Monday, 28 December 2015

پنڊي تي سنڌ جي ميار /ماھم سنڌي /ميرپورخاص

27/12/2015

پنڊي تي سنڌ جي ميار /ماھم سنڌي /ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

اڄ سنڌ جي بھادر نياڻي ،بين الاقوامي مڃيل ليڊر، ذوالفقار ڀٽي جي وڏي نياڻي شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي اٺين ورسي آھي.ھو 2007ع جي 27 ڊسمبر تي بي رحم گولي ھٿان شھيد ٿي پنھنجي پيءُ جي ڀرسان وڃي آرامي ٿي ھئي.
انسانيت جي تخليق بعد انسان مختلف رشتن جي صورت ۾ ھڪٻئي سان جڙجندا وڃن ٿا.سڀ کان اتم ۽ گھرورشتو ٻار جو ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جو پنھنجي ٻارڙن سان ھوندو آھي.چون ٿا ڌيئرون پنھنجي پيءُ کي تمام گھڻيون لاڏليون ھونديون آھن.پيءُ پنھنجي نياڻين سان تمام گھڻي محبت ڪن ٿا ۽ ڌيئرون به پنھنجي پيءُ جي ڪافي ويجھو ھونديون آھن.ڪنھن شادي شده جوڙي لاء اھا نھايت خوشي جي ڳالھ ھوندي آھي ته ان جو پھريون اولاد نياڻي جو ھجي.پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار ڀٽي جي به پھرين اولاد ان جي نياڻي بينظير ھئي.جنھن کي پنڪي ڪري سڏيندو ھو.ان جو پنھنجي وڏي ڌي تي اعتماد ايترو ته  سگھارو ھوندو ھو جو ھو ھر ڪم ان کي سونپيندو ھيو ۽ صلاح مصلحت پڻ ڪندو ھو.بينظير به پنھنجي پيءُ سان اوتري ئي محبت رکندي ھئي.سال جي طويل ڏينھن ايڪيھين جون تي جنم وٺندڙ گلابي بينظير پنھنجي پيءُ ساڻ ھميشه گڏ ھلي قدم قدمن سان ملائيندي رھي.بينظير جي پنھنجي پيءُ سان محبت سبب ئي ھو پيءُ جي وڌيڪ ويجھو رھي.پيءُ جي ڦاسي ان لاء وڏو صدمو ھيو پر عجيب ڳالھ اھا آھي ته ھو ٽٽندي ٽٽندي به پاڻ کي جوڙيندي رھي.اھا ھڪ عورت جي ناتي ان جي وڏي ھمت ھئي.پاڻ چوي ٿي ته 1981ع ۾ سکر جيل جا ڏھاڙا ايڏا ته ايذائيندڙ ھئا جو ڪا به ڇوڪري اتان بيزار ٿي خودڪشي ڪري پئي سگھي پر مان اھو جيڪر ڪم ڪيان ھا ته ماڻھو مونسان گڏ منھنجي بابا جو نالو پڻ بدنام ڪن ھا ته ڏسو ان جي بزدل ڌي جيڪا جيل ۾ ئي رھي نه سگھي.پنھنجي آرامده زندگي ،سڪون واري بستر کان سکر جيل جو اھو ڪمرو جتي شديد گرمي سبب زمين مان ھر وقت ڪيڙا ماڪوڙا پيا نڪرندا ھئا ۽مٿان چڙھي چڪ پائيندا ھئا اھو سڀ ٿيڻ تي بينظير چوي ٿي دل چاھيندو ھو ته رڙيون ڪري روئجي پر ائين مان ڪين ڪيو.وڌيڪ چوي ٿي ته سوڙھي ڪمري جي ڀر ۾ ھڪ تيز روشني وارو اھڙو ته بلب کوليو ويندو ھو جنھن سبب مونکي مٿي ۾ تڪليف ٿيندي ھئي ۽ سڄي رات اکيون ٻوٽي سمھي نه سگھندي ھيس.
شھيد پيءُ جي ھن شھيد نياڻي شھادت تائين پنھنجو پاڻ مڃايو.ھو صرف ڀٽي جي نا پر سنڌ جي ڌيءُ ھئي.اھو ئي سبب آھي جو ھر سنڌي ھن سان اڄ به بيحد محبت ڪري ٿو.ھڪ بھادر ۽ بي ڊپي، ارڏي نياڻي جنھن تي سنڌ کي اڄ به فخر آھي. اڄ اٺ سالن بعد به ڊسمبر جون ھوائون سوڳوار آھن.بينظير جي نئي سال جي آجيان کان اڳ ئي ڊسمبر جي پڇاڙين جي سرد ڊگھي رات ۾ نماشام جي موڪلاڻي بي انتھا ڏکوئيندڙ ھئي.