Saturday, 25 April 2015

سنڌ جي سيد جي 20ھين ورسي...

#April25th   20th #DeathAnniversary of Sain GM SYED.

ھن جنم ھُن جنم لاء وچن ٿو ڪيان،مان جتي به ھجان سنڌ تنھنجو ٿيان.....

جديد سنڌي قوميت جو باني،سنڌين جي رھبر،1972 ۾ جئي سنڌ قومي محاذ جي تحريڪ جو بنياد وجھندڙ،49  ڪتابن جو ليکڪ، سائين جي ايم سيد(غلام مرتضٰي شاھ سيد) جي ويھين ورسي آھي.
سنڌ کي جيوندان بخشيندڙ سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ تي واقع ،دل وارن جي شھر دادو جي ڳوٺ سن ۾، 17جنوري 1904 تي جنميل ھن سورمي  25 اپريل 1995 تي ،91 سالن جي ڄمار ۾ الوادع ڪري پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ وڃي ابدي ننڊ ستو.
اڄ سنڌ واسي سن پھچي سندن رھبر جي آرامگاھ تي فاتحون پڙھي ،سندن قول ياد ڪري، گلابي گلن جون پتيون نڇاور ڪندا، ساروڻيون ساري مختلف طريقن سان ڀيٽائون پيش ڪندا.اڄ به سنڌ پنھنجي سائين کي ساري، ان جي ڪمي شدت سان محسوس ڪري پئي.سائين جي ايم سيد جي وڃڻ کان پوء پيدا ٿيل خال شايد صدين تائين ڀرجي نه سگھي.ان جي ليڊرشپ،سياسي سگھ،سنڌ سان عشق،امن پسندي کي راغب ڪرڻ جي سوچ ،کي اڄ شدت سان محسوس ڪيون پيا.

اي وطن!منھنجي تخيل جا وطن!
لونءَ منھنجي جي لگن!
جانِ من!
اڄ چمي تنھنجو ڪََفن،
ٿو ڪيان تنھنجو سُپردِ خاڪ تن.
خشڪ منھنجي ديده خونبار آ،
لاله و گل کان سوا،
اي مٺا!
لاش تنھنجي کان جدا
ٿو ٿيان مان.....الوداع، او الوداع!

(شيخ اياز)

ڀيٽا پيش ڪندڙ:ماھم سنڌي.

Tuesday, 14 April 2015

سعودي يمن ڇڪتاڻ:پرائي شادي ۾ عبدالله ديوانو

ماھم سنڌي/ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com
سعودي يمن ڇڪتاڻ:پرائي شادي ۾ عبدالله ديوانو.

