30/04/2016
#Iraq
#Karbala
منھنجو ٽُٽل پري جي نظر وارو چشمو...
جڏھن ئي ايران عراق روانگي جو وقت ويجھو ٿيو ھو ته مون ٻه چشما نوان وٺي رکيا ھئا ، جئين سفر ۾ مشڪلات نه ٿئي ۽ جيڪر ھڪ ٽٽي ته ٻيو استمعال لاء پيل ھجي.خدا جي ڪرڻي اھڙي ٿي جو پھريون چشمو ھتان ويندي ئي ٻي ڏينھن ٽٽي پيو.پر ان ھوندي به ٻي جو آسرو ھيو.گھڻي ئي خيال رکڻ بعد به جڏھن ايران پھتس ته ٻي چشمي جي شيشي ۾ به ڏار اچي ويو ۽ پاسي ۾ ھڪ ڪڙي ڍري ٿي پئي.منھنجو ته دل صفا اداس پئي ٿيو ، ڇوته چشمو ڄڻ منھنجي بينائي مڪمل ڪري ٿو، ان سوا ته صفا مونجھ پئي ٿي ۽ اھا به حقيقت آھي ته پراڻي عادت ھجڻ سبب ان سوا ڪجھ نظر ئي سھي ناھي ايندو.بھرحال دل ۾ دعا ھئي ۽ شروع ۾ ايران جي شھر قُم ۾ قيام دوران مڙئي ڪم ھليو پئي، پر جڏھن عراق روانگي ٿي ۽ نجف شھر ۾ پھتاسين ته اھو چشمو به ٽٽي پيو.ڳولڻ باوجود به مونکي اسانجي قافلي جي روٽ تي نظر جي چشمي جا دڪان نظر نه آيا ، حالانڪه سن گلاسز جا ڪيترائي دڪان ھئا ۽ گاڏا بيٺل ھئا ، پر انھن جي ضرورت مونکي ڪڏھن زندگي ۾ ناھي پئي ، سو منھنجي ھر ڳالھ اڻپوري پئي لڳي.سفري ٿڪاوٽ،اوجاڳا،بدليل کاڌو ۽ پاڻي انھن سڀن جي باوجود به مان پنھنجي انھي چشمي لاء پريشان ھيس جنھن سان مونکي وڌيڪ آرامده محسوس ٿئي ٿو.ائين به سوچيم پئي ته جيڪر ڳولا لاء نڪري پوان ته ملي ويندو ،ايتري به پڪ ھيم ته جيترو پري ھلي وڃان واپس ساڳي جڳھ تي پاڻھي ئي اچي ويندس ، پر سفر دوران سڄي قافلي جي حساب سان ھلڻو ھو ۽ پنھنجي مرضي ھلائڻ جي گنجائش ئي نه ھئي.
نجف کان ٿي ڪري جڏھن ڪربلا پھتس ته ھوٽل ۾ رسيپشن واري کي عرض ڪندي چيم: عراقي برادر جيترو خرچ ايندو ڀري ڏيندم، مونکي ٿي سگھي ته ھي چشمو ٺھرائي ڏيندئو؟
ھن مرڪي مونکان ورتو ۽ چيس مان ڪوشش ڪيان ٿو.ھن کي انگريزي صفا نه پئي ڳالھائڻ آئي پوء به لڳي پيو ڪجھ لفظ سمجھيا ضرور ھيس.ڪجھ ڪلاڪن بعد جڏھن ويس ته ڏسان واقعي ھن عراقي ۾ ڪو سنڌين وارو ٽئلينٽ موجود ھو، جو ھن مونکي جڳاڙ سان عارضي طور ئي سھي پر حل ڳولي ڏنو ھو. ھن جو شڪريو ادا ڪندي پئسا آڇيم ، پئسا ته نه ورتس پر ھلڪو مسڪرائيندي ، خوش آمديد چئي ڪنڌ جھڪايس.ھو منھنجو مسئلو حل ڪرڻ بعد ڪافي خوش پئي لڳو ۽ مان به خوش ھيس ته چشمو ته ڀلا مليو ڪجھ ڏينھن ئي سھي ھلي ويندو.ٻيھر ھن جا ٿورا مڃيندي پنھنجي ڪمري طرف رواني ٿيس.
ماھم سنڌي.
No comments:
Post a Comment