ڄڻ يقين جي دائري کان ڳالھ ٽپي ئي نه پئي ته ڪو ائين به ٿي سگھي ٿو.بينظير جي وڇوڙي سنڌ ،پاڪستان ۽ پوري دنيا کي غمگين ڪيو پر ھو ھئي ته سنڌ ڄائي ۽ ان جو بي جان جسم به سنڌ ئي قبولي پاڻ منجھ دفنائي ڇڏيو.ڳڙھي خدا بخش جي قبرستان ۾ ھي ھڪ اضافي قبر گھڻين ئي ڏکن ۾ اضافو آڻي ڇڏيو ھيو.27 ڊسمبر جي ڪاري رات ته صدين تائين پنھنجو صدمو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي پئي.ھڪ ڪامياب رھنما جو وڇوڙو سھڻ ۽ قبول ڪرڻ ايترو آسان نه ھو . ھر وقت پرجوش تقريرون ڪري ٻئي ھٿ لوڏيندڙ ليڊر کي دفنائڻ سولو ڪم نه ھيو.اھو وقت ھڪ وڏو امتحان ھيو جيڪو ڏيڻ به مشڪل ھيو.27 ڊسمبر 2007 ۾ جڏھن اليڪشن جي حوالي سان تقرير ڪرڻ روالپنڊي جي لياقت باغ پھتي  ته ھڪ وڏو جشن ان جي آڌرڀاءُلاء بيٺل ھو.ھو جئي ڀٽو،جئي بينظير جي نعرن جا جواب ڏيندي  اچي اسٽيج تي پھتي.سخت سردي سبب ان کي شال اوڙھيل ھئي.واڱڻائي رنگ جي ڊريس ۾ ھو ڏاڍي پئي ٽھڪي.ھن تقرير دوران اھي جملا به چيا ھئا ته ڌرتي مونکي سڏي پئي ان کي منھنجي ضرورت آھي.ڪامياب جلسي جي اختتام تي ھو جئين ئي اسٽيج تان لھي پنھنجي گاڏي تي چڙھي ۽جئين ئي نعرن جا جواب ڏيَڻ لاء سن روف مان ٻاھر نڪتي ته ھڪ تيز ترار گولي ان جي مٿي کي لڳي ۽ھو اتي ڪري پئي تنھن وقت شام جا سوا ڇھ ٿيا ھئا.ان جي شھادت جي خبر جي تصديق ٿيندي ٿيندي رات جا 7 ٿي ويا ھئا.ان دوران ھرڪنھن دعا پئي گُھري ته متان بينظير بچي پوي.پر دعائن گھرڻ جو وقت پورو ٿي چڪو ھو ۽ ھو پنھنجي ڌرتي جي ڏنل سڏ کي وراڻي ڏئي چڪي ھئي.ڀٽي بعد پنجاب جي پنڊي مان ھڪ ٻيو لاش سنڌ ڏي اماڻيو ويو.ھڪ ٻي معيار ،ٻيو ڏوراپو سنڌ جو پنڊي تي رھجي ويو.سنڌ ۾ جٿي بينظير 18 آڪٽوبر کان مختلف جلسن جلوسن ۾ محفوظ رھي اتي پنڊي وارا بينظير کي محفوظ  نه رکي سگھيا.27 ڊسمبر تي سُر ڪيڏاري وارو روپ ڌاريندڙ سنڌ اھڙو روپ شايد نه وٺي ھا پر پنڊي جي جلسي اھو سڀ ڪري ڏيکاريو.ائين ته ٿيڻو به ھيو ڇو ته بينظير صرف سنڌ جي نا پر سڄي پاڪستان جي بين الاقوامي سطح جي ليڊر ھئي ۽ ان لاء ڪجھ حدن اندر محدود رھڻ ممڪن نه ھو.
بينظير پنھنجي لکيل آتم ڪٿا اوڀر جي نياڻي ۾ لکي ٿي ته 1969ع تي جڏھن مان ھارورڊ يونيورسٽي آمريڪا پئي ويس ته بابا (ذوالفقار علي ڀٽو) مونکي اسانجي اباڻي قبرستان ڏي وٺ ويو ۽ نصيحت ڪندي چيائين “تون ملڪ کان ٻاھر وڃين پئين تون اھڙو ڪجھ اتي ڏسندين جيڪو توکي موھيندو به سھي ۽ اچرج پڻ ٿيندئي پر ياد رکجان تون اصلوڪي ھتان جي آھين.تنھنجي آخري جاء ھتي آھي.تنھنجون پاڙون ھتي آھن.لاڙڪاڻي جي گپ ،مٽي ،دز تنھنجي رڳن ۾ آھي. نيٺ توکي اتي ئي دفن ٿيڻو آھي“.پيءُ جي ڪيل نصيحت جي پوئيواري ڪندي بينظير اڄ انھي اباڻي قبرستان ڳڙھي خدا بخش ۾ دفن ٿيل آھي.خود ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي ڌيء سان آخري ملاقات دوران چيو ھيو ته “ھاڻي آئون آزاد ٿي ويندس پنھنجي ماءُ پيءُ سان وڃي ملندس.لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي وڏڙن ڏانھن واپسي ڪندس جئين  آئون اتي جي مٽي جي سڳنڌ ۽ ھوا جو اٽوٽ حصو ٿي سگھان.۽ وري مرڪي چوي ٿو اتي ته ڏاڍي گرمي ھوندي ته ھڪدم بينظير جلدي سان چوي ٿي آئون بابا اتي مقبرو جوڙائيندس"
