23/04/2016
#Iraq
#Najaf
سفر جي ساعتن ۾ ماحول سوڳوار ڪندڙ قصا...
عراق جي شھر جو ماضي اڳيان آيل ھيو، يا منھنجي نظر جي درست پھچان ھئي ،مونکي عراق جا ماڻھو بظاھر خوش ۽ سرھا نظر نه پئي آيا.پوين وقت ۾ لڳل جنگيون،تباھيون،وڏي پيماني تي جاني ،مالي نقصان ٿي سگھي ٿو مڪمل مرڪون عراقين جي مُکن تي ورائي نه سگھيو ھجي.
عراق جي شھر نجف ۾ قيام دوران اسان جو ٻيو ڏينھن ھيو.مان حضرت علي عليه السلام جي زيارت بعد ٻاھرين صحن ۾ اچي ويٺيس.ھوا به سُٺي پئي لڳي،منھنجي ڀر ۾ ويٺل 60 ساله عورت مسڪرائيندي ڏٺو، ھو قد ۾ ڊگھي ۽ وزني ھئي، سندس منھن جا گھنج پيڙھي صاف ظاھر ڪري رھيا ھئا.ھو عراقي روايتي برقعي واري لباس ۾ ملبوس ھئي.ھن پھل ڪندي مخاطب ٿي پڇيو : پاڪستان مان آيل آھيو؟مھمان آھيو؟ مون ھائوڪار ۾ جواب ڏيندي ، ان جي قوميت جي به تصديق ڪرائي ته ھو عراقي ھئي.منھنجي ھٿ کي وڏي پيار سان جھلي ان ۾ پاتل آرٽيفشل چوڙيون ڏسي کلڻ لڳي.مون ڀاڪر ۾ ڀريندي چيم ته ، ھي سڀئي چوڙيون اوھان کي لاھي ڏيان ٿي، جلد ئي سختي سان منع ڪندي پنھنجي ٻانھن ڏيکاريندي چيس ته ڏس ، منھنجي ڪلائي موٽي آھي تنھنجيون چوڙيون ان ۾ نه اچي سگھنديون.ھن جي نگاھ ۽ رويو شفقت سان ڀريل ھيو.
اوچتو ئي ڏٺم ته ان اجي اکين مان آب ڦڙو ڦڙو ٿي وھي رھيو آھي.ڪجھ سيڪنڊ پھرين واري چھري جي رونق اڻلڀ ھئي.مون (ماھم) اجنبي سان انسانيت جي عظيم رشتي کي نڀائيندي پنھنجا ڏکڙا ونڊڻ لڳي.ڳوڙھن جي آمد جاري ھئي ۽ ڀريل آواز ۾ چوڻ لڳي: منھنجو صحتمند چڱو ڀلو مڙس ھيو،منھنجو نوجوان پٽ ھيو ، جنھن کي اڃا مس ڏاڙھي آئي ھئي، ان کي ظالم صدام حسين مارائي ڇڏيو.گولين جا سڌا وار جڏھن سينن تي ٿيا ته منھنجي گھر جون سڀ خوشيون ماتم ۾ بدلجي ويون.منھنجو پُٽ خوبصورت ۽ سھڻو ھيو ، منھنجي ھنج ۾ سر رکندو ھيو پر اڄ منھنجي جھولي ۾ رُڃ لڳي پئي آھي.منھنجو ور مونکي ڏاڍو ڀائيندو ھو،ھر لمحي ساٿ ڏيندو ھو پر اڄ جھولي ۽ ھٿ ٻئي کوکلا آھن.
ٻئي ھٿ اُڀ طرف مٿي ڪندي الله ۽ مولا علي کان انصاف جي گُھر ڪندي چوڻ لڳي ته منھنجي ڏکن جو ازالو ڪري انصاف ڏيو.
ان جي ڳالھين تي مون سميت منھنجي قافلي جي عورتن جا چھرا ڏکارا ٿي ويا.ان عراقي عورت کي ڀاڪر ۾ ڀري ڳوڙھا اُگھندي آٿت ۽ دلاسو ڏنم.ان سوا ان ڏکن جي ماري عورت کي ڏيڻ لاء ڪجھ ھيم به ڪونه...
ان جي چھري تي وڏي مشڪل سان ھلڪي مسڪراھٽ واپس آڻيندي ، ان کان موڪلائي رواني ٿيڻ لڳس ته ، منھنجي اکين جي خشڪي ختم ٿيل ھئي.ڪجھ پاڻي جا ڦڙا اکين اندر جمع ٿيندي محسوس ٿيم،۽ ڪجھ آلاڻ پنھنجي ساڄي ڳِل تي محسوس ٿيم.
ماھم سنڌي.