Wednesday, 31 December 2014

#GoodBye2014 ٽھڪ کان وڌيڪ لڙڪ ڏيندڙ نيٺ هن سال پڄاڻي ڪئي

#GoodBye2014
ٽھڪ کان وڌيڪ لڙڪ ڏيندڙ نيٺ هن سال پڄاڻي ڪئي.

ٽھڪ کان وڌيڪ لڙڪ ڏيندڙ نيٺ هن سال پڄاڻي ڪئي.

هميشه لاء موڪلائيندڙ 2014 جو سال ،جنهن جي ساروڻيون جي ساربيون ته چند ٽهڪ ۽ انيڪ ڳوڙها ملندا.

جنوري جي 15 تي ئي لڙڪن جي سفر شروعات ڪئي جڏهن نوابشاھ لڳ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ 21 اسڪولي شاگردن سميت 24 ماڻهو کي ناقص روڊ هئڻ سبب جان تان هٿ کڻڻو پيو.شل اهڙن ڏکوئيندڙ حادثن جي هاڻ هن سال سان گڏ پڄاڻي هجي.

شل نه ڪا 8 جون اچي ،جڏهن پاڪستان جي وڏي شهر جي وڏي هوائي اڏي جناح انٽرنيشنل ايئرپوٽ تي حملو ٿيو هو.جنهن ۾ 13 ماڻهن جو جانيون ويون ۽ ايندڙ ويندڙ سڀ پروازون ايمرجنسي ۾ ملتوي ڪيون ويون هیون.

اکيون نه ڏسن وري اهو واگھا بارڊر تي خودڪش حملو ،جنهن 2نومبر ۾ رٿيل خوشي جي پرچم ڪشائي جي تقريب کي ماتم ۽ اوڇنگارن ۾ بدليو.هن به 60 کان وڌيڪ انساني جانيون کسيون ۽ 110 کان وڌيڪ صحتمند ماڻهو اسپتالن ۽ ايمرجنسي وارڊن حوالي ٿيا.

۽ ياد آهي اهو دردناڪ  4 نومبر به جڏهن  لاهور ڀرسان ڪوٽ راڌها ڪشن حد ۾ مسيح برادري جي جوڙي  شهزاد ۽ شمعا کي الله جي ڪلام جي توهين جي بي بنياد شڪ تي ٻڙندڙ سرن جي بٺي ۾ اڇليو ويو.جسم آهستي آهستي سڙندا رهيا نه ڪنهن دانهن ٻڌي نه ڪنهن ڪوڪ ۽ هو جلندا رهيا ختم ٿيندا رهيا.

شل نه اچي 11نومبر اها جڏهن خيرپور لڳ نيشنل هاء وي تي بس جي ايڪسيڊنٽ 60جانيون پل اندر کسي ورتيون.

انهي مهل بيشڪ اکين ۾ چمڪ ۽ لبن تي مرڪ واري لالاڻ ٿي آئي، جڏهن گل مڪئي امن جو نوبل انعام هن ديس نانء ڪيو.جيڪو باعث فخر هو ۽ ٻيو  ڀيرو هى انعام اسانجي ملڪ جو رستو ٿي ورتو.
ها!ٿي پئي خوشي ان مهل جڏهن هڪ معزور نياڻي سنڌ جي آسو ڪولهي تعليم جي بي ساکي تي اٿي قدم وڌائڻ لڳي.ڪنري جي هي نياڻي بنا ڪنهن عيوضي جي علم جي شمع روشن رکي ۽ نيٺ هن سنڌ اسيمبلي تائين جو مفاصلو طيء ڪيو.