بينظير لکي ٿي ته ھڪ دفعي بابا اسانجي شادي جو ذڪر ڪندي چيو اوھانجي شادي بعد مان ان اوسيئڙي ۾ ھوندس ته ڪڏھين واپس ٿي اچين .واپسي بعد اگر تنھنجي اک ۾ ھڪ ڳوڙھو يا تنھنجو آواز ۾ سڏڪو ھوندو ته آئون تنھنجي مڙس کي مار ڏئي توکي پنھنجي گھر وٺي ايندس.
21 جون 1953ع تي ڪراچي جي پنٽو اسپتال ۾ نصرت ڀٽو اصفھاني  جي گود مان جنم وٺندڙ ھي ڀٽي جي نياڻي سڄي زندگي جاکوڙيندي گذرايو.ھو چوندي ھئي منھنجي مرضي ھئي ته مان پرڏيھي معاملن جي کاتي ۾ ڪم ڪيان منھنجي  ان ۾ دلچسپي ھوندي ھئي پر سياست منھنجي مٿي جي پيشاني تي اُڪريل ھئي.مان پنھنجي لاء سياست نه چونڊي پر سياست مونکي پاڻ لاء چونڊيو.
ان جي موت ۽ پڄاڻي دردناڪ ۽ ھانء ڏاريندڙ ھئي.ڄڻ ڪجھ پل لاء دنيا بيھجي وئي ھجي.چوءنسا انبن کي پسند ڪندڙ بينظير کي عام عورت جيان پنھنجا ڀاءُ ۽ گھر وارا پيارا ھئا.ھو ھن جي ننڍي ۽ لاڏلي ڀاءُ شاھنواز ڀٽو جي زھر ذريعي پر اسرار موت سبب صدمي ۾ وٺجي وئي ھئي ۽ مير مرتضٰي جي گولين ذريعي ٿيل شھادت به ان لاء نا قابل يقين ھئي.پر بينظير جي وڏي خوبي اھا ھئي ته ھو پوئتي ھٽڻ کي مھڻو سمجھي ھميشه اڳيان وڌندي رھي.ھو جھڪي پوي ھا ته تاريخ جي اوراقن ۾ روشن ھرگز نه ٿئي ھا.ھڪ عورت لاء وڏي بھادري جي ڳالھ آھي ته ھو پنھنجي حياتي ۾ پنھنجي پيءُ ۽ ٻن ڀائرن جي ٿيل قتل کي سھي ،مارشل لاء جي سخت دور مان پار ٿئي ۽ جنگ جاري رکي.
ھو پھرين دفعا دنيا جي پھري مسلمان عورت وزيراعظم 2 ڊسمبر 1988ع کان 1990ع تائين رھي.۽ ٻي دفعا ان کي اھو عھدو 1993ع کان 1996ع مليو.ٻنھي دفعا ان پنھنجو عھدي جا پنج سال مڪمل نا ڪيا ۽ سازشن جي ڄار ۾ ان کي ڦاسائيندي حڪومت تان لاٿو ويو.صبرجو دامن جھلي ڪاميابي جا نوان لاڙا قائم ڪندي بينظير آخري ھنڌ وڃي پنڊي  باغ جو ڪيو.اڄ ان جي شھادت تي اسانجو سڌو ڏوراپو پنڊي تي وڃي ٿو.
سنڌ جي نياڻي ۽ راڻي جي خون جي معيار سدائين پنڊي تي رھندي.ھڪ مڃيل ۽ بھادر اڳواڻ ذوالفقار ڀٽي جي سينٽرل جيل روالپنڊي ۾ 4 اپريل 1979ع تي ڦاسي بعد ھي ان جي ئي ڌيء جي شھادت جو قرض پنڊي جي ڌرتي تي رھندو.بينظير جي رت جي ريٽن سان رنگيل پنڊي منجھ ئي ڀٽي صاحب به آخري ساھه انھي ڌرتي تي کنيا ھئا.ھي ڌرتي ھميشه سنڌين جي معيارن ۽ ڏوراپن سان ڳوري رھندي.پنڊي ڀلي لک واري پاڻ کي بي گناھ ثابت ڪري پر پنڊي ۽ ان ۾ رھندڙ سگھاريون قوتون ھرگز ڀٽي ۽ ان جي نياڻي جي شھادت کان بي دخل نه ھيون.
http://dailyjhoongar.com/files/27-12-15/Page-bp.jpg
http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2015/12/editorial-page16.jpg
http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130344701&Issue=NP_HYD&Date=20151227

