#April25th 20th #DeathAnniversary of Sain GM SYED.
ھن جنم ھُن جنم لاء وچن ٿو ڪيان،مان جتي به ھجان سنڌ تنھنجو ٿيان.....
جديد سنڌي قوميت جو باني،سنڌين جي رھبر،1972 ۾ جئي سنڌ قومي محاذ جي تحريڪ جو بنياد وجھندڙ،49 ڪتابن جو ليکڪ، سائين جي ايم سيد(غلام مرتضٰي شاھ سيد) جي ويھين ورسي آھي.
سنڌ کي جيوندان بخشيندڙ سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ تي واقع ،دل وارن جي شھر دادو جي ڳوٺ سن ۾، 17جنوري 1904 تي جنميل ھن سورمي 25 اپريل 1995 تي ،91 سالن جي ڄمار ۾ الوادع ڪري پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ وڃي ابدي ننڊ ستو.
اڄ سنڌ واسي سن پھچي سندن رھبر جي آرامگاھ تي فاتحون پڙھي ،سندن قول ياد ڪري، گلابي گلن جون پتيون نڇاور ڪندا، ساروڻيون ساري مختلف طريقن سان ڀيٽائون پيش ڪندا.اڄ به سنڌ پنھنجي سائين کي ساري، ان جي ڪمي شدت سان محسوس ڪري پئي.سائين جي ايم سيد جي وڃڻ کان پوء پيدا ٿيل خال شايد صدين تائين ڀرجي نه سگھي.ان جي ليڊرشپ،سياسي سگھ،سنڌ سان عشق،امن پسندي کي راغب ڪرڻ جي سوچ ،کي اڄ شدت سان محسوس ڪيون پيا.
اي وطن!منھنجي تخيل جا وطن!
لونءَ منھنجي جي لگن!
جانِ من!
اڄ چمي تنھنجو ڪََفن،
ٿو ڪيان تنھنجو سُپردِ خاڪ تن.
خشڪ منھنجي ديده خونبار آ،
لاله و گل کان سوا،
اي مٺا!
لاش تنھنجي کان جدا
ٿو ٿيان مان.....الوداع، او الوداع!
(شيخ اياز)
ڀيٽا پيش ڪندڙ:ماھم سنڌي.
No comments:
Post a Comment