16/12/2015
#RememberingAPSMartyrs
16 ڊسمبر: ذڪر ھڪ لٽيل باغ جو/ماھم سنڌي /ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com
اوھان سڀن گل ته ضرور ڏٺا ھوندا، اُھي صفا نازڪ ،نفيس ۽ معصوميت جو ڏيک ڏين ٿا.آسپاس نوڪ دار ڪنڊا ھئڻ جي باوجود به اسانکي گلن جي خوبصورتي پاڻ ڏانھن چقمقي ڪشش وانگر ڇڪي ٿي.گلن جون پتيون ايتريون ته نازڪ ھونديون آھن جو ٿورو به زور ڏيڻ سان انھن کي تڪليف ڏيندڙ چپيٽ اچي ٿي ۽ اھي اتان ٽٽي پون ٿا.گل ،گلن جون پتيون، جيتريون خوبصورت، پرڪشش ۽ خوشبو ڏيندڙ ھونديون آھن انھن ۾ برداشت جي سگھ به ان جي ابتڙ ٿوري ھوندي آھي.تنھن ڪري ٿورڙي چوٽ سھڻ به انھن جي وس کان ٻاھر آھي.نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جو ارشاد آھي ته “ٻار خدا جي باغ جا خوبصورت گُل آھن“.مطلب صاف ظاھر آھي ٻارن جي معصوميت ۽ خوبصورتي گلن جيان ھوندي آھي.ٻار ڀلي ڪھڙي رنگ نسل ،ذات پات جا ڇو نه ھجن پر ان جو ٻالڪپڻ ھميشه ئي وڻندڙ ۽ ٻين کي وڻائيندڙ ھوندو آھي.ھڪ مالھي جئين ھر بگڙجندڙ موسم ۾ پنھنجي پوکيل ھر گُل تي خاص توجه ۽ نگاھ رکي ٿو.اھڙي طرح ماءُ پيءُ به مالھي جيان پنھنجي گلن مثل ٻارن جي پالنا، پرورش ۽ تربيت ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين.اھو قدرت طرفان سمويل خوبصورت جذبو آھي جيڪو ھڪ مرد ۽ عورت کي ماءُ پيءُ جي درجي تي فائز ٿيڻ بعد محسوس ٿئي ٿو.اھو به چون ٿا ته ھر مرد ۾ ھڪ پيءُ ۽ ھر عورت ۾ ھڪ ماءُ رھي ٿي.پر اھي جزبات لڪل ھوندا آھن ۽ انھن جي نمايان ٿيڻ جو وقت تڏھن ايندو آھي جڏھن ھو پنھنجي پھرين ٻار کي گود ۾ کڻن ٿا.تنھن مھل ھو پنھنجون سڀ اوليتيون پوئتي ڌڪي بس ان ٻار جي خوشي خاطر پاڻ کي ارپي ٿا ڇڏين.ٻار جئين وڏو ٿيندو ويندو ته ان جا مائٽ به انتھا خوش ٿا ٿين.ٻار جي پھرين ٻاتي ٻولي ،پھريون بانبڙو، پھرين وک ،پھريون ٽھڪ ،مائٽن کي بخوبي ياد ھوندو آھي.اھي گلن نما ٻارڙا جئين وڏا ٿين ٿا ته انھن جي بھتر سکیا لاء انھن کي پنھنجي پھچ موجب سڀ کان سٺي اسڪول ۾ داخلا ڏيارين ٿا.ٻارڙا روز اسڪول وڃڻ مھل اٿندي ضد ڪن ٿا، روئن ٿا ۽ انھن جا ماءُ وڏي پيار منجھان انھن کي وھنجاري، اسڪولي يونيفارم پارائي ، ناشتو کارائي ٿي.ڪجھ کاڌو وري لنچ بوڪس ۾ وجھي ڏئي ٿي جئين منھنجو ٻچڙو بک لڳڻ تي کائي ،ان کي پاڻي جو ڪولر پڻ ڏئي ٿي ته متان منھنجي ٻار کي گلي جي خشڪي نه ٿي پوي.گھران نڪرڻ مھل ان جي پيشاني چمي سٺي صحت ۽ وڏي عمر جي دعا ڏئي ٿي.ان جي نڪرڻ مھل کان ئي اوسيئڙو ڪري ٿي ته ڪڏھن ٿو ان جو ٻار واپس وري.پر ھڪ منٽ لاء سوچيو اگر ان جو ٻار واپس ئي نه ٿئي ته پوء ؟ڪنھن دھشتگردي جي خونخوار واقعي ۾ پنھنجي معصوم جان وڃائي ويھي ته پوء؟
