Saturday, 8 April 2017

سنڌ مُرڪي پئي / ماھم سنڌي / ميرپورخاص


17/1/2017

سنڌ مُرڪي پئي / ماھم سنڌي / ميرپورخاص

جڏھن 17 جنوري 1995ع تي جوان ۽ جاکوڙي دماغ رکندڙ ان جُھوني سنڌ جي سُپوت جنھن جي عمر جي آڱرين مان 92ھون انگ ڇڻي رھيو ھو ۽ 93ھين سال جو آڌرڀاءُ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جشن سان ڪيو پئي ویو ،  (جيڪو اڳتي ھلي ان جي جسماني بقا جي آخري جنوري ۽ آخري سرد سيارو ثابت ٿيو ) تڏھن  ھو پنھنجي سالگرھ  جو آخري ڪيڪ ڪاٽي رھيو ھو ته ، آسپاس ۾ موجود ھن جا سچا پوئلڳ ڄڻ ته ان جي جُھوني بدن مان به ڪا واس وٺي رھيا ھئا ۽ ان جي ھلڪي مسڪراھٽ کي نئي بھار جي آمد سمجھي کيڪاري رھيا ھئا ته ، سپوت لب چوريندي ، اکين ۾ چمڪ آڻيندي اھو چيو ھيو ته مونکي منھنجي سچي قومي ڪارڪن جُمن دربدر جون ھيءَ سٽون ڏاڍو اُتساھ ٿيون ڏين ،
“وٺي ھر ھر جنم وربو
مٺا مھراڻ ۾ ملبو
ختم اونداھ ٿي ويندي
چٽيءَ چانڊڻ ۾ ملبو .“

ھي ڪو ٻيو نه پر پنج ھزار سالن جي شاھوڪار تھذيب ، ٻولي ۽ ثقافت رکندڙ سنڌ جو سچو سڄڻ  ، پيغمبر سنڌ ،  جديد سنڌي قومپرستي جي بنياد رکندڙ سائين جي ايم سيد (سيد غلام مرتضٰي شاه ) ھو . ھُن ڳالھ کي بنا ساھي جي اڳيان وڌائيندي چيو ھيو ته اڄ مان عمر جي انھي منزل تي اچي پھتو آھيان ، جنھن کي اوھان چراغ سحري چئي سگھو ٿا ،  پر مون پنھنجي ھمت  ،  طاقت جدوجھد ۽ جاکوڙ نه ڇڏي آھي . مون ۾ مايوسي کان وڌيڪ ھڪ خوشحال ۽ ترقي جي راھ تي ڊوڙيندڙ سنڌ جي اُميد آھي ،  جيڪا مون ۾ جاڳي منھنجي خُون جي گردش ۾ تيزي آڻي ان کي بيھڻ نه پئي ڏي .  جنھن جي ڪري پنھنجي جذبي ساڻ اڄ به مان جوان جماڻ آھيان ۽ جسم تي آيل جُھريون انھي اڻ مٽ ۽ اڻ کُٽ جذبي کي مونکان عليحده ڪري ئي نٿيون سگھن.

چوندا آھن ھر ماڻھو جو جنم ھڪ مقصد خاطر ھوندو آھي ۽ سنڌ جي سرزمين ۾ سائين جي ايم سيد جو جنم سنڌ ۾ يڪجھتي ۽ ان جي قومي سڃاڻپ بچائڻ لاء ئي ٿيو ھيو . سنڌ سان سچو عشق رکندڙ سائين جي ايم  سيد سنڌ ۽ سنڌين سان محبت جو عزم کڻي ضلعي دادو جي شھر سَن ۾ 1904ع تي جنم ورتو .  ننڍپڻ کان ئي ھُن ۾ ايتري گھڻ رُخي قابليت ھئي جو ھو مختلف استادن جي رھبري ۾ به رھيو ، گڏوگڏ ڪتابن جو مطالعو به جاري رکيائين ۽ عملي دنيا ۾ به ھو اڳيان اڳيان رھيو . پاڻ چوي ٿو ته عملي زندگي ۾ مان عبادت سمجھي ڪم ڪندو ھوس . سنڌ جي قومي جدوجھد کان اڳ سائين جي ايم سيد پنھنجي ذاتي تحريڪ جو آغاز پنھنجي گھر ،  پنھنجي پاڙي ۽ شھر مان ڪيو .  1918ع ۾ جڏھن ھو اڃا 14 سالن جو مس ھيو ته ھُن سَن ۾ ھندو پنجائيت جيان مسلمانن جي اتحاد ۽ سماجي ڀلائي واري ڪمن جي لاء جماعت جوڙي . جنھن ذريعي ماڻھن ۾   آگاهي ، سجاڳي جو ڦھلاءُ  ۽ مصيبت دوران مدد ڪئي ويندي ھئي . جن ۾ شادين توڙي فوتگين تي اجائي خرچ کان پاسو ڪرڻ ، وڏيون مڇون رکي ۽ وڏا وار رکي پاڻ کي معتبر سمجھڻ واري روايتن کي ترڪ ڪرڻ ، سھاڳڻين  زالن کي ڳريون نٿون پائي ۽ ڪنن ۾ ڪيترائي والا وجھڻ ، ھٿن ۾ سردي گرمي ڪڙا ۽ ھس پائڻ جھڙين عجيب ۽ ڪُڌين روايتن کي تڙي ڪڍڻ ھو  .  انھي ڪمن ۾ ڪاميابي سائين جي ايم سيد لاء اڳتي وڌڻ جي ڪامياب وک بڻي ۽ ھن پنھنجو سفر وڌيڪ ڊگھو طئي ڪيو .  سائين جي ايم سيد شاھ لطيف کي ڏاڍو گھرائي سان پڙھندو ھو  ۽ ان تي ڪتاب “لطيف جو پيغام “ به لکيائين  . جنھن ۾ ان کي پرک جي ڪسوٽي تي مڪمل پرکڻ جي ڪوشش ڪيائين . ھونئن به سائين جي ايم سيد ھر ھنڌ ، ھر ڪتاب ۾ شاھ لطيف جون مثالون  پيش ڪيون  آھن ،  جنھن سان ان جي لطيف سائين سان روحاني لاڳاپي جي خبر پوي ٿي . سائين جي ايم سيد شاھ لطيف جي ئي انھي تصور جي زنده تصوير ھئي جنھن ۾ ھن سنڌ ۽ سڄي عالم لاء دعا گھرندي چيو ھيو ،
سانئيمَ ! سَدائين ڪَرِين  ، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ ،
دوستَ ! مِٺا دِلدارَ ، عالَمُ سَڀِ آبادَ ڪَرِين .
(شاھ لطيف) .
سائين جي ايم سيد چوي ٿو ته “ مون سنڌ جي پنج ھزار ساله شاندار تاريخ کي زندھ رکڻ ، سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جي ترقي ، سنڌ جي سياسي آزادي ۽ اقتصادي خوشحالي ، سنڌ جي جدا قومي وجود جي بحالي ۽ سنڌ جي غيرت حميت ۽ شاندار روايات جي زنده ڪرڻ جو عھد ڪري سياست ۾ پير پاتو ھو ۽ ڪا به  ڳالھ جا انھيء راھ ۾ رنڊڪ وجھڻ واري ھئي ، اھا قبول ڪرڻ لاء تيار نه ھئس ڀلي ڪنھنجي طرفان به پيش ڪئي وڃي . “

