27/12/2015
پنڊي تي سنڌ جي ميار /ماھم سنڌي /ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com
اڄ سنڌ جي بھادر نياڻي ،بين الاقوامي مڃيل ليڊر، ذوالفقار ڀٽي جي وڏي نياڻي شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي اٺين ورسي آھي.ھو 2007ع جي 27 ڊسمبر تي بي رحم گولي ھٿان شھيد ٿي پنھنجي پيءُ جي ڀرسان وڃي آرامي ٿي ھئي.
انسانيت جي تخليق بعد انسان مختلف رشتن جي صورت ۾ ھڪٻئي سان جڙجندا وڃن ٿا.سڀ کان اتم ۽ گھرورشتو ٻار جو ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جو پنھنجي ٻارڙن سان ھوندو آھي.چون ٿا ڌيئرون پنھنجي پيءُ کي تمام گھڻيون لاڏليون ھونديون آھن.پيءُ پنھنجي نياڻين سان تمام گھڻي محبت ڪن ٿا ۽ ڌيئرون به پنھنجي پيءُ جي ڪافي ويجھو ھونديون آھن.ڪنھن شادي شده جوڙي لاء اھا نھايت خوشي جي ڳالھ ھوندي آھي ته ان جو پھريون اولاد نياڻي جو ھجي.پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار ڀٽي جي به پھرين اولاد ان جي نياڻي بينظير ھئي.جنھن کي پنڪي ڪري سڏيندو ھو.ان جو پنھنجي وڏي ڌي تي اعتماد ايترو ته سگھارو ھوندو ھو جو ھو ھر ڪم ان کي سونپيندو ھيو ۽ صلاح مصلحت پڻ ڪندو ھو.بينظير به پنھنجي پيءُ سان اوتري ئي محبت رکندي ھئي.سال جي طويل ڏينھن ايڪيھين جون تي جنم وٺندڙ گلابي بينظير پنھنجي پيءُ ساڻ ھميشه گڏ ھلي قدم قدمن سان ملائيندي رھي.بينظير جي پنھنجي پيءُ سان محبت سبب ئي ھو پيءُ جي وڌيڪ ويجھو رھي.پيءُ جي ڦاسي ان لاء وڏو صدمو ھيو پر عجيب ڳالھ اھا آھي ته ھو ٽٽندي ٽٽندي به پاڻ کي جوڙيندي رھي.اھا ھڪ عورت جي ناتي ان جي وڏي ھمت ھئي.پاڻ چوي ٿي ته 1981ع ۾ سکر جيل جا ڏھاڙا ايڏا ته ايذائيندڙ ھئا جو ڪا به ڇوڪري اتان بيزار ٿي خودڪشي ڪري پئي سگھي پر مان اھو جيڪر ڪم ڪيان ھا ته ماڻھو مونسان گڏ منھنجي بابا جو نالو پڻ بدنام ڪن ھا ته ڏسو ان جي بزدل ڌي جيڪا جيل ۾ ئي رھي نه سگھي.پنھنجي آرامده زندگي ،سڪون واري بستر کان سکر جيل جو اھو ڪمرو جتي شديد گرمي سبب زمين مان ھر وقت ڪيڙا ماڪوڙا پيا نڪرندا ھئا ۽مٿان چڙھي چڪ پائيندا ھئا اھو سڀ ٿيڻ تي بينظير چوي ٿي دل چاھيندو ھو ته رڙيون ڪري روئجي پر ائين مان ڪين ڪيو.وڌيڪ چوي ٿي ته سوڙھي ڪمري جي ڀر ۾ ھڪ تيز روشني وارو اھڙو ته بلب کوليو ويندو ھو جنھن سبب مونکي مٿي ۾ تڪليف ٿيندي ھئي ۽ سڄي رات اکيون ٻوٽي سمھي نه سگھندي ھيس.