Wednesday, 23 December 2015

ڀٽائي گھوٽ جو ميلو ۽ ست سورميون /ماھم سنڌي

27/11/2015
ڀٽائي گھوٽ جو ميلو ۽ ست سورميون /ماھم سنڌي /ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

سنڌ ديس ۾ قديم دور جي  تھذيب ۽ ثقافت اڄ به فخرمند ٿي ڪري ھر سنڌي اپنائي ٿو ڇو ته سنڌ جي تاريخ وتمدن اوائلي ۽ ترقي يافته آھي آھي.سنڌو درياء بادشاھ جي مٺي امرت جھڙي پاڻي جي ڪپ تي ھي وسندي پنھنجي شروعاتي دور ۾ پڻ ايڪتا ٻڌي ۽ انسانيت سان محبت جو درس ڏئي ٿي.اڄوڪي دور ۾  اسانجي پنھنجي ملڪ پاڪستان ۾ انتھاپسندي ۽ خاص ڪري مذھبي فرقيواريت ايڏو ته زور وٺي رھي آھي جنھن جا  اثرات ۽ پاڇا سنڌ صوبي تي پوڻ شروع ٿي ويا آھن.حالانڪه ڪو به حلالي سنڌي ۽ سنڌ سان محبت ڪرڻ وارو اھڙي روش ۾ ھرگز ملوث نه ھوندو پر  اھا به ھڪ تلخ حقيقت آھي ته  ڌارين جي ھٿ ٺوڪي سازش ڏينھون ڏينھن اڳتي وڌي رھي آھي.اسين پنھنجي حسين ماضي کي گڏ کڻي صوفي ازم کي فروغ ڏيون ته سڀ سنڌي ھڪ ئي صفحي تي نظر ايندا پوء چاھي اھي مسلمان ،ھندو ،سک ،عيسائي يا ڀلي کڻي ڪھڙي به مذھب سان ھجن.سنڌ جي نقشي ۾ ئي محبت جو لڪيرون آھن جيڪي ھڪ شھر کي ٻي سا  جوڙي رھيون آھن.سنڌ سڄي دنيا ۾ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي طور مشھور آھي.اولھ جا ماڻھو ھتان جي ماڻھن جي ھم آھنگي تي حيرت زده ٿا ٿين ته واقعي ائين به ممڪن آھي ته مذھبي جنونيت کي ھڪ پاسي رکي انسانيت جي جذبي جي آڌار تي ھڪ ٻي سان ايڏي ويجھڙائي به ٿي سگھي ٿي؟ ٿرپارڪر ضلعو جتي اڌ کان مٿي آبادي ھندوئن جي آھي ۽ اتي مسلمان اقليت ۾ آھن.اتي اوھان آسماني انڊلٽ جا رنگ ماڻھن ۾ بنا مينھن جي به ڏسي سگھو ٿا.رمضان المبارڪ جي مھيني ۾ ھندو برادري جا ماڻھو کائڻ پئيڻ جي شين جي سر عام  استمعال کان پاسو ڪندا آھن ۽ ڪي ته وري صبح اسر ويل کائڻ بعد وري شام جو مغرب مھل ٿا کائين .ھو عيدن تي به برابر جي خوشي ٿا ملھائين ۽ محرم الرام جو احترام ڪندي سڀ خوشين جا رٿيل فنڪشن ملتوي ڪري ٿا ڇڏين اھڙي ئي طرح اوھان مسلمانن کي ھولي ۾ رنگن سان رنگيل ڏسندا ۽ ڏياري جي موقعي تي برابرجا ڏيئا ٻاريندا ،ڦٽاڪا وڄائي خوشين کي ٻيڻو ڪندا.ھي مذھبي ھم آھنگي نه صرف ٿرپارڪر پر سنڌ جي ٻين حصن ۾ به نظر ايندي پر صرف اتي جتي ڪي ڌاريا مذھبي انتھاپسندي ڦھلائڻ ۾ مصروف نه ھجن.اھو مذھبي ھم آھنگي ۽ انسانن جو انسانن سان پيار ۽ مدد ڪرڻ جو جذبو اسانجي صوفين اسان تائين پھچايو آھي.اھي جيڪي ھي جھان ڇڏي وڃڻ بعد اڄ به امر آھن ۽ مثبت پيغام اڄ به ڏئي رھيا آھن.سنڌ ۾ ڪيترائي عظيم انسان ٿي گزريا جنھن تي سنڌ امڙ فخر ڪري ٿي.جيئن انگلينڊ جي سڃاڻپ شيڪسپئير  ۽ فردوسي ايراني شاعر طور دنيا ۾ عام آھي تئين سڄي دنيا ۾ سنڌ جو تعارف بڻجندڙ سنڌ  جو صوفي  ۽ قومي شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحه آھي جنھن  جو ساليانو عرس ڀٽ شاھ ضلعي مٽياري ۾ شروع ٿي چڪو آھي.ان جو جنم ھالا جي شھر ۾ 1102 ھجري بمطابق 1689ع تي  حبيب شاھ جي گھر ٿيو.جيڪو سيد حيدر جي اولاد مان ھئا جيڪي پنھنجي نسبت ستين امام موسي ڪاظم عليه السلام جي فرزند جعفر ثاني سان ڪن ٿا. لطيف سائين ٽنڊي محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ۾ مدفون شاھ عبدالڪريم واري جو پڙ پوٽو ھيو.
چيو وڃي ٿو ته شاھ سائين وٽ راڳ ٿي رھيو ھو پاڻ تي وجد طاري ٿي ويس ۽ ان جي ساھ جو پکيئڙو جسماني قيد مان ھميشه لاء اڏامي آزاد ٿي ويو انھي ڏينھن 14 صفر بمطابق 1165 ھجري سنه 1752ع ھئي.
ان جي عمر ان وقت 63 سال ھئي.
ھاڻي ھر سال 14 صفر کان ٽي ڏينھن تائين شاھ سائين جي درگاھ ڀٽ شاھ ضلعي مٽياري ۾ ميلو لڳي ٿو.ھن سال 272ھون ميلو ڀٽ جي نگري ۾ شروع ٿي چڪو آھي.جنھن جي شروعات چوڏھن صفر 27 نومبر کان ٿي آھي.سالياني عرس جو افتتاح درگاھ کي غسل ڪري  چادر چاڙھي گلن جي ورکا سان ٿئي ٿو.ان بعد ڌمالون ٿينديون ۽ راڳي شاھ جا صوفياڻا راڳ لطيف سائين جي ايجاد ڪيل موسيقي جي اوزار تمبورو تي ڳائيندا.شاھ سائين جي درگاھ جي ڌمال ھوش وڃائڻ لاء ڪافي آھي.ميلي جي دوران سگھڙ ڪچھري، ملھ مقابلا ،مشاعرا ،توڙي ڌمالون ٿينديون.جتي ڪٿي جئي لطيف جئي ڀٽائي گھوٽ جون صدائون ھونديون.ملڪي ۽ غير ملڪي پانڌيئڙن جي ايڏي رش ھوندي جو پير رکڻ جي جڳھ به نه ھوندي.ميلي جي اختتامي تقريب ۾ لطيف ايوارڊ ورھايا ويندا جن جي پڻ وڏي اھميت آھي.
شاھ سائين جي درگاھ جو عاليشان سفيد چاندي جي رنگ جيان چمڪندڙ مقبرو غلام شاھ ڪلھوڙي ٺھرايو آھي.اھو چمڪندڙ مقبرو ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جي مفاصلي کان ڏسي سگھجي ٿو.اتي ھڪ ڪتب خانو ،مسافر خانو ۽ ھڪ عجائب گھر آھي جيڪو سنڌ ميوزيم جي نالي سان مشھور آھي ان ۾ شاھ جي ست سورمين جا مجسما نمائش لاء رکيل آھن.ھن وقت سيد وقار حسين شاھ اتان جو 12ھون گادي نشين آھي.

