Sunday, 29 November 2015

بلڙي توڙي جھوڪ ،ھي به ته منھنجي پنڌ ۾ راھ نه ڪائي روڪ ،ڪُھ پڄاڻان ڪاٿي پُڄي.

#Annual307thUrs  #SufiShahEnayatShaheed #JohkShareef  #Sajawal

بلڙي توڙي جھوڪ ،ھي به ته منھنجي پنڌ ۾
راھ نه  ڪائي روڪ  ،ڪُھ پڄاڻان ڪاٿي پُڄي.

سر در قدم يارفدا شد چه بجا شد،
اين بارگران بود ادا شد چه بجا شد.
ترجمو: حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگي جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو.
شاهه عنايت الله شهيد رحه

صوفي بزرگ،شاعر ،ھارين جي حامي، صوفي شاھ عنايت شھيد رحه جو 307ھون ساليانوعرس اڄ کان ضلعي سجاول،ان جي آخري آرامگاھ جھوڪ شريف ۾ شروع ٿي رھيو آھي.ميلي جو افتتاح گادي نشين عطا الله ستاري ڪندو.
نواب اعظم خان جڏھن ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ته ھن ڍَل جي گُھر ڪئي انڪار ڪرڻ تي ھن ميان يار محمد ڪلھوڙي جي مدد سان وڏو لشڪر وٺي  ميران پور جو گھيرو ڪيو ۽ ھي سلسلو ڇھ مھينن تائين ھليو.نيٺ 17 صفر سن 1130 ھجري بمطابق 1718ع تي شھيد ڪيو ويو.انهيءَ وقت پاڻ هي شعر پڙهيائين:
رهائيندي مرا از قيد هستي
جزاڪ الله في الدارين خيرا.
ترجمو: تو مون کي حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. الله توکي ٻنهي جهانن ۾ ان جو بدلو ڏئي.
جلاد جي ترار جڏهن سندس ڪنڌ تي ڪِري ته پاڻ چار تڪبيرون چئي، پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائين. انا الله و انا اليہ راجعون

ڪن ڪتابن ۾ ذڪر آيو آهي، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي شاه صاحب کي شهيد ڪرائي، سندس سسي دهليءَ ڏانهن اُماڻي هئي. اُنهيءَ سريءَ مان هيٺيون بيت ٻڌو ويو:
”جنت، جوکيو، نومڙيو، ٽيئي ليکي مان لاهه؛
ڪلهوڙاڻي باهه؛ ڪا نه ٻرندي ڪڏهين.“

صوفي عنايت جا شعر ھن ريت آھن
آڌر نڌر اُڀري، ڪوجهي ڪميڻي؛
تنهن سان ٻاروچل ٻاجهون ڪيو، هوت ڏسي هيڻي؛
اگهائي ”شاه عنايت“ چوي، تنهنجي نڪر نيڻي؛
جا هي ور جي وهيڻي، تنهنکي محب مليو مهاڙ ۾.
شاهه عنايت الله شهيد رحه.

ملا تون مسجد لاء،
پني ڪرين ٿو لک،
سجدي جي سڪ لاء،
نرڻ وڇهائي تو نڪ،
هتي ماڻهو مرن بک،
توکي فڪر فردوس جو
(شهيد صوفي شاه عنايت شهيد)

ان جي درگاھ تي سڪون ۽ رواني فيض وٺڻ لاء روزانو ڪيترائي مريد ايندا آھن ۽ ميلي جي دوران ته رش ۾ واڌارو اچي ويندو آھي.صوفي عنايت کي ھاري  ۽ غريبن سان گھڻي ھمدردي ھئي ۽ انھن جي تڪليفن جو احساس ھوندو ھئس تنھن ڪري ھن “جو کيڙي سو کائي“ جو نعرو ڏنو.اڄ به جھوڪ جي نگري ۾ ميلي جو سما ھوندو.منھنجي دل به گھڻو ئي پئي چوي ته ميلي ۾ شرڪت ڪيان پر ان نگري ۾ پھچڻ منھنجي وس ۾ ناھي.

