29/12/2016
سال 2016 جي ٽوئيٽر واري سرڪار / ماھم سنڌي / ميرپورخاص.
جئين ئي انٽرنيٽ جي دنيا جو اسانجي زندگين ۾ سڌو عمل دخل ٿيو آھي تئين ھي دنيا گلوبل وليج بڻجي پئي آھي.پر جئين جو سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس جي آمد ٿي ته طور طريقا پڻ بدلجڻ شروع ٿي ويا . واٽس ايپ ، فيس بُڪ ڀرپور طريقي سان ائين استمعال ڪيو پيو وڃي جئين اسين روزمره ۾ ماني کائڻ ، پاڻي پيئڻ ياد ٿا رکون. پر ان سان گڏوگڏ سڀن کي خبر ھوندي ته سماجي رابطن جي حوالي سان مشھور ويب سائيٽ ٽوئيٽر پڻ بي انتھا شھرت جي بلندين تي آھي ، جيڪا ٻين ملڪن کان وڌيڪ پاڪستان جي رياست جو ڪاروھنوار ھلائڻ ۾ به ڪارگر ثابت ٿي رھي آھي. واندي لاء وندر جو ذريعو ئي سھي پر انتھائي مصروف ماڻھن لاء به استمعال ڪرڻ ضرورت بڻجي پئي آھي. ٽوئيٽر جي باني جيڪ ڊارسي، ايوان ويليم ساٿين سان گڏ اھا اپليڪيشن 2006ع ۾ لانچ ڪندي وقت اھو ضرور نه سوچيو ھوندو ته پاڪستان ۾ اھڙن طريقن سان به استعمال ٿيندي.اڳ ۾ ڪا به خوشي غمي جي خبر ھجي، ڪا ڄاڻ وٺڻي ھجي يا ڪا ملڪ جي خبر ھجي، سڌو ٽي وي طرف رُخ ڪرڻو پوندو ھو ۽ ريموٽ ھٿن ۾ سوگھو ڪرڻو پوندو ھو ته جئين نيوز چيئنل تي ڪا اھم ۽ بريڪنگ نيوز ٻڌي سگھجي. پر ٽوئيٽر صاحب جي اچڻ بعد ننڍڙي موبائل ئي سڀ ڪم ڪري ڏنو آھي . حالانڪه فيسبُڪ به گھڻن ئي جو سھارو بڻيو بيٺو آھي ۽ سچي ۽ ڪوڙي مصالحه دار خبر جھٽ ۾ ملي ويندي، پر ان جي لاء اڳ ۾ شرط رکيل ھوندا ھئا ته اوھان جنھن کي فرينڊ جي ريڪوسٽ موڪليندا انجي قبول ڪرڻ سان ئي ان سان ڳنڍجي سگھبا ، جئين ته ھاڻي فالو ڪرڻ جو آپشن اپ ڊيٽ ٿيل آھي ۽ ان ۾ لفظن جي گنجائش محدود نه ھوندي ھئي۔ ان جي حوالي سان ٽوئيٽر تي اوھان جنھن کي فالو ڪرڻ چاھيو ان جو ڪيل ھر ٽوئيٽ اوھان تائين با آساني پھچي سگھي ٿو. 140 اکرن جي محدود ڏنل جاء ۾ اھي 140 اکر حڪومتون ڪرائڻ ۽ چاڙھڻ ۾ به منٽ ٿا ڪن. سپر پاور آمريڪا جو اڳوڻو صدر بارڪ اوباما ھجي يا موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ، انھن جي ڪيل ٽوئيٽس جا اوھان پڙھڻ سان گڏ جواب پڻ ڏئي سگھو ٿا. ھو اڳيان وارو پڙھي يا کڻي نا پر اوھان دل ئي دل ۾ پيا نچندا ڪُڏندا ته مون ريپلاء ڪيو آھي ضرور ان معتبر شخصيت جي نظرن مان گذريو ھوندو. اقوام متحده جو جنرل سيڪريٽري ھجي ، ان جو مختلف برانچون ھجن، روس جو صدر پيوٽن ھجي، ايران جو حسن روحاني ھجي، چائنا جو صدر ھجي، اوھان ايڏين وڏين شخصيتن سان ٻه طرفا نه سھي پر ھڪ طرفي ڳنڍجڻ جي خوشي با آساني محسوس ڪري سگھو ٿا . ھندوستان جي صدر نريندر مودي جي اڪاونٽ کي فالو ڪري گھٽ وڌ چوڻ کان به ڪو نٿو ڪيٻائي ۽ ڪجھ افراد ته پنھنجي گھريلو ويڙھ جو به ذميندار مودي کي سمجھي دل کولي گاريون ڏين ٿا.