شاھ لطيف جيڪو اڪيلائپ اختيار ڪري ھڪ واري جي دڙي تي ويھندو ھو جنھن کي ڀٽ چون ٿا اتي  گھڻو وقت غور وفڪر ۾ لڳائي پنھنجي پالھڻار سان مخاطب ٿي ذھني عبادت ڪندو ھو  جنھن ڪري ڀٽ جو ولي سڏجڻ لڳو. ھن پڻ پنھنجي شاعري ۾ سبق ڏنو آھي ته حقيقي خالق سان محبت رکو گمراھي کان بچو ۽ ان کي ئي واحد خدا ڪري مڃو.شاھ لطيف جنھن کي اسين پيار ۽ عقيدت منجھان لالڻ لطيف ،گھوٽ لطيف ،ڀٽائي گھوٽ به چئون ٿا، ان جي اسان جي لاء ڇڏيل تحقيق جيڪا  ھن شاعري ۾ لڪائي آھي اھا واٽ بيشڪ ھڪ مشعل راھ آھي.پر اسين زباني طور تائين اقرار ڪري عملي قدم کڻڻ کان ھميشه لنوائيون ٿا.شاھ لطيف سڄي سنڌ جو سفر ڪيو ۽ اتي جي تاريخي واقعن کي سھڻي نموني شاعري ۾ نروار ڪيائين.شاھ سائين حساس ذھن جو مالڪ ھيو.ھو فطرت جي حسين نظارن کي پنھنجي شاعري ذريعي ساراھيندو ھيو.شاھ  لطيف ڪو مذھبي  عبادت جي خلاف نه ھيو پر ھن ھڪ توازن قائم ڪيو جنھن ۾ ھر شيء ۽ ھر موضوع کي پنھنجي الڳ ساھمي ۾ توري ماپ معلوم ڪري سگھجي ٿي.حالانڪه مذھبي رھنما اسان جا اسان کي قطئي اجازت نٿا ڏين ته ڪو اسين پيار يا عشق جھڙي حسين جذبي سان سرشار ٿيو پر جيترو شاھ لطيف پيار ڪندڙن کي سارھائي انھن جي ھمت افزائي ڪئي آھي شايد ئي ٻيو ڪري.
اسانجي معاشري جا تنگ نظر ماڻھو جيڪي عورتن کي ٻيون درجو ڏين ٿا سي ھڪ نظر شاھ لطيف کي به ڏسن جنھن عورت جي جدوجھد ان جي خوبصورتي ،حسن  ،ان جي بھادري ۽ ان جي اٽل جذبن کي بي پناھ ڀيٽا ڏني آھي.شاھ سائين جي نظر ۾ عورت جو مان مٿانھون آھي.شاھ سائين ته ڪيترين ئي جڳھين تي عورتن کي مرد مٿان فوقيت پڻ ڏني آھي.عورتن جي شان ۾ ست سُر لکي ڇڏيائين جن ۾ الڳ الڳ ڪيفيت  بيان ڪري عورت جي فطرت کي جانچڻ جي پوري ڪوشش ڪيائين جيڪا ڪافي حد تائين ڪامياب آھي.شاھ سائين عورت جي تعريف ۾ ڪيترائي سُر لکي ڇڏيا.شاھ جون ست سورميون پڻ اھي بھادر عورتون ھيون جن جي عظمت ۽ ھمت شاھ سائين پنھنجي ڪلامن ۾ لکي.جيتوڻڪ تنقيد جو پھلو به شامل رھيو آھي پر ساراھ ۽ ڀيٽا بنھ گھڻي ڏني اٿس.