ماھم سنڌي

Saturday, 28 November 2015

ڀٽائي گھوٽ جو ميلو ۽ ست سورميون /ماھم سنڌي

27/11/2015
272nd Urs Shah Abdul Latif Bhitai.
ڀٽائي گھوٽ جو ميلو ۽ ست سورميون /ماھم سنڌي /ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

سنڌ ديس ۾ قديم دور جي  تھذيب ۽ ثقافت اڄ به فخرمند ٿي ڪري ھر سنڌي اپنائي ٿو ڇو ته سنڌ جي تاريخ وتمدن اوائلي ۽ ترقي يافته آھي آھي.سنڌو درياء بادشاھ جي مٺي امرت جھڙي پاڻي جي ڪپ تي ھي وسندي پنھنجي شروعاتي دور ۾ پڻ ايڪتا ٻڌي ۽ انسانيت سان محبت جو درس ڏئي ٿي.اڄوڪي دور ۾  اسانجي پنھنجي ملڪ پاڪستان ۾ انتھاپسندي ۽ خاص ڪري مذھبي فرقيواريت ايڏو ته زور وٺي رھي آھي جنھن جا  اثرات ۽ پاڇا سنڌ صوبي تي پوڻ شروع ٿي ويا آھن.حالانڪه ڪو به حلالي سنڌي ۽ سنڌ سان محبت ڪرڻ وارو اھڙي روش ۾ ھرگز ملوث نه ھوندو پر  اھا به ھڪ تلخ حقيقت آھي ته  ڌارين جي ھٿ ٺوڪي سازش ڏينھون ڏينھن اڳتي وڌي رھي آھي.اسين پنھنجي حسين ماضي کي گڏ کڻي صوفي ازم کي فروغ ڏيون ته سڀ سنڌي ھڪ ئي صفحي تي نظر ايندا پوء چاھي اھي مسلمان ،ھندو ،سک ،عيسائي يا ڀلي کڻي ڪھڙي به مذھب سان ھجن.سنڌ جي نقشي ۾ ئي محبت جو لڪيرون آھن جيڪي ھڪ شھر کي ٻي سا  جوڙي رھيون آھن.سنڌ سڄي دنيا ۾ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي طور مشھور آھي.اولھ جا ماڻھو ھتان جي ماڻھن جي ھم آھنگي تي حيرت زده ٿا ٿين ته واقعي ائين به ممڪن آھي ته مذھبي جنونيت کي ھڪ پاسي رکي انسانيت جي جذبي جي آڌار تي ھڪ ٻي سان ايڏي ويجھڙائي به ٿي سگھي ٿي؟ ٿرپارڪر ضلعو جتي اڌ کان مٿي آبادي ھندوئن جي آھي ۽ اتي مسلمان اقليت ۾ آھن.اتي اوھان آسماني انڊلٽ جا رنگ ماڻھن ۾ بنا مينھن جي به ڏسي سگھو ٿا.رمضان المبارڪ جي مھيني ۾ ھندو برادري جا ماڻھو کائڻ پئيڻ جي شين جي سر عام  استمعال کان پاسو ڪندا آھن ۽ ڪي ته وري صبح اسر ويل کائڻ بعد وري شام جو مغرب مھل ٿا کائين .ھو عيدن تي به برابر جي خوشي ٿا ملھائين ۽ محرم الرام جو احترام ڪندي سڀ خوشين جا رٿيل فنڪشن ملتوي ڪري ٿا ڇڏين اھڙي ئي طرح اوھان مسلمانن کي ھولي ۾ رنگن سان رنگيل ڏسندا ۽ ڏياري جي موقعي تي برابرجا ڏيئا ٻاريندا ،ڦٽاڪا وڄائي خوشين کي ٻيڻو ڪندا.ھي مذھبي ھم آھنگي نه صرف ٿرپارڪر پر سنڌ جي ٻين حصن ۾ به نظر ايندي پر صرف اتي جتي ڪي ڌاريا مذھبي انتھاپسندي ڦھلائڻ ۾ مصروف نه ھجن.اھو مذھبي ھم آھنگي ۽ انسانن جو انسانن سان پيار ۽ مدد ڪرڻ جو جذبو اسانجي صوفين اسان تائين پھچايو آھي.اھي جيڪي ھي جھان ڇڏي وڃڻ بعد اڄ به امر آھن ۽ مثبت پيغام اڄ به ڏئي رھيا آھن.سنڌ ۾ ڪيترائي عظيم انسان ٿي گزريا جنھن تي سنڌ امڙ فخر ڪري ٿي.جيئن انگلينڊ جي سڃاڻپ شيڪسپئير  ۽ فردوسي ايراني شاعر طور دنيا ۾ عام آھي تئين سڄي دنيا ۾ سنڌ جو تعارف بڻجندڙ سنڌ  جو صوفي  ۽ قومي شاعر شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحه آھي جنھن  جو ساليانو عرس ڀٽ شاھ ضلعي مٽياري ۾ شروع ٿي چڪو آھي.ان جو جنم ھالا جي شھر ۾ 1102 ھجري بمطابق 1689ع تي  حبيب شاھ جي گھر ٿيو.جيڪو سيد حيدر جي اولاد مان ھئا جيڪي پنھنجي نسبت ستين امام موسي ڪاظم عليه السلام جي فرزند جعفر ثاني سان ڪن ٿا. لطيف سائين ٽنڊي محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ۾ مدفون شاھ عبدالڪريم واري جو پڙ پوٽو ھيو.
چيو وڃي ٿو ته شاھ سائين وٽ راڳ ٿي رھيو ھو پاڻ تي وجد طاري ٿي ويس ۽ ان جي ساھ جو پکيئڙو جسماني قيد مان ھميشه لاء اڏامي آزاد ٿي ويو انھي ڏينھن 14 صفر بمطابق 1165 ھجري سنه 1752ع ھئي.
ان جي عمر ان وقت 63 سال ھئي.
ھاڻي ھر سال 14 صفر کان ٽي ڏينھن تائين شاھ سائين جي درگاھ ڀٽ شاھ ضلعي مٽياري ۾ ميلو لڳي ٿو.ھن سال 272ھون ميلو ڀٽ جي نگري ۾ شروع ٿي چڪو آھي.جنھن جي شروعات چوڏھن صفر 27 نومبر کان ٿي آھي.سالياني عرس جو افتتاح درگاھ کي غسل ڪري  چادر چاڙھي گلن جي ورکا سان ٿئي ٿو.ان بعد ڌمالون ٿينديون ۽ راڳي شاھ جا صوفياڻا راڳ لطيف سائين جي ايجاد ڪيل موسيقي جي اوزار تمبورو تي ڳائيندا.شاھ سائين جي درگاھ جي ڌمال ھوش وڃائڻ لاء ڪافي آھي.ميلي جي دوران سگھڙ ڪچھري، ملھ مقابلا ،مشاعرا ،توڙي ڌمالون ٿينديون.جتي ڪٿي جئي لطيف جئي ڀٽائي گھوٽ جون صدائون ھونديون.ملڪي ۽ غير ملڪي پانڌيئڙن جي ايڏي رش ھوندي جو پير رکڻ جي جڳھ به نه ھوندي.ميلي جي اختتامي تقريب ۾ لطيف ايوارڊ ورھايا ويندا جن جي پڻ وڏي اھميت آھي.
شاھ سائين جي درگاھ جو عاليشان سفيد چاندي جي رنگ جيان چمڪندڙ مقبرو غلام شاھ ڪلھوڙي ٺھرايو آھي.اھو چمڪندڙ مقبرو ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جي مفاصلي کان ڏسي سگھجي ٿو.اتي ھڪ ڪتب خانو ،مسافر خانو ۽ ھڪ عجائب گھر آھي جيڪو سنڌ ميوزيم جي نالي سان مشھور آھي ان ۾ شاھ جي ست سورمين جا مجسما نمائش لاء رکيل آھن.ھن وقت سيد وقار حسين شاھ اتان جو 12ھون گادي نشين آھي.