پر اهي ٽهڪ به ڄڻ مهمان هئا اسانجي مک تي ۽ مهمان ترسي ڪيترو ترسندو اڄ نه ته سڀاڻ پنهنجي واٽ وٺندو.دل ۾ درد وڌڻ لڳو، جڏهن گهوٽڪي جي  انجلي ميگهواڙ ميان مٺو جي ور چڙهي.هڪ نه پر هڪ کان وڌيڪ اهڙا واقعا ٿيا.معصوم نياڻين جا زور زبردستي سان انهن کي هيسائي ڌمڪائي يرغمال بڻائي انهن جا مذهب مٽايا پئي ويا.جڏهن انهن جي مذهبي عبادتگاهن کي آتش نذر ڪيو پئي ويو.عمرڪوٽ جي ٻن هندو ڀائرن جي روڊ تي سري عام قتل کان ويندي ڪيلاش جي اغو تائين هڪ به ڳجهارت نه سلهجي چڪي.نه ڄاڻ ڪيترن ته هندو ڀائرن کي لاڏايو ويو،ڪيترن جي گهرن ۾ ڌاڙا هڻي قيمتي سامان لٽيو ويو.

سنڌين جي نسل ڪشي به نه رڪي سگهي آصف پنهور کان ويندي وحيد لاشاري تائين نوجون سنڌين کي بي دردي سان ماري سندن لاش  ٻوري ۾ بند ڪري رستن تي ڦٽا ڪيا ٿي وي.27ڊسمبر تي جڏهن هڪ سنڌ جي سنڌو جي ستين ورسي پئي ملهائي ويئي ته انهي لاڙڪاڻي ۾ ٻي 5 ورهين جي سنڌو جي سينڌ ميري پئي ڪئي وئي.سنڌو تڙپندي رهي،تڙپي تڙپي مري به ويئي پر انصاف جي اميد ڪٿان ايندي.اها ته رستو ئي بهلجي وئي آ.

رڪي به ڪئين رڪن ڳوڙها جتي ٿرپارڪر ۾  300 کان وڌيڪ کير پياڪ معصوم گلن جهڙا ٻارڙا بک ۽ بيماري وگهي ڦتڪي پنهنجن مائرن جون جهوليون خالي ڪندا رهيا.
هڪ عورت جو جيڪر 3 يا 4 مهينن جو حمل به ضايع ٿئي ته هو دنيا سامهون جلد ڳوڙها روڪڻ جي باوجود به ذهني ۽ روحاني طور پنهنجي ٻار جي وڃائڻ جي ڏک ۾  ڪئي ڏينهن هوندي آهي.پر اهي مائرون جن جنم ڏئي ٻارن کي جهولي ۾ مٺڙيو لوليون ٿي ڏنيون ڪئين برداشت ڪن اها قحط سالي جيڪا سيلاب آڻي انهن جي نظرن کي دهندلو ٿي بڻائي.شل نئي سال ۾ڀريل جهوليون هجن منهنجي ٿري مائرن جو.

باعث فخر سنڌ ڪجھ عظيم انسان به اسان کا وقت ڦريا.
راشد مورائي جهڙو املھ شاعر به 25 مارچ تي ئي ٻي جهان ڏي سانباهو ڪري روانو ٿي چڪو هو.آگسٽ جي پهرين هفتي  ۾ پروفيسر انيتا غلام علي به ٻي پار هلي ويئي پر  ،
ٿڌي ڊسمبر ۾ به ڳوڙهن سبب ڳل گرم رهيا.8ڊسمبر تي ڪامريڊ سوڀو گياچنداڻي جيڪو هڪ مهان ليکڪ ۽ دانشور طور سڃاتو ويندو هو ۽ اڄ به آهي ،هن به نه ورڻ واري واٽ طرف پير وڌايا  ۽ وڇڙي ويو.سنڌ ۽ هنڌ جو ڄاتل سڃاتل ليکڪ لڇمڻ ڪومل به 23 ڊسمبر تي فاني دنيا کي الوداع چئي ڇڏيو.
آديسي اٿي ويا مڙهين مون مارين
جي جيءُ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.

