Saturday, 11 March 2017

مختصر ڪھاڻي/مالڪ چائلڊ ليبر ڇا ھوندو آھي؟/ماھم سنڌي

#March1st
Hopefully my Short Story gives you a lesson.👍

مختصر ڪھاڻي
مالڪ چائلڊ ليبر ڇا ھوندو آھي؟
ماھم سنڌي

صبح جو  ڀنل ماڪ ڦڙا ۽ ڪوھيڙو جوان ٿيندڙ موسم کي شروعاتي ٻالڪپڻ وانگر سج جي تيز توانائي کي روڪي ڪنھن ٻار جيان ان کي ڪمزور بنائي رھي ھئي ۽ مُک  رستي تي معمول کان گھٽ ٽرئفڪ ھئي . جئين جو صبح جا پھريان پھر ھئا ته ٿڌ به گھڻي ھئي ۽ ھر ڪنھن موٽر توڙي ڪار سوار ھيڊ لائيٽس جون بتيون کولي فطرتي اُس کان بي آس ٿي مصنوعي طريقي سان ھدايت پئي ورتي . شھر کان ايندڙ مين روڊ کان کاٻي طرف 5 منٽ جي پنڌ تي ھڪ گاڏين ٺاھڻ جو وڏو ويڪرو گيراج ھو جنھن جي ٻاھرين گيٽ تي راتوڪو ٻريل بلب روشن ھو پر ان جي مٿان ماڪ پوڻ سبب روشني ڌنڌلي ھيس .  سفيد ڊگھي ڪرولا تي ويٺل اڇو ڪاٽن جو جوڙو پاتل وڏي لئي سان ڊرائيور سان گڏ اڳين سيٽ تي ويٺل ھڪ معتبر پڙھيل لکيل ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رھي ڪيتريون ئي شھرتون ۽ داد توڙي انعام ماڻيندڙ ماڻھو تڙ تڪڙ ۾ لٿو . چوڌاري اڃا راتوڪو سناٽو ھيو ۽ اڃا ھوائن ۾ گاڏين جو زور شور ۽ آواز جي گدلاڻ پکڙڻ ئي شروع مس ڪري رھي ھئي . ان معتبر ۽ ڏسڻ ۾ پئسي واري ماڻھو ڪاوڙ مان لھندي ئي ڊرائيور تي ڇوھ ڇنڊيا ته جيڪر گاڏي ۾ ڪو خرابو ھيو ته رات جو ٻڌائين ھا ھئينر مونکي دير پئي ٿئي الاھي جي گاڏي ڪيترو وقت وٺندي ؟ اڃا ڪيترو پنڌ باقي آھي منھنجي اڄوڪي اھم پروگرام ۾ مونکي تو صفا دير ڪرائي ڇڏيندي جنھن لاء پوين ھفتي کان محنت ڪري رھيو ھيس . بھرحال ڊرائيور ويچارو ڪنڌ نمائي دڙڪا ٻڌڻ کي به پنھنجي ڊيوٽي سمجھي رھيو ھيو ۽ ڪا ٻڻڪ ٻن چپن جي ديوار نا اورانگھي سگھي ۽ ڪنھن گونگي واري خاموشي سان ئي پنھنجو راتوڪو نه ڪيل ڏوھ به مڃيائين حالانڪه گاڏي ۾ خرابو ته پوئين ھفتي کان ھو پر اھو سڀ درگذر ڪيائين . پنھنجي نون پالش ٿيل بوٽن سان زمين مان مٽي اڏائيندي اچي گيراج ۾ داخل ٿيو ۽ رعب ڄمائيندي آواز وڏو ڪندي چوڻ لڳو ڪٿي سڀ مري ويا آھيو جلدي اچو منھنجي ڪار کي ٺيڪ ڪريو مونکي دير ٿي ٿئي . ان جي انھي سڏ تي ھڪدم ڇرڪ ڀريندي ڪمسن ننڍڙو ڇوڪرو اکيون مھٽيندي ڊوڙندو آيو ۽ صاحب صاحب چوندي عرض ڪرڻ لڳو ته صاحب حڪم ڪريو پنج منٽن ۾ گاڏي ٺيڪ ٿو ڪريان معاف ڪجو جو پھرين جاڳيل نه ھيس . ھن ڪمسن ٻار جا ڪلھي کان ٿورا ڪپڙا ڦاٽل ھئا سرد ۽ گھميل موسم سبب ٿورو ڏڪي به رھيو ھيو ۽ بنا ڪجھ کائڻ پيئڻ جي چھري مان ان جي پيٽ جي بُک ظاھر پئي ٿي . گڏوگڏ سندس ساڄي ڳل تي ۽ ڄاڙي تي ڳاڙھا نشان به ھئا جيڪي مڇرن جي چڪ جا ئي لڳا پئي . گيراج جي اندر گريس جي پئٽرول جي ۽ ڪاري تيل جي بدبوء جو ھو ٻار ته ھيراڪ ھو پر ھن معتبر ماڻھو ڪار مان بھترين ڪمپني جو سفيد خوشبو وارو ٽشو پيپر گھرائي کڻي منھن تي رکيو . ان ڇوڪري سان گڏ ھڪ نوجوان ڇوڪرو به آيو تنھن جا ڪپڙا ڪئي ھنڌان ڦاٽل ھئا ھٿ منھن تي ڪارا نشان ھئا ۽ بکو به ھيو . ائين ٻنھي کي موجود ڏسي ڊرائيور ڪار کي اندر ڪيو ۽ سامھون واري ڊگي کولي انھن کي مسئلو پئي ڏسيائين ۽ ھو ٻئي ڇوڪرا جن ۾ ھڪ ننڍو ٻار ٻيو نوجوان ھو ٻنھي سڄي ڳالھ ٻڌي چيو اھو ڪو مسئلو ناھي اجھو ٿا حل ڪري ڏيون. انھي معتبر ماڻھو ڇڙٻ ڏيندي پڇيو ڪٿي آ توھان وارو مالڪ ڪيستائين ايندو اچي ته ان کي چوان ته ھي ٻئي ڇورا ڪنھن ڪم جا ناھن آواز ڏيڻ بعد ئي دروازو کوليو اٿن . ڪي ڍنگ جا ته مڪينڪ  ۽ مستري رکي جيڪي ائين سستي ۾ اگھور ننڊ سُتا ته نه پيا ھجن . ان معتبر ماڻھو جي ڪاوڙ ۽ فون ڪال تي ڀرمار ته اجھو ٿو اچان سڀ تياري ڪري ڇڏي اٿم منھنجو ليڪچر ۽ منھنجي تقرير سڀن کان ڀلي ثابت ٿيندي ڇوته سڄي دنيا جا انگ اکر گڏ ڪري اُھا پيش ڪندم ۽ انھي کي ياد ڪرڻ سميت سڀ ڪم رات ئي ڪم ختم ڪري ڇڏيو ھيم بس اوھان ٿورو انتظار ڪري شروعات ڪريو ته مان حاضر ھوندس  بس ھنن جڏن منڊن ۽ ڪاھل گيراج وارن جي ڪري مان به پريشان آھيان ڪيتري ئي وقت کان سيڙاھيو ويٺا آھن . 