شاھ لطيف جيڪو اڪيلائپ اختيار ڪري ھڪ واري جي دڙي تي ويھندو ھو جنھن کي ڀٽ چون ٿا اتي  گھڻو وقت غور وفڪر ۾ لڳائي پنھنجي پالھڻار سان مخاطب ٿي ذھني عبادت ڪندو ھو  جنھن ڪري ڀٽ جو ولي سڏجڻ لڳو. ھن پڻ پنھنجي شاعري ۾ سبق ڏنو آھي ته حقيقي خالق سان محبت رکو گمراھي کان بچو ۽ ان کي ئي واحد خدا ڪري مڃو.شاھ لطيف جنھن کي اسين پيار ۽ عقيدت منجھان لالڻ لطيف ،گھوٽ لطيف ،ڀٽائي گھوٽ به چئون ٿا، ان جي اسان جي لاء ڇڏيل تحقيق جيڪا  ھن شاعري ۾ لڪائي آھي اھا واٽ بيشڪ ھڪ مشعل راھ آھي.پر اسين زباني طور تائين اقرار ڪري عملي قدم کڻڻ کان ھميشه لنوائيون ٿا.شاھ لطيف سڄي سنڌ جو سفر ڪيو ۽ اتي جي تاريخي واقعن کي سھڻي نموني شاعري ۾ نروار ڪيائين.شاھ سائين حساس ذھن جو مالڪ ھيو.ھو فطرت جي حسين نظارن کي پنھنجي شاعري ذريعي ساراھيندو ھيو.شاھ  لطيف ڪو مذھبي  عبادت جي خلاف نه ھيو پر ھن ھڪ توازن قائم ڪيو جنھن ۾ ھر شيء ۽ ھر موضوع کي پنھنجي الڳ ساھمي ۾ توري ماپ معلوم ڪري سگھجي ٿي.حالانڪه مذھبي رھنما اسان جا اسان کي قطئي اجازت نٿا ڏين ته ڪو اسين پيار يا عشق جھڙي حسين جذبي سان سرشار ٿيو پر جيترو شاھ لطيف پيار ڪندڙن کي سارھائي انھن جي ھمت افزائي ڪئي آھي شايد ئي ٻيو ڪري.
اسانجي معاشري جا تنگ نظر ماڻھو جيڪي عورتن کي ٻيون درجو ڏين ٿا سي ھڪ نظر شاھ لطيف کي به ڏسن جنھن عورت جي جدوجھد ان جي خوبصورتي ،حسن  ،ان جي بھادري ۽ ان جي اٽل جذبن کي بي پناھ ڀيٽا ڏني آھي.شاھ سائين جي نظر ۾ عورت جو مان مٿانھون آھي.شاھ سائين ته ڪيترين ئي جڳھين تي عورتن کي مرد مٿان فوقيت پڻ ڏني آھي.عورتن جي شان ۾ ست سُر لکي ڇڏيائين جن ۾ الڳ الڳ ڪيفيت  بيان ڪري عورت جي فطرت کي جانچڻ جي پوري ڪوشش ڪيائين جيڪا ڪافي حد تائين ڪامياب آھي.شاھ سائين عورت جي تعريف ۾ ڪيترائي سُر لکي ڇڏيا.شاھ جون ست سورميون پڻ اھي بھادر عورتون ھيون جن جي عظمت ۽ ھمت شاھ سائين پنھنجي ڪلامن ۾ لکي.جيتوڻڪ تنقيد جو پھلو به شامل رھيو آھي پر ساراھ ۽ ڀيٽا بنھ گھڻي ڏني اٿس.

