Saturday, 7 January 2017

سال 2016 جي ٽوئيٽر واري سرڪار / ماھم سنڌي / ميرپورخاص.

29/12/2016

سال 2016 جي ٽوئيٽر واري سرڪار / ماھم سنڌي / ميرپورخاص.

جئين ئي انٽرنيٽ جي دنيا جو اسانجي زندگين ۾ سڌو عمل دخل ٿيو آھي تئين ھي دنيا گلوبل وليج بڻجي پئي آھي.پر جئين جو سماجي رابطن وارين ويب سائيٽس جي آمد ٿي ته طور طريقا پڻ بدلجڻ شروع ٿي ويا . واٽس ايپ ، فيس بُڪ ڀرپور طريقي سان ائين استمعال ڪيو پيو وڃي جئين اسين روزمره ۾ ماني کائڻ ، پاڻي پيئڻ ياد ٿا رکون.  پر ان سان گڏوگڏ سڀن کي خبر ھوندي ته سماجي رابطن جي حوالي سان مشھور ويب سائيٽ ٽوئيٽر پڻ بي انتھا شھرت جي بلندين تي آھي ، جيڪا ٻين ملڪن کان وڌيڪ پاڪستان جي رياست جو ڪاروھنوار ھلائڻ ۾ به ڪارگر ثابت ٿي رھي آھي. واندي لاء وندر جو ذريعو ئي سھي پر انتھائي مصروف ماڻھن لاء به استمعال ڪرڻ ضرورت بڻجي پئي آھي. ٽوئيٽر جي باني جيڪ ڊارسي،  ايوان ويليم ساٿين سان گڏ اھا اپليڪيشن 2006ع  ۾ لانچ ڪندي وقت اھو ضرور نه سوچيو ھوندو ته پاڪستان ۾ اھڙن طريقن سان به استعمال ٿيندي.اڳ ۾ ڪا به خوشي غمي جي خبر ھجي، ڪا ڄاڻ وٺڻي ھجي يا ڪا ملڪ جي خبر ھجي،  سڌو ٽي وي طرف رُخ ڪرڻو پوندو ھو ۽ ريموٽ ھٿن ۾ سوگھو ڪرڻو پوندو ھو ته جئين نيوز چيئنل تي ڪا اھم ۽ بريڪنگ نيوز ٻڌي سگھجي. پر ٽوئيٽر صاحب جي اچڻ بعد ننڍڙي موبائل ئي سڀ ڪم ڪري ڏنو آھي . حالانڪه فيسبُڪ به گھڻن ئي جو سھارو بڻيو بيٺو آھي ۽ سچي ۽ ڪوڙي مصالحه دار خبر جھٽ ۾ ملي ويندي،  پر ان جي لاء  اڳ ۾ شرط رکيل ھوندا ھئا ته اوھان جنھن کي فرينڊ جي ريڪوسٽ موڪليندا انجي  قبول ڪرڻ سان ئي ان سان ڳنڍجي سگھبا ، جئين ته ھاڻي فالو ڪرڻ جو آپشن اپ ڊيٽ ٿيل آھي ۽ ان ۾ لفظن جي گنجائش محدود نه ھوندي ھئي۔   ان جي حوالي سان  ٽوئيٽر تي اوھان جنھن کي فالو ڪرڻ چاھيو ان جو ڪيل ھر ٽوئيٽ اوھان تائين با آساني پھچي سگھي ٿو. 140 اکرن جي محدود ڏنل جاء ۾ اھي 140 اکر حڪومتون ڪرائڻ ۽ چاڙھڻ ۾ به منٽ ٿا ڪن. سپر پاور آمريڪا جو اڳوڻو صدر بارڪ اوباما ھجي يا موجوده صدر ڊونلڊ ٽرمپ،  انھن جي ڪيل ٽوئيٽس جا اوھان پڙھڻ سان گڏ جواب پڻ ڏئي سگھو ٿا. ھو اڳيان وارو پڙھي يا کڻي نا پر اوھان دل ئي دل  ۾ پيا نچندا ڪُڏندا ته مون ريپلاء ڪيو آھي ضرور ان  معتبر شخصيت جي نظرن مان گذريو ھوندو. اقوام متحده جو جنرل سيڪريٽري ھجي ، ان جو مختلف برانچون ھجن،  روس جو صدر پيوٽن ھجي،  ايران جو حسن روحاني ھجي،   چائنا جو صدر ھجي،  اوھان ايڏين وڏين شخصيتن سان ٻه طرفا نه سھي پر ھڪ طرفي ڳنڍجڻ جي خوشي با آساني محسوس ڪري سگھو ٿا . ھندوستان جي صدر نريندر مودي جي اڪاونٽ کي فالو ڪري گھٽ وڌ چوڻ کان به  ڪو نٿو ڪيٻائي ۽ ڪجھ افراد ته پنھنجي گھريلو ويڙھ جو به ذميندار مودي کي سمجھي دل کولي گاريون ڏين ٿا.
