#Annual307thUrs #SufiShahEnayatShaheed #JohkShareef #Sajawal
بلڙي توڙي جھوڪ ،ھي به ته منھنجي پنڌ ۾
راھ نه ڪائي روڪ ،ڪُھ پڄاڻان ڪاٿي پُڄي.
سر در قدم يارفدا شد چه بجا شد،
اين بارگران بود ادا شد چه بجا شد.
ترجمو: حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگي جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو.
شاهه عنايت الله شهيد رحه
صوفي بزرگ،شاعر ،ھارين جي حامي، صوفي شاھ عنايت شھيد رحه جو 307ھون ساليانوعرس اڄ کان ضلعي سجاول،ان جي آخري آرامگاھ جھوڪ شريف ۾ شروع ٿي رھيو آھي.ميلي جو افتتاح گادي نشين عطا الله ستاري ڪندو.
نواب اعظم خان جڏھن ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ته ھن ڍَل جي گُھر ڪئي انڪار ڪرڻ تي ھن ميان يار محمد ڪلھوڙي جي مدد سان وڏو لشڪر وٺي ميران پور جو گھيرو ڪيو ۽ ھي سلسلو ڇھ مھينن تائين ھليو.نيٺ 17 صفر سن 1130 ھجري بمطابق 1718ع تي شھيد ڪيو ويو.انهيءَ وقت پاڻ هي شعر پڙهيائين:
رهائيندي مرا از قيد هستي
جزاڪ الله في الدارين خيرا.
ترجمو: تو مون کي حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. الله توکي ٻنهي جهانن ۾ ان جو بدلو ڏئي.
جلاد جي ترار جڏهن سندس ڪنڌ تي ڪِري ته پاڻ چار تڪبيرون چئي، پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائين. انا الله و انا اليہ راجعون
ڪن ڪتابن ۾ ذڪر آيو آهي، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي شاه صاحب کي شهيد ڪرائي، سندس سسي دهليءَ ڏانهن اُماڻي هئي. اُنهيءَ سريءَ مان هيٺيون بيت ٻڌو ويو:
”جنت، جوکيو، نومڙيو، ٽيئي ليکي مان لاهه؛
ڪلهوڙاڻي باهه؛ ڪا نه ٻرندي ڪڏهين.“
صوفي عنايت جا شعر ھن ريت آھن
آڌر نڌر اُڀري، ڪوجهي ڪميڻي؛
تنهن سان ٻاروچل ٻاجهون ڪيو، هوت ڏسي هيڻي؛
اگهائي ”شاه عنايت“ چوي، تنهنجي نڪر نيڻي؛
جا هي ور جي وهيڻي، تنهنکي محب مليو مهاڙ ۾.
شاهه عنايت الله شهيد رحه.
ملا تون مسجد لاء،
پني ڪرين ٿو لک،
سجدي جي سڪ لاء،
نرڻ وڇهائي تو نڪ،
هتي ماڻهو مرن بک،
توکي فڪر فردوس جو
(شهيد صوفي شاه عنايت شهيد)
ان جي درگاھ تي سڪون ۽ رواني فيض وٺڻ لاء روزانو ڪيترائي مريد ايندا آھن ۽ ميلي جي دوران ته رش ۾ واڌارو اچي ويندو آھي.صوفي عنايت کي ھاري ۽ غريبن سان گھڻي ھمدردي ھئي ۽ انھن جي تڪليفن جو احساس ھوندو ھئس تنھن ڪري ھن “جو کيڙي سو کائي“ جو نعرو ڏنو.اڄ به جھوڪ جي نگري ۾ ميلي جو سما ھوندو.منھنجي دل به گھڻو ئي پئي چوي ته ميلي ۾ شرڪت ڪيان پر ان نگري ۾ پھچڻ منھنجي وس ۾ ناھي.
ماھم سنڌي
No comments:
Post a Comment