سال 2016 ۾ جتي ٻيون ڪيتريون ئي روايتون جُڙيون اتي ٽوئيٽر جي سماجي رابطن واري اپليڪيشن ھڪ اھڙي قومي اداري وارو ڪم ڏنو جٿان ھر ڳالھ بر وقت معلوم ڪري پئي سگھجي. جيڪڏھن ملڪ جي سياسي صورتحال طرف وڃون ته اقتدار ۾ آيل ملڪ جي سياسي جماعت مسلم ليگ نواز پنھنجو ڀرپور دفاع به ڪيو ته، وزيراعظم جي ڌي مريم نواز ھر ڳالھ جي صفائي ھتي ڏيڻ ضروري پئي سمجھي. بجاء ان جي جو ٻه قدم ھلي وڃي ڪنھن صحافي کي انٽرويو ڏجي، ڪنھن رپورٽر جي تيار ڪيل سوالنامي واري لسٽ جا جواب ڏجن ته ، ان سڀن کان سٺو ۽ بھتر حل اھو ھو ته پنھنجي ھر ڳالھ جي صفائي ۽ پنھنجي ۽ پنھنجي شاھي خاندان جي نيڪ نيت ۽ پاڪ ھئڻ جي دعوي اتان ئي ھر وقت ڇو نه ڪجي ۽ وفاقي وزير به ان ڳالھ ۾ اڳيان اڳيان رھيا . پيپلز پارٽي جو چئيرمين بلاول ڀٽو ته انھي ڪمن جو ماھر پئي لڳو. ڪنھنکي انڪل آنٽي چوڻو ھجي، ڪنھنکي شاباس ڏيڻي ھجي يا ڪنھن ھنڌ ڪا ميٽنگ ڪرڻي ھجي، ڌڙا ڌڙ ھڪٻئي مٿان ٽوئيٽ جي بارش . ائين لڳي پيو جئين جيڪي به ميڊيائي حلقا آھن انھن پنھنجي رپورٽرز کان ھلڻ ڦرڻ ، پگھر وھائي خبر ڳولڻ جون ذميورايون واپس وٺي ڇڏيون ھجن ۽ ڄڻ ته انھن صحافين چويھ ڪلاڪ ملڪي سياسي اڳواڻن جا ٽوئيٽر اڪائونٽ کولي رکيا ھجن ته ، جئين اتان ٽوئيٽ ٿين ۽ اتان جو اتان ٽي وي جي ھر نيوز چيئنل تي بريڪينگ نيوز جي سلائيڊ ھلايون. شروع ۾ اھا بريڪنگ نيوز جا اکر پڙھي دل ڏڪي پوندو ھو ته شل خير ھجي، ڪٿي بم ڌماڪن سبب ڪو جاني نقصان نه ٿيو ھجي، ڪو وڏو نقصان نه ٿيو ھجي ، پر ھاڻي ته ڪنھنجو ٽوئيٽ ايندو ته به ھلندي بريڪينگ نيوز ۽ نيوز اينڪر چوندو ته ھن وقت جي اھم ۽ بريڪنگ نيوز اھا آھي جو فلاڻي ٽوئيٽ ڪيو، ۽ اسان جو چيئنل ھڪ دفعو وري سڀ کان پھرين ٽوئيٽ پڙھي ان جو ترجمو ڪري خبر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو. اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر ۽ سياسي پارٽي جي سربراھ عمران خان جي جماعت تحريڪ انصاف ته پاڻ اعتراف ڪري ٿي ته اسانجا يوٿي نوجوان سماجي رابطن