سسئي پنھون جي ڪھاڻي شاھ جي نظرن جو مکيه محور رھي آھي.سسئي کي ھدايت سميت ڀيٽا پڻَ ڏني اٿس.سُر سسئي آبري ،سر معذوري ،سر ديسي ،سر ڪوھياري، سر حسيني انھن سڀن ۾ پنھون جي عشق ۽ ان کي ماڻڻ لاء پيرين پنڌ ھلندڙ عورت جو ئي ذڪر آھي.سسئي پنھون کي راتون رات نڪرڻ بعد صبح جو اک کلندي ئي ان بي ڳولا ۾ ھڪ بھادر اڳواڻ جيان لڳي وڃي ٿي.ان ڏس ۾ پيرين اگھاڙي ھو ڪنڊا پٿر سڀ لتاڙي وڃي ٿي.پنھون بلوچستان جي ڪيچ مڪران جو بادشاھ ھو جيڪو سسئي جي ملڪان ملڪ حسن جي ھاڪ ٻڌي آيو ۽ ھو سسئي کي حاصل ڪرڻ لاء ڌوٻي جو روپ پڻ ڌاري ويو. اھا رومانوي داستان جنھن کي شاھ سائين مختلف سُرن ۾ قلمبند ڪري سسئي جي ساراھ ڪئي اٿس ان جي ھمت کي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي اٿس.
شاھ سائين چوي ٿو:
جان جان ھئي جئيري ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونء پيٺي سڪندين کي سڄڻن.