سال 2016 ۾ جتي ٻيون ڪيتريون ئي روايتون جُڙيون اتي ٽوئيٽر جي سماجي رابطن واري اپليڪيشن ھڪ اھڙي قومي اداري وارو ڪم ڏنو جٿان ھر ڳالھ بر وقت معلوم ڪري پئي سگھجي. جيڪڏھن ملڪ جي سياسي صورتحال طرف وڃون ته اقتدار ۾ آيل ملڪ جي سياسي جماعت مسلم ليگ نواز پنھنجو ڀرپور دفاع به ڪيو ته،  وزيراعظم جي ڌي مريم نواز ھر ڳالھ جي صفائي ھتي ڏيڻ ضروري پئي سمجھي. بجاء ان جي جو ٻه قدم ھلي وڃي ڪنھن صحافي کي انٽرويو ڏجي،  ڪنھن رپورٽر جي تيار ڪيل سوالنامي واري لسٽ جا جواب ڏجن ته ، ان سڀن کان سٺو ۽ بھتر حل اھو ھو ته پنھنجي ھر ڳالھ جي صفائي ۽ پنھنجي ۽ پنھنجي شاھي خاندان جي نيڪ نيت ۽ پاڪ ھئڻ جي دعوي اتان ئي ھر وقت ڇو نه  ڪجي ۽  وفاقي وزير به ان ڳالھ ۾ اڳيان اڳيان رھيا .  پيپلز پارٽي جو چئيرمين بلاول ڀٽو ته انھي ڪمن جو ماھر پئي لڳو. ڪنھنکي انڪل آنٽي چوڻو ھجي،  ڪنھنکي شاباس ڏيڻي ھجي يا ڪنھن ھنڌ ڪا ميٽنگ ڪرڻي ھجي،  ڌڙا ڌڙ ھڪٻئي مٿان ٽوئيٽ جي بارش . ائين لڳي پيو جئين جيڪي به ميڊيائي حلقا آھن انھن پنھنجي رپورٽرز کان ھلڻ ڦرڻ ،  پگھر وھائي خبر ڳولڻ جون ذميورايون واپس وٺي ڇڏيون ھجن ۽  ڄڻ ته  انھن صحافين چويھ ڪلاڪ ملڪي سياسي اڳواڻن جا  ٽوئيٽر اڪائونٽ کولي رکيا ھجن ته ، جئين اتان ٽوئيٽ ٿين ۽ اتان  جو اتان  ٽي وي جي ھر نيوز چيئنل تي بريڪينگ نيوز جي سلائيڊ ھلايون.  شروع ۾ اھا بريڪنگ نيوز جا اکر پڙھي دل ڏڪي پوندو ھو ته شل خير ھجي،  ڪٿي بم ڌماڪن سبب ڪو جاني نقصان نه ٿيو ھجي،  ڪو وڏو نقصان نه ٿيو ھجي ، پر ھاڻي ته ڪنھنجو ٽوئيٽ ايندو ته به ھلندي بريڪينگ نيوز ۽ نيوز اينڪر چوندو ته ھن وقت جي اھم ۽ بريڪنگ نيوز اھا آھي جو فلاڻي ٽوئيٽ ڪيو،  ۽ اسان جو چيئنل ھڪ دفعو وري سڀ کان پھرين ٽوئيٽ پڙھي ان جو ترجمو ڪري خبر ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو. اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر ۽ سياسي پارٽي جي سربراھ  عمران  خان جي جماعت تحريڪ انصاف ته پاڻ اعتراف ڪري ٿي ته اسانجا يوٿي نوجوان سماجي رابطن واري ويب سائيٽس تي الڳ ٽيم ٺاھيو ويٺا آھن , جيڪي پنھنجي بي پناھ تعريف ۽ ٻين جي بي پناھ تنقيد تي ٽرينڊ ھلائيندا آھن جن ۾ اخلاق نامي ڪو سبق نه ھوندو. ھوڏانھن ھڪ ماڻھو واري پارٽي عوامي ليگ وارو شيخ رشيد به ٽوئيٽر ھجي يا ٻيو فورم پنھنجي پارٽي اڪيلي سر ھلائڻ جو ماھر  آھي ، پنھنجيون سياسيون اڳڪٿيون ڪري ھوا ۾ پيو تير اڇلائيندو،  ڪو ھڪ اڌ وڃي لڳي ته لڳي نه ته وري ساڳيا ميڙي رتوبدل ڪري ھلائيندو.  ائين ئي سڄي اپوزيشن ھجي ، حڪومت ھجي يا ھجن ان جا حامي سڀ اڌ کان گھڻي حڪومت ۽ ويڙھ اتي ئي ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڪنھن تي چغلي کڻڻي ھجي ، ڪنھنجو ٽرائيل ڪرڻو ھجي يا تعريف ڪري داد وصول ڪرڻو ھجي بس ٽوئيٽر اڪاونٽ کولڻ جي دير...