واري ويب سائيٽس تي الڳ ٽيم ٺاھيو ويٺا آھن , جيڪي پنھنجي بي پناھ تعريف ۽ ٻين جي بي پناھ تنقيد تي ٽرينڊ ھلائيندا آھن جن ۾ اخلاق نامي ڪو سبق نه ھوندو. ھوڏانھن ھڪ ماڻھو واري پارٽي عوامي ليگ وارو شيخ رشيد به ٽوئيٽر ھجي يا ٻيو فورم پنھنجي پارٽي اڪيلي سر ھلائڻ جو ماھر آھي ، پنھنجيون سياسيون اڳڪٿيون ڪري ھوا ۾ پيو تير اڇلائيندو، ڪو ھڪ اڌ وڃي لڳي ته لڳي نه ته وري ساڳيا ميڙي رتوبدل ڪري ھلائيندو. ائين ئي سڄي اپوزيشن ھجي ، حڪومت ھجي يا ھجن ان جا حامي سڀ اڌ کان گھڻي حڪومت ۽ ويڙھ اتي ئي ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڪنھن تي چغلي کڻڻي ھجي ، ڪنھنجو ٽرائيل ڪرڻو ھجي يا تعريف ڪري داد وصول ڪرڻو ھجي بس ٽوئيٽر اڪاونٽ کولڻ جي دير...
اجھو ذھن ۾ ڳالھ آيم خوبصورت پکي تلور ۽ قطري شھزادن جي ، جن جي آمد سان ئي انھن جي ويلڪم لاء ۽ گيٽ آئوٽ چوڻ لاء ھي ٽوئيٽر ڪتب آندو پيو وڃي. قطري شھزادا به عربي جُبا پائي ۽ مٿي تي اڇا ڪارا نوڙا ٻڌي، خوب داد به وٺندا رھيا ۽ گاريون به حصي ۾ آين.
جئين ته پاڪستاني واندڪائي واري وقت کي به ڪتب آڻڻ لاء اھڙي مفيد اپليڪيشن کي ڪئين ٿا ڇڏي سگھن. سو انھي تان سياسي اڳواڻ جيڪي ڏيھ پرڏيھ ۾ آھن انھن جو به سياسي ڪاروھنوار خوب ھن سال ھليو. لنڊن تان به ڪجھ سياستدان ٽيليفون سياست کان ٽوئيٽر سياست تائين پرومشن وٺي آيا. جئين ته عسڪري قيادت ۽ ان جي ھر وک وک جي خبر ڏيڻ لاء آء ايس پي آر جو ترجمان به ھر وقت ٽوئيٽ ڪرڻ ۾ سرگرم لڳو پيو ھوندو آھي. شايد ان جي ذميواري ئي اھا ھوندي ته ٽوئيٽر اڪاونٽ سنڀال.
جيتوڻڪ مذھبي انتھاپسند تنظيمون جن تي بين الاقوامي طور تي پابندي لڳل آھي ، ۽ پاڪستان ۾ موجود طاقتور خفيه ھٿ انھن کي سھارو ڏين ٿا ، انھن به انھيءَ ايپ کي استمعال ڪندي پنھنجا مڪروھ ارادا ورھايا . مشھور قوالي پڙھندڙ امجد صابري کي جڏھن رمضان جي مھيني دوران 22 جون تي ٽارگيٽ ڪري ماريو ويو ته به پاڪستاني ۽ خاص طور انڊين سيليبريٽيز ان جي لاء انھي ذريعي ڏک جو اظھار ڪيو.
