Saturday 19 August 2017

سنڌ جي ڳچي ۾ وڌل نيب جو ڦندو / ماهم سنڌي / ميرپورخاص

19/8/2019

سنڌ جي ڳچي ۾ وڌل نيب جو ڦندو / ماهم سنڌي / ميرپورخاص

mahamsindhi05@gmail.com

سنڌ ۾ لاڳو ٿيڻ کان اڳ صوبائي ترميمي احتساب واري قانون جي خاتمي خلاف  پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ هاء ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي  . درخوستگذارن ۾ پي ٽي آء سان گڏ ايم ڪيو ايم  ،  فنڪشنل ليگ،  عورت فائونڊيشن ، ڪي ايم سي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر فهيم الزمان  ۽ سول سوسائٽي پاران 5 درخواستون جمع ڪرايون ويون هيون . ان ۾ ڄاڻايو ويو ته صوبائي حڪومت کي ڪو اختيار ناهي جو هو وفاق جو مڙهيل نيب جو قانون ختم ڪري سگهي . 18هين آئيني ترميم موجب صوبن جو اهو حق وفاق وٽ ضبط ٿيل آهي ۽ اختيار وفاقي اداري جي ماتحت ئي رهڻ ڏنا وڃن . درخواست دائر ڪندڙن وڌيڪ تفصيلي موقف ڏيندي چيو ته،  آئين جي آرٽيڪل 143(بي) ۽ 142 تحت نيب آرڊينيس کي صوبائي حڪومت ،  صوبي جي حدن اندر ختم ڪرڻ جو يا ترميم ڪرڻ جو ڪو حق نٿي رکي ، تنهنڪري سنڌ اسيمبلي پاران  24 جولائي ۾ پاس ڪيل بل جي حيثيت ڪا به ناهي ،  جنهنجو مطلب اهو کڻي وٺجي ته سنڌ اسيمبلي جنهن جو  پاڪستان جي حق ۾ پاس ڪيل پهريون ٺهراءُ کي ايڏي ته پذيرائي ملي هئي جو ،  ان ڄڻ ته پاڪستان جي بنياد جو نه صرف پٿر رکيو،  بلڪه ان جي ڀت به اُساري ڇڏي هئي . پر پٽيشن داخل ڪرائي پاڻ کي سنڌ جو سڄڻ سمجهندڙن اهو موقف رکي درخواست ڏني  ته سنڌ اسيمبلي جي پاس ڪيل بل کي رد ڪري،  نيب کي مڪمل اجازت ڏني وڃي ته هو پنهنجي من مرضي موجب ڪاروايون ڪري سگهي . ان ڪيس جي ٻڌڻي لاء  بنا دير ڪندي جج اها پٽيشن منظور ڪندي ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو . جيتوڻڪ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو اعتراض پڻ واريا  ته اهو ڪيس ٻڌڻ جهڙو ناهي انکي خارج ڪيو وڃي .

اربع ڏينهن تي سنڌ هاء ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ جي سربراهي ۾  چيف جسٽس احمد علي شيخ دائر ٿيل اپيل تي شروعاتي فيصلو ڏيندي حڪنامو جاري ڪيو آهي ته ، نيب پنهنجيون ڪاروايون سڄي سنڌ اندر جاري  رکي ۽  احتساب واري اداري جي عملدارن تي ڪوبه روڪٿام جو بل قبول نه ڪيو ويندو . ان سان گڏ وفاق جي ماتحت قومي احتساب واري آرڊينيس 1999ع کي کليل ڇوٽ ڏني وڃي ته ،  هو اندروني سنڌ ۾ پنهنجيون من مرضي موجب انڪوائري جاري رکي ۽ جنهن جي ڳچي ۾ چاهي هٿ وجهي ، جنهن کي چاهي رشوتخوري جي الزام هيٺ جيل اماڻي ۽ ڪاروائي ڪري .  جيڪي به سرڪاري پئسن کي غير قانوني طور پنهنجي کيسن ۾ وجهن ٿا انهن جي خلاف جاچ پڙتال جاري رکي . جج تاڪيد ڪندي وڌيڪ چيو : مڪمل فيصلو اچڻ تائين ان ڪيس کي روزاني جي بنياد تي اڪلايو وڃي . بنا ڪنهن اسٽي آرڊر جي  جج صاف ۽ چٽو فيصلو وفاق جي حق ۾ ڏيندي سنڌ اسيمبلي مان ٻه دفعا اڪثريت سان پاس ٿيندڙ بل کي اورانگهي ڇڏيو . جنهن سان واضح پيغام اهيو ويو ته سنڌ اسيمبلي ۽ ان جي آئيني حق جي وفاق وٽ ۽ پاڻ سنڌ ۾ موجود انصاف جي علمبردارن وٽ اهميت ۽ قدر بنھ ٿورڙي  آهي .  ٻه رڪني بئنچ جي فيصلي ۾ چيو ويو ته ريفرنسن ۾ جن ڪامورن،  ايم پي ايز جا نالا آهن ، اهي لسٽون مهيا ڪيو وڃن . ان ڏس ۾ سنڌ جي اي جي ۽ نيب جي پراسيڪيوٽر جنرل کي 22 آگسٽ تائين جي مهلت ڏني وئي آهي . حڪومتي ڌُر جي موقف جي تائيد لاء مقرر ٿيل ايڊووڪيٽ جنرل  بئريسٽر ضمير گُهمرو انهن ريمارڪس تي اعتراض واريو . ان چيو ته سنڌ اسيمبلي به هڪ قانونساز ادارو آهي ، پنهنجا اختيار استمعال ڪندي ئي بل پاس ڪيو اٿس . وڌيڪ بحث ڪندي چيائين ته سنڌ جي صوبائي خودمختياري تي اهو هڪ وڏو وار آهي .  جئين ته اينٽي ڪرپشن جو کاتو ۽ ڪيس شروع کان صوبائي معامرو آهي،  جنهن ۾ وفاق جا قانون مڙهي نٿا سگهجن . سنڌ اسيمبلي پاڻ انهي بل کي قانوني شڪل ڏئي ڇاپا هڻي ڪاروايون ڪري سگهي ٿي .