سسئي پنھون جي ڪھاڻي شاھ جي نظرن جو مکيه محور رھي آھي.سسئي کي ھدايت سميت ڀيٽا پڻَ ڏني اٿس.سُر سسئي آبري ،سر معذوري ،سر ديسي ،سر ڪوھياري، سر حسيني انھن سڀن ۾ پنھون جي عشق ۽ ان کي ماڻڻ لاء پيرين پنڌ ھلندڙ عورت جو ئي ذڪر آھي.سسئي پنھون کي راتون رات نڪرڻ بعد صبح جو اک کلندي ئي ان بي ڳولا ۾ ھڪ بھادر اڳواڻ جيان لڳي وڃي ٿي.ان ڏس ۾ پيرين اگھاڙي ھو ڪنڊا پٿر سڀ لتاڙي وڃي ٿي.پنھون بلوچستان جي ڪيچ مڪران جو بادشاھ ھو جيڪو سسئي جي ملڪان ملڪ حسن جي ھاڪ ٻڌي آيو ۽ ھو سسئي کي حاصل ڪرڻ لاء ڌوٻي جو روپ پڻ ڌاري ويو. اھا رومانوي داستان جنھن کي شاھ سائين مختلف سُرن ۾ قلمبند ڪري سسئي جي ساراھ ڪئي اٿس ان جي ھمت کي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي اٿس.
شاھ سائين چوي ٿو:
جان جان ھئي جئيري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونء پيٺي سڪندين کي سڄڻن.