16 ڊسمبر 2014 ھڪ اھڙو ڏکوئيندڙ ،ھانءُ ڏاريندڙ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن آھي جنھن جي ھڪ سال بعد به واقعو دھرائڻ تي اکين مان دريا وھي ٿو اچي.اھڙو ڏينھن جڏھن انسانيت شڪست کائي جھڪي پئي ۽ درندگي جي فتح ٿي.ان ڏينھن گلن مثل ٻارن کي خيبرپختونخواھ صوبي جي گادي واري ھنڌ پشاور ۾ موجود آرمي پبلڪ اسڪول کي بي دردي سان مڙوري گُھٽيو ويو.انھي ڏينھن درندگي جي ڪا حد باقي ئي نه رھي.گلن سان مھڪندڙ آرمي پبلڪ اسڪول جو باغ ويران ٿي ويو ھيو.جٿي ٻارن جا گوڙ ۽ ٽيچرن جا ليڪچر ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا اتي صرف آھون ،ڪوڪون، پکڙيل انساني رت ،انساني عضوا ،بارود جي بوء ۽ لٽيل آستان ھو.مائرن جا سڪيلڌا ٻار ڪنھن خوني درندي جي ور چڙھي ويا.جن بي دردي سان تڙپائي تڙپائي انھن جو ساھ سسي مان ڪڍي ڇڏيو.ھلڪي ڪنڊي لڳڻ تي رڙيون ڪندڙ ٻار ،ھلڪي ڌڪ کائڻ تي دير تائين روئندڙ ٻار ،وحشي جانورن ھٿان ڪيترا تڙپيا ۽ رڙيا ھوندا رب ئي ڄاڻي پر درندي جي وڙ چڙھيل معصوم جانين تي ھڪ ذرو رحم نه ڪيو ويو.رحم تي جانورن تي، پکي پکڻ تي به ڪبو آھي ،پر الاء ڪھُڙا ويري اچي ڪڙڪيا جيڪي معصوم جانين کي ايذائي ٽھڪ ڏئي کلندا رھيا.ان ڏينھن مائرن جا ٻار گھر نه موٽيا پر جي موٽيا ته رت ھاڻا ڪپڙا ،لنچ بوڪس، ڪتابن جا ٿھيلا ،پاڻي جا ڪولر ۽ بوٽ ،جيڪي ڏسي گلن مثل ٻارن جا مائٽ جئيندي ۽ مري ويا.ھڪ قيامت ٻارن جي مٿان ڪڙڪي جيڪي پاڻ بچائڻ لاء ھيڏانھن ھوڏانھن ھٿوراڙيون ھڻندا ،منٿون ڪندا ۽ رحم جي گھر ڪندا رھيا.ھڪ قيامت انھن جي مائٽن مٿان ڪڙڪي،جيڪا انھي انتظار ۾ ھئا ته ٻار واپسي تي ٿڪل ٽٽل گھر ورندا ۽ مائرون جھولي ۾ ويھاري ھٿن سان گرھ ٺاھي انھن کي ماني کارائينديون.ھڪ کان وڌيڪ مصائب ھڪ ئي ھنڌ ٽٽي پيا.ھڪ بچيل ٻارڙي موجب جئين درندا اندر داخل ٿيا ته انھن اسان سڀن کي ھڪ ھنڌ جمع ڪري گوليون وسائڻ لڳا.اھو ٻارڙو تڏھن بچي ويو جو کيس مُردا سمجھي ڦٽو ڪيو ويو ھيو.ھو پنھنجي داستان ٻڌائي چوي ٿو ته ڊپ وجھان مون پنھنجي ٻئي ھٿ منھن تي رکيا جئين منھنجو آواز ۽ تيز ساھ جو آواز انھن تائين نه پھچي.ٻارن منٿون ڪندا رھيا رحم گھرندا رھيا. ھو معصوم ٽڙيل گل اڃا ڪومائجڻ نا چاھيندا ھئا.10:30 بجي ڌاري صبح جو جڏھن اڃا ٻيون پيرڊ ھلي ٿو ان وقت 7 وحشي درندا داخل ٿي معصوم گلن کي پٽڻ جي ڪاروائي ۾ مصروف ٿي ويا.