اجھو ذھن ۾ ڳالھ آيم خوبصورت پکي تلور ۽ قطري شھزادن  جي  ، جن جي آمد سان ئي انھن جي ويلڪم لاء ۽ گيٽ آئوٽ چوڻ لاء ھي ٽوئيٽر ڪتب آندو پيو وڃي. قطري شھزادا  به عربي جُبا پائي ۽ مٿي تي اڇا ڪارا نوڙا ٻڌي،  خوب داد به وٺندا رھيا ۽ گاريون به حصي ۾ آين.
جئين ته پاڪستاني واندڪائي واري وقت کي به ڪتب آڻڻ لاء اھڙي مفيد اپليڪيشن کي ڪئين ٿا ڇڏي سگھن.  سو انھي تان سياسي اڳواڻ جيڪي ڏيھ پرڏيھ ۾ آھن  انھن جو به سياسي ڪاروھنوار خوب ھن سال ھليو. لنڊن تان به ڪجھ سياستدان ٽيليفون سياست کان ٽوئيٽر سياست تائين پرومشن وٺي آيا. جئين ته عسڪري قيادت ۽ ان جي ھر وک وک جي خبر ڏيڻ لاء آء ايس پي آر  جو ترجمان به ھر وقت ٽوئيٽ ڪرڻ  ۾ سرگرم لڳو پيو ھوندو آھي. شايد ان جي ذميواري ئي اھا ھوندي ته ٽوئيٽر اڪاونٽ سنڀال.
جيتوڻڪ مذھبي انتھاپسند تنظيمون جن تي بين الاقوامي طور تي پابندي لڳل آھي  ، ۽ پاڪستان ۾ موجود طاقتور خفيه ھٿ انھن کي سھارو ڏين ٿا  ، انھن به انھيءَ ايپ کي استمعال ڪندي پنھنجا مڪروھ ارادا ورھايا . مشھور قوالي پڙھندڙ امجد صابري کي جڏھن رمضان جي مھيني دوران 22 جون تي ٽارگيٽ ڪري ماريو ويو ته به پاڪستاني ۽ خاص طور انڊين سيليبريٽيز ان جي لاء انھي ذريعي ڏک جو اظھار ڪيو.
سماجي خدمت گزار ۽ ايڌي فائونڊيشن جي باني عبدالستار ايڌي کي به گھڻا دفعا ئي ٽوئيٽ ڪري مرده ڄاڻايو  ويو ۽ غلط خبر ڦھلائي وئي جيڪو  8 جولاء تي نيٺ لاڏاڻو ڪري ويو. ائين غلط افواھون وڏي ذھني انتشار جي جنم جو سبب پڻ  بڻجي رھيون آھن .  ناليواري ماڊل قنديل بلوچ به ھڪ مذھبي مُلي سان اٽڪاء جي صورت ۾ جڏھن انتقامي ڪاروائي جو نشانو 15 جولاء تي بڻي ته وڏن وڏن صحافي حلقن ٽوئيٽ ته ان جي حق ۾ ڪيا پر ھن کي انصاف نه ڏئي سگھيا.  7 ڊسمبر تي ٿيندڙ جھاز حادثي جنھن ۾ ٻين سميت اڳوڻو ڳائڻو ۽ ھاڻي نعت خواني ڪندڙ جنيد جمشيد پنھنجي جان وڃائي ته  به ساراھ  ۽ تنقيد لاء ھي ايپ استمعال ٿي.