سر سھڻي ۾ شاھ لطيف ھڪ  ڪنڀار جي ڌي جو ذڪر ڪيو آھي جنھن جو حُسن ھڪ  واپاري کي ميھار ٿو بڻائي.سھڻي جو عشق دريا جي لھرن کن به وڌيڪ گھرو ھيو تڏھن ئي ته ھو ھڪ ھٿ جي ٺاھيل دلي سھاري ان ۾ لھي پئي جيڪو سازش تحت رنگ ڏئي ڪچو رکيو ويو.سھڻي چئي ٿي گھڙو ڀڳو ته گھوريو.مطلب ته ھو ميھار جي ايتري مطلوب آھي جو ھو دريا جي دھشت ،ڪاري ٿڌي خوفناڪ رات کي به نٿي ليکي ۽ پنھنجي مقصد خاطر اڳيان وڌنڌي رھي ٿي.۽ نيٺ انھي پاڻي اندر فنا ٿي وڃي ٿي.گھڙو پاڻي اندر ڀڄي ڀري ويو سھڻي جي صورت پاڻي منجھ ملي فنا ٿي وئي پوء وڃي ميھار کي سُڌ پئي .شاھ سائين ھن طرح ھڪ بيت ۾ لکي ٿو:
گھڙو ڀڳو منڌ مئي وسيلا ويا
تنھان پوء سئا سھڻي سڏ ميھار جا.

سر مومل راڻو ۾ جئين ته راج نند  جي چالاڪ ڌيئرن جو ذڪر ڪيل آھي جنن ۾ ان جي ننڍي  ڌي مومل خوبصورتي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھئي.ڪيترن ۽ شرطن باوجود جڏھن راڻو مينڌرو مومل سان شادي ڪري ٿو ته پوء ان جي دوستن جي ڪاوڙجڻ تي ان جي دوست ھمير سومري نيٺ ان کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو .پوء راڻو مومل جي سڪ ۾ روز رات جو ڪاڪ محل اٺ تي چڙھي مومل سان ملي ايندو ھو.پر مومل پنھنجي ھڪ غلطي سبب لوڙيندي رھي .ھڪ رات  ھن سومل کي مرداڻو لباس پرائي پاڻ سان گڏ سمھاري ڇڏيو جئين راڻو پھتو ته سامھون اکين ڏٺي حقيقت تي يقين ڪندي رسي ھليو ويو.صبح ٿيڻ بعد راڻي جا نشاني ڏسي مومل سمجھي ويئي ته ان جي دل جو راڻو رات آيو ھيو.ائين ئي مومل سان جڏھن راڻو نه پرتو ته مايوس ٿي آڙاھ اندر پاڻ کي اڇلي ڇڏيائين ان تي شاھ سائين مومل کي ھدايت ۽ تنقيد ٻئي ڪري ٿو.
خاموشي خبر جي مُومل ٿي مت،
صبر ٿيو سپت منھنج حق مينڌرا

شاھ سائين جي سورمين مان مارئي جي بھادري ۽ ھمت ساراھ جوڳي آھي.ٿرپارڪر جي مارئي کي جڏھن عمر سومرو پاڻي ڀريندي کڻي اچي پنھنجي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪري ٿو ۽ ان کي راضي رکڻ لاء ريشمي لباس ،لذيذ طعام ،نرم وھاڻا ، بستر ،ان جي خدمت چاڪري لا۽ ڪيترا ئي خدمت گزار رکي ٿو پر مارئي پنھنجي ملير جي پراڻي ۽ ميري چادر کي ئي پنھنجي مٿي جو تاج سمجھي عمر جا سڀ عيش ٺڪرائي ٿي.ھڪ وچن ٿي ڪري مرندي مري ويندس پر منھنجي ملڪ جي ٿي رھندس.عمر نيٺ ان جي حب الوطني اڳيان سر کوڙي ان کي عزت ۽ مان سان واپس ڇڏي ٿو اچي.
سونھن وڃايم سومرا ميرو منھن ٿيوم
وڃڻ تت پيوم جت ھلڻ ناھ حسن ري.

سنڌ جي ھڪ ٻي لوڪ ڪھاڻي جنھن ۾ ھڪ عورت جي سادگي نوڙت ۽ سونھن سان گڏ سياڻپ کي شاھ سائين پنھنجي سُر ڪاموڏ ۾  خوب ساراھيو آھي.نوري ڄام تماچي جو قصو جنھن ۾ بادشاھ ڄام تماچي ڪينجھر ڍنڍ تي شڪار لاء اچي ٿو ته ھڪ مھاڻي مڇيون ماريندڙ نوري جي چھري مان اڀرندڙ نور مان موھت ٿي پئي ٿو ۽ شادي ڪري ٿو.ھڪ ڏينھن جڏھن ھو پنھنجي سڀني راڻين کي آڇي ٿو ته سڀ وڌ کان وڌ سينگار ڪري سامھون پيش پون ته سڀ نت نون سينگارن ۾ لڳي وڃن ٿيون ۽ نوري پنھنجي پيء پاران ڏنل پراڻي جوڙي ۾ بنا ڪنھن ھٿرادو بناوٽ جي اچي ٿي ۽ چئي ٿي اي بادشاھ ! تو مونکي انھي سادگي ۾ ڏسي پسند ڪيو ھيو ۽ اڄ به مان انھي ھلئي ۾ تو سامھون پيش پئي آھيان.نوري جي تڪبر کان پاڪ سادگي ڏسي بادشاھ  نوري سان گڏ ڪينجھر جو سير ڪري ان کي دل جو مالڪ بنائي ٿو .شاھ سائين جي سر ڪاموڏ ۾ ھي سموري داستان آھي جنھن مان مختصر سٽون ھي آھن.
هيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَ؛
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءَ؛
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪنڌِيءَ ڪَوۡنرَ تَرَنِّ؛
وَرِئي واهُوندَنِّ، ڪِنجُهرُ کَـٿُورِي ٿِئي
لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِنجُهرُ هِندورو ٿِئي.