سر سھڻي ۾ شاھ لطيف ھڪ  ڪنڀار جي ڌي جو ذڪر ڪيو آھي جنھن جو حُسن ھڪ  واپاري کي ميھار ٿو بڻائي.سھڻي جو عشق دريا جي لھرن کن به وڌيڪ گھرو ھيو تڏھن ئي ته ھو ھڪ ھٿ جي ٺاھيل دلي سھاري ان ۾ لھي پئي جيڪو سازش تحت رنگ ڏئي ڪچو رکيو ويو.سھڻي چئي ٿي گھڙو ڀڳو ته گھوريو.مطلب ته ھو ميھار جي ايتري مطلوب آھي جو ھو دريا جي دھشت ،ڪاري ٿڌي خوفناڪ رات کي به نٿي ليکي ۽ پنھنجي مقصد خاطر اڳيان وڌنڌي رھي ٿي.۽ نيٺ انھي پاڻي اندر فنا ٿي وڃي ٿي.گھڙو پاڻي اندر ڀڄي ڀري ويو سھڻي جي صورت پاڻي منجھ ملي فنا ٿي وئي پوء وڃي ميھار کي سُڌ پئي .شاھ سائين ھن طرح ھڪ بيت ۾ لکي ٿو:
گھڙو ڀڳو منڌ مئي وسيلا ويا
تنھان پوء سئا سھڻي سڏ ميھار جا.

سر مومل راڻو ۾ جئين ته راج نند  جي چالاڪ ڌيئرن جو ذڪر ڪيل آھي جنن ۾ ان جي ننڍي  ڌي مومل خوبصورتي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھئي.ڪيترن ۽ شرطن باوجود جڏھن راڻو مينڌرو مومل سان شادي ڪري ٿو ته پوء ان جي دوستن جي ڪاوڙجڻ تي ان جي دوست ھمير سومري نيٺ ان کي پاڻ وٽ گھرائي ورتو .پوء راڻو مومل جي سڪ ۾ روز رات جو ڪاڪ محل اٺ تي چڙھي مومل سان ملي ايندو ھو.پر مومل پنھنجي ھڪ غلطي سبب لوڙيندي رھي .ھڪ رات  ھن سومل کي مرداڻو لباس پرائي پاڻ سان گڏ سمھاري ڇڏيو جئين راڻو پھتو ته سامھون اکين ڏٺي حقيقت تي يقين ڪندي رسي ھليو ويو.صبح ٿيڻ بعد راڻي جا نشاني ڏسي مومل سمجھي ويئي ته ان جي دل جو راڻو رات آيو ھيو.ائين ئي مومل سان جڏھن راڻو نه پرتو ته مايوس ٿي آڙاھ اندر پاڻ کي اڇلي ڇڏيائين ان تي شاھ سائين مومل کي ھدايت ۽ تنقيد ٻئي ڪري ٿو.
خاموشي خبر جي مُومل ٿي مت،
صبر ٿيو سپت منھنج حق مينڌرا

شاھ سائين جي سورمين مان مارئي جي بھادري ۽ ھمت ساراھ جوڳي آھي.ٿرپارڪر جي مارئي کي جڏھن عمر سومرو پاڻي ڀريندي کڻي اچي پنھنجي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪري ٿو ۽ ان کي راضي رکڻ لاء ريشمي لباس ،لذيذ طعام ،نرم وھاڻا ، بستر ،ان جي خدمت چاڪري لا۽ ڪيترا ئي خدمت گزار رکي ٿو پر مارئي پنھنجي ملير جي پراڻي ۽ ميري چادر کي ئي پنھنجي مٿي جو تاج سمجھي عمر جا سڀ عيش ٺڪرائي ٿي.ھڪ وچن ٿي ڪري مرندي مري ويندس پر منھنجي ملڪ جي ٿي رھندس.عمر نيٺ ان جي حب الوطني اڳيان سر کوڙي ان کي عزت ۽ مان سان واپس ڇڏي ٿو اچي.
سونھن وڃايم سومرا ميرو منھن ٿيوم
وڃڻ تت پيوم جت ھلڻ ناھ حسن ري.