سماجي خدمت گزار ۽ ايڌي فائونڊيشن جي باني عبدالستار ايڌي کي به گھڻا دفعا ئي ٽوئيٽ ڪري مرده ڄاڻايو ويو ۽ غلط خبر ڦھلائي وئي جيڪو 8 جولاء تي نيٺ لاڏاڻو ڪري ويو. ائين غلط افواھون وڏي ذھني انتشار جي جنم جو سبب پڻ بڻجي رھيون آھن . ناليواري ماڊل قنديل بلوچ به ھڪ مذھبي مُلي سان اٽڪاء جي صورت ۾ جڏھن انتقامي ڪاروائي جو نشانو 15 جولاء تي بڻي ته وڏن وڏن صحافي حلقن ٽوئيٽ ته ان جي حق ۾ ڪيا پر ھن کي انصاف نه ڏئي سگھيا. 7 ڊسمبر تي ٿيندڙ جھاز حادثي جنھن ۾ ٻين سميت اڳوڻو ڳائڻو ۽ ھاڻي نعت خواني ڪندڙ جنيد جمشيد پنھنجي جان وڃائي ته به ساراھ ۽ تنقيد لاء ھي ايپ استمعال ٿي.
ايستائين جو ھن ايپ تي ان معمولي چانھ ٺاھيندڙ ارشد خان کي به ايڏو مٿي چاڙھيو ويو جيئن سڄي دنيا جو واحد خوبصورت نوجوان اھو ھجي. اپريل مھيني ۾ جڏھن پاناما ليڪس جي ھڪ رپورٽ شايع ٿي ، جنھن ۾ سڄي دنيا جي انھن امير ترين ماڻھن جي لسٽ جاري ٿي جنھن ۾ اھو ڄاڻايل ھيو ته امير ترين ماڻھو ڪئين ته غير قانوني پئسو ٻاھرين ملڪن ۾ اماڻي آف شور ڪمپنيون ٺاھي جائدادون ٺاھين ٿا۔ ان ۾ وزيراعظم نواز شريف جي ٻارن جو نالو ظاھر ٿيو جنھن ٽوئيٽر سرڪار کي ڏاڍا ڌڪا ٿاٻا ڏنا ۽ سڀني سياسي جماعتن جي اڳواڻن جو سڌو نشانو وزيراعظم جي فيملي ھئي ۽ ھي صاحب اقتدار ثبوت ڏيڻ بجاء اتان ئي صفائي نامي وارا ٽوئيٽ ڪندا رھيا. ان ڏس ۾ عمران خان ٻيھر ڌرڻو ھنيو ۽ اسلام آباد کي لاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ خوب ويڙھ ٽوئيٽر جي پليٽ فارم تي وڙھي وئي پر نيٺ عمران خان کي مثبت موٽ نه ملي ۽ ھو جھڪو ٿيو.۽ سڀ کان وڏي مونجھ ٽوئيٽر سرڪار کي تڏھن پيش آئي جڏھن سيپٽمبر ۾ ڊان اخبار جي نامور صحافي سرل اميڊيا جي ھڪ رپورٽ ڇپي جنھن ۾ بند پيل تنظمين جي سپورٽ ۽ معاونت ڪرڻ تي قومي سلامتي کي خطرو لاحق ھجڻ بابت خبر ھئي ۽ فوجي قيادت کي سخت لفظن جو منھن ڏسڻو پيو ، جنھن سبب وزيراعظم نواز شريف تي ڪافي دٻاءُ رھيو پر ھن سڌ سماء واري وفاقي وزير پرويز رشيد کي ھٽائي معامري کي ضابطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. باقي ٽوئيٽر سرڪار جي پرڏيھي وزارت وارو اڪاونٽ ھن سال به وفاقي وزير جي نه ھئڻ سبب ٺھيو ئي ڪونه.