شل نه اچي 16ڊسمبر جيڪو هن سال کان اڳ اسين ڪارو ڏينهن صرف  اوڀر بنگال جي ورهانڱي جي ڪري ملهائيندا هئاسين پر اهو ڏينهن هڪ نئين قيامت نئين ڪربلا نئون ماتم ڏئي ويو.شل اڀري ئي نه آھ ان ڏينهن جو سج افق تي جيڪو ڏينهن هوندي به ڪاري اونداهي جو طوفان ڇڏي ويو.پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ڏانهن جڏهن مائرن تيار ڪري ننڍڙا گهوٽ ٿي اماڻيا سي شايد ڪڏهن به هاڻي سهرو نه ٻڌن،جن نياڻين جا وار سنواري ربن سان چوٽيون ٻڌي اسڪارف پارائي ٿي اماڻيون ويون ، سي شايد ڪڏهن وري ڪنهن نئي سينڊل نئي چوڙين جي ضد نه ڪن.اهو اسڪول نه پر مقتل گاھ بڻيو ان ڏينهن جڏهن 133 گل بي دردي سان تڙپائي تڙپائي مڙوريا ويا.
دلير ۽ هر جاء واردات اکين سان ڏسندڙ، لهجي ۽ مزاج جا سخت سمجهيا ويندڙ صحافي به ان وقت  زاروقطار روئڻ لڳا جڏهن اسڪول جو اندريون خوفناڪ جيءُ کي جهير ڏيندڙ منظراکين سان ڏٺائين.هتي برپا ڪيل قيامت ته نه لکڻ جهڙي رهي هئي نه ئي ڪو هن کي زباني لفظن ۾ بيان ٿي ڪري سگهيو.
هلڪي باھ کان ّڊڄندڙ معصوم زهنن تي نه ڄاڻ ڪهڙي ڪيفيت هوندي جڏهن هنن سندن ئي پرنسپل ميڊم طاهره آصف کي جلندي رڙندي ڏٺو؟
ڇا هوندو انهن جو تاثر جڏهن هو انهي آواز تي ڊيسڪن پويان لڪل ٻاهر نڪري آيا ته سندن پيء ُآرمي آهي متان بچي پووء؟
بيشڪ اهو واقعو ڪندڙن تي انهي رات خوشيون ملهايون هونديون رقص ڪيا هوندا. پرجن جي اندر ۾ انسانيت هئي سي ضرور رنا هئا.سڄي دنيا انهي ڀيانڪ حادثي تي افسرده ۽ غمگين ٿي .
پر سمجھ ۾ نه ٿي اچي  ته انهن مائرن جي ڳالھ انهي پيءُ جو نوحو جنهن جي جيءُ جو ٽڪر  هروقت گهر ۾ شور ۽ افراتفري مچائيندڙ بلڪل خاموش هو .
144گهرن اجاڙڻ  وارو شال هي واقعو آخري هجي .شال اهي قيامت وري نه برپا ٿئي.

نوان سال توکي ڀليڪار پر...
اسانجون اکيون تر
اسانجون ڄڀيون ڄر!
اسانجي چپن تي نه مرڪون رهيون هن
اسانجي اڱڻ تي نه خوشيون رهيون هن
ويو جو ورهيه سو رئاڙي ويوآ.
سوين آشيانا اجاڙي ويو آ…
مڃون ٿا مٺي جو وڇوڙو وڏوهو،
اسانجو اڳي ئي صفا جيءُ جڏو هو،
مگر جو پشاور ۾ پارا ويا وکري،
فلڪ تان  ٽٽي ڄڻ ستارا ويا وکري!
اهي ٻار ڪنهن جا نه ڏوهي نه مجرم،
انهن جي قتل تي قيامت ٿي برپا
سوين سور ها پر ويا وسري پنهنجا
فرشتن جيان هو انهن جو تقدس،
صحيفن جيان  هو هئا سڀ مقدس
فرشتن تي گوليون هلايون ويون ڄڻ
آهن ٻار نازڪ تخليق  رب جي
حقيقت ۾ آهن هي تصديق رب جي
پنهنجي ئي رت ۾ ريٽي وئي آ
تخليق تصديق ميٽي ويئي آ
اسانجي ڳلن تي ڳوڙها انهن جا
نوان سال توکي ڀليڪار پر
اسانجون اکيون تر
اسانجون ڄڀيون ڄر!
(حسيب ڪانهيو).
Status By Maham Jee.