سائين جي ايم سيد پنھنجي حياتي ۾ ئي اھا ڳالھ ظاھر ڪندي ھدايت ڪندو رھيو ته ،  سنڌي قوم ۾ جيڪي خاميون ۽ جيڪي اختلاف آھن ، اُھي وقت رھندي دور ڪيا وڃن .  سائين جن کي انھي جي وڏي اميد ھئي ته سنڌي پنھنجي سُڌاري لاء ۽ پاڻ کي ڪامياب قوم مڃائڻ لاء تتي ٿڌي جي توڙي ڏڪار ۽ سُڪار جي پرواھ ڪيئي بغير ان تي قابو پائي ويندا ۽ پنھنجون لڪل صلاحيتون ڪتب آڻڻ جڏھن شروع ڪندا ته ، پوء سنڌ ھر سامراجي ۽ وڏيرڪي غلبي کان آزاد ھوندي.
سائين جي ايم سيد جي وسيع نظر موجب ان نقطه چيني ۽ تنقيد ڪندي سنڌين ۾ اختلاف ۽ نفاق جا جيڪي مکيه ڪارڻ ھئا سي به ڏسيا ھئا ۽ انھن کي سڌارڻ ۽ انھن کي سنوارڻ جي ڀرپور ڪوشش پنھنجي حيات ۾ ئي شروع ڪري ڇڏي ھيس . سائين جي ايم سيد موجب ته مال متي ، چوري ، عورتن کي اغوا ڪرڻ ۽ عورتن جي ڪيترن ئي مسئلن تي سنڌي پاڻ ۾ وڙھي ڳنڍ ٿيو وڃن ٿا جنھن سبب اسان جا اختلاف ذاتي کان اجتماعي حد تائين وڃي پھچن ٿا جيڪا ھڪ وڏي خامي آھي ۽ ترت سڌارڻ جي پڻ ضرورت آھي .( بيشڪ علم ۽ شعور جي روشني ئي جاھل دماغن کي چٽو ڪري سگھي ٿي ) . سائين جن موجب زمين جي مالڪي ، ناجائز قبضي خوري ۽ زرعي زمينن تي پاڻي جي چوري ۽ ورھاست به سنڌين ۾ موجود نفاق جو سبب آھي ، جنھن سبب ايڪتا جو رسو ڪمزور ٿيو ڇڻيو پوي .  مختلف پيرن جا ھڪ ٻي تي اثر ڄمائڻ ، ھڪ ٻي سان مشھوري ۽  ڪاروباري ناجائز نفعن خاطر اختلاف ، انھن جي ھيٺيان رھندڙ اٻوجھ ماڻھن ۾ تعصب کي ھٿي ڏين ٿا .  مُلن ۽ مولوين جون ھڪٻئي سان ذاتي دشمنيون ۽ پنھنجا ھٿ ٺوڪيل عقيدا مڙھڻ سبب سنڌي قوم جو ٻيڙو پاتال طرف رُخ ڪري ڇڏيندو آھي  . قبيلائي تڪرار ، طاقت جو غير ضروري استمعال ۽ ان سان ٿيندڙ فساد ۽ ويڙھ به پوئتي ڌڪيو ڇڏي . شھري ۽ ڳوٺن جي ماڻھن ۾ اقتصادي ، تعليمي اڻ برابري به اختلاف جو باعث بڻجي ٿي . ڪاموري ۽ اپر ڪلاس جون ڏاڍايون ، انھن جو تسلط ۽ انھن جو بااختيار ھجڻ ،  انھن جي مقابلي ۾ ھيٺين ۽ مڊل ڪلاس طبقي جو پيڙھجڻ ، بيجا انھن جو ظلم سھڻ ۽ انھن جي حقن تي لڳل راتاھا به ٻڌي آڻڻ نٿا ڏين . ٻاھران پناهگير ٿي آيل ماڻھن جون سنڌ ۾ پناھون وٺڻ ، انھن جو مڪاني وسيلن تي قبضو ڪرڻ ، جنھن سبب سنڌ واسين  وٽ معاشي ترقي لاء موقعا گھٽ ٿي وڃڻ ،  عدم اعتماد ۽ عدم اتحاد جو جنم وٺڻ ۽ ٻاھرين جو ايندين ئي انھن جي پشت پناھي ٿيڻ ، سنڌين سان ويڌن ٿيڻ ڪري اختلاف جنم وٺي ٿو ، جنھن سبب ايڪتا ۽ قومي ٻڌي ۾ ڪمي اچيو وڃي ۽ ھڪ قوم جي صورت ۾ ترقي جي راھ ۾ رڪاوٽ اچيو وڃي . سائين جن موجب قبائلي نظام جو پوري طرح نه ٽٽڻ ، جھالت جو نه نڪرڻ ، مٿانھين طبقي جي خود مطلبي  ۽ باھمي اختلاف قومي ڪمزوري جو باعث بڻيل آھن.

