ست سيڪنڊ، ست منٽ، ست ڪلاڪ ،ست ڏينهن ،ست مهينا، ست سال، ست سورميون.
27 ڊسمبر شام جا ڇھ لڳي ويھ منٽ......
اوچتو گرجاگھر جو گهنڊ وڄي ٿو
۽ پوٽريٽ ۾ بيٺل بيبي مريم جي اکين مان لڙڪ لڙي پون ٿا.......
۽ اوچتو ..........
صليب تي لٽڪيل عيسَٰي جو مجسمو........
غائب ٿي وڃي ٿو
هڪ روح ڏاريندڙ دانهن فضا ۾ بلند ٿئي ٿي
مسيحا ! مسيحا!
اڄ اسانجي مسيحا به قتل ٿي وئيئ..
ڀٽ شاھ......
شآم جا ڇھ لڳي ويھ منٽ
يڪتاري جي تار ڇڙي ٿي ......
۽ فضا ڪاري چادر پائي .....
سر ڪيڏاري ۾ گم ٿي وڃي ٿي
ٻڌاء ڙي شمر ..ته توکي رسول صلعم جي آل جا خيما اجاڙي ڇا مليو ھو.... جو اڄ اسانجي خيمي جي اڪيلي شھزادي تي به وارڪري ڇڏئيي......!
پهريان ست سيڪنڊ
اها درد ناڪ ۽ هانء ۾ چهڪ ڏيندڙ خبر اچي ڪنن تائين رسي،اهي سيڪنڊ به وقت جا نڀاڳا ۽ ويري سيڪنّڊ ھئا .بلڪل به يقين نه ٿي آيو جڏھن ٻڌم يزيدي ٽولي محترم بينظير تي وار ڪيو آھي.سوچيم شل ڪا افوھ ڪا ڪوڙي خبر ڪا غلط فهمي هجي.
پر.............
اراکے خاڪ لحد په کهتی ھے اٹھو رانی
تمھاری موت کا دنیٹ کو اعتبار نھی
پهريان ست منٽ
دل جو دڙڪڻ تيز پئي ٿيو جسم سڄو ڪنبيو پئي،بي چيني بي يقيني پل ۾ سڀ ڪجھ وڃائڻ جو احساس ته وري پل ۾ ڪوڙي خبر ھئڻ جي اڻڄاتل اميد ان دعا سان گڏ ھئي ته اسانجي بينظير جو شل خير هجي.
لائٽ به بند هئي هر طرف کان روشني جا ساھ اونداهي ۾ کٽندا ٿي ويا.پل ۾ آليون ء پل مى اکيون خشڪ پئي ٿيون.
رات جو ڌڪا ٿاٻا کائيندي اسٽور روم ۾ وڃي، سال پراڻو ريڊيو ڪڍيم ڪافي دز هيس، جيڪا مان پوتي سان انهي مهل صاف ڪئي.سيل به پرڻا پيل هئا سو جئين کوليم شور آواز هيو دانهن جو ايمبولس ۽ روئڻ جو آواز هيو ،۽ انهي مان صاف ظاھر ٿي لڳو ته ڪو وڏو نقصان رسيو آھي،
خدائي خلقت کي ،
سنڌ جي سنڌو کي
اڻ کٽ اميدن کي...
پهريان ست ڪلاڪ
ستن ڪلاڪن دوران پاڻي جو ڍڪ به نه پيتو مو سميت سڄي سنڌ سڄي ملڪ تي سڪتو طاري هو.انهن ستن ڪلاڪن دوران ڊاڪٽرن بي بي جي موت جي تصديق به ڪري ڇڏي هئي .ڪونج ولر کان وڇڙي ٻي اڻ ڏٺي پهچي چڪي هئي هو ،امر به ٿي چي هئي.پرهتي مون الاهي چو پئي ڪنهن معجزي جو انتظار ڪيم پر
جيڪي ساه کٽڻ تي پون سي ورن ڪين ڪي.