پرائي شادي ۾ عبدالله ديوانو،اھو محاورو يا پھاڪو کڻي چئجي پوين ڪجھ ڏينھن کان بي پناھ مقبوليت ماڻي رھيو آھي ڄڻ ته سندن عروج جو دور ھجي.پاڪستاني اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا کان وٺي سياسي سماجي گڏجاڻين جو سفر ڪندي ،ھي زال مڙس توڙي پريمي جوڙن وچ ۾ سياسي بحث مباحثي ۾ استعمال ٿيندڙ مرڪزي جملي طور پنھنجي حيثيت ٺاھي رھيو آھي.ان پھاڪي جو مطلب ائين ٿيندو ته بنا ڪنھن خاص دعوت جي ڪجھ فرضي لفظ  جي چيل زباني يا تحريري  پيغام تحت مليل دعوتنامي تي دھل جي وڇڻ تي پاڳلن وانگر نچي ڳائي وڃي شريڪ ٿجي،يا وڃي ٻين جي معاملي ۾ ٽنگ اڙائي ٻين جا مسئلا خوشي سان پنھنجي ڳچي ۾ وجھجن ۽ پرائي آڙاھ ۾ پاڻ سان گڏ آسي پاسي جا ھٿ وجھي انھن کي به جلائجي .يقينن اھا ڪا عقلمندي ته چئبي ڪونه پر پوء به خبر ناھي اسانجي ملڪ جي موجوده حڪومت ڪھڙي احمقن جي دنيا ۾ رھي ٿي.ايشيا جي وچ اوڀر ۾ واقع سعودي عرب ۽ يمن جي پراڻي دشمني جيڪا وقت بوقت ويڙھ جو سبب بڻجندي رھندي آھي ،تنھن ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀڙڪو کاڌو آھي ۽ جنگ جي شروعات ڪجھ ڏينھن پھرين کان باقاعدگي سان حملن ذريعي ٿي چڪي آھي.يمن جي صدر علي عبدالله صالح جي 30 سالن جي آمراڻي حڪومت خلاف شيعه مذھب جا حوثي قبيلي وارا ميدان ۾ بغاوت لاء لھي چڪا آھن.صالح جيڪو سعودي حمايت طور تخت تي ويٺل ھيو ان جي دور ۾ ڪرپشن بيروزگاري جي وڌندڙ شرح ان کي غير مقبول بڻائي ان جي ڪرسي کي لوڏي ڇڏيو ۽ ھو باغين جي مظاھرن ۽ ڪارواين سبب ملڪ مان فرار ٿي چڪو آھي.ٻن مسلمان ملڪن جي وچ ۾ ھي ھلندڙ ويڙھ واقعي مسلم امه لاء ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي ۽ ھجڻ به گھرجي.ڇوته انسان ۽ مسلمان جي حيثيت سان اسان ڪڏھن به اھو نا چاھينداسين ته ڪٿي به ڪو انساني خون وھي ۽ ماڻھو بي گھر ٿين.ھوا ۾ بارود جي بوء ماحول ۽ دلين کي آلوده ڪري.پر جيڪر پنھنجي ملڪ جا حالات ڪنھن ٻي جي باھ ۾ گھڙڻ جي اجازت نه ڏين ته پوء عبدالله ٿيڻ ڪٿان جي عقلمندي چئبي.11 مئي 2013 جي اليڪشن بعد پاڪستان ۾ اقتدار جي ڪرسين تي قابض مسلم ليگ ن جا رويا ۽ چھرا خبر ناھي ڪھڙي سوچ تحت دل ئي دل ۾ سعودي يمن ويڙھ ۾ فريق ٿيڻ جو سوچي رھيا آھن.اسان سڀ وزيراعظم نواز شريف جي سعودي عرب سان ذاتي تعلقاتن ۽ دوستين سان  چڱي طرح واقف آھيون.1999 ۾ تخت اوندھي ٿيڻ بعد شريف ڀائرن جو سعودي جلاوطن ٿي وڃڻ، ان بعد اچ وڃ ۽ سعودي سان دوستاڻو رويو ڪنھن کان ڳجھو ناھي.