Wednesday, 23 December 2015

ڪھاڻي /کِلڻي /ماھم سنڌي

#December23rd
Short story published in Today's Kawish Gallery page by Maham Sindhi.
ڪھاڻي /کِلڻي /ماھم سنڌي /ميرپورخاص

mahamsindhi05@gmail.com

مسڪراھٽ ته اھڙي پرڪشش ۽ پرسڪون ھيس جو آئون لک دفعا قربان ٿيڻ لاء تيار ھئس.اھڙي پرسڪون ،راحت بخش ،دل کي وڻندڙ مُرڪ مون اڳي ڪنھن ڇوڪريء ۾ ڪين ڏٺي ھئي.منھنجي سوچن جو سڄو محور ان جو چھرو ھو ،جيڪو ھلڪي مرڪ بعد ائين لڳندو ھو ڄڻ ڪو مان بھار جي مُند ۾ گلشن جو سير ڪري رھيو ھجان.

اڄ به مونکي چٽي طرح ياد آھي ته ننڍپڻ ۾ ھڪ ئي ڪلاس ۾ پڙھڻ دوران به مونکي شمع جي کل ڏاڍي وڻندي ھئي.مونکي ھينئر به اھي پل ياد آھن ته پنھنجي ٻالڪپڻ ۾ به ھو مونکي ڏاڍي عزيز ھئي.ڪلاس ۾ جڏھن مون ڏٺو ھيو ته پھريون نمبر منھنجو ۽ ٻيون نمبر ھو کڻي اداس ٿئي پئي ته مان اڳتي پاڻمرادو ڪجھ غلطيون ڪندو ھئس ۽ ھو پھرين نمبر ملڻ تي بيحد خوش ٿيندي ھئي ۽ مونکي ھارائي ھو ڪجھ ڪجھ غرور به ڪندي ھئي.پر مونکي ان جي شروع کان ئي  ھر ادا پسند ھئي سواء ان جي اداسي جي ،جيڪا مونکي صفا نه وڻندي ھئي.مان ته پاڻمرادو ڪلاس ۾ پڙھڻ دوران ڊرامو ڪري اکيون ٻوٽي  ڇڏيندو ھئس ۽ اسان جو استاد مونکي ننڊ پيل ڏسي دڙڪا ڏيندو ھو ۽ ڪڏھن ڪاوڙ منجھان مار به ڏنائين ،پر اھو مون تي بي اثر ھوندو ھيو ڇوته ائين ڏسي شمع کي کل اچي ويندي ھئي.ھو گھڻو ڪري پنھنجو رئو منھن تي ڏئي کلندي ھئي ،پر ان دوران ان جي اکين ۾ کل بعد نظر ايندڙ چمڪ به مون لاء کوڙ ھئي.ھڪ دفعي مونکي استاد بينچ جي مٿي بيھاري سزا ڏني ھئي ته منھنجو ٽيسٽ صحيح ناھي ٿيو پر شمع کي کلائڻ ۾ ته مان مڪمل طور تي ڪامياب ويو ھئس.مان ته بليڪ بورڊ تي ڊرائنگ ٺاھي استاد جو نالو لکي گستاخي ڪئي ھئي جنھن تي استاد مونکي  مرغو به بنايو ھيو. ان دفعي تي شمع ايڏي کلي جو ان جي کل رڪجي ئي نه پئي.ھن جي کل مونکي بيحد پسند ھئي .ڇو ،ڇا لاء ان جي مسڪراھٽ خاطر مان ھر بيعزتي ،ھر مار،ھر شڪست، برادشت ڪري ويندو ھئس اھو سوال ڪنھن ڏکي حساب جيان اڄ تائين حل ناھيان ڪري سگھيو.
ھڪ دفعي ھن غرور واري انداز ۾  چيو راڪيش تون ايڏو پڙھڻ ۾ ھوشيار ھوندو ھئين ،ھميشه مونکان وڌيڪ نمبر کڻندو ھئين ،پر ڏس تون پڙھڻ تان ڌيان ھٽائي ڇڏيو.ھاڻي پيو روز استاد جون مارون کاءُ.اھو چئي وري ھو زور سان کلي پئي.
مان ھن کي کلڻي چوندو ھئس.ھو ھئي به ڪنھن پري جيان بلڪل معصوم ،صاف دل جي ۽ ڪجھ ڪجھ نخريلي به ھئي.ھر ادا ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھئي.
ٻالڪپڻ موڪلايو ۽ جواني زندگي جي در تان داخل ٿي.ھاڻي اھي خوشنصيب ڏينھن نه ھئا جو روز ان کلڻي کي ڏسان ڇوته اٺين ڪلاس تائين اسانجو ساڳيو ڪلاس ھيو ھاڻي ھو اڳتي پڙھائي  لاء گرلز اسڪول ويندي ھئي پر پوء به حيلا وسيلا ھلائڻ بعد جھلڪ نظر اچي ويندي ھئي.بوائز ۽ گرلز ھاء اسڪول جي وچ جو ھڪ ميل پنڌ ھو جيڪو مون لاء بنھ گھٽ ھو.ھو منھنجي گھر جي پوئين ڳلي ۾ رھندي ھئي.
اسان جي خاندانن جي وچ ۾ پري جي مائٽي جو ڪو رشتو نه  ھو.ڇو ته مان ھندو مذھب جو ۽ ھو مسلمان ھئي.اسان جي خاندانن جي وچ ۾ اچ وڃ جو سلسلو منھنجي ڏاڏا مرحوم جي وقت کان ھو.