ايستائين جو ھن ايپ تي ان معمولي چانھ ٺاھيندڙ ارشد خان کي به ايڏو مٿي چاڙھيو ويو جيئن سڄي دنيا جو واحد خوبصورت نوجوان اھو ھجي. اپريل مھيني ۾ جڏھن پاناما ليڪس جي ھڪ رپورٽ شايع ٿي ، جنھن ۾ سڄي دنيا جي انھن امير ترين ماڻھن جي لسٽ جاري ٿي جنھن ۾ اھو ڄاڻايل ھيو ته امير ترين ماڻھو ڪئين ته غير قانوني پئسو ٻاھرين ملڪن ۾ اماڻي آف شور ڪمپنيون ٺاھي جائدادون ٺاھين ٿا۔   ان ۾ وزيراعظم نواز شريف جي ٻارن جو نالو ظاھر ٿيو جنھن ٽوئيٽر سرڪار کي ڏاڍا ڌڪا ٿاٻا ڏنا ۽ سڀني سياسي جماعتن جي اڳواڻن جو سڌو نشانو وزيراعظم جي فيملي ھئي ۽ ھي صاحب اقتدار ثبوت ڏيڻ بجاء اتان ئي صفائي نامي وارا ٽوئيٽ ڪندا رھيا. ان ڏس ۾ عمران خان ٻيھر ڌرڻو ھنيو ۽ اسلام آباد کي لاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ خوب ويڙھ ٽوئيٽر جي پليٽ فارم تي وڙھي وئي پر نيٺ عمران خان کي مثبت موٽ نه ملي ۽ ھو جھڪو ٿيو.۽ سڀ کان وڏي مونجھ ٽوئيٽر سرڪار کي تڏھن پيش آئي جڏھن سيپٽمبر ۾ ڊان اخبار جي نامور صحافي سرل اميڊيا جي ھڪ رپورٽ ڇپي جنھن ۾ بند پيل تنظمين جي سپورٽ ۽ معاونت ڪرڻ تي قومي سلامتي کي خطرو لاحق ھجڻ بابت خبر ھئي ۽ فوجي قيادت کي سخت لفظن جو منھن ڏسڻو پيو ، جنھن سبب وزيراعظم  نواز شريف تي ڪافي دٻاءُ رھيو پر ھن سڌ سماء واري وفاقي وزير پرويز رشيد کي ھٽائي معامري کي ضابطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.  باقي ٽوئيٽر سرڪار جي پرڏيھي وزارت وارو اڪاونٽ ھن سال به وفاقي وزير جي نه ھئڻ سبب ٺھيو ئي ڪونه.
حيرت جي ڳالھ ته سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعات ، سنڌي شاعر پروانو ڀٽي،  سعيد ميمڻ جي وفات،  قومپرست پارٽي جسمم جي ڪارڪنن جي گرفتارين کي ٽوئيٽر سرڪار پاران ايڏي موٽ ئي نه ملي جيڪا ملڻ گھربي ھئي . باقي4 ڊسمبر تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي ملھائڻ جو ڏيک ڪجھ ضرور نظر آيو، جھوني وزيراعلي جو فارغ ٿي مراد علي شاھ جو اچڻ  ته نظر آيو پر بيمار گورنر سعيد الزمان ته ويچارو   بيماري جي بستري سان ايڏو ڳنڍيل رھيو جو ٽوئيٽر سرڪار ان جو منھن به نه ڏٺو. بلوچستان ۾ ٿيندڙ خوني واقعن کي ھتي پيش ڪرڻ جي خاص اھميت نه سمجھي وئي پر پاڪ چائنا اقتصادي راھداري منصوبو جنھن ۾ استمعال ته بلوچستان ٿيو فائدو پنجاب جي جھولي ۾ آيو ان جي چرڇا ۽ واکاڻ ٽوئيٽر وري سرڪار بيحد ڪندي نظر آئي.

انتھائي مصروف ۽ سرگرم ماڻھو اتي جيڪر سڄو وقت صرف ڪندا رھندا ته ٻه قدم اڳيان وڌائي مسئلا حل ڪير ڪندو؟ جيڪي به ماڊل اداڪارائون آھن انھن جو سيلفيون ڪڍي ڏيڻ  ، نمائش ڪرائڻ ۽ پوز ھڻڻ انھن جي پروفيشن جو حصو آھي پر جيڪي سياسي حلقا يا حڪومتي ڪاروھنوار سنڀاليندڙ طبقا جن جو ڪم انتھائي سنجيده رھڻ آھي، اُھي به ائين وقت وڃائيندا رھندا ته ڪئين ته ڪو ڪم پنھنجي صحيح راھ تي ھلندو.
ھڪ رياست تي سڄي رعيت جي ذمينداري ھجي ٿي پر اھي مزاح گيري ۽ انفرادي شوق پورا ڪرڻ ۾ ھر وقت لڳا پيا ھوندا ته انھن غريب اٻوجھ کان ڪير پڇندو جن وٽ سردي ۾ ھوا کان بچڻ لاء،  ۽ گرمي ۾ ڇانھ جي لاء ڇت ناھي. جٿي نا انصافي ايڏي آھي جو انصاف پاڻ اپاھج لڳو پيو آھي ملڪ آئي ايم ايف جو قرضي لڳي پيو آھي. بلوچستان ۾ بلوچن سان ظلم جي انتھا آھي سنڌ ۾ مسئلن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌارو آھي اُھو ائين ته حل ھرگز نه ٿيندو.