Saturday, 27 December 2014

ست سيڪنڊ، ست منٽ، ست ڪلاڪ ،ست ڏينهن ،ست مهينا، ست سال، ست سورميون.

ست سيڪنڊ، ست منٽ، ست ڪلاڪ ،ست ڏينهن ،ست مهينا، ست سال، ست سورميون.

27 ڊسمبر شام جا ڇھ لڳي ويھ منٽ......
اوچتو گرجاگھر جو گهنڊ وڄي ٿو
۽ پوٽريٽ ۾ بيٺل بيبي مريم جي اکين مان لڙڪ لڙي پون ٿا.......

۽ اوچتو ..........
صليب تي لٽڪيل  عيسَٰي جو مجسمو........
غائب ٿي وڃي ٿو
هڪ روح ڏاريندڙ دانهن فضا ۾ بلند ٿئي ٿي
مسيحا ! مسيحا!
اڄ اسانجي مسيحا به قتل ٿي وئيئ..

ڀٽ شاھ......
  شآم  جا ڇھ لڳي ويھ منٽ
يڪتاري جي تار ڇڙي ٿي ......
۽ فضا ڪاري چادر پائي .....
سر ڪيڏاري ۾ گم ٿي وڃي ٿي

ٻڌاء ڙي شمر ..ته توکي رسول صلعم جي آل جا خيما اجاڙي  ڇا مليو ھو....    جو اڄ اسانجي خيمي جي اڪيلي شھزادي تي به وارڪري ڇڏئيي......!

پهريان ست سيڪنڊ

اها درد ناڪ ۽ هانء ۾ چهڪ ڏيندڙ  خبر اچي ڪنن تائين رسي،اهي سيڪنڊ به وقت جا نڀاڳا ۽ ويري سيڪنّڊ ھئا .بلڪل به يقين نه ٿي آيو جڏھن ٻڌم يزيدي ٽولي محترم بينظير تي وار ڪيو آھي.سوچيم شل ڪا افوھ ڪا ڪوڙي خبر ڪا غلط فهمي هجي.
پر.............
اراکے خاڪ لحد په کهتی ھے اٹھو رانی
تمھاری موت کا دنیٹ کو اعتبار نھی

پهريان ست منٽ

دل جو دڙڪڻ تيز پئي ٿيو جسم سڄو ڪنبيو پئي،بي چيني بي يقيني  پل ۾ سڀ ڪجھ وڃائڻ جو احساس ته وري پل ۾ ڪوڙي خبر ھئڻ جي  اڻڄاتل اميد ان دعا سان گڏ ھئي ته اسانجي بينظير جو شل خير هجي.
لائٽ به بند هئي هر طرف کان روشني جا ساھ اونداهي ۾ کٽندا ٿي ويا.پل ۾ آليون  ء پل  مى اکيون خشڪ پئي ٿيون.
رات جو ڌڪا ٿاٻا کائيندي اسٽور روم ۾ وڃي، سال پراڻو ريڊيو  ڪڍيم ڪافي دز هيس، جيڪا مان پوتي سان انهي مهل صاف ڪئي.سيل به پرڻا پيل هئا سو جئين کوليم شور آواز هيو دانهن جو ايمبولس ۽ روئڻ جو آواز هيو ،۽ انهي مان صاف ظاھر ٿي لڳو ته ڪو وڏو نقصان  رسيو آھي،
خدائي خلقت کي ،
سنڌ جي سنڌو کي
اڻ کٽ اميدن کي...