حيرت جي ڳالھ ته سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعات ، سنڌي شاعر پروانو ڀٽي، سعيد ميمڻ جي وفات، قومپرست پارٽي جسمم جي ڪارڪنن جي گرفتارين کي ٽوئيٽر سرڪار پاران ايڏي موٽ ئي نه ملي جيڪا ملڻ گھربي ھئي . باقي4 ڊسمبر تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي ملھائڻ جو ڏيک ڪجھ ضرور نظر آيو، جھوني وزيراعلي جو فارغ ٿي مراد علي شاھ جو اچڻ ته نظر آيو پر بيمار گورنر سعيد الزمان ته ويچارو بيماري جي بستري سان ايڏو ڳنڍيل رھيو جو ٽوئيٽر سرڪار ان جو منھن به نه ڏٺو. بلوچستان ۾ ٿيندڙ خوني واقعن کي ھتي پيش ڪرڻ جي خاص اھميت نه سمجھي وئي پر پاڪ چائنا اقتصادي راھداري منصوبو جنھن ۾ استمعال ته بلوچستان ٿيو فائدو پنجاب جي جھولي ۾ آيو ان جي چرڇا ۽ واکاڻ ٽوئيٽر وري سرڪار بيحد ڪندي نظر آئي.
انتھائي مصروف ۽ سرگرم ماڻھو اتي جيڪر سڄو وقت صرف ڪندا رھندا ته ٻه قدم اڳيان وڌائي مسئلا حل ڪير ڪندو؟ جيڪي به ماڊل اداڪارائون آھن انھن جو سيلفيون ڪڍي ڏيڻ ، نمائش ڪرائڻ ۽ پوز ھڻڻ انھن جي پروفيشن جو حصو آھي پر جيڪي سياسي حلقا يا حڪومتي ڪاروھنوار سنڀاليندڙ طبقا جن جو ڪم انتھائي سنجيده رھڻ آھي، اُھي به ائين وقت وڃائيندا رھندا ته ڪئين ته ڪو ڪم پنھنجي صحيح راھ تي ھلندو.
ھڪ رياست تي سڄي رعيت جي ذمينداري ھجي ٿي پر اھي مزاح گيري ۽ انفرادي شوق پورا ڪرڻ ۾ ھر وقت لڳا پيا ھوندا ته انھن غريب اٻوجھ کان ڪير پڇندو جن وٽ سردي ۾ ھوا کان بچڻ لاء، ۽ گرمي ۾ ڇانھ جي لاء ڇت ناھي. جٿي نا انصافي ايڏي آھي جو انصاف پاڻ اپاھج لڳو پيو آھي ملڪ آئي ايم ايف جو قرضي لڳي پيو آھي. بلوچستان ۾ بلوچن سان ظلم جي انتھا آھي سنڌ ۾ مسئلن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو آھي اُھو ائين ته حل ھرگز نه ٿيندو.
پاڪستان جي حڪومت ، ان جا سياسي ليڊر ايڏا اگر اھل آھن ته ٻه وکون پائڻ کان قاصر ڇو آھن جو ھتي ئي ھر وقت ويڙھ ۽ ٺھراءُ ۾ مصروف آھن.
ھاڻي ته ڪو جلسو جلوس ۽ پريس ڪانفرنس جي خاص ضرورت آھي ڪونه ۽ نا ئي پاڪستاني چئنيلن جي سرواڻن کي ضرورت آھي ته رپورٽرز کي ڳرا پگھار ڏئي گاڏيون ڏين. غريب طبقو ته ھونئن ئي نظر اچي ڪونه سو سڀ چپ چاپ ڪري سڀني ھاء پروفائيل ماڻھن جا اڪاونٽ کولي ويھي رھن ۽ ھو جيڪا به سياسي يا ذاتي حوالي سان ڳالھ ٻڌائين سان پنھنجي چئنيلن تان سرخين جي صورت ۾ نشر ڪندا وڃن ، ان سان پئسا به بچندا ڪمائي ۾ به اضافو ٿيندو ۽ پري پنڌ ڪرڻ کان به بچاءُ ٿي پوندو.
No comments:
Post a Comment