پاڪستان جي حڪومت ، ان جا سياسي ليڊر  ايڏا اگر اھل آھن ته ٻه وکون پائڻ کان قاصر ڇو آھن جو ھتي ئي ھر وقت ويڙھ ۽ ٺھراءُ ۾ مصروف آھن.
ھاڻي ته ڪو جلسو جلوس ۽ پريس ڪانفرنس جي خاص ضرورت آھي ڪونه ۽ نا ئي پاڪستاني چئنيلن جي سرواڻن کي ضرورت آھي ته رپورٽرز کي ڳرا پگھار ڏئي گاڏيون ڏين. غريب طبقو ته ھونئن ئي نظر اچي ڪونه سو سڀ چپ چاپ ڪري سڀني ھاء پروفائيل ماڻھن جا اڪاونٽ کولي ويھي رھن ۽ ھو جيڪا به سياسي يا ذاتي حوالي سان ڳالھ ٻڌائين سان پنھنجي چئنيلن تان سرخين جي صورت ۾ نشر ڪندا وڃن ، ان سان پئسا به بچندا ڪمائي ۾ به اضافو ٿيندو ۽ پري پنڌ ڪرڻ کان به بچاءُ ٿي پوندو.

نائلا سان ٿيل ناحقي ۽ اسانجو سماج/ماھم سنڌي/ميرپورخاص.

05/01/2017

نائلا سان ٿيل ناحقي ۽ اسانجو سماج/ماھم سنڌي/ميرپورخاص.

جئين ئي 31 ڊسمبر جي رات جا 12 ٿيا ۽ سال واري خاني ۾  ھڪ انگ جي تبديلي اچڻ سان نئي سال 2017 جي آمد ٿي ته  ، سڀ ئي دير تائين اهو ڏينھن ملهائڻ ۾ مصروف ٿي ويا. ڪن آتش بازي ڪئي،  ڪن گفٽ ورهايا،  ڪن ڪيڪ مٺائيون کاڌيون،  ته ڪن مئيخانن ۽ نائٽ ڪلبن کي آباد رکيو  ۽ دير رات جو بستر ڀيڙي ٿي ڪري سمهي پيا.  پهرين جنوري جي پھرين شام جي اڃا پڄاڻي نه ٿي ھئي ۽ اڃا سج جھڪو ٿي آسمان کي مڪمل ڳاڙھو ڪرڻ جي موڊ ۾ نه ھو ته،  ھڪ خبر واچوڙي وانگر ڦھلجي وئي ته ، سنڌ جي ٿڌين ھوائن ۽ پٿريلي زمين واري شھر ۾ واقع مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ موجود مارئي ھاسٽل جي ڪمري نمبر 36 ۾  سنڌي شعبي جي آخري سال جي ھڪ  نوجوان شاگردياڻي نائلا رند  ڌي نظام الدين رند جو ، ڇت واري پکي سان ٽنگيل لاش مليو آھي.  بنا ڪنھن تصديق جي اچي ھُل پيو ته نائلا رند آپگھات ڪيو آھي ۽ ڪنھن ڳالھ جي مايوسي سبب ھن اھو انتھائي قدم کڻي زندگي جو ٻرندڙ ڏيئو (جنھن جو اجھڻ طئي ٿيل آھي) ان کي وقت کان اڳ اجھائي خاتمو آندو آهي . اڌوري جاچ جي آڌار تي پوليس ۽ يونيورسٽي اختيارن پاران آپگھات قرار ڏنل نائلا رند جا وارث چون ٿا تہ،  نائلا جي مرده جسم تي،  ھن جي منھن، نرڙ ۽ پوئين طرف کان تشدد جا نشان به ھئا. جئين ته مائٽن جي پھچڻ کان پھرين ئي پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ميڊيڪو ليگل آفيسر ڊاڪٽر ثمينه راجپوت جي ڏنل رپورٽ موجب،  سندس پاڪ دامن ھئڻ جي به ڳالھ صاف ظاھر ڪئي وئي آھي،  جيڪا پنھنجي نوعيت جي انتهائي اھم خبر آهي. ايس ايس پي ڄامشورو طارق ولايت جي چوڻ موجب ته