Monday, 6 April 2015

سنڌ جي بشير جي ٽين ورسي...

07/04/2015
#ShaheedBashirKhanQureshi  #DeathAnniversary

واڪا ڪندي ووء،صديون تو لاء سنڌڙي.......

رات جي اونداھي جڏھن روشني مٿان قابض ھئي،پرھ ڦٽڻ ۽ سياھي کٽڻ ۾ اڃا ڪي پل ھئا،اڃا  سج اڀرڻ جا سانباھا نه ڪيا ھئا ،اڃا ڪاري آسمان تي تارا ٽمڪيا پئي ته ويري اونداھي وري  سنڌ ۽ سنڌين  جي اميدن سان ٻرندر لاٽ کي ھميشه لاء وسائي ڇڏيو.
7 اپريل 2012 ۾ سنڌ کان ان جو لاڏلو،ارڏو، بھادر، دودو پٽ ،سنڌي قومپرست اڳواڻ ،جئي سنڌ قومي محاذ جو چئيرمين بشير خان قريشي ھميشه لاء وڇڙي وڃي ٻيو ديس وسايو.
اڄ سندس ٽين ورسي تي سنڌ پنھنجي حلالي پٽ کي شيخ اياز جي ھنن سٽن سان ساري پئي.

ٻي خبر ناھي پر مرڻ کانپوء ،
توسان گڏ ٿيڻ جو حسرتون رھنديون.
جام و مينا رھي،رھي نه رھي،
منھنجي اکڙين جون عادتون رھنديون.
زندگي تلخ آ،ھجي ته ھجي،
روح ۾ سئو ملاحتون رھنديون.
سرحدِ غم قريب آ،اي دوست!
ساٿ ڪيسين محبتون رھنديون.
تنھنجي پھلوءَ ۾ ڪيسيتائين دوست!
ابنِ آدم جون جنتون رھنديون.
شاھ کان پوءِ اي اياز ٻڌاءِ،
سنڌ ۾ ڪنھن جون آيتون رھنديون.

يادگيرون ساريندر :ماھم سنڌي :-(

No comments:

Post a Comment