اھي چاھين پيا جيترو ٿي سگھي باغ جي ويراني ڪجي.144 مان 132 لاش صرف ٻارن جا ھئا.گوليون ته ايتريون برسائيون ويون جو ڪلاسن جي چار ديواري ڀرجي وئي ،ڊيسڪون ۽ ڀتيون رت جي دٻن سان ڳاڙھيون ٿي ويون.ھڪ شفيق عورت استاد طاھره آصف کي معصوم گلڙن اڳيان ساڙي ماريو ويو ۽ ان جي جلندڙ ڪيفيت ٻارڙا ڏسندا رھيا.ٻارن جي دل خوف سان گڏ رنج به ھئي ته انھن لي روز پڙھائڻ واري ٽيچر اڄ تڙپي سڙي رھي آھي.ڪيڏا نه ڀيانڪ منظر ھوندا جنھن جو اندازو پڻ لڳائڻ انتھائي مشڪل آھي.ٻارن جا ساھ اڏام ڪندا رھيا پر گھر ويٺل مائرون ۽ پيء ھر ڏينھن جيان پنھنجي ٻارن جي موڪل بعد گھر اچڻ جي اوسيئڙي ۾ خوش ھيا.مائرون ته ٻارن لاء کاڌو پچائڻ، انھن جا ڪپڙا ڌوئڻ جي ڪم ۾ مصروف ھيون.ھنن کي پڪ ھئي ته انھن جا ٻارڙا زنده ۽ خوش خيريت سان علم حاصل ڪري روز جيان اڄ به گھر پھچندا پر ھنن جا جسم رت ھاڻا ٿي زمين تي ڪري چڪا ھئا ۽ روح ٻي پار وڃي چڪو ھو.ھو واپس ورڻ جي واٽ تي ويا ئي نه ھئا.حالانڪه انھن گھڻو چاھيو ته پنھنجي مائرن ڏانھن واپس وڃجي پر دھشتگردن انھن جي سسين مان ساھ نپوڙي ڪڍي ڇڏيو ھو.انھن جا صاف ڊريس ،صاف بيگ ،رت جي ڳاڙھي داغن سان ڀرجي چڪا ھئا.
اھڙو ظلم ڪرڻ وارا مسلمان ٿا سڏرائين پر ھو جانورن کان به بدتر ۽ بڇڙا ھئا.ڦاھي جي سزا ان جرم کان بنھ گھٽ ھئي جيڪو ھن نازڪ گلن سان اسڪول جي اندر ورتاءُ ڪيو.اسڪول جي ۽ ڪلاس جي حالت ڏسي بي پرواھ ۽ بھادر صافي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا.ٻاھرين ملڪن جا سفير روئڻ لڳا.جنھن بربادي کي ڏسڻ جي سگھ ئي ڪنھن ۾ نه ھئي اھا جنھن تي برپا ڪئي وئي نه ڄاڻ انھن ڪئين نبيري ھوندي.ڪو لفظي ذخيرو اھا ڪيفيت بيان ئي نٿو ڪري.سگھي جيڪا معصومن سر تي سٺي.
دھشتگردن جي تنظيم تحريڪ طالبان وارن نه بخش ٿيندڙ ظلم جي ذميواري قبولي ھئي.۽ چيو ويو ته ھي حملو اتر وزيرستان ۾ شروع ٿيل فوجي آپريشن ضرب عضب جو بدلو آھي پر اھي مري ويندڙ ٻارڙا انھي آپريشن کان بلڪل اڻڄاڻ ،اڻ واقف ھئا پوء ھو ڪھڙي جرم جي ھيٺ بي گناھ مروڙيا ويا.انھي حملي بعد شروع ٿيندڙ نيشنل ايڪشن پلان،فوجي عدالتون ،ڦاھين تان پابندي ھٽائڻ جا عمل ،سڀ پنھنجي جاء تي پر لٽيل باغ جو ازالو شايد ئي ٿي سگھي.
http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130341257&Issue=NP_HYD&Date=20151216
http://www.dailyappeal.pk/home/paper/2015-12-16/2.jpg
http://epaper.awamiawaz.com/
No comments:
Post a Comment