پهريان ست ڪلاڪ

ستن ڪلاڪن دوران پاڻي جو ڍڪ به  نه پيتو مو  سميت سڄي سنڌ سڄي ملڪ تي سڪتو طاري هو.انهن ستن ڪلاڪن دوران ڊاڪٽرن بي بي جي موت جي تصديق به ڪري ڇڏي هئي .ڪونج ولر کان وڇڙي ٻي اڻ ڏٺي پهچي چڪي هئي هو ،امر  به ٿي چي هئي.پرهتي مون الاهي چو پئي ڪنهن معجزي جو انتظار ڪيم پر
جيڪي ساه کٽڻ تي پون سي ورن ڪين ڪي.
وس به ايڏي وس بادل بيهن ڪين ٿا
گوندر سارا گس لڙڪن منجھ لڙھي ويا

پهريان ست ڏينهن

اڳيان آيل ست ڏينهن به ڏاڍا اوکا گزريا هئا، هر رات مونکي 21  ڊسمبر جي ۽ هر ڏينهن 21 جون ٿي لڳو.انهن ڏينهن دوران جيڪا مون تباهي، نقصان ڏٺو سو اڳ نه ڏٺو هيم.  پر ڏسان به ڪئين ها اڳ ۾ ڪا ڪونج اهڙي طرح پهنجي ولر کان وڇڙي ڪين هئي؟مون ته انهي دوران پاڻ سان گڏ وڻ ٽڻ  پکي پکڻ  روئيندي سوڳ ملهائيندي ڏٺا.28 ڊسمبر تي ته منهنجي گهر  جی ڇت تي ڪبوترن جا ٽولا به نه آيا هئا جيڪي روز ٻوليون ڪري خوشيون ملهائندا هئا،28 ڊ سمبر تي ته منهنجي گهر جي صحن ۾ ڪونڊين ۾ رکيل گونچن منجهان  گل  به نه  ڦٽا هئ،ا بلڪه گزريل ڏينهن وارا ٽڙيل گل مرجهايا ۽ ڪمايا پيا هئا.
تجھکو کس پهول کا کفن دین
تو جدا ایسے موسم می ھئی جب درختون کے ھاتھ خالی تھی.
هن ڏينهن دوران اوڀر جي نياڻي شهيد بينظير جو سڪتو طاري هو.سنڌ امڙ به ڪاري ويس ۾ هئي .

پهريان ست مهينا

انهن مهينن دوران محترم بي بي جو ٽيجهو چاليهو سڀ اکين آڏو گزري ويو .محترم جي ٻارن کي لڳاتار ادس ۽ غمگين ڏٺو ،محترم جي جدائي می سڄي سنڌ سونهاري اداس ڏٺم.بيشڪ سڄي دنيا جي گولي تي غم صاف  ظاهر هو پر سنڌ جو سوڳ الڳ هيو.ڪڏهن سنڌ سيد ثابت علي شاھ جو مرثيو ٿي لڳي ته وري ڪڏهن شاه سائين جي سر ڪيڏاري جو سٽن وارو ماتم لڳو.انهي دوران محترم جي بهادري جرئت مندي جا ڪجھ اهڙا قصا به نظرن جي رستي اڳيان گزريا جيڪي اڳ نه ٻڌا هئا.نامور ليکڪن پنهنجي قلم کي محترم جي نانء ڪيو.محترم جي زندگي جي جدوجهد جا ان جي ڏکي وقت جا  طويل داستان رقم ڪيا.
پر انهي دوران مون کی سنڌ راڻي جي ڪا نئي تصوير ڪو نئون بيان تقرير
ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاء نه ملي.27ڊسمبر بعدان جي مسڪراهٽ ان جا همت ڏيندڙ جملا ٻڌڻ لاء چاهيندي به نه مليا...
دھوندو گے ٹگر ملکون ملکون ملنی کے نھین نایاب ھے ھم

پهريان ست سال

هي ست سالن ۾ 27ڊسمبر جا ڏک نه گهٽجي سگهيا ،جٿي 21جون تي دل خوش پئي ٿي ته پنڪي جي آمد جو ڏينهن آهي اتي ڊسمبر جي آخري هفتي من اندر مايوسي پکيڙي.
هو هر لفظ لفظ اندر ۾ اڪرجي چڪي هئي،هن جي ياد وسرڻ بجاء وري وري ٿي آيئي.
اي چنڊ ڀٽائي کي چوجان
جنهن رات ۾ تو ٿي گيت لکيا
سا رات اڃا ڀي جاري آ.