سائين جي ايم سيد جي ڪيل  اڳڪٿين ۽ ان جي تجربي جي آڌار تي ھيءَ سنڌي قوم بابت ان جا خفا ، ھتي لکڻ جو منھنجو اھو مقصد ڪونھي ته ڪو سنڌي قوم مُھذب ناھي يا ان ۾ نفاق آھي . سائين جي ايم سيد سنڌي قوم ۾ موجود خوبين جي ڪافي واکاڻ به ڪئي آھي ،  پر منھنجي مطابق چڱن گڻن کي ساراھائي انھن مٿان تعريفي لفظن جا گل ٺاھي پتيون ڇٽڪارڻ  کان  وڌيڪ اھم اھو آھي ته پاڻ ۾ موجود غلطين کي سڌارڻ ۽ پنھنجا پير ۽ دماغ صحيح سمت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته ان ۾ بحيثيت قوم اسان جي  لاء  بھتري آھي .  اڄ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي سائين جا سچا ڪارڪن عھد ته ڪري ويندا  ، پر ان ۾ عمل پيرا جيستائين نٿا ٿيون تيستائين جيڪو ھن خواب سونھاري سنڌ جو ڏٺو ھيو اُھو اڻپورو رھندو ۽ ان جا سچا پوئلڳ ۽ جنم ڀومي جا  وفادار سنڌي  سَن جي مٽيءَ جا مياري رھندا .
سائين جي ايم سيد جيتوڻڪ ننڍپڻ ۾ مذھب سان گھڻو لڳاپيل ھيو ، تنھنڪري وڏون پرھيزگار ھيو ،  نمازون ،  روزا ،  تهجدون ادا ڪرڻ ، مسجد ۾ امامت ،  جمعي جا خطبا  پڻ پئي پڙھيائين پر ھُن موجب اتان مڪمل سڪون نه ماڻيم  ۽ ننڍي عمر ۾ ئي اھو احساس ٿي ويم ته رڳو عبادت ڪرڻ ئي نه بلڪه خدمت خلق ڪرڻ ۾ ئي قلب جي راحت ملي ٿي .  سائين جي ايم سيد جا استاد ۽ رھبر رھندڙ اھڙا سٻاجھڙا ھئا جن سنڌي ٻولي جي ادب ۾ ۽ سنڌ کي ترقي وٺائڻ لاء گھڻو ڪم ڪيو .  جئين ته علام آء آء قاضي ، مرزا قليچ بيگ ان کان علاوه ٻيا مذھبي رھبر به ھئا جن ان کي تعليم ڏني .

سائين جي ايم سيد سنڌين کي مخاطب ٿي پنھنجي آخري سالگرھ ۾  ھدايت ڪئي ھئي ته ، جيستائين توھان ايندڙ خطرن ۽ مصيبتن کي محسوس نه ٿا ڪريو  ، ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﺍﻳﻨﺪڙ ﺧﻄﺮﻥ ،  ﻃﻮﻓﺎﻧﻦ ،  ﺍﻥ جو  ﺍﺩارڪ  ۽ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺩﻝ ۾ ﺍﻳﺌﻦ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪرڻ لڳو ، ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻮﻥ ﻣﺤﺴﻮﺱ ڪﻴﻮ ۽ ڏﭠﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮﺀِ ﺗﻮﻫﺎﻥ ڪﺎﻣﻴﺎﺏ ۽ ڪﺎﻣﺮﺍﻥ ﻫﻮﻧﺪﺅ . ﭔﻲﺀَ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﻏﺎﻓﻞ، ڪﺎﻫﻞ ۽ ﻻﻟﭽﻲ ﻗﻮﻣﻦ ، ﻓﺮﺩﻥ ﺟﻮ ﺍﻧﺠﺎﻡ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﺟﻲ ﺻﻔﺤﻦ ۾ ﻋﺒﺮﺗﻨﺎڪ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . سائين جي ايم سيد  25 اپريل 1995ع تي جڏھن  الوداع  ڪيو ھيو  ، ان وقت ۽  حالانڪه اڄ جي مقابلي ۾  حالات ،   مسئلا ۽ معاشي عدم استحڪام جي صورت تبديل آھي ، پر ائين چوڻ غلط نه ٿيندو  ته جيڪي ٻج سنڌ جي دشمنن ان وقت پوکي ڇڏيا ھئا  ، سي اڄ وڌي وڏا ٿوھر ٿي نظر اچي رھيا آھن ، جن جي چوڌاري نوڪ دار ڪنڊا آھن ۽ چواڻين موجب نانگ به انھي ٻوٽي جي موجودگي ۾ آستانو ٺاھڻ لڳي ويندا آھن .