سنڌ جي ھڪ ٻي لوڪ ڪھاڻي جنھن ۾ ھڪ عورت جي سادگي نوڙت ۽ سونھن سان گڏ سياڻپ کي شاھ سائين پنھنجي سُر ڪاموڏ ۾  خوب ساراھيو آھي.نوري ڄام تماچي جو قصو جنھن ۾ بادشاھ ڄام تماچي ڪينجھر ڍنڍ تي شڪار لاء اچي ٿو ته ھڪ مھاڻي مڇيون ماريندڙ نوري جي چھري مان اڀرندڙ نور مان موھت ٿي پئي ٿو ۽ شادي ڪري ٿو.ھڪ ڏينھن جڏھن ھو پنھنجي سڀني راڻين کي آڇي ٿو ته سڀ وڌ کان وڌ سينگار ڪري سامھون پيش پون ته سڀ نت نون سينگارن ۾ لڳي وڃن ٿيون ۽ نوري پنھنجي پيء پاران ڏنل پراڻي جوڙي ۾ بنا ڪنھن ھٿرادو بناوٽ جي اچي ٿي ۽ چئي ٿي اي بادشاھ ! تو مونکي انھي سادگي ۾ ڏسي پسند ڪيو ھيو ۽ اڄ به مان انھي ھلئي ۾ تو سامھون پيش پئي آھيان.نوري جي تڪبر کان پاڪ سادگي ڏسي بادشاھ  نوري سان گڏ ڪينجھر جو سير ڪري ان کي دل جو مالڪ بنائي ٿو .شاھ سائين جي سر ڪاموڏ ۾ ھي سموري داستان آھي جنھن مان مختصر سٽون ھي آھن.
هيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراهَ؛
اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءَ؛
هيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، ڪنڌِيءَ ڪَوۡنرَ تَرَنِّ؛
وَرِئي واهُوندَنِّ، ڪِنجُهرُ کَـٿُورِي ٿِئي
لَڳي اُتَرَ واءَ، ڪِنجُهرُ هِندورو ٿِئي.

شاھ سائين جي سورمين ۾ ليلان به ھڪ آھي جنھن جو ذڪر سر ليلا چنيسر ۾ آھي.ليلان جيڪا بيحد حسين آھي پر سندس مڙس چنيسر به خوبصورت قد ،بت، شڪل جو مالڪ آھي.ليلان ڪجھ وقت ڪونئري جي ڏنل لالچ ۾ اچي ھڪ ھار عيوض مڙس ھارائي ويٺي ۽ ڪونئري جي حوالي مڙس ڪرڻ کان پوء ان جي  اک کلي ٿي پر تيستائين چنيسر کي سڀ پتو پئجي ويندو آھي ۽ ھو قطع تعلق ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيندو آھي. پر ليلان چنيسر جو اعتماد وڃائڻ بعد گھڻو ئي پڇتائي ٿي ۽ پوء ھڪ محفل ۾ ليلان  اھڙو ته ناچ ڪري ٿي جو چنيسر ھوش وڃائي ويھي ٿو ۽ مک ٿا پردو ھٽائڻ بعد جڏھن ليلان ڏسي ٿو ته پاڻ سنڀالي نٿو سگھي ۽ فنا ٿي وڃي ٿو ۽ ائين ليلان به گھڻي مھل تائين روح کي جسم ۾ قيد نٿي ڪري سگھي.شاھ سائين تنقيدي ۽ تعريفي ھن ليلان تي مڪمل سُر ليلان چنيسر لکيو آھي.
ٿِڙِڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرِڪِي تَڪَبُّرَ ۾ پئي؛
اَچِيو اَچِيو، "اَڳَـلِي!"، چَئي لِيلا کي لوڪُ؛
اندَرُ اوڀالَن سين، ساڙي ڪَيائُونس سوڪُ؛
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِيو ويچاريءَ وِسرِي.