موسم جي ميرانجھڙي سج جي چڙھڻ سان گھٽجندي نظر پئي آئي ۽ ٻه مزدور ڇوڪرن به پنھنجي ڏڪندڙ  جسم ۾ ڪوساڻ پئي ڀانئي .  ڊرائيور ويچارو اڳيان پويان پئي ٿيو ته ڪٿي ان جي صاحب کي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ ھن جي سفيد ڪپڙن ڪاري ڪوٽ ۽ بوٽن تي ڪا ذري به دز نه اچي ھو ته پاڻ  سان گڏ بوٽ شائنر به گڏ کڻي ھليو پئي . 20 منٽ گزري چڪا ھئا ۽ گاڏي اڃا به مسئلو ڪري بيٺي ھئي ته اھو ڏسي معتبر ماڻھو وري غصي ۾ ڳاڙھو ٿي ويو ۽ تيز تيز آواز ۾ شور ڪرڻ لڳو . انھي ئي وقت گيراج جو اڌ جھونو مالڪ سادي لباس ۾ جيڪٽ پائي ٻاھرين طرف کان پئي آيو ۽ پنھنجي گراھڪ جي ڪاوڙ ڏسي پنھنجي مزدورن کي دڙڪو ڏنائين ۽ پوء ان جي اڳيان  خوشامدي ڪندي چوڻ لڳو ته اوھان آرام سان ويھو رئيس وڏا گاڏي بس ٺھڻ ئي واري آھي .
اوھان ايڏي تڪڙ ۾ پريشان پيا ٿيو وڃڻ لاء سڀ خير ته آھي ؟