سائين جي ايم سيد جڏھن پاڪستان جي آزادي بعد پيش ايندڙ خوني واقعا ڏٺا ۽ جڏھن ھن کي اُھو احساس ٿيو ته پنجابي سامراجي قوتن جي ڳٺ جوڙ سبب پاڪستان جي نالي تي ڌار رياست جوڙي وئي ھئي جنھن ۾ سنڌين ،  بلوچن ، بنگالين سان تمام گھڻو ويڌن ٿيو پئي ته ،  سائين جي ايم سيد سنڌ قوم جي باھمي بقا لاء ۽ ڌرتي ڌڻين کي مالڪي ڏيڻ خاطر ، پوري منصوبابندي ۽ پوري سببن ، انگ اکرن  سان ، الڳ وطن سنڌو ديش جو نقشو چٽيو .  پاڻ چوندو ھو سنڌ جي غلامي ۽ ڪمزوري جو باعث ان جو غدار وڏيرو ،  پير ، مُلا آھي انھي جي پاڙ پٽڻ سنڌ جي آزاديءَ جي راھ ھموار ڪندي .
سائين جي ايم سيد چوي ٿو “ اسان جڏھن پاڪستان جي قيام لاء ڪوشش ٿي ڪئي ته اميد ھئيسون ته ، ھڪ مذھب جي مڃڻ وارن کي جدا ملڪ ملڻ بعد اھو دارالسلام ٿي پوندو پر گزريل سالن جي تجربي ان اسان جي خوشفھميء کي پاش پاش ڪري ڇڏيو .“  ھو سڏ ڪري ماڻھن کي چوندو ھيو ته “ اچو ته گڏجي دعا ڪريون ته پاڪستان ٽٽي وڃي . “  جنھن سبب ھن جي دشمنن جو دائرو وبا وانگر ڦھلجندو  ويو .
اڄ سائين جي ايم سيد جي 113ھين سالگرھ آھي ، پر اڄ سنڌ جي اھڙي حالت وڃي ٿي آھي جو  جھونا توڙي نوجوان سنڌي قومپرست ڪارڪن ايڏي سردي ۾  کنڀجڻ کان پوء عذاب ۽ عقوبتون سھي رهيا  آھن ۽ انھن جي گھرن ۾ بدستور اداسي ۽ مايوسي آھي . اڄ سنڌ ۾ اصلوڪا سنڌي لڏپلاڻ ڪري پيا وڃن ۽ ڌاريا پنھنجا پير پختا ڪندا پيا وڃن . اڄ سنڌ جي راڄڌاني ۾ بم ڌماڪا ٿين پيا ۽ جيڪي به آزادي ۽ مذھبي ھم آھنگي جو نالو ٿا وٺن ته يا گُم ڪيا پيس وڃن يا  دهشتگردي جي جديد روايت ٽارگٽ ڪلنگ  جي ور چڙھيو ٿا وڃن . ھڪ نا بلڪه انيڪ مسئلا سنڌ جي ڳلي ۾ ڦاسايا ويا آھن .
پر اڄوڪي ڏينھن سائين جي ايم سيد جڏھن سَن جي زمين ۾ جنم ورتو ھيو  ۽ اکيون کوليو ھيائين  ته ، ضرور ان جي پيدائش تي جئين ان جي جنم ڏيندڙ ماءُ ۽ ٻيون ڦڦيون خوش ٿي کلڻ لڳيون ھونديون ته ، انھي مھل ھيٺيائين شاعري سان ٺھڪندڙ پڙاڏو ضرور فضا ۾  گونجيو ھوندو :
‏ﺟﻲﺀَ ﺟﻴﺎﺭﻥ ﻣﭥﺎﻥ ، ﺟﺎﻥ ﻧﺜﺎﺭﻥ ﻣﭥﺎﻥ ،
ﻣﻨﺰﻝ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ، ﭼﻨڊ ﺗﺎﺭﻥ ﻣﭥـﺎﻥ ،
ڪﺎڪ ﺟﻲ ﻫﺮ ڪﻨﮅﻱﺀَ ﺟﻲ ڪﻨﺎﺭﻥ ﻣﭥﺎﻥ ،
ﺩﺷﻤﻦ ﺩﻳﺶ کي ڦاھي ﺳﺮڪﻲ ﭘﺌﻲ
ﺳﻨﮅ ﻣُﺮڪﻲ ﭘﺌﻲ
سنڌ مُرڪي پئي .


Life is miraculous / Maham Sindhi

21/3/2017
Life is miraculous / Maham Sindhi

http://www.thesindhtimes.com/blogs/life-is-miraculous/

Spring is known for the season of blooming flowers, cool winds and stage of harvesting of wheat crops (Pakistan's largest food crop). After the conclusion of winter season from mid of the February spring (Bahaar) starts by welcoming all kinds of flowers in gardens, for most of people spring is an adorable season. We also hear poetries in this season, recalling a song on my mind in which a female lover requesting to spring season in this way “O Spring season, please fill that environment with the fragrance of many flowers, My Lover is coming back to his native land, from a foreign country." During that season Bird lays eggs in their nests, sing in sweet voices which attract everyone towards their beauty, according to a scientific research in most birds there is an organ named syrinx in the lower part of neck called sound box which helps to make voice sweet and attractive like a melody.

