدالتن جي ڪجھ وقت قيام بعد ان تا به خوف وچان ھٿي کنيا ويا جئين دھشت ڦھلائيندڙ خوش رھن ۽ متان جي ٻار وارو غصو اچي وڃين ۽ اسانکي ڪو نقصان نه ڏئي وٺن سو ڀلو آھي پنھنجو سر ۽ مال ته محفوظ رکجي باقي انھي آڙ ۾ عوامي قتلام ٿيندو رھي ته ڀلي پيو ٿئي اھي وري ڪھڙا اسانجا رت جا رشتا يا پڳ مٽ يار آھن .
اسان جا حڪمران ، سياسي اڳواڻ ۽ فوجي قيادت ھميشه دھشتگردن کي بزدل ڄاڻائي ٿي پر اھو ٻڌايو وڃي ته اُھي بزدل آھن ڪٿي ؟ جٿي چاھين، جڏھن ۽ جئين چاھين با آساني سان رسائي حاصل ڪري پھرين سر عام ڌمڪي ڏئي پوء پنھنجو ٽارگيٽ حاصل ڪري وڏي فخر سان ذميواري قبولين ٿا . اُھي ڪٿي ٿيا بزدل ۽ ڊنل ؟ بلڪه خوفزده پاڪستاني رياست آھي جيڪا دھشتگرد ۽ انھن جي سھولتڪارن کي جيءُ ۾ جايون ڏئي ملڪ ۾ رھائڻ جي به پابند آھي . انھن جي رضامندي لاء بسنت ويلنٽائين ڏھاڙي تي پابنديون به مڙھي ٿي ۽ انتھاپسندي ڦھلائيندڙن کي جلسا جلوس ڪرڻ به ڏئي ٿي . بي گناھ انساني جانين جو ڏوھ پاڪستاني رياست تي آھي جيڪا درندن جو داد ۽ سپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ امداد ڏيڻ لاء ايڏو نرم ۽ دوستاڻو رويو رکيو ويٺي آھي .
چوڌري نثار جو بيان ته دھشتگردي ۽ مذھبي فرقيواريت تي ٿيندڙ مار ڌاڙ کي الڳ رکيو وڃي جنھن مان ان جي نيت ۽ ارادا صاف ظاھر آھن . سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران 15 فيبروري تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ دوست محمد خان ھڪ ڪيس اڪلائيندي فيصلي بعد بيان ڏيندي چيو ته ڪوئيٽا ڪميشن ۾ به انھن حملن جي نشاندهي ٿيل ھئي . چوڌري نثار سميت سڄي وزارت داخله ڇو ڪاروائي نه پئي ڪري ڇو نرم رويو رکيو آھي ؟ ٻاھرين ملڪن جي زور تي ڏيکاءُ لاء ڪالعدم تنظمين تي ظاھري پابندي ته وڌي وڃي ٿي . پر انھن جا اڪائونٽ اثاثا ۽ رابطا جيڪي انھن لاء آڪسيجن جو ڪم ڏين ٿا سي منجمد نٿا ڪيا وڃن . سپريم ڪورٽ ڪجھ چوي ٿي ته رياست ناراض ٿيو وڃي . ڇوته افغان بارڊر مئنجمينٽ بابت پختا ۽ اثرائتا قدم نٿا کنيا وڃن جنھن سبب اتان دھشتگرد مواد سميت اچي رھيا آھن .
تازو ئي نظر ڦيرايون ته ڊان جي صحافي سرل اميڊيا سچ تائين پھچڻ ۾ ۽ ڇاپڻ تائين ڪامياب ويو ته سڀن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو ته ڪٿي اسين نه وڇايل ڄار ۾ ڦاسون . پناما ليڪس جي سوڙھي پانجامي ۾ ڦاٿل حڪومتي ڌُر پاڻ کي بچائڻ خاطر ته وڏا جتن ڪري ڌڙا ڌڙ پرديسي پکين جي قرباني ڏيڻ خاطر اڳيان اڳيان آھي . پر ڪو به فيصلائتو قدم انھن خلاف ناھي جيڪي سرعام عوامي ھنڌن تي پھچي انھن کي ماري رھيا آھن . اھو سمجھڻ ڪو ڏکيو ڪونھي ته بزدل ڪير ۽ بھادر ڪير آھي. ڏوھ ڪرڻ وارو ڪير ۽ ڏوھ ۾ سھولتڪار ڪير آھي .
No comments:
Post a Comment