وس به ايڏي وس بادل بيهن ڪين ٿا
گوندر سارا گس لڙڪن منجھ لڙھي ويا
پهريان ست ڏينهن
اڳيان آيل ست ڏينهن به ڏاڍا اوکا گزريا هئا، هر رات مونکي 21 ڊسمبر جي ۽ هر ڏينهن 21 جون ٿي لڳو.انهن ڏينهن دوران جيڪا مون تباهي، نقصان ڏٺو سو اڳ نه ڏٺو هيم. پر ڏسان به ڪئين ها اڳ ۾ ڪا ڪونج اهڙي طرح پهنجي ولر کان وڇڙي ڪين هئي؟مون ته انهي دوران پاڻ سان گڏ وڻ ٽڻ پکي پکڻ روئيندي سوڳ ملهائيندي ڏٺا.28 ڊسمبر تي ته منهنجي گهر جی ڇت تي ڪبوترن جا ٽولا به نه آيا هئا جيڪي روز ٻوليون ڪري خوشيون ملهائندا هئا،28 ڊ سمبر تي ته منهنجي گهر جي صحن ۾ ڪونڊين ۾ رکيل گونچن منجهان گل به نه ڦٽا هئ،ا بلڪه گزريل ڏينهن وارا ٽڙيل گل مرجهايا ۽ ڪمايا پيا هئا.
تجھکو کس پهول کا کفن دین
تو جدا ایسے موسم می ھئی جب درختون کے ھاتھ خالی تھی.
هن ڏينهن دوران اوڀر جي نياڻي شهيد بينظير جو سڪتو طاري هو.سنڌ امڙ به ڪاري ويس ۾ هئي .
پهريان ست مهينا
انهن مهينن دوران محترم بي بي جو ٽيجهو چاليهو سڀ اکين آڏو گزري ويو .محترم جي ٻارن کي لڳاتار ادس ۽ غمگين ڏٺو ،محترم جي جدائي می سڄي سنڌ سونهاري اداس ڏٺم.بيشڪ سڄي دنيا جي گولي تي غم صاف ظاهر هو پر سنڌ جو سوڳ الڳ هيو.ڪڏهن سنڌ سيد ثابت علي شاھ جو مرثيو ٿي لڳي ته وري ڪڏهن شاه سائين جي سر ڪيڏاري جو سٽن وارو ماتم لڳو.انهي دوران محترم جي بهادري جرئت مندي جا ڪجھ اهڙا قصا به نظرن جي رستي اڳيان گزريا جيڪي اڳ نه ٻڌا هئا.نامور ليکڪن پنهنجي قلم کي محترم جي نانء ڪيو.محترم جي زندگي جي جدوجهد جا ان جي ڏکي وقت جا طويل داستان رقم ڪيا.
پر انهي دوران مون کی سنڌ راڻي جي ڪا نئي تصوير ڪو نئون بيان تقرير
ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاء نه ملي.27ڊسمبر بعدان جي مسڪراهٽ ان جا همت ڏيندڙ جملا ٻڌڻ لاء چاهيندي به نه مليا...
دھوندو گے ٹگر ملکون ملکون ملنی کے نھین نایاب ھے ھم
پهريان ست سال
هي ست سالن ۾ 27ڊسمبر جا ڏک نه گهٽجي سگهيا ،جٿي 21جون تي دل خوش پئي ٿي ته پنڪي جي آمد جو ڏينهن آهي اتي ڊسمبر جي آخري هفتي من اندر مايوسي پکيڙي.
هو هر لفظ لفظ اندر ۾ اڪرجي چڪي هئي،هن جي ياد وسرڻ بجاء وري وري ٿي آيئي.
اي چنڊ ڀٽائي کي چوجان
جنهن رات ۾ تو ٿي گيت لکيا
سا رات اڃا ڀي جاري آ.
ست سورميون
هي بينظير ته شاھ سائين جي ست سورمين اندر به لڪل هئي.هو مارئي به لڳي پئي جنهن وقت جي عمر جون سڀ آرام ۽ آسائشون ٺڪرائي ملڪ ملير جي سڪل ٺوٺ زمين کي اوليت ٿي ڏني.هو ته سسئي وانگر اڙانگهي رستي تي به پير پوئتي ڪرڻ بجاء ويري دشمن جا لڳايل ڪنڊا سهندي رهي ء ن جهڪي نه رڪي.هو ته سهڻي وانگر پنهنجي ماروئڙن جي عشق ۾ ترڻ وارو جان جو جوکم کنيو هو.هو ڪڏهن سورٺ به هئي ته هو نوري به هئي.هن منجھ ليلان به هئي ته هو مومل وانگر ملوڪ به هئي.
وقت کے گزرنی پر
وه جو بھول جائینگے
بینظير کيسی تھی؟
ھم انھین بتائين گے
بینظيردنیا مین
زندگی کے ماتھی پر
ایک لکیر جیسی تھی
روز و شب کے زندان مین
اک اسیر جیسی تھی
شھر کے غريبون کی
اک امیر جیسی تھی
جبر کی نگاھون مین
اک تیر جیسی تھی
بینظير بھٹو بس
بینظير جيسي تهي.......!
No comments:
Post a Comment