In the last week, last Sunday of February, late morning when the needle of wall clock crossed the number ten, I woke up from deep sleep, some rays of sunlight entering in my room from East side's window; I came out from my bedroom and went to side of the water Tank (A square shaped water storage place). The blue sky is shining with sun, as Sun announcing I’m raised from past many hours.

I had heard some voices of Birds, but they were away from my eyesight, i tried to search them but from my four sides they weren't present. When I was washing my face with a face wash there is a slow feared voice of a little bird caught by my sense of hearing. It’s like a so little new born baby bird crying in her own natural tone and calling her Mother as Chuun Chuun Chuun...

First I gathered some conscious, and followed the voice of Bird Suddenly I saw a small bird falling down in the water filled bathtub, The small bird sinks, moving his little wings and struggling and trying to escape from it, but it is so small in size and baby bird is about to die in the water I got shocked and felt sorry for him. Lots of unanswered questions passes through my mind in a moment why that bird is here in the water? Where is mother? Where is the nest etc etc....?

Very quickly I picked up bird in my hands, bird is shivering and taking long breaths some water entered in lungs through mouth, I remembered many days ago my Ami said hands of humans are poisonous for little birds so whenever you take it use any piece of cloth. I had taken a piece of cloth and picked up bird in cloth then slowly kept down on the floor in the presence of sun light. It's a sparrow bird, after 10 minutes I felt the bird is feeling better. Her wet wings are now dry and Breath is also normal. Now the problem is that how can we search her mother? Where is the nest? How can we approach? I ask from my siblings, but they were unaware about it. Then my elder sister said "Give me that small bird, l and my husband will take care of it in my home”.  I said “Yes!  But please try to find his nest first because Bird needs her Mother”. During 15 minutes, my cousin's mother passing through our home. She is going outside the home because of her own work. She looked at us and in a seconds she asked " why that little bird lying on floor?” I told her story without a break. She said:  “I think I know where her mother is. There is a nest beside my home in a branch of Neem tree. The birds are shouting since morning and there is a group of Birds also, I was thinking that why they are shouting in long voice on the nest. Now I understand they all are mourning because their baby is missing from nest, every day in the early morning Birds goes out from nest to other places for food, they use their beak to carry babies, so it is possible when they fly upon your home that little bird may be fell down due to heavy winds or could be any other reason.

I feel glad to know this, and said to her, please Help her and quickly I handover her that Bird breathing in cloth, she took it and gone back to her home, I was following her footsteps, When We both Me and my Aunty reached at beside the Neem tree the nest is empty, she picked up bird from cloth and kept it inside the empty nest. At one glance I saw the mother of Bird with a group of sparrow's flying over the tree, Mother Sparrow looks happy by touching that small bird again and again, sometime with beak and sometime with wings. Her behavior was telling that she almost lost her baby and has no much expectations of her safe recovery. It seems her baby also telling her how she got afraid and hungry when mother is far away from her. Aunty said to me: Dear Maham daughter, well done! You succeed to save a bird's life, and you helped a Mother to find her new born baby, I said No Dear Aunty, its none of me. New Life is a Miracle of God. All credit goes to Allah Almighty for blessed a little bird with new life.

جُھولي لال ته جھوليون ڀري ڏيندو آھي ! / ماھم سنڌي / ميرپورخاص

8/4/2017
My short story.
Remembering   #SehwanAttack

جُھولي لال ته جھوليون ڀري ڏيندو آھي ! / ماھم سنڌي / ميرپورخاص


اولاد ھڪ عورت جي مڪمل ھجڻ جو ثبوت ھوندو آھي ان سوا ھر عورت نامڪمل ۽ اڌوري ھوندي آھي  ،  بلڪل ائين جئين ڪو وڏي ديودار وڻ تي ،  ويران جھولي نما خالي آکيرو ھجي جنھن ۾ ڪک پن ته ھوندا پر ڪو  ٻار مثل پکيئڙو ان آکيري کي رونق بخشڻ لاء نه اتي ترسندو آھي  نه ان طرف رُخ ڪندو آھي .