ابتدائي رپورٽ موجب آپگھات ئي لڳي رھيو آھي . انھي بعد ڊي آء جي حيدرآباد خادم حسين رند، يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو ڪمري جو معائنو ڪيو ۽ پنھنجا اندازا لڳايا، جيتوڻڪ ان جو ڪمرو ۽ ان جو سامان سيل ڪيل آهي. جبري موڪل تي روانو ڪيل آء جي سنڌ اي ڊي خواجه به ھن ڪيس جو نوٽيس ورتو آھي ۽ واپس پنھنجي چارج وٺڻ بعد ان ڪيس جي نگراني ڪندو. گڏوگڏ وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھ به نوٽيس وٺندي خاص ھدايتون ڏنيون آھن. نائلا جي سھيلين موجب ھو ھڪ ذھين ، سنڌي ادب ۾ سٺو مطالعو رکندڙ ۽ کليل ذھن جي ڇوڪري ھئي ، جيڪا ڪڏھن به ائين ڪري ئي نٿي سگھي. 2 جنوري ته سندس مڙھ کي مستوئي پاڙي،  شھر قمبر ۾ موجود اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو . يونيورسٽي جا ڪيترائي استاد ۽ شاگرد ڏکارا ھئا پر ڪو به قتل/آپگھات جي مڪمل تصديق نٿي ڪري سگھيو. تازو اھو انڪشاف پڻ ٿيو آھي ته نائلا کي 34 نمبر ڪمرو الاٽ ٿيل ھو،  پر ان جي سلپ تي نمبر ڊاھي مٿان ڪمرو نمبر 36 لکي ھن کي ان ۾ موڪليو ويو. اڃا تائين ان استاد جو بيان به قلمبند ناھي ٿيو ، جنھن جي نگراني ۾  ، ۽ جنھن گروپ سان گڏجي نائله ٿيسز مڪمل ڪري رھي ھئي . مارئي ھاسٽل جي داخلا گيٽ وٽ ڪنھن جي به اچڻ وڃڻ جي نه ڪوئي روڪ ٽوڪ آھي،  نه ئي اتي خفيه ڪئميرا نصب ٿيل آھن جو ھر ايندڙ ويندڙ کي ڏيکاري سگھن . گڏوگڏ نائلا جي موبائل فون جو ريڪارڊ به ڪڍيو ويو آھي جنھن ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿي رھيا آھن جنھن جي پوري تفصيل سرعام ظاھر نٿي آھي.
اھا خبر سنڌي ميڊيا جو مرڪز بڻي  ۽ سوشل  رابطن واري ويب سائيٽس تي پڻ ڦھلجي وئي . جن جو نائلا سان واسطو ھيو ۽ جيڪي لاتعلق ھئا اھي سڀ پنھنجا ويچار ونڊين پيا.ڊﺳٽﺮڪٽ ﺑﺎﺭ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﭘﺎﺭﺍﻥ  ﻧﺎﺋﻼ ﺟﻲ ڪﻴﺲ ﺑﺎﺑﺖ ﺳﻨﮅ ﻫﺎﺀ ڪﻮﺭٽ ﮐﻲ ﺧﻂ
لکي اھو ڄاڻايو آھي ته  ﺍﻳﺲ ﺍﻳﺲ ﭘﻲ ﭴﺎﻣﺸﻮﺭﻭ ﮐﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺍﻧﺘﻈﺎﻣﻴﺎ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﺑﻨﮕﻠﻮ ﻣﻠﻴﻞ ﺁﻫﻲ جنھن جي شفاف جاچ.ٿيڻ گھرجي. ان بعد 3 مارچ جي رات جو ﻧﺎﺋﻼ ﺟﻲ ﺩﻭﺳﺖ ۽ ڪﻼﺱ فيلو ﻧﺴﻴﻢ ﻣﻼﺡ، ﻧﺎﺋﻼ ﺟﻲ ﻣﻮﺕ ﺟﻲ ﺻﺪﻣﻲ ۾ ﻣﺴﻠﺴﻞ ﭘﺮﻳﺸﺎﻥ ﺭﻫﮡ  سبب  دل جي دوري سبب اسپتال داخل ھئي.  ان جي اسپتال ۾ اچانڪ فوت ٿيڻ جي خبر به ڪيترائي ئي سوال اٿاري پيو جن جي جواب جي ڳولا لازمي آھي.