پوئين سال جڏھن عمران خان پاران  اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي لڳايل ڌرڻو پارليامينٽ ھائوس طرف وڌيو ھو ته ان رات ٿرڊ امپائر جي اچڻ جي ڪافي ماڻھن کي اميد ھئي، انھي رات به ايمرجنسي ۾ نواز شريف جي خاندان جو سعودي وڃڻ سندن گھري دوستي کي صاف چٽو ٿي ڪري.ھر ڪنھن کي ذاتي تعلقات ۽ دوستيون نڀائڻ جو پورو حق آھي، ان تي ڪنھن جو اعتراض بلڪل نٿو ٺھي ،پر جڏھن ملڪ جو وزيراعظم ذاتي زندگي جي رشتن کي نڀائڻ لاء عوام جي ڏنل اقتدار واري ڪرسي کي ڪم آڻي، عوامي مينڊيٽ کي پنھنجي ذاتي مفاد خاطر ڪم آڻيندو رھي ته اھا ته ڪم عقلي به چئبي ته خودغرضي به ڪوٺبي.
25 مارچ 2015 کان شروع ٿيندڙ سعودي عرب طرفان پاڙيسري ملڪ 2 ڪروڙ 38 لک جي آبادي تي مشتمل ملڪ يمن تي ھوائي حملا جنھن ھي سٽون لکجڻ تائين 643 کان مٿي انساني جانيون ڳڙڪايون آھن ۽ 1700 ٿيل زخمي زندگي ۽ موت  جي جنگ پنھنجي ناسورن سميت وڙھي رھيا آھن. ان ۾ 74 معصوم ٻارڙا به اجل جو شڪار ٿيا ۽ 44 زخمي حالت ۾ آھن.ھڪ لک کان مٿي ماڻھو بي گھر ٿيل آھن.سعودي طرفان  گادي واري ھنڌ صنعا  ۾ حوثين باغين( جن کي زيدي پڻ چيو وڃي ٿو )خلاف ويڙھ دوران ٻين ملڪن کي به دعوت ڏئي ويڙھ ۾ شريڪ ٿيڻ جي آڇ ڪئي آھي .جنھن تي لبيڪ چوندي متحده عرب امارات 30  جيٽ طياره ،ڪويت ۽ بحرين 15،15 ، قطر 10، اردن 10 ، ۽ سوڍان جا 4 جيٽ طياره حصو وٺي رھيا آھن ۽ باقي آمريڪا ته ھونئن ئي سعودي جو مظبوط اتحادي بڻيل آھي.ان ڏس ۾ سعودي حڪومت پاڪستان کان  فوجي، بحري ،بري ۽ فضائي فوج جي مدد طلب ڪئي آھي.جيتوڻڪ خبرون اھي به آھن ته 1000 کن پاڪستاني فوجي پھرين ئي روانا ٿي چڪا آھن پر وزير دفاع خواجه آصف ترديد ڪندي چيو ته اھي فوجي مشقن لاء ويا آھن ۽ ڪنھن به جنگ جو حصو نه بڻجندا.جيتوڻڪ سعودي جي جاگرافيائي حدن توڙي مڪي مديني ۾ موجود مقدس جاين کي ڪو خطرو به ناھي پر سعودي جي دلي خواھش اھا آھي ته پاڪستان کي جتي ن ليگ برسر اقتدار آھي ان کان ڪنھن به صورت ۾ مدد طلب ڪري ان ويڙھ جو حصو بڻائجي.جيتوڻڪ اسان جا ملڪي سنگين حالات ٻين جي ويڙھن ۾ مداخلت جي اجازت ھرگز نٿا ڏين. ڌارين جي جنگين ۾ پوڻ سان اسان  اڳ ئي گھڻو ڀوڳيو آھي بلڪه تاحال تائين ٻين جو پوکيل دھشتگردي جو فصل اسان لڻي رھيا آھيون.
.ھڪ نظرجيڪر ماضي جي ڪيل فيصلن تي وجھنداسين ته ٻين جي جنگين ۾ ٽنگ اڙائندي  اسان جي پلي صرف بربادي پئي آھي .1967 کان 1970 واري دور ۾ جڏھن اُردن جي بادشاھ شاھ حسين جي اقتدار کي بچائڻ خاطر پاڪستاني فوج ھزارين فلسطينن کي قتل ڪيو ته ان وقت اسرائيلي وزيراعظم مواشي دايان خوشي جو اظھار ڪندي اھو چيو ته ٻارنھن ڏينھن ۾ جيترا پاڪستاني فوج فلسطيني ماريا آھن ايترا اسرائيل ويھ سالن ۾ به ماري نه سگھي ھا.