30/ 07 /2017
Kawish gallery page .
Take care of your GrandParents , Parents (old couples) when they get old. Try to Facilitate them with physical , Mental activities .👥
پنهنجن بزرگن/ پوڙهن کي وندر سان لڳايو/ماهم سنڌي .
جئين ته اسان بخوبي ڄاڻون ٿا وڌنڌڙ عمر سان گڏ انسانن ۾ جسماني ، ذهني ڪمزوري اچي ويندي آهي جنهن سبب بزرگ يا پوڙهن انسانن ۾ بخيل ٿيڻ جو جذبو وڌيڪ ٿيندو ويندو آهي . جواني ته ديواني هجي ٿي ، ان مهل انسان ذهني طور پاڻ کي چُست سمجهي ٿو ۽ محتاج نٿو سمجهي پر جئين پوڙهائپ اچي ٿي ته ڪٿي نه ڪٿي پوڙها ماڻهو پنهنجي اولاد جا يا پوٽن پوٽين جا محتاج ٿي پوندا آهن . پوڙها ماڻهو چاهيندا آهن ته انهن کي وڌ ۾ وڌ توجه ملي ۽ هر فيصلي دوران انهن جي مرضي شامل ڪئي وڃي . جئين ته رٽائرمينٽ بعد مرد هجن يا عورتون اهي فارغ ٿي وڃن ٿا ، گڏوگڏ جڏهن انهن جو اولاد نوجوان ٿيندو آهي ته پٽن ڌيئرن کي هو پرڻائي ڇڏين ٿا ، جنهن سان هو ته پنهنجي طريقي سان نئي زندگي گزاريندا آهن ۽ جيڪي گهر ۾ ويٺل بزرگ هوندا آهي اهو نئون ماحول ۽ نوان طور طريقا مڪمل طور اپنائي ناهن سگهندا نتيجي ۾ انهن ۾ چڙچڙائپ پيدا ٿي پوندي آهي .
سڀ کان بهتر اهو حل آهي ته اسانکي گهرجي ته اسان گهرن جي بزرگن کي ڪنهن ننڍي وڏي وندر سان لڳايون جنهن ۾ هو دلچسپي به وٺن ۽ انهن جي پوڙهن هڏن جي گهڻي محنت به نه لڳي . مان اهو هرگز نٿي چوان ته ڪو اوهان پنهنجي گهر جي پوڙهن کان ڪم وٺو يا انهن کان پوڙهائپ ۾ ٿڪائيندا رهو ، بلڪه انهن آڏو اهڙي ڪا وندر رکو جنهن ۾ اهي وندريل به هجن ، دلچسپي به وٺن ۽ انهن جو وقت به مصروف رهي . اگر اهي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي ٿا رکن ته انهن کي انهن جا پسنديده ڪتاب مهيا ڪري ڏيو . جيڪر بزرگ عورتون هٿ جي سلائي جون شوقين آهن ته اهي ساز سامان ان کي آڻي ڏيو ، جئين انهن جي گهڻي هل ڦر به نه ٿئي ۽ هو خوشي سان پنهنجي ڪرت سان لڳل رهن . ڪوشش ڪري پنهنجي گهر جي بزرگن کي انهن جي زماني جي دوستن ۽ هم عمر ماڻهن سان ملائيندا رهو جئين هو انهن سان دل کولي پنهنجي وقت جون ڳالهيون ٻڌائيندا ۽ ٻڌنڌا رهن . اگر ٽي وي جا شوقين آهن ته انهن جي ڪمري ۾ الڳ ٽي وي جو بندوبست ڪريو جئين انهن جي وچ ۾ ڪو دخل اندازي ڪري انهن کي چيڙائي نه وجهي . اسين اڪثر اهو چئون ٿا ته پوڙهن کان ڪو ڪم به نٿا وٺون واندا آهن پر پوء به هرڀرو بخيل ٿين ٿان ڪاوڙ ڪن ٿا. اصل ۾ واندڪائي ئي وڏي بخيلائپ آهي جنهن ڪري پوڙها ماڻهو سڄو ڏينهن ويهي ويهي بيزار ٿيو وڃن ۽ نتيجي ۾ تنقيد پيا ڪندا آهن . گهر جي بزرگن کي ٿڌي ۽ کليل هوا ۾ ضرور ويهاريو ڇوته اها انهن جي مزاج جي اولين گهرج آهي . هميشه اها ڪوشش ڪريو ته روزانه جي مصروفيت مان ڪجھ وقت ڪڍي بزرگن سان گڏ وقت گزاريو ۽ انهن جون ڪچهريون ۽ تجربا ٻڌو . ڀلي اوهان انهن جي ڳالهين ۾ دلچسپي نه به رکندا هجو پوء به ٻڌو ، ڇوته پوڙهن جي زندگي تجربن سان ڀرپور هوندي آهي ۽ هو چاهيندا آهن اسان جون ڳالهيون ڪير ٻڌي . اوهانجي ٻڌڻ سان انهن ۾ سڪون ۽ اطمعينان ايندو . پنهنجي گهر جي بزرگن کي اهو شڪ نه پوڻ ڏيو ته ڪو اوهين انهن کان ڳالهيون لڪايو ٿا ڇوته ائين انهن جي اندر افراتفري مچندي ته شايد اسانجي اهميت ئي ڪونهي ، جو اسان سان راز جون ڳالهيون ونڊي سگهجن . اگر اوهان جا راز به آهي ته به گهر جي پوڙهن کي اها ڀڻڪ نه پوڻ ڏيو . بزرگن ۾ وهم تمام گهڻو هوندو آهي ۽ هو جلدي بخيل ٿي پوندا آهن ، سو انهن سان گهڻي بحث نه ڪندا ڪيو ۽ انهن جي ڊگهي بحث ۽ ڪاوڙ دوران چپ جو روزو رکي ڇڏيندا ڪريو . گهر جي بزرگن کي خوش ڪرڻ لاء انهن جي پسند شامل ڪندا ڪريو جئين هو خوش رهن . جوانن جي ڀيٽ ۾ پوڙهن ۾ مرڻ جو خوف پڻ گهڻو هوندو آهي . ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته ڏينهون ڏينهن موت ويجهي آهي سو جيڪر اوهانجي گهر جا بزرگ مرڻ جو خوف رکن ٿا ته هروڀرو انهن سامهون اهو خوف وري وري تازو نه ڪندا ڪريو جئين هو سڪون ۾ رهن .
اها حقيقت آهي ته ٻار جي ڄمڻ تي ماءُ پيءُ وڏي چاھ سان ان کي پالين ٿا ، پر اهي مائٽ پوڙها ۽ ٻار جوان ٿين ٿا ته انهن ٻارن لاء پنهنجي ماءُ پيءُ جي سارسنڀار بار ٿي وڃي ٿي . تنهنڪري پنهنجي مائٽن تي مڪمل توجه ڏيو ۽ انهن جي وندر ۽ مصروفيتن جو خيال رکو .
No comments:
Post a Comment