ست سورميون

هي بينظير ته شاھ سائين  جي  ست سورمين اندر به لڪل هئي.هو مارئي به لڳي پئي جنهن وقت جي عمر جون سڀ آرام ۽ آسائشون ٺڪرائي ملڪ ملير جي سڪل ٺوٺ زمين کي اوليت ٿي ڏني.هو ته سسئي وانگر اڙانگهي رستي تي به پير پوئتي ڪرڻ بجاء  ويري دشمن جا لڳايل ڪنڊا سهندي رهي ء ن جهڪي نه رڪي.هو ته سهڻي وانگر پنهنجي ماروئڙن  جي عشق ۾ ترڻ وارو جان جو جوکم کنيو هو.هو ڪڏهن سورٺ به هئي ته هو نوري به هئي.هن  منجھ ليلان به هئي ته هو مومل وانگر ملوڪ به هئي.

وقت کے گزرنی پر
وه جو بھول جائینگے
بینظير کيسی تھی؟
ھم انھین بتائين گے
بینظيردنیا مین
زندگی کے ماتھی پر
ایک لکیر جیسی تھی

روز و شب کے زندان مین
اک اسیر جیسی تھی
شھر کے غريبون کی
اک امیر جیسی تھی
جبر کی نگاھون مین
اک تیر جیسی تھی
بینظير بھٹو بس
بینظير جيسي تهي.......!

Saturday, 6 December 2014

ھو ﭼﻮﻥ ﭘﻴﺎ 7 ڊﺳﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﺳﻨڌ ﺟﻮ ڪﺎڄ ﺁﮬﻲ... ..