شھيد پيءُ جي ھن شھيد نياڻي شھادت تائين پنھنجو پاڻ مڃايو.ھو صرف ڀٽي جي نا پر سنڌ جي ڌيءُ ھئي.اھو ئي سبب آھي جو ھر سنڌي ھن سان اڄ به بيحد محبت ڪري ٿو.ھڪ بھادر ۽ بي ڊپي، ارڏي نياڻي جنھن تي سنڌ کي اڄ به فخر آھي. اڄ اٺ سالن بعد به ڊسمبر جون ھوائون سوڳوار آھن.بينظير جي نئي سال جي آجيان کان اڳ ئي ڊسمبر جي پڇاڙين جي سرد ڊگھي رات ۾ نماشام جي موڪلاڻي بي انتھا ڏکوئيندڙ ھئي.ڄڻ يقين جي دائري کان ڳالھ ٽپي ئي نه پئي ته ڪو ائين به ٿي سگھي ٿو.بينظير جي وڇوڙي سنڌ ،پاڪستان ۽ پوري دنيا کي غمگين ڪيو پر ھو ھئي ته سنڌ ڄائي ۽ ان جو بي جان جسم به سنڌ ئي قبولي پاڻ منجھ دفنائي ڇڏيو.ڳڙھي خدا بخش جي قبرستان ۾ ھي ھڪ اضافي قبر گھڻين ئي ڏکن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو ھيو.27 ڊسمبر جي ڪاري رات ته صدين تائين پنھنجو صدمو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي پئي.ھڪ ڪامياب رھنما جو وڇوڙو سھڻ ۽ قبول ڪرڻ ايترو آسان نه ھو . ھر وقت پرجوش تقريرون ڪري ٻئي ھٿ لوڏيندڙ ليڊر کي دفنائڻ سولو ڪم نه ھيو.اھو وقت ھڪ وڏو امتحان ھيو جيڪو ڏيڻ به مشڪل ھيو.27 ڊسمبر 2007 ۾ جڏھن اليڪشن جي حوالي سان تقرير ڪرڻ روالپنڊي جي لياقت باغ پھتي ته ھڪ وڏو جشن ان جي آڌرڀاءُلاء بيٺل ھو.ھو جئي ڀٽو،جئي بينظير جي نعرن جا جواب ڏيندي اچي اسٽيج تي پھتي.سخت سردي سبب ان کي شال اوڙھيل ھئي.واڱڻائي رنگ جي ڊريس ۾ ھو ڏاڍي پئي ٽھڪي.ھن تقرير دوران اھي جملا به چيا ھئا ته ڌرتي مونکي سڏي پئي ان کي منھنجي ضرورت آھي.ڪامياب جلسي جي اختتام تي ھو جئين ئي اسٽيج تان لھي پنھنجي گاڏي تي چڙھي ۽جئين ئي نعرن جا جواب ڏيَڻ لاء سن روف مان ٻاھر نڪتي ته ھڪ تيز ترار گولي ان جي مٿي کي لڳي ۽ھو اتي ڪري پئي تنھن وقت شام جا سوا ڇھ ٿيا ھئا.ان جي شھادت جي خبر جي تصديق ٿيندي ٿيندي رات جا 7 ٿي ويا ھئا.ان دوران ھرڪنھن دعا پئي گُھري ته متان بينظير بچي پوي.پر دعائن گھرڻ جو وقت پورو ٿي چڪو ھو ۽ ھو پنھنجي ڌرتي جي ڏنل سڏ کي وراڻي ڏئي چڪي ھئي.ڀٽي بعد پنجاب جي پنڊي مان ھڪ ٻيو لاش سنڌ ڏي اماڻيو ويو.ھڪ ٻي معيار ،ٻيو ڏوراپو سنڌ جو پنڊي تي رھجي ويو.سنڌ ۾ جٿي بينظير 18 آڪٽوبر کان مختلف جلسن جلوسن ۾ محفوظ رھي اتي پنڊي وارا بينظير کي محفوظ نه رکي سگھيا.27 ڊسمبر تي سُر ڪيڏاري وارو روپ ڌاريندڙ سنڌ اھڙو روپ شايد نه وٺي ھا پر پنڊي جي جلسي اھو سڀ ڪري ڏيکاريو.ائين ته ٿيڻو به ھيو ڇو ته بينظير صرف سنڌ جي نا پر سڄي پاڪستان جي بين الاقوامي سطح جي ليڊر ھئي ۽ ان لاء ڪجھ حدن اندر محدود رھڻ ممڪن نه ھو.
بينظير پنھنجي لکيل آتم ڪٿا اوڀر جي نياڻي ۾ لکي ٿي ته 1969ع تي جڏھن مان ھارورڊ يونيورسٽي آمريڪا پئي ويس ته بابا (ذوالفقار علي ڀٽو) مونکي اسانجي اباڻي قبرستان ڏي وٺ ويو ۽ نصيحت ڪندي چيائين “تون ملڪ کان ٻاھر وڃين پئين تون اھڙو ڪجھ اتي ڏسندين جيڪو توکي موھيندو به سھي ۽ اچرج پڻ ٿيندئي پر ياد رکجان تون اصلوڪي ھتان جي آھين.تنھنجي آخري جاء ھتي آھي.تنھنجون پاڙون ھتي آھن.لاڙڪاڻي جي گپ ،مٽي ،دز تنھنجي رڳن ۾ آھي. نيٺ توکي اتي ئي دفن ٿيڻو آھي“.پيءُ جي ڪيل نصيحت جي پوئيواري ڪندي بينظير اڄ انھي اباڻي قبرستان ڳڙھي خدا بخش ۾ دفن ٿيل آھي.خود ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي ڌيء سان آخري ملاقات دوران چيو ھيو ته “ھاڻي آئون آزاد ٿي ويندس پنھنجي ماءُ پيءُ سان وڃي ملندس.لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي وڏڙن ڏانھن واپسي ڪندس جئين آئون اتي جي مٽي جي سڳنڌ ۽ ھوا جو اٽوٽ حصو ٿي سگھان.۽ وري مرڪي چوي ٿو اتي ته ڏاڍي گرمي ھوندي ته ھڪدم بينظير جلدي سان چوي ٿي آئون بابا اتي مقبرو جوڙائيندس"
بينظير لکي ٿي ته ھڪ دفعي بابا اسانجي شادي جو ذڪر ڪندي چيو اوھانجي شادي بعد مان ان اوسيئڙي ۾ ھوندس ته ڪڏھين واپس ٿي اچين .واپسي بعد اگر تنھنجي اک ۾ ھڪ ڳوڙھو يا تنھنجو آواز ۾ سڏڪو ھوندو ته آئون تنھنجي مڙس کي مار ڏئي توکي پنھنجي گھر وٺي ايندس.