شاھ سائين جي سورمي سورٺ پڻ آھي جنھن تي سر سورٺ شاھ جي رسالي ۾ آھي.جنھن ۾ ٻيجل ۽ سورٺ بابت ذڪر آھي.ان تاريخي قصي ۾ آخر جو وڏو مچ ٻارائي سورٺ پاڻ کي باھ جي ڀڙڪندڙ شعلن حوالي ڪري ٿي ڇڏي ۽ ائين ٻيجل به فنا ٿي وڃي ٿو.شاھ سائين ان ۾ سورٺ کي ڪجھ ان انداز ۾ ڏيکاريو آھي ته ھو ٻيجل کي ڪجھ ڪمن کان منع ڪري ٿي پر ٻيجل انھي جي ڳالھ مڃڻ تي راضي نٿو ٿئي.
"ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنَ کي، آيُسِ تُنهِنجي دَرِّ؛
سُونهارا سورَٺِ وَرَ! ڪا مُنهِنجِي ڪَرِّ؛
ڀلا! ڀيري ڀَرّ، پالهو پاندُ پينارَ جو."

شاھ سائين جھڙي طرح ڀائپي ،ڀائيچاري ،صوفي ازم ۽ امن کي فروغ ڏنو آھي اتي انسان جي ٻن مخالف جنس کي پڻ برابري عطا ڪئي اٿس.شاھ سائين پنھنجي سنڌ اھڙي ڏسڻ چاھيندو ھو جنھن ۾ عورت طاقتور ھجي ۽ ان کي بنيادي حق ميسر ھجن.اڄ به شاھ لطيف جي نگري ۾ ميلي جي شروعات سان اھو ئي پيغام ان جي درگاھ مان ٿيندو سڄي سنڌ تائين وڃي پيو ته سنڌ کي پر امن بنائڻ ۽ جنت ٺاھڻ لاء لازمي آھي ته ھر قسم جي انتھاپسندي کان مٿڀري سوچ رکي سڀني انسانن کي مان ۽ عزت ڏيڻ گھرجي.عورت جي بھادري ۽ بردباري کي مڃي ان جي حقن تي قبضو ڪرڻ بجاء ان کي باھمت جنس طور قبولڻ گھرجي.
Daily appeal newspaper
Daily Sindh Express special edition page
Daily Mehran newspaper
Daily Jeejal newspaper
Daily Awami Sindh newspaper
Daily Khabroon Newspaper.
http://dailymehran.net/wp-content/uploads/2015/11/editorial-page-11.jpg

http://dailyjeejal.com/e-paper/2015-11-27/news/page4/1%20(3).htm

Sindh Express News Story http://www.sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130334940&Issue=NP_HYD&Date=20151127#.Vlg1BYcfiJ8.twitter …

http://www.dailyawamisindh.com/epaper/wp-content/uploads/page-02271.jpg

Wednesday, 25 November 2015

سنڌ جي ورڊس ورٿ (WordsWorth) جو وڇوڙو

#November25th   #DeathAnniversary  #TanveerAbbasi  #WordsWorthOfSindh

سنڌ جي ورڊس ورٿ (WordsWorth) جو وڇوڙو

آ ته کلندي کلندي گھاريون گھڙيون چار ھليا وينداسين،
ورھ ورھائڻ آيا آھيون  ونڊي پيار ھليا وينداسين.

سنڌي شاعر، نثر نويس ،ڪھاڻيڪار ،محقق ،تنقيد نگار ۽ لطيفيات جي ماھر ڊاڪٽف تنوير عباسي جي اڄ ڇھين ورسي آھي.

ڊاڪٽر تنوير عباسي 7 ڊسمبر 1934ع ضلعي خيرپورجي ڳوٺ سوڀوديرو ۾ ڄائو ھو.
ھو سنڌي ،اردو، انگريزي ،سرائيڪي ٻولين جو ماھر ھو ۽ فارسي ھندي ۽ فرينچ ٻولين تي وڏي مھارت ھيس.ھن کي سنڌ جو "ورڊس ورٿ" سڏيو وڃي ٿو.ھن جي شاعري جا پنج مجموعا ڇپيل آھن.ھو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار آھي.