وري جو 25 ڊسمبر 1979 واري دور ۾ پاڻ کي مذھب پرست سڏائيندڙ ظالم  ڊڪٽيٽر ضيا ءالحق ان وقت جي سپر پاور بڻيل سويت يونين جي جڏھن افغانستان ۾ مداخلت ڏٺس ته بنا ڪنھن عقلمندي جو مظاھرو ڪندي پاڻ وڃي جنگ جو حصو بنجي وڙھڻ لڳو ۽ ان جيتري تباھي آندي سا اڄ تائين عوام ڀوڳي پئي.يا کڻي ائين چئجي جيڪر ان وقت اسان فريق بڻجي حصو نه وٺون ھا ته ترقي جي راھ ۾ ڪافي اڳتي نڪري چڪا ھجون ھا.ان وقت لکن جي تعداد ۾ افغاني پٺاڻ مھاجر پاڪ افغان سرحد  خيبرپختونخواھ کان داخل ٿيندي سڄي ملڪ اندر پکڙجندي پنھنجا پير پختا ڪندا ويا.وڏي تعداد ۾ ھيروئن ۽ ھٿيار اسمگل ٿيا.1990 ۾ ٻه افغاني  ويڙھاڪ گروپ القاعده ۽ طالبان جي نالي  سان ظاھر ٿيا.جنھن پنھنجي دھشت ملڪ اندر وڏي تيزي سان ڦھلائي.2007 کان 2011 تائين 30,000 عام شھري انھن جي دھشت ڀرين ڪارواين جو کاڄ بڻيا.ان کان علاوه مذھبي انتھاپسندي، فرقيواريت به چوٽ تي چڙھندي وئي.ڪيترائي ويڙھاڪ گروپ پيدا ٿيندا ويا ۽ ملڪ کي بم ڌماڪن سان ھر ايندڙ ڏينھن  تي نقصان پھچائيندا رھيا.ھاڻوڪي  صورتحال ۾ ته ڪا مسجد، امام بارگاھ ، چرچ ،شاپنگ سينٽر توڙي عوامي ميڙ جي جڳھ محفوظ نه آھي.جيڪر اسان پرائين جنگين کان وٿي رکون ھا ته ايترو يقينن نه لوڙيون ھا.پشاور آرمي پبلڪ اسڪول حملو ،شڪارپور حملو ،ڪراچي جناح ايئر بيس حملو، توڙي ٻيا ڪيترا ئي اندروني خطرا اسان کي ڪنھن به ٻي جي جنگ ۾ حصو وٺڻ جي ھرگز اجازت نه ٿا ڏين.دھشتگردن جي ساک کي نقصان پھچائڻ لاء 25 جون 2014 ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف طرفان اتر وزيرستان ۾ شروع ڪيل فوجي آپريشن ضرب عضب جنھن ۾ 30 ھزار کان مٿي فوجي قبائلي علائقن ۾ موجود دھشتگرد تنظيمون تحريڪ طالبان پاڪستان ،لشڪر جھنگوي، جندالله ،القاعده ،اوڀر ترڪ اسلامي تحريڪ ،ازبڪستان اسلامي تحريڪ  ،حقاني نيٽ ورڪ جي موجودگي کي مٽائڻ ۽ حڪومت رٽ قائم ڪرڻ لا۽ پوين 9 مھينن کان جاري آھي.جنھن ۾ 3,000 کان مٿي  دھشتگرد  مارجي چڪا آھن ۽ سوين فوجي جوان ۽ عام شھري شھيد ٿي چڪا آھن.اسان جو ملڪ خود ھڪ اندورني  جنگ ۾ مصروف آھي ۽ ماضي ۾ ڪيل غلطيون ڀوڳي رھيو آھي.ڪوبه ھندو ،عيسائي ،شيعا توڙي عام پاڪستاني محفوظ ناھي.اسان جي معاشي توڙي اقتصادي صورتحال اسان کي بنھ اجازت نٿي ڏي ته ڪو ڪنھن جي به جنگ ۾ حصيدار ٿيون.اگر اسان چاھيون ئي ٿا ته ايترو ڪيون جو يمن ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي پئمالي خلاف ڪجھ ڪيون.زخمين  جي مدد ۽ اتي خوراڪ ۽ صاف پاڻي جي عدم فراھمي خلاف ڪو قدم کڻون.اتي ميڊيڪل ايڊ جي کوٽ جي پورائي لاء ڪجھ ڪيون.حملن سبب اپاھج بڻيل ماڻھن لاء ڪا امداد ڪيون.