ﮬﻮ ﭼﻮﻥ ﭘﻴﺎ 7 ڊﺳﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﺳﻨڌ ﺟﻮ ڪﺎڄ ﺁﮬﻲ .......
ﭘﺮ ﮬﻮ ﻣﻌﺼﻮﻡ ٻاﺭ ﺗﻪ ﻧﺎﮬﻦ ﺟﻴڪﻲ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺟﻴﺠﻞ ﺍﻣڙ ﺟﻲ ﺍﻧﮭﻲ ﭼﻮﺍڻي
ﺳﺎﻥ ﻣﻄﻤﺌﻦ ٿي ﻭڃن ﺗﻪ ﭘٽ ﮬﻲ ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ ﺍﮐڙﻳﻦ ﻣﻲ ﻟڙڪ ﻧﺎ ﭘﺮ ﺍﮐﻴﻦ ۾
ڪﮏ ﻭڃڻ ﺳﺒﺐ ﭘﺎڻي ﺗﺮﻱ ﺁﻳﻮ ﺁﮬﻲ .
ﭘﺮ ٻڌو ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻪ ﺳﻨڌ ﺍﻣڙ ڏﺍڍﻱ ﺍﺩﺍﺱ ﭘﺌﻲ ﻟڳﻲ، ﺳﻨﺪﺱ ﻭﻳﺲ ڪﺎﺭﻭ، ﺍﮐﻴﻮﻥ
ﻏﻢ ۾ ﭔڏﻝ، ﺩﻝ ﺩﺭﺩﻥ ﺳﺎﻥ ڀرﻳﻞ ﭘﺌﻲ ﻟڳﻲ، ﺍﻻﺀ ﺟﻲ ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮ ۾
ڪﻤﺰﻭﺭﻱ ﺁﮬﻲ ﺍﻻﺀ ﺟﻲ ﺍﮬﺎ ﺩﺭﺩﻧﺎڪ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺋﻲ ﺁﮬﻲ؟
ﮬﻮ ﺗﻪ ﭼﻮﻥ ﭘﻴﺎ ﻭڌ ۾ ﻭڌ ﺟﺸﻦ ﻣﻠﮭﺎﻳﻮ ﻭڃي ﻧﻨڍﺍ ﻭڏﺍ ﭘﻮڙﮬﺎ ﺟﻮﺍﻥ ﺳڀ ﮔﮭﺮﻥ
ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮﻱ ﺭﻗﺺ ڪﻦ، ﺟﮭﻤﺮﻳﻮﻥ ﭘﺎﺋﻴﻦ، ﻣﺮڪﻮﻥ ﺳﺠﺎﺋﻴﻦ ﻧﻮﺍﻥ ﻭﻳﺲ
ﺍﻭڍﻳﻦ !
ﺳﻨڌ ﺍﻣﺎﻥ ﺍﮬﻲ ﺍﺋﻴﻦ ڇو ﭘﻴﺎ ﭼﻮﻥ؟
ﮐﻴﻦ ﭼﺌﻲ ڇڏﺟﻮ ﮬﻲ ﺳﻨڌ ﺍﻣڙ ﺟﻲ ﻧﻴﺎڻي ‏(ﺟﻨﮭﻦ ﺗﻲ ﺟﻴﺠﻞ ﻓﺨﺮ ٿي
ڪﺮﻱ ‏) ﺍﮬﺎ ﻧﻪ ﻣﻠﮭﺎﺋﻴﻨﺪﻱ ﺍﮬﻮ ڪﺎڄ، ﺟﻨﮭﻨﺠﻲ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﺯﻭﺭ ﺷﻮﺭ ﺳﺎﻥ ﺗﻴﺎﺭﻱ
ڪﺌﻲ ﺁﮬﻲ ﭘﺮ ﻣﺎﻥ ﺗﻪ ﻧﺎ ٿيندم ﺷﺮﻳڪ .
ﮬﻦ ﻧﻴﺎڻي ﺗﻪ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺋﻲ ﺍﮐﻴﻦ ﺳﺎﻥ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﺳﻨڌﻱ ﺟﻮﺍﻥ ڀاﺋﺮﻥ ﺟﺎ
ﭼﭽﺮﻳﻞ ،ﺭﺕ ۾ ﭔڏﻝ ،ﻧﻪ ﺳڃاڻپ ﺟﻮڳا ﻻﺵ ڏٺا ﺁﮬﻦ، ﺟﻴڪﻲ ﻳﻘﻴﻨﻦ ﺳﻨڌﻱ
ﮬﺌڻ ﺟﻲ ﮔﻨﺎﮪ ۾ ﺍڄ ﻣٽﻲ ﭘﺎڻ ﻣٿﺎﻥ ﺭﮐﻴﻮ ﭘﻴﺎ ﺁﮬﻦ.ﮬﻦ ﺟﺎ ڪﺌﻲ ﺳﮭڻا ﺟﻮﺍﻥ