مونکي ذاتي طور انھي ڳالھ جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ڪنھن نتيجي تي پھچي نه پئي سگھيس ته ھي آپگھات ھو يا ڪو سازش تحت ڪيل ڳجھو قتل؟ ڇو جو منھنجو پري پري تائين نائلا رند سان نہ  ڪو واسطو ھو ،  نہ ڪا ڄاڻ سڃاڻ جو ھن جي ذاتي زندگي بابت رائي ڏيئي سگھان. جئين جو اھا  افسوسناڪ خبر پڙھيم ته ٻين سان ونڊڻ سوا رھي نہ  سگھيس. جئين جنھن کي اھا افسوسناڪ ڳالھ ڪيم ته صاف سڌا ۽ فيصلائتا جواب مليا ، جيڪي ڪنھن ھٿيار وانگر منھنجي ذھن تي تشدد ڪري رھيا ھئا. اھي جواب ڪجھ ان طرح منھنجي ڪنن تائين رسیا ، ڄڻ ڪو گرم شيھو ھجي. جھڙوڪ : ڇوڪري پاڻ ئي اھڙي ھوندي تڏھن ائين ٿيس ، ڇوڪري جا گھڻا يار ھوندا ان تي ڪو ھڪ بگڙجي پيو ھوندس ۽ ان کي  ماري ڇڏيس،  اھي جيڪي ھاسٽلن ۾ رھن ٿيون اھي ڇوڪريون ھونديون ئي ڇوٽ آھن سو ڪو غلط ڪم ڪري ڦاٿي ھوندي ۽ نيٺ انت آندس،  ڪنھن اھا راء ڏني ته ڇوڪريون اڪيليون رھنديون ۽ مائٽن کان پري رھنديون ته ظاھر آھي اھڙا ڪم ڪنديون،  ڪٿي اھي لفظ ڪنن تائين رسيا ته ڇوڪري ڪوڙي پيار جي چڪر ۾ اچي ڪري پنھنجا اھڙا فوٽو ڏئي ويٺي ھوندي جو ڇوڪري بليڪ ميل ڪيو ھوندس ۽ ھن پاڻ بچائڻ خاطر ائين ڪيو،  ڪنھن چيو ته ڪنھن ليڪچرار يا پروفيسر جو پريشر ھوندس شايد تڏھن،  ڪنھن پنھنجي اھا قيمتي راء ڏني ته واعدا ڪري جنسي حوس پوري ڪرڻ بعد شادي  ڪرڻ تان ڦري ويو ھوندو سو ھيء ڦاسي پئي ھوندي ۽ پاڻ ماريس. ڪنھن اھو چئي پنھنجو فرض پورو ڪيو ته نائلا پنھنجي مائٽن کي بدنام ڪيو آھي. ڪنھن اھا ڪاوڙ ظاھر ڪئي ته نائلا پنھنجو خراب عملن سبب لوڙيو آھي. ڪنھن ظاھر ڪيو ته اھا اھڙي ئي دردناڪ موت جي لائق ھئي وغيره وغيره...
جن به عورتن سان مون ڳالھ سلي تن ھڪدم پوري پڪ ۽ خاطري سان مونکي اھي جواب پئي ڏنا جن ۾ صاف واضح ھو ته نائلا رند جو ڪردار ڪريل ھو ۽ ھو بد عورت ھئي،  حالانڪه اظھار جي آزادي واري اصول کي ھتي ساراھڻ وارن منجھان ڪنھنجي ذري جي واقفيت به نائلا سان نه ھئي ۽ نه ئي ھو ڄاڻينديون ھيون ته نائلا ڪير ڪٿان جي ھئي ۽ ڪھڙي طريقي سان ان جو موت واقع ٿيو. پر سڀني جي ذھنن پوري پڪ سان فيصلو ڪيو ته ڪئين به،  ۽ ڇا به  ٿيو ھجي،  پر ڇوڪري جي ڪردار جي کوٽ ھئي ۽ ھو ھڪ انسان ۽ ڇوڪري ھئڻ جي ناتي سٺي نه ھئي. ڪجھ ڏينھن اڳ اخبار ۾ ھڪ نوجوان مرد جي آپگھات جي خبر پڙھيم ۽ ھڪ اڌ سان جڏھن ونڊيم ته ترت چيائين ڇوڪرو نفسياتي مريض ھوندو ، ڇوڪرو مائٽن سان اٽڪاءُ سبب ائين ڪيو ھوندو وغيره. ان جي ڪردار تي مون ڪا به آڱر کڄندي نه ڏٺي.  ڪنھن ائين نه چيو  ڪو ڇوڪرو فحاش ھوندو ، ڇوڪرو سڄو ڏينھن ڇوڪرين پويان ھوندو،  ڪال گرلز سان لاڳاپيل ھوندو وغيره . حالانڪه مونکي خبر ناھي ته نائلا سان آخر ٿيو ڇا ؟  بلڪه مان پاڻ منجھيل ھئس ۽ آھيان پر ڪمينٽ ڏيڻ وارن منجھان ڪنھن ھڪ ائين نه چيو ته ڪو نائلا نفسياتي مريض ھوندي يا ڪو غربت مسئلو ھوندس يا ٻيو ڪجھ .  مطلب ڪو به سبب اھڙو نه ڄاڻايو ويو جنھن ۾ ھن جي ڪردار ڪشي نه ڪئي وئي ھجي،   ھر خودڪشي پاڻ ماري ناھي ڪئي ويندي،  زندگي ھر ڪنھن لاء ھڪ تحفو آھي پر حالات ايڏا تنگ ٿيو وڃن ۽ ذھن ۾ جڏھن ڪنھن نئي اميد جو سلو ناھي ڦٽندو تڏھن انسان اھو قدم کڻي پاڻ فنا ڪرڻ جو سوچيندو آھي. اسان جي سماج ۾ جنس جي بنياد تي عدم مساوات ھڪ وڏو نفسياتي ۽ معاشرتي مسئلو آھي جيڪو ڏينھون ڏينھن تيزي سان وڌي معصوم شفاف کير جھڙين سفيد زندگين ۽ ذھنن کي گدلو ڪري رھيو آھي.