شاھ سائين جي سورمين ۾ ليلان به ھڪ آھي جنھن جو ذڪر سر ليلا چنيسر ۾ آھي.ليلان جيڪا بيحد حسين آھي پر سندس مڙس چنيسر به خوبصورت قد ،بت، شڪل جو مالڪ آھي.ليلان ڪجھ وقت ڪونئري جي ڏنل لالچ ۾ اچي ھڪ ھار عيوض مڙس ھارائي ويٺي ۽ ڪونئري جي حوالي مڙس ڪرڻ کان پوء ان جي  اک کلي ٿي پر تيستائين چنيسر کي سڀ پتو پئجي ويندو آھي ۽ ھو قطع تعلق ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيندو آھي. پر ليلان چنيسر جو اعتماد وڃائڻ بعد گھڻو ئي پڇتائي ٿي ۽ پوء ھڪ محفل ۾ ليلان  اھڙو ته ناچ ڪري ٿي جو چنيسر ھوش وڃائي ويھي ٿو ۽ مک ٿا پردو ھٽائڻ بعد جڏھن ليلان ڏسي ٿو ته پاڻ سنڀالي نٿو سگھي ۽ فنا ٿي وڃي ٿو ۽ ائين ليلان به گھڻي مھل تائين روح کي جسم ۾ قيد نٿي ڪري سگھي.شاھ سائين تنقيدي ۽ تعريفي ھن ليلان تي مڪمل سُر ليلان چنيسر لکيو آھي.
ٿِڙِڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرِڪِي تَڪَبُّرَ ۾ پئي؛
اَچِيو اَچِيو، "اَڳَـلِي!"، چَئي لِيلا کي لوڪُ؛
اندَرُ اوڀالَن سين، ساڙي ڪَيائُونس سوڪُ؛
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسرِي.

شاھ سائين جي سورمي سورٺ پڻ آھي جنھن تي سر سورٺ شاھ جي رسالي ۾ آھي.جنھن ۾ ٻيجل ۽ سورٺ بابت ذڪر آھي.ان تاريخي قصي ۾ آخر جو وڏو مچ ٻارائي سورٺ پاڻ کي باھ جي ڀڙڪندڙ شعلن حوالي ڪري ٿي ڇڏي ۽ ائين ٻيجل به فنا ٿي وڃي ٿو.شاھ سائين ان ۾ سورٺ کي ڪجھ ان انداز ۾ ڏيکاريو آھي ته ھو ٻيجل کي ڪجھ ڪمن کان منع ڪري ٿي پر ٻيجل انھي جي ڳالھ مڃڻ تي راضي نٿو ٿئي.
"ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنَ کي، آيُسِ تُنهِنجي دَرِّ؛
سُونهارا سورَٺِ وَرَ! ڪا مُنهِنجِي ڪَرِّ؛
ڀلا! ڀيري ڀَرّ، پالهو پاندُ پينارَ جو."

شاھ سائين جھڙي طرح ڀائپي ،ڀائيچاري ،صوفي ازم ۽ امن کي فروغ ڏنو آھي اتي انسان جي ٻن مخالف جنس کي پڻ برابري عطا ڪئي اٿس.شاھ سائين پنھنجي سنڌ اھڙي ڏسڻ چاھيندو ھو جنھن ۾ عورت طاقتور ھجي ۽ ان کي بنيادي حق ميسر ھجن.اڄ به شاھ لطيف جي نگري ۾ ميلي جي شروعات سان اھو ئي پيغام ان جي درگاھ مان ٿيندو سڄي سنڌ تائين وڃي پيو ته سنڌ کي پر امن بنائڻ ۽ جنت ٺاھڻ لاء لازمي آھي ته ھر قسم جي انتھاپسندي کان مٿڀري سوچ رکي سڀني انسانن کي مان ۽ عزت ڏيڻ گھرجي.عورت جي بھادري ۽ بردباري کي مڃي ان جي حقن تي قبضو ڪرڻ بجاء ان کي باھمت جنس طور قبولڻ گھرجي.