22 سالن جي ھندو مذھب سان لاڳاپيل ڇوڪري لڪشمي جڏھن  پنھنجي جواني ۾  ھم عمر رام چند سان پرڻجي ان جي گھر ۾ قدم رکيا  ته ، ھن کي پيار توجه ۽ ھڪ خوشحال زندگي نصيب ٿي ۔ جنھن سبب ھو سرھي ھوندي ھئي ته ٻين دوستاڻين جي ڀيٽ ۾ مان ڪيڏي نه وڌيڪ سُکي آھيان جو وَر به ڀائينم ٿو ،  ساھرا به سٺي طريقي سان پيش اچن ٿا ۽ نڻانون توڙي ٻيا سڀ ڪيڏو نه خيال رکن ٿا . انھي خوشي ۾ ھو سڀن سان گڏجي ڪم ڪار ۾ شادي بعد جلد ئي ھٿ ونڊائڻ لڳي  ۽ سڀني سان جلد رلي ملي وئي . اوڀر طرف منھن واري گھر ۾ ٽي ڪمرا ۽ وڏو صحن ھيو ، جتي لڪشمي پنھنجي شوق سان گلابن،  چنبيلي ۽ راڻي گل جون ڪونڊيون به رکيون .جيڪو به ٻاھران ايندو ھو انھن گلن طرف ڇڪي ضرور کائيندو ھو . انھن جي سار سنڀار لڪشمي پاڻ ڪندي ھئي ۽ گھر جي ٻين ڪم ڪارن ۾ پڻ اڳڀري ھوندي ھئي .  رام چند مائٽن جو سڪيلڌو پٽ  ۽ 4 ڀيڻن جو وڏو ڀاءُ ھيو . رام چند کي جئين ئي  گريجوئيشن بعد زرعي کاتي ۾ 15 گريڊ جي نوڪري ملي ته ان جا مائٽ ان کي پرڻائڻ لاء رشتي جي تلاش ۾ لڳي ويا ۽ انھن کي ويجھو ئي لڪشمي جو رشتو نظر آيو . شڪل شبيھ ۽ قد بُت ، چال چلن ۾ لڪشمي ھڪ سٺي ڇوڪري ھئي . ان جي لھجي ۽ لفظن جي مٺاس دل خوش ڪري ڇڏيندي ھئي . لڪشمي 2 ڀائرن ۽ ھڪ ڀيڻ جي وڏي ڀيڻ ھئي . ھن جي تعليم بي اي تائين ھئي  پر ھو گڏوگڏ محنتي ،  سلڇڻي ۽ شعور رکندڙ ڇوڪري ھئي . شادي بعد صبح سوير اٿي پنھنجي پيءُ جھڙي سُھري کي اخبار پڙھي ٻڌائيندي ھئي ،  سس جو پڻ خيال ڪندي ھئي ، نڻاڻن جي پڙھائي ۾ مدد ڪندي ھئي ، توڙي مڙس جي به ليکي چوکي ۽ ھر مسئلي ۾ صلاح مشورو ڪرڻ واري ھئي . شادي جي سال بعد لڪشمي جي ساھرن کي ٻار جي خواھش ٿيڻ لڳي ته اسانجي سڪيلڌي پٽ جو اولاد ٿئي جنھنجا  ھن چپ چاپ گھر ۾ ٽھڪڙا  گونجن  ۽ معصوم ٻار گھر ۾ خوشيون پکيڙي . ھڪ عورت ھئڻ جي ناتي لڪشمي جي فطرتي ممتا به ظاھر ٿي رھي ھئي ۽ ان کي به ٻار جي خواهش بي انتھا جي ٿيندي ھئي . بس چاھيندي ھئي جلد کان جلد منھنجي جھولي سائي ٿئي .  انھي خواھش جي پورائي لاء لڪشمي سال ڏيڍ  جي انتظار بعد پنھنجي سس سان گڏجي ليڊي ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ وئي ، جنھن ھن جي ٽيسٽن بعد معمولي بيماري ڄاڻائيندي ان جو علاج شروع ڪيو ۽ اميد ڏنائين ته جلد ئي لڪشمي ڳورھاري ٿي ويندي . لڪشمي ۾ سرھاڻ اچي وئي ۽ ھو پر اميد ٿي وئي ته شايد ھاڻي جلد ئي پنھنجي ساھرن کي خوشخبري ڏيندس . ائين سھڻن خيالن جي دنيا سجائيندي  ڏينھن گزرندا ويا ۽ لڪشمي علاج سختي سان جاري رکيو پر ڪجھ نه ٿيو ۽ ھو ڊاڪٽرياڻي بدلائيندي  وڌيڪ مشھور ۽ مھانگي ڊاڪٽرياڻي وٽ وڃڻ لڳي پر شادي جا 5 سال گذري ويا ۽ اڃا ان جي ھنج خالي ،  ۽ گھر بي رونق ،  ڪنھن سرءُ جي موسم جيان خالي ۽ اياڻو ھيو . 5 سالن جي عرصي گذرڻ بعد آسپاس جو عورتون اچي لڪشمي جي سس جا ڪن ڀرينديون ھيون ۽ ان تي کار کائڻ لڳيون ته توکي ته تنھنجي پياري ننھن ڏاڏي ٿيڻ جو سک ئي نه ڏنو . پنج سالن جي دوران لڪشمي جون ٻه نڻانون پرڻجي چڪيون ھيون جن مان ھڪ وٽ ٻار ھو ۽ ٻي اميد سان ھئي پر لڪشمي کي ماءُ بڻجڻ جو سک نصيب نه پئي ٿيو ،  جيڪو  ان جي دل دماغ کي ٿر جي واري جيان خشڪ ۽ کوکلو ڪري رھيو ھيو  . ان جي شروعاتي خوشحال زندگي ۾ ٻار جي ناموجودگي خلل وجھي رھي ھئي ۽ ھاڻي ھو پاڻ به شدت سان ٻار جي ڪمي محسوس ڪرڻ لڳي . ان جي اندر جي ممتا تڙپي رھي  هئي ،  جيڪو به ٻار ڏسندي ھئي ان لاء چري ٿي  پوندي ھئي ۽ پيار قرب وچان ھنج کڻي چميون ڏيندي ھئي،  پر پرايو ٻار سو پرايو ھي پوء به اڪيلي ۽ پريشان .