ڪﻮﻧڌﺭ ڀاﺋﺮ ﺍﻏﻮﺍ ۽ ﻻﭘﺘﺎ ﺁﮬﻦ ،ﺟﻦ ﺟﻲ ﻧﺎ ڪﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﺎ ڪﻮ ﭘﺘﻮ؟
ﺍﻻﺀ ﺟﻲ ﺍﮬﻲ ﻣﻨﮭﻨﺠﺎ ڀاﺋﺮ ڇا ڇا ﺍﺫﻳﺘﻮﻥ ﺳﮭﻨﺪﺍ ﮬﻮﻧﺪﺍ؟ ﮐﻴﻦ ﻣﺎﻧﻲ ﭘﺎڻي ﺑﻪ
ﺳﮏ ﺳﺎﻥ ﻧﺼﻴﺐ ٿيندو ﮬﻮﻧﺪﻭ ﻳﺎ ﻇﺎﻟﻢ ﺍﻧﮭﻲ ﻻﺀ ﺑﻪ ﺳﺘﺎﺋﻴﻨﺪﺍ ﮬﻮﻧﺪﺍ؟ ﺍﮬﻲ
ﻇﺎﻟﻢ ڪٿي ﺟﺴﻢ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺭﻭﺡ ﺗﻪ ﺯﺧﻤﻲ ﻧﻪ ڪﻨﺪﺍ ﮬﻮﻧﺪﺍ ؟ﺍﻧﮭﻦ ﮐﻲ
ﺻﺤﻴﺢ ﺳﻼﻣﺖ ﻣﺮڪﻨﺪﻱ ڏﺳڻ ﻭﺭﻱ ﻧﺼﻴﺐ ﺑﻪ ٿيندﻭ ﻳﺎ ﻧﻪ؟
ٻڌو ﺍﻱ ڪﺎڄ ﻣﻠﮭﺎﺋڻ ﻭﺍﺭﻭ ! ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ ﺳﻨڌ ﺍﻣﺎﻥ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﮭڻي ﭘﺮﻳﺸﺎﻥ ﺣﺎﻝ ﺁﮬﻲ،
ﻣﻮﻧﮑﺎﻥ ﭘﺌﻲ ﭘڇيس ﺗﻪ ﺟﻴڪﻲ ﻣﻨﮭﻨﺠﺎ ﺟﮕﺮ ﺟﺎ ٽڪڙﺍ ﻋﻤﺮ ڀر ﻻﺀ ﺁﺭﺍﻣﻲ
ﺁﮬﻦ ،ﺍﻧﮭﻦ ﻻﺀ ﮔﺮﻳﺎﻥ ڪﻴﺎﻥ ﻳﺎ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻲ ﻭﺭڻ ﺟﻲ ﺁﺱ ﺭﮐﺎﻥ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻭﺭڻ
ﺟﻲ ڪﻴﺮ ﭘڪ ﺋﻲ ﻧٿو ڏﺋﻲ؟
ﺳﻨڌ ﺍﻣﺎﻥ ﻣﻨﮭﻨﺠﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ڪﻤﺰﻭﺭ ،ﻻﭼﺎﺭ، ﭘﺮﻳﺸﺎﻥ ﺣﺎﻝ، ﺍﺩﺍﺱ ﭘﺌﻲ ﻟڳﻲ،
ﮬڪ ﺩﺭﺩ ﺟﻲ ﺍڻ ﮐٽ ﺩﺍﺳﺘﺎﻥ ﻧﻈﺮ ﺁﺋﻲ ﺟڏﮬﻦ ﺟڏﮬﻦ ﮬﻦ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﮭﻮ ٿي
ﮬﻦ ﺟﻲ ﺍﮐﻴﻦ ﮐﻲ ﻏﻮﺭ ﻣﺎﻥ ﭘﺌﻲ ڏٺﻢ.
ﭘﻮﺀ ﻣﻮﻧﮑﻲ ڪﺌﻴﻦ ﺳﻮﻧﮭﻨﺪﻭ ﺗﻪ ﺳﻨڌ ﺟﻴﺠﻞ ﺍﻣﺎﻥ ﺟﻲ ﺩﺭﺩ ﻭﻧڊﺍﺋڻ ﺑﺠﺎﺀ
ﺍﻭﮬﺎﻧﺠﻮﻥ ﺧﻮﺷﻴﻮﻥ ٻيڻيون ڪﻴﺎﻥ؟ ﮔﮭٽ ۾ ﮔﮭٽ ﺍﻳڏﻱ ﻭڏﻱ ﻭﻳﺴﺎﮪ ﮔﮭﺎﺗﻲ
ﻣﻮﻧﮑﺎﻥ ﻧﻪ ﭘڄندين؟ ﻧﻪ ﻧﻪ ﮬﺮﮔﺰ ﻧﻪ ﻣﺎﻥ ﻧﻪ ﻣﻠﮭﺎﺋﻴﻨﺪﻡ ﺍﮬﻮ ڏﮬﺎڙﻭ ﺟﻨﮭﻦ ﮐﻲ
ﺍﻭﮬﺎﻥ ڪﺎڄ  ٿاﭼﺌﻮ؟
Sakoon milta hy kuch lafz kaghaz PR utaar kar...!
Cheekh b lyti hun aur awaaz b nahi hoti..!