ھا خير آھي پر مونکي اڄ چائلڊ ليبر جي حوالي سان ھڪ سيمينار ۾ ليڪچر ڏيڻو آھي جنھن ۾ نالي وارا وڏا وڏا ماڻھو ايندا ۽ مون رات ئي سڄو ليڪچر تيار ڪري ڇڏيو ھيو پر ڏس صبح گاڏي خراب ٿي پئي  ۽ تنھنجي سست مزدورن مونکان دير ڪرائي ڇڏي آھي . انھي ساعت سامھون ڊرائيور تکو گاڏي ڪاھيندي آيو ته معتبر ماڻھو ٿڌو ٿيو ۽ خوش ٿي اٿيو گيراج مالڪ کي پئسا ڏيندي تکو گاڏي ۾ ڪپڙا ڇنڊيندي ويٺو ۽ ڊرائيور کي ھدايت ڪيائين اڄ ته گاڏي اڏائي ھل .
گاڏي تکي ويندي مين روڊ تي چڙھي پنھنجي منزل طرف رواني ٿي وئي .
پويان ٻنھي مزدورن پنھنجي مالڪ کان سامھون ٿي پڇيو ته ,  تقرير ڪرڻ  خاطر ھي صاحب ايڏو جلدي ۾ ھيو جو جئين آيو آھي تئين بنا ساھي دڙڪا پئي ڏنائين ۽ سڄي ڪاوڙ اسان مان ڪڍيائين آخر اھو چائلڊ ليبر ڇا ھوندو آھي ؟

10 comments:

  1. eset-nod32-antivirus-license-key-full the list of features of Bitcoin Monitoring, Banking Protection, and Control. ESET's user interface is better and newer this season. We think last year's version is more.
    new crack

    ReplyDelete
  2. https://magnoliaflw.blogspot.com/2013/12/prokrastinacia-topanky.html?showComment=1623752570503

    ReplyDelete
  3. This design is wicked! You most certainly know how to keep a reader amused.
    Between your wit and your videos, I was almost moved to start my own blog (well, almost…HaHa!) Great job.
    I really loved what you had to say, and more than that, how you presented it.
    Too cool!
    goldwave free download
    bitdefender total security crack
    ummy video downloader download
    recover my files license key
    solid edge torrent
    Crack Like

    ReplyDelete
  4. Leawo Total Media Converter Key permit tape exchange that you upload as of the net. It assist near ornament
    https://freeforfile.com/leawo-total-media-converter-crack-free-download/

    ReplyDelete
  5. PanoramaStudio Crack is the finished answer for the production of all-encompassing images.It is the finished answer for the formation of all-encompassing pictures.
    MixPad Crack is powerful multi-track music mixing software for audio production. Designed with all the audio studio features you need without the clutter, this program allows you to mix multiple audio tracks together quickly and easily.
    Avengers Box Crack is an astonishing resource for MTK devices. Further, you can do sort out opening by getting codes or direct open with the equity contender box.

    ReplyDelete
  6. I am very happy to read your article. I wish i could see more of your post. Thanks for sharing such an nice article with us.
    Terminator: Resistance Crack
    Dirt 5 Crack
    epubor converter crack
    Airships: Conquer the Skies Crack

    ReplyDelete
  7. I enjoyed read over your blog post. Your blog have nice information, I got good ideas from this amazing blog.
    O&O DiskImage
    Microsoft Edge
    AVG AntiVirus Free
    Loaris Trojan Remover

    ReplyDelete