Thursday, 26 May 2016

سفرنامي جون دل خوش ڪندڙ يادگيريون...

08/05/2016
#Iran
#Mashad

سفرنامي جون دل خوش ڪندڙ  يادگيريون...

ايران جي کاڌي پيتي جي روايت موجب اتي اوھانکي گھر جي بورچيخاني ۾ ماني پچائڻ وارو تئو يا دانگي نظر مان نه گزرندي.منھنجي نظر ۾ آيل مشاھدي موجب رھائشي علائقن جي ويجھڙائي ۽ ھوٽلن جي ويجھو سينٽر ٺھيل آھن جتي ھر وقت اوھانکي اھا کائڻ لاء ملي سگھي ٿي.
ان ڊگھي ۽ ويڪري ڊزائن واري ماني کي “نانِ سنگڪ، يا نانِ مشھد“ پڻ چئبو آھي.پر اسان پاڪستانين ۽ سنڌين جي ٻولي ۾ ماني ئي آھي.

ايراني گھرن ۾ صرف سبزي ٺاھي وڃي ٿي باقي ماني پچائڻ جي محنت کان ايراني عورتون آجيون آھن.
انھن جون مانيون يا نان اسانجي ڪڻڪ جي ماني وانگر گول ۽ نرم ناھن ھونديون.ماني ڊگھي ۽ اڻ ڍنگي ھوندي آھي.جيڪو ماني جو ٿلھو پاسو ھوندو سو ڪجھ نرم باقي سنھو پاسو صفا سخت ھوندو آھي.اھا ماني کائڻ دوران وڌيڪ ئي چٻاڙي کائڻي ٿي پوي يا ائين کڻي چئجي ايراني ماڻھن جا ڏنڌ پاڪستاني ماڻھن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور ھوندا آھن.
منھنجي دل ۾ اھا خواھش ھئي ته ڪئين به ڪري وقت ڪڍي انھي جڳھ تي ضرور وڃي ويجھڙائي کان ڏسندم.صبح سوير ئي ھوٽل جي ڀرسان موجود ان سينٽر طرف وکون کنيم.ڏٺم ٻه نوجوان ڇوڪرا ھڪ بزرگ عورت ڪم ۾ مصروف ھئا.ڀت تي موجود لوھي ڪل ۾ اھي نان ٽنگيل ھئا.اتي رش سبب ماڻھن جي قطار ٺھيل ھجي ٿي پر مان صبح جلدي ويس سو ماڻھن جي ڪا قطار نه ھئي.
سينٽر ۾ بورچي جي لباس ۾ ٻه نوجوان ڇوڪرا ۽ ھڪ بزرگ عورت بيٺل ھئي.اندر داخل جي جڳھ نه ڏٺم سو چئي ورتم ته مونکي اندر اچڻو آھي
اکين سان به ڏسڻو آھي ۽ موبائل ۾ يادگيري پڻ قيد ڪرڻي اٿم.بزرگ عورت ٻيون پاسو ڦري آئي ۽ اتان دروازو کولي اندر اچڻ جو چيس.اندر گھڙيم ته سڀن جي چھري تي ھلڪي مسڪراھٽ ھئي.ھو منھنجي انھن جي ڪم ۾ دلچسپي ڏسي خوش پئي ٿيا.اندر پٿرن جي ٻريل باھ جنھن کي اسانجي زبان ۾ چلھو يا  تنور چئجي ان جي ويجھو ٿي اندر وڇايل نان ڏٺم.اھي لوھي سيخ جي مدد سان اندر وجھي ۽ پچائي ٻاھر ڪڍي رھيا ھئا.پوء اھا جڳھ ڏيکاريائين جتي اٽو ڳوھيو وڃي ٿو.مشين پيل ھئي جنھن  ۾ سڪل اٽو وجھي ۽ پاڻي وجھي ڳوھيو پئي ويو.اتي گندگي نظر نه آئي پر ايترو سارو اٽو ۽ مانيون ڏسي صبح صبح عجيب پئي لڳو شايد تڏھن به جو نالي ماتر به بک نه ھئي.
ھڪ ڳالھ اھا به ته اھي نان کائڻ ۾ ڪافي نمڪين پڻ ھئا.۽ ھا ياد رکجو پٿرن تي پڪڻ سبب نان تي پٿريون ڪافي دفعا چنبڙي وڃن ٿيون ۽ جڏھن اوھان کائڻ ويھندا ته پٿري ڪڍي ڪري حيرت ۾ چوندا
ڏسو منھنجي نان ۾ ايڏي  وڏي پٿري نڪتي آھي.😉

ماھم سنڌي.

No comments:

Post a Comment