نائلا جي منجھيل ڪيس کي سوچي ڀارتي فلم (3 ايڊيٽس/ ٽي بيوقوف) ياد پيم ، جنھن ۾ ڏيکاريل ھيو ته ھر آپگھات صرف آپگھات نه پر گڏوگڏ قتل  به ھجي ٿو ، جن جو ٻاھريون پاسو اھو ڏيک ڏئي ٿو ته انسان ظاھري  طور اھڙو  عمل ڪري پنھنجي جسم کي نقصان پھچائي ٿو ،  جنھن ۾ زنده بچڻ جو چانس نه ھجي. پر اندروني لڪل پاسي کي ڪو پڙھي ته پتو پوندو آپگھات ڪرڻ وارو ڪيڏو نہ  ذھني دٻاءُ ۾ ھو ،  جنھن ماڻھو طرفان ايڏو حد درجي جي دٻاءُ ۾ ھو،  اصل قاتل اھو ئي ھجي ٿو ، جيڪو ڄاڻي واڻي مجبور شخص کي ايڏو ھيسائي انھي پوزيشن تي آڻي ٿو ته ھو پاڻ ماري يا پاڻ کاري. نائلا  ھڪ ڇوڪري ھئي سو اسان جي معاشري ۾ لازم آھي ته ڇوڪري سان ڪو مسئلو درپيش اچي ٿو ته سڌو وڃي ڳالھ جسم ۽ ان جي ڪردار تي اٽڪندي ۽ ان جا  جذبا ،  ان جو ٽئيلنٽ  ،  اوليتون ۽ ان جون دلچسپيون  سڀ بي معني ئي لڳنديون.
نائلا رند سان به انھي فلم وارو ئي سلوڪ ٿيو  جنھن دٻاء سبب ان جو آپگھات ٿيو،  يا ان کي ظالمن ماريو ، اھو ته معامرو اڃا منجھيل آھي ۽ منجھڻ کان وڌيڪ ان کي ائين منجھايو پيو وڃي ته، جئين راز جو ڌاڳو ٽٽي ته اُڪو ئي ٽٽي پر کُلي ڪري سلهجي نه ، ڇوته ھن جي جھڙي طرح لاش ٽنگيل ملي آھي ۽ ڪمري جي ظاھري ڏيک موجب خودڪشي نه پئي لڳي. نائلا  جي اوچتي موت ھن ھاسٽل ۾ رھندڙ ھڙئي شاگردياڻين لاء پريشان ڪندڙ حالت آھي.
قتل ھو يا آپگھات اھو ثابت ٿيڻ سان نائلا وري موٽي نه ايندي نه ئي ھن جي زباني طاقت ھن کي ملي ويندي ، جو ھو پنھنجي صفائي ۾ ڪي ٻه چار لفظ چوندي ،  پر ان جو تڙپيل روح ضرور سڄي يونيورسٽي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دانھون رڙيون ڪري چئي رھيو ھوندو ته مان اڃا جئيڻ چاھيندي ھيس.

ﺳﺮﺟﻴﺲ ﺗﺎﻥ ﺳﻮﺭ ﺳﺎﻣﺎﮢﻲ ﺗﻪ ﺳﮏ ﻭﻳﺎ،
ﺍﻫﻲ ﭔﺌﻴﻦ ﭘﻮﺭ ﻣﻮﻥ ﻧﻤﺎﮢﻲ ﻧﺼﻴﺐ ﭤﻴﺎ.k