يمن ۾ ويڙھ جو خبرون ميڊيا تان نشر ٿيندي ئي نواز حڪومت جا سعودي عرب جي حق ۾ بيان ۽ فوجي جٿا موڪلڻ لاء راضپو ھڪ تعجب ۾ وجھندڙ ڳالھ آھي.وزير دفاع کان وٺي ن ليگ جي سينيٽرن کان وٺي ن ليگي اسيمبلي ميمبرن سميت سڀ سعودي جي مدد لاء آتا پيا نظر اچن.پرائي جنگ ۾ ٽپو ڏئي دشمنيون وڌائڻ جو خبر ناھي ڪھڙو ڀوت سوار اٿن.پر اتي ئي ٻيون سياسي پارٽيون ڪي خاص متفق نه پيون  لڳن.تحريڪ انصاف ،پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ،عوامي نيشنل پارٽي ،جماعت اسلامي ۽ فنڪشنل سميت ٻين جي ڪا خاص سپورٽ ڏسجڻ ۾ نه ٿي اچي .اھي يا ته چون  ٿيون ته فوج نه موڪليو يا وري اي پي سي ڪوٺائڻ جي حق ۾ آھن.حالانڪه پارليامينٽ ھائوس جو موقف چٽو نظر اچي رھيو آھي اھي فوج جي موڪلڻ جي حق ۾ نه آھن.تازو ن ليگ جو به اعلان سامھون آيو آھي ته انھن اصولي طور فوج نه موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي پر انھن جي موقف ۾ اڃا وڌيڪ شفافيت جي ضرورت آھي. پارليامينٽ ۾  يمن سعودي ويڙھ ۾ فوج نه موڪلڻ خلاف پيش ڪيل قرارداد به متفقه طور منظور ٿي چڪي آھي.جنھن ۾ غير جانب رھڻ جي خاطري به ڪرائي وئي آھي.جيڪا سڀني ميمبرن جي فيصلي جي عڪاسي ڪري ٿي.پر اتي ئي سعودي فوج جي ترجمان جو اھو بيان به سامھون آيو آھي جنھن ۾ ھن چيو ته پاڪستاني فوج جي اھليت تي ڪو شق ناھي پر اڃا تائين پاڪستان پنھنجي واضح فيصلي کا  آگاھ ناھي ڪيو. اڳ ئي ملڪ ۾ مذھبي انتھاپسندي ۽ فرقيورايت ڏينھون ڏينھن زور وٺندي پئي وڃي.شيعا سني تعلقات پھرين ئي سٺا نه آھن.ان وچ ۾ وري اسانجو اتحادي بڻيل ايران ملڪ جيڪو يمن جي شيعا باغي قبيلي حوثي زيدي شيعه سان اتحاد ۾ آھي انھن سان ڦٽائڻ به ڪو سٺو عمل نه ٿيندو .ملڪ ۾ ٻريل فرقيواريت جي لڳل باھ کي وري ھوا ملي پوندي.اگرچه اھي ئي ڪوششون ڪنھن سياسي اتحاد توڙي سعودي يمن ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ ۽ ان جو مستقل حل ڳولڻ لاء ڪيون وڃن ته ملڪ وقوم لاء اھو سڀ کان بھتر رھندو.پاڪستان ۽ ترڪي توڙي ايران سان ڳالھين جي زريعي سعودي ۽ يمن جي ويڙھ جو حل ڳولڻ لاء رضامند ڪن اھو قومي مفاد ۾ به بھتر رھندو.اسان جو آئين به اسانکي ويڙھ بجاء صلح ۾ حصو وٺڻ جو چئي ٿو.آرٽيڪل 40 ۾ به مسلمان ملڪن سان اتحادي ڳانڍاپي تي زور ڏنل آھي ۽ چيل آھي ته سمورن پاڙيسڙين سان  دوستاڻا ۽ امن کي فروغ ڏيندڙ رشتا رکي.جيڪو ملڪ توڙي قوم جي لاء ھڪ بھتري آھي.ملڪ وقوم جي مفاد لاء اھو ئي بھتر آھي ته پنھنجي ذاتي مفاد کان ھٽي ڪري قومي مفاد کي نظر سامھون رکي ٻين جي جنگين ۾ وچ پوڻ کان پاسو ڪيو وڃي ء ملڪي فوج کي ملڪي  دفاع لاء ڪم آندو وڃي.

http://dailyjeejal.com/e-paper/2015-04-13/news/page4/­
1%20(2).htm

http://dailymehran.net/?page_id=83

http://www.dailyappeal.pk/home/