لڪشمي ان دعا جي حوالي سان گھر ۾ پوڄا پاٽ به رکرائي ، پھتل پنڊتن کي گھرائي خاص  پوڄائون ڪرائي ڀوجن ( بھترين ماني ) به کارايائين گڏوگڏ گھر ۾ منتر به پڙھايائين ۔ جٿان جيڪا صلاح يا دعا ٻڌنڌي ھئي ھو انھي تي عمل ڪرڻ ۾ دير نه لائيندي ھئي . ھر پنڊت ۽ ڀڳت ڏي وڃڻ ، ستيون ڦڪيون ڪرائڻ ۽ گڏوگڏ ميڊيڪل علاج بعد به ھن کي صرف آسرا مليا باقي جھولي ۾ ٻار نه آيس . سال ساعتن ۾ گزرڻ لڳا ھن جي سڀني نڻاڻن جي شادي ٿي وئي ،  سڀ اولاد واريون ٿي ويون پر لڪشمي جو گھر اڳي وانگر ئي بي رونق . ھاڻي ان جو مڙس به گھڻو وقت اداس ۽ گھر کان ٻاھر رھڻ لڳو ھو . سندس سھرو فالج جي حملي سبب ھاڻي رڳو بستر تي ئي ھوندو ھيو . باقي لڪشمي جي سس ڪنھن وقت لڪشمي تي ڪاوڙ به ڪندي ھئي ته ڪنھن وقت ان جي ھمدرد به بڻجندي ھئي . ڪيترين ئي ٻارن جي ناني بڻجڻ بعد رامچند جي ماءُ  کي ڏاڏي نه ٿيڻ جو ڏک ائين ستائيندو ھو جئين ڪو گُل بھار ۾ گونچ جھلي ۽ ڦٽڻ جي عمر ۾ ڪومائجي وڃي  . اميد جي ڳنڍ کي ڳنڍون ڏيندي ڏيندي ڏھ سال  پوء 12 سال انھي آسري ۾ لنگھي ويا پر ڪا ڦڪي ڪنھن دوا ۽ ڪنھن پوڄا پاٽ جو اثر نه ٿيو ۽ سالن گزرڻ سان ، گھر جي ھر ديوار تي رڳو خوبصورت ٻارن جي تصويرن جو واڌارو آيو پر گھر ۾ ٻار جي آمد نه ٿي . ھاڻي لڪشمي کي پورو خوف حراس ھيو ته ان جو مڙس ٻي شادي ڪندو ۽ ان کي بي اولادي سان گڏ پھاج جو به سور سڄي عمر سَر تي مصيبت وانگر جھيلڻو پوندو . ھن کي ھر وقت انھي آفت جو خوف رھڻ لڳو ھيو ته ھاڻي جلد ئي ان جي پھاڄ ايندي ۔  ڇوته ھو گھر جي ماحول مان سمجھي وئي ھئي ته ان جي مڙس جي جلد شادي ٻي ھنڌان ڪرائي ويندي .
شادي جي پندرھن سال گزرڻ بعد نيٺ اھو ڏينھن آيو جو ان جي سس ان کي اعتماد ۾ وٺندي ان مٿان اھو پٿر ڪيرايو ته لڪشمي ھاڻي مجبور آھيون اسين به پنھنجي سڪيلڌي پٽ جو اولاد ڏسڻ چاھيون ٿا .  شادي جا صرف 15 سال نه گذريا ھئا پر لڪشمي جون پندرھن بھارون توڙي سانوڻيون به ڄڻ  خالي ھنج جي خوف ساڻ  گزريون ھيون . لڪشمي ڄڻ ته پندرھن سال ھڪ منت پويان رب دوجھان کي ريجھائي رھي ھئي جنھن جي نه ريجھڻ جي خبر ان سامھون هئي .

لڪشمي ڇا تون اجازت ڏئين ٿي ؟ سندس سس  سواليه انداز ۾  ڪجھ ڪجھ بيزاري آڻيندي ڦڪي منھن سان پڇڻ لڳي .
ھن وراڻي ڏيندي چيو ته  : جئين رامچند جي مرضي .
ائين چئي ھو ڪمري ۾ وڃي تمام گھڻي رُني . اڪيلي ڪمري ۾ ھو در ديوارن کي پنھنجي دانھن ڏني .
ٻي ڏينھن صبح جو لڪشمي جئين گهر جي ڪمن ڪارن مان واندي ٿي ھڪ ويجھڙي ۽ ننڍڙي مندر تي  معمول مطابق حاضري لاء پئي وئي ته ،  اتي رستي تي ئي ھڪ پوڙھي عورت ڏٺس جيڪا ان جي سامھون چار قدمن جي مفاصلي تي ٿاٻڙجي ھيٺ ڪري پئي ھئي . لڪشمي جلد اڳيان وڌنڌي ان کي سھارو ڏئي اٿاريو ۽ رستو پار ڪرايائين . اھا جھوني عورت ھلڪي گرمي سبب پگھريل ھئي . پنھنجي ميري چادر سان منھن اگھندي لڪشمي کي دل سان دعائون ڏيڻ لڳي . لڪشمي ھٿ ۾ جھليل رومال ان جي ھٿن ۾ پگھر اگھڻ سانگي ڏيندي چيو :  ڏاڏي امان دعائون ڪھڙيون ته ڏئي پئين ؟  15 سال خالي جھولي جو سور کنيو اٿم ۽ ھاڻي پھاڄ به مٿي ۾ لڳڻ واري آھي . ھڪ سٺو پيار ڏيڻ وارو مڙس ۽ ساھرا مليا ھئا ، پر  هاڻ اھڙي جو بدنصيبي پلو ۾ پئي پوم  جنھن ڪري جلد سڀ کسجي ويندم . ائين ان جي اکين مان لڙڪن جي قطار اچي ڄاڙي وٽ ڇيڙو ڪيو .
اھا پوڙھي ان جا ڳوڙھا اگھندي  پنھنجي چادر کي صحيح طرح سان پائيندي چيو : ڌيءُ پريشان نه ٿي ھڪ صلاح ڏيائين ٿي جلد کان جلد عمل ڪر تون جلد ماءُ بڻجندين .
لڪشمي ناڪار ۾ چوڻ لڳي ته  نه ڏاڏي امان سڀ ڪجھ آزمائي ڏٺم ھاڻي پنھنجي پاڻ تي ئي يقين ڪونه اٿم .
فقيرياڻي جي اسرار تي ان جي ڳالھ چُپ ڪري ٻڌڻ لڳي .
پوڙھي پوري اعتماد سان منھن ۾ اميد جي چمڪ آڻيندي چيس : سيوھڻ ۾ سخين جي ڏاتار جھولي لعل شھباز قلندر جي درگاھ آھي . جيڪو  هر ڪنھن جون خالي جھوليون ڀري ڏيندو آھي  .  تون ھڪ رات ان جي درگاھ تي وڃي پنھنجي منت گُھر  ۽ پوري يقين سان  فرياد سامهون رکي پنھنجي ڏکڙو وڃي لال تائين رساء ڏسجان جلد تون اولاد واري ٿيندين .