21 جون 1953ع تي ڪراچي جي پنٽو اسپتال ۾ نصرت ڀٽو اصفھاني جي گود مان جنم وٺندڙ ھي ڀٽي جي نياڻي سڄي زندگي جاکوڙيندي گذرايو.ھو چوندي ھئي منھنجي مرضي ھئي ته مان پرڏيھي معاملن جي کاتي ۾ ڪم ڪيان منھنجي ان ۾ دلچسپي ھوندي ھئي پر سياست منھنجي مٿي جي پيشاني تي اُڪريل ھئي.مان پنھنجي لاء سياست نه چونڊي پر سياست مونکي پاڻ لاء چونڊيو.
ان جي موت ۽ پڄاڻي دردناڪ ۽ ھانء ڏاريندڙ ھئي.ڄڻ ڪجھ پل لاء دنيا بيھجي وئي ھجي.چوءنسا انبن کي پسند ڪندڙ بينظير کي عام عورت جيان پنھنجا ڀاءُ ۽ گھر وارا پيارا ھئا.ھو ھن جي ننڍي ۽ لاڏلي ڀاءُ شاھنواز ڀٽو جي زھر ذريعي پر اسرار موت سبب صدمي ۾ وٺجي وئي ھئي ۽ مير مرتضٰي جي گولين ذريعي ٿيل شھادت به ان لاء نا قابل يقين ھئي.پر بينظير جي وڏي خوبي اھا ھئي ته ھو پوئتي ھٽڻ کي مھڻو سمجھي ھميشه اڳيان وڌندي رھي.ھو جھڪي پوي ھا ته تاريخ جي اوراقن ۾ روشن ھرگز نه ٿئي ھا.ھڪ عورت لاء وڏي بھادري جي ڳالھ آھي ته ھو پنھنجي حياتي ۾ پنھنجي پيءُ ۽ ٻن ڀائرن جي ٿيل قتل کي سھي ،مارشل لاء جي سخت دور مان پار ٿئي ۽ جنگ جاري رکي.
ھو پھرين دفعا دنيا جي پھري مسلمان عورت وزيراعظم 2 ڊسمبر 1988ع کان 1990ع تائين رھي.۽ ٻي دفعا ان کي اھو عھدو 1993ع کان 1996ع مليو.ٻنھي دفعا ان پنھنجو عھدي جا پنج سال مڪمل نا ڪيا ۽ سازشن جي ڄار ۾ ان کي ڦاسائيندي حڪومت تان لاٿو ويو.صبرجو دامن جھلي ڪاميابي جا نوان لاڙا قائم ڪندي بينظير آخري ھنڌ وڃي پنڊي باغ جو ڪيو.اڄ ان جي شھادت تي اسانجو سڌو ڏوراپو پنڊي تي وڃي ٿو.
سنڌ جي نياڻي ۽ راڻي جي خون جي معيار سدائين پنڊي تي رھندي.ھڪ مڃيل ۽ بھادر اڳواڻ ذوالفقار ڀٽي جي سينٽرل جيل روالپنڊي ۾ 4 اپريل 1979ع تي ڦاسي بعد ھي ان جي ئي ڌيء جي شھادت جو قرض پنڊي جي ڌرتي تي رھندو.بينظير جي رت جي ريٽن سان رنگيل پنڊي منجھ ئي ڀٽي صاحب به آخري ساھه انھي ڌرتي تي کنيا ھئا.ھي ڌرتي ھميشه سنڌين جي معيارن ۽ ڏوراپن سان ڳوري رھندي.پنڊي ڀلي لک واري پاڻ کي بي گناھ ثابت ڪري پر پنڊي ۽ ان ۾ رھندڙ سگھاريون قوتون ھرگز ڀٽي ۽ ان جي نياڻي جي شھادت کان بي دخل نه ھيون.
http://dailyjhoongar.com/files/27-12-15/Page-bp.jpg
http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2015/12/editorial-page16.jpg
http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130344701&Issue=NP_HYD&Date=20151227