شايد ڪا ڏاڏي جي گھري دوستي ھئي پر ان ھوندي به ڄاڻ سڃاڻ سبب عورتون ۽ مرد ھڪٻئي جي ڏک ۽ سُک ۾ شريڪ ٿيندا ھئا.مان روزانه   ھن جي مسڪراھٽ ڏسڻ لاء وڃي ان جي ڳلي جا چڪر ڪاٽيندو ھئس .ڏينھن ۾ ٻه ،چار ڀيرا ته نظر اچي ويندي ھئي.مان ڪم ڪار لاء ٻاھر وڃڻ دوران  ان جي ڳلي مان گزري ڪري ويندو ھئس.ڪيڏي به تڪڙ ۾ ڇو نه ھجان ان جي گھر جي اڳيان قدم تيزي سان نه کڄندا ھئا رڪجي رڪجي تڪيندي تڪيندي پوء ويندو ھئس.
حالانڪه مون ڪڏھن ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ڇوته اھا ظاھر آھي ناڪام ھئي پر ان ھوندي به مون  انکي ٿورو نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪڏھن به نه ڪئي.بلڪه جيستائين پھچي سگھندو ھو ان جي حفاظت ڪندو ھئس.ھو مونکي پنھنجي پنھنجي لڳندي ھئي.مزاڪ جي موڊ ۾ مونکي چيڙائڻ ۽ تنگ ڪرڻ لاء راڪيٽ چوندي ھئي ۽ ان جو ھر مزاڪ مونکي دلي سڪون بخشيندو ھو.وقت گزرندي ويلھ ناھي لڳندي.جڏھن ھن انٽرميڊيئٽ جا امتحان ڏنا ته ھن پرائيوٽ ڪاليج  ۾ بي ايس سي ۾ داخلا ورتي جنھن سبب ھو ريگيولر ڪاليج نه ويندي ھئي ۽ انھي سبب کلڻي جي کل نه ڏسڻ سبب مونکي تمام گھڻي ھر وقت ڇڪ رھندي ھئي.
جڏھن ھو امتحان ڏيندي ھئي ھن کي بنا اطلاع جي مان سوالن جا جواب اماڻيندو ھوس.ان جو سيٽ نمبر ڪئين نه ڪئين حاصل ڪري وٺندو ھئس.منھنجا پنھنجا امتحان ھوندا ھئا ته به ان جي ڪاليج جي پٽيوالي کي پارت ڪري پئسا ڏئي ايندو  ھئس.ائين شمع حيران رھندي ھئي ته ڪير ائين بنا چوڻ جي مونکي سوالن جا جواب ٿو پھچائي؟
ائين ھلندي ھلندي ڪجھ وقت کانپوء شمع جي لاء رشتو آيو ۽ ان جي گھر شادي جي رونق وڌي وئي.منھنجي ته اھڙي ڪا حيثيت ئي شايد نه ھئي جو سڄي عمر کلڻي کي پاڻ وٽ ويھاري ان جو کلڻ ڏسان پر دل سوڙھي ضرور ٿي رھي ھئي.ان جي گھر وارن کان معلوم ڪرڻ بعد خبر پئي ته ھن جي شادي ٻي شھر ۾ ٿي رھي آھي جيڪا مون لاء ڏکوئيندڙ خبر ھئي.ان جي ڀائرن ۽ پيءُ جو مان شادي جي تياري ۾ پورو ھٿ ونڊايو ۽ کلڻي کان پڇيو به ھئم ڇا تو انھي رشتي سان خوش آھين؟ھو ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳي ھا مان بيحد خوش آھيان بس دعا ڪجان ته راڪيٽ به پنھنجي اونچي اڏام پڪڙي.برحال ان جي شادي جو ڏينھن آيو مان ان کي خوش ڏسي خوش ھئس.شام جو رخصتي مھل جئين ھو قرآن پاڪ جي سائي ۾ ڳاڙھي ڀرٿ ڀريل جوڙي ۾ گھر کان نڪتي ته تمام گھڻي خوبصورت پئي لڳي.ھو ڪجھ اداس به ھئي جيڪو ڪنھن عورت جو فطري عمل آھي رخصتي دوران.مان ڳلي جي ٻئي پاسي سامھون بيٺو ھئس ۽ ڪن تي فون رکي ائين پئي ڏسڻ ۾ پئي آيم ڄڻ ڪال تي ڪنھن سا  ڳالھائي رھيو ھجان.شمع پنھنجو ڳاڙھو رئو ٿورو مٿي ڪري مون ڏي ڏسي مسڪرائي گاڏي ۾ چڙھي ھلي وئي پر ھڪ منجھيل ،حل نه ٿيندڙ سوال مون وٽ زندگي ڀر جي لاء ڇڏي وئي ۽ اڄ ڏينھن تائين انھي سوچ ۾ آھيان ھو ائين مونکي ڏسي کلي ڇوھئي  ؟ ڇا ھو ڄاڻندي ھئي منھنجي من جي مندر جي مورتي ڪير آھي...؟؟؟
http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2015/Dec/23-12-2015/Page5/P5-07.jpg

2 comments:

  1. توهان کي شيخ اياز جي لکيل ڪهاڻي کلڻي ضرور پڙهڻ گهرجي
    آصف ٿيٻو

    ReplyDelete