لڪشمي منجھي پئي ۽ چيس  : ڏاڏي امان پر اھا   ته مسلمانن جي آھي ۔ اسان ھندو مذھب جا آھيون اسين رام کي مڃڻ وارا ۽ گيتا کي پڙھڻ وارا آھيون .
نا ڌيءَ  نا . قلندر وٽ سڀ انسان ۽ ڏک وارا ڏکڙا کڻي ايندا آھن  ۽ ھو سکن سان نوازيندو آهي . ھو ھندن مسلمان جو نه پر سڀني جو لال قلندر آھي .

ھفتي اندر مايوس لڪشمي پنھنجي سس کي راضي ڪيو ۽ مڙس جي رضامندي سان ھو پھرين دفعي سيوھڻ ۾  قلندر ڏي رواني ٿي .
اندر مزار ۾ گھڙندي ئي لڪشمي پنھنجي ڳاڙھي رنگ جي ساڙيءَ جو پلو مٿي تي رکيو . داخله واري دروازي وٽ پنھنجا سينڊل لاھيندي ھو مايوس  ھوندي به ٿورڙي اميد ٻڌي نڪري پئي . جئين  اندر پھتي قلندر جي نگري جو نظارو ان لاء عجيب ۽ وڻندڙ ھيو .  ھو پھچڻ ساڻ ئي  اوڇنگارون ڏئي روئيندي رھي ۽ پنھنجي خالي جھولي ڦھلائيندي رھي . ھو بنا ڪجھ کائڻ پئيڻ جي سڄي رات قلندر آڏو ٻاڏائيندي رھي ۽ ان جي ڌمالن تي سر پڻ جھومائيندي رھي .  ھن جي سس جي ته رات جو اک لڳي وئي پر لڪشمي ھڪ ننڊ جو جھوٽو به نه ڪيو ۽ لڳاتار پنھنجي ويران جھولي لاء روئيندي رھي .
رات پوري ٿي ۽ نئي سج اڀرڻ بعد ٻي ڏينھن صبح جو لڪشمي واپس گھر آئي . مڙس جو ساڳيو ئي اکڙيل رويو ھيو ۽ سس به خاموش ھئي .
لڪشمي جي سس جتان پٽ جو رشتو گھريو پئي ان ڇوڪري وارن جواب ڏئي ڇڏيو ھيو ان جو اچانڪ ٻي ھنڌ رشتو طئي ٿي ويو ھيو  ۽ ھي ٻي رشتي جي تلاش ۾ لڳي وئي .
ٻن مھينن دوران ئي اھڙو ڦيرو آيو جو لڪشمي اميد سان ٿي وئي ، جيڪا دل اندر ئي پاڻ کي ڀانج جي لعنت جي حصيدار سمجهڻ لڳي ھئي . لڪشمي پھرين پٽ جي اولاد کي جنم ڏنو ۽ ويل خوشيون ڪنھن ڌاريل پکي جيان وري موٽي اچي گھر رسيون ھيون ۽ ائين لڪشمي کي 3 پٽ ۽ ھڪ نياڻي جو اولاد ٿيو ۽ ھن جي هاڻ  زندگي مڪمل ھئي .

16 فيبروري 2017 تي شام وقت ھو پنھنجي سڀ کان ننڍي پٽ کي ، جيڪو سال جو ھيو ان کي چمچي سان  سيريليڪ کارائي رھئي ھئي . ننڍڙو ٻار وري وري وات مان ڪڍي رھيو ھو ۽ لڪشمي رومال سان صاف ڪندي پئي وئي .  پاسي ۾ پيل رموٽ تي جڏھن غلطي سان پيالي ۾ پيل سيريليڪ ڪري پئي ته لڪشمي ٽي وي رموٽ کي صاف ڪندي پاور آن ڪري ٽي وي کولي . ھڪ نيوز چئينل تي سيوھڻ تي ٿيل خودڪش ڌماڪي جي بريڪنگ نيوز نشر ٿي رھي ھئي . جڏھن لڪشمي ٻڌو ته ان ڌماڪي ۾ 20 ٻارڙا شھيد ٿي ويا آھن ته ھڪدم پنھنجي سامهون ليٽيل پٽ کي ھنج ۾ کڻي زور جي ڀاڪر ۾  ڀريندي چميون ڏيندي دانھن ڪري چوڻ لڳي : جُھولي لال ته جھوليون ڀري ڏيندو آھي .