ھن جي وفات 25 نومبر 1999ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿي ۽ اتي ئي مدفون آھي.

اڄ ان جي ڇھين ورسي تي ان کي ساري ڀيٽا ڏجي ٿي.

ماھم سنڌي.

سنڌ جي ورڊس ورٿ (WordsWorth) جو وڇوڙو

#November25th   #DeathAnniversary  #TanveerAbbasi  #WordsWorthOfSindh

سنڌ جي ورڊس ورٿ (WordsWorth) جو وڇوڙو

آ ته کلندي کلندي گھاريون گھڙيون چار ھليا وينداسين،
ورھ ورھائڻ آيا آھيون  ونڊي پيار ھليا وينداسين.

سنڌي شاعر، نثر نويس ،ڪھاڻيڪار ،محقق ،تنقيد نگار ۽ لطيفيات جي ماھر ڊاڪٽف تنوير عباسي جي اڄ ڇھين ورسي آھي.

ڊاڪٽر تنوير عباسي 7 ڊسمبر 1934ع ضلعي خيرپورجي ڳوٺ سوڀوديرو ۾ ڄائو ھو.
ھو سنڌي ،اردو، انگريزي ،سرائيڪي ٻولين جو ماھر ھو ۽ فارسي ھندي ۽ فرينچ ٻولين تي وڏي مھارت ھيس.ھن کي سنڌ جو "ورڊس ورٿ" سڏيو وڃي ٿو.ھن جي شاعري جا پنج مجموعا ڇپيل آھن.ھو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار آھي.

ھن جي وفات 25 نومبر 1999ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿي ۽ اتي ئي مدفون آھي.

اڄ ان جي ڇھين ورسي تي ان کي ساري ڀيٽا ڏجي ٿي.

ماھم سنڌي.

نانڪ نام جھاج (جھاز) ھي،چڙھي سو اتري پار...

نانڪ نام جھاج (جھاز) ھي،چڙھي سو اتري پار...

Wishing 547th Birth Anniversary of Baba Guru Nanak Dev Jee to all Sikh Community.

سک مذھب جي باني بابا گرو نانڪ ديوجي( 1469-1539 ) جي 547ھين جنم ڏھاڙي جو ميلو  صوبي پنجاب ۾  گرودوارا لڳ نانڪاڻه صاحب ۾ شروع ٿي چڪو آھي ،جٿي ھندوستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا  سِک مذھب سان تعلق رکندڙ ماڻھو شريڪ ٿي رھيا آھن.ميلو اڄ صبح کان شروع ٿيو آھي جنھن ۾ مذھبي معامرن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف خصوصي مھمان طور شرڪت ڪندو.
سڀني سک ڀائرن ۽ ڀينرن کي واڌايون ڏجن ٿيون.شال واھِ گرو جي دعا سان ھن مذھب اندر روادري ،محبت ۽ امن سدائين قائم ودائم رھي.آمين.

ماھم سنڌي.

نانڪ نام جھاج (جھاز) ھي،چڙھي سو اتري پار...

نانڪ نام جھاج (جھاز) ھي،چڙھي سو اتري پار...

Wishing 547th Birth Anniversary of Baba Guru Nanak Dev Jee to all Sikh Community.

سک مذھب جي باني بابا گرو نانڪ ديوجي( 1469-1539 ) جي 547ھين جنم ڏھاڙي جو ميلو  صوبي پنجاب ۾  گرودوارا لڳ نانڪاڻه صاحب ۾ شروع ٿي چڪو آھي ،جٿي ھندوستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا  سِک مذھب سان تعلق رکندڙ ماڻھو شريڪ ٿي رھيا آھن.ميلو اڄ صبح کان شروع ٿيو آھي جنھن ۾ مذھبي معامرن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف خصوصي مھمان طور شرڪت ڪندو.
سڀني سک ڀائرن ۽ ڀينرن کي واڌايون ڏجن ٿيون.شال واھِ گرو جي دعا سان ھن مذھب اندر روادري ،محبت ۽ امن سدائين قائم ودائم رھي.آمين.

ماھم سنڌي.