انهي شروعاتي فيصلي تي سنڌ ۾ موجود اڪثر ڌريون خوش لڳيون پيون آهن،  مبارڪون ڏنيون پيون وڃن هڪٻئي کي ته،  جئين صرف پي پي جا نوازيل ماڻهو ،  من پسند ڪامورا ، يار دوست ان احتساب هيٺ ايندا ۽ اهي لوڙيندا  . سياسي توڙي ذاتي مخالف انهي هُش ۾ خوش ٿي ڪري اڄ جج جي انهي فيصلي کي ساراهين پيا ، جنهن سان سنڌ جي پنهنجي خودمختياري وفاق آڏو سرعام نيلام ٿي رهي آهي . صرف انهي سوچ کي آڏو رکي ته صرف پي پي پي جا ۽ آصف زرداري جا  ويجها ساٿي انهي نيب واري قانون جي پڪڙ ۾ ايندا ته اها سڀ کان وڏي چريائپ آهي . اگر اسين ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياسي نوابن جو احتساب جي نالي تي سڀئي اختيار خوشي سان وفاقي اداري حوالي ڪريون ٿا ته ،  اسان جو مثال ان ڪانءُ وانگر آهي جيڪو پنهنجي سوائي سياڻپ سبب ٻه ٽنگو ڦاسي ٿو .

ايم ڪيو ايم جيڪا اڳ ئي ڪراچي سنڌ کان ڦرڻ جي حق ۾ وڏي سازشي آهي ،  ان طرفان ان فيصلي جي حمايت سمجھ ۾ اچي ٿي . تحريڪ انصاف جي خوشي  پڻ عقل جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿي ته عمران خان شايد سنڌ جي خودمختياري بابت ايڏو فڪرمند نه هجي،  ڇوته هو هئينر اهڙا ڪيس ڪرائي ۽ قدم کڻي انهن ڌرين جو داد حاصل ڪرڻ  چاهيندو  ، جيڪي ان جو رستو وزيراعظم هائوس تائين هموار ڪري ڏين .  پر شروعاتي هاء ڪورٽ جي فيصلي بعد  پي پي پي مخالف  سنڌ جون سياسي توڙي قومپرست ڌرين ايڏيون حمايتي خبر ناهي ڇو ته آهن ؟ هو ڪيڏي نه وڏي خوشفهمي ۾ مبتلا آهن ته ،  شايد اڻ ڌريي طريقي سان نيب سنڌ مان سڄو گند صاف ڪري ۽ هڪ صاف شفاف سنڌ ۽ ان جي سڀني  ادارن جو ڪنٽرول سنڌ کي واپس ڏئي پنهنجو رستو وٺي چپ چاپ هلي ويندي . جئين داڻو ڏئي پکي ڦاسائي پنهنجي قبضي ۾ ڪبو آهي ،  تئين ئي ڪجھ ارادا ان نيب  ۽ وفاقي حڪومت جا لڳي رهيا آهن . اسين چڱي طرح ڄاڻون پيا ته نيب جو ادارو به ڪو نيوٽرل ناهي جو ان تي انڌو اعتماد ڪري سگهجي . اهو به ته سوچجي ته اسان پي پي پي دشمني ۾ ڪٿي سنڌ دشمني کي ته دعوت نه پيا ڏيون . جئين  نيب سالن کان ڪاروايون ڪري رهي آهي سا اسانجي وقتي ناداني ڏسي سڄي عمر لاء پير پختا ڪرڻ جي پڻ خواهشمند آهي ۽ سنڌ ۾ مداخلت  بعد  شروع ۾  آهستي آهستي ڪرپٽ ماڻهن جي بهاني سان سنڌ جي پاڙن تائين رسائي حاصل ڪرڻ چاهي پئي ۽ ،  پوء جڏهن اسان ان جي نيڪالي جو مطالبو ڪنداسين  ته ،  ساڳيو سنڌ ۾ رينجرس جا اختيار وڌائڻ وارو بهانو ڪري اهيو چيو ويندو  ته اڃا ڪجھ ڏينهن ۽ مهينا وڌيڪ... ۽ ائين سالن جا سال گزرجڻ سان به نيب ۽ سندس قانون نڪرڻ لاء تيار نه ٿيندو . مونکي ته افسوس ٿو ٿئي ته  ان احتسابي بل کي روڪڻ لاء پي پي پي جي صوبائي حڪومت جو  ٻه دفعا پاس ڪيل بل قانون جو حصو نه بڻجي سگهيو ۽ گورنر سنڌ محمد زبير جي رد ڪرڻ بعد ان جي موقف جي تائيد ڪندي عمل درآمد لاء چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ پڻ منع ڪري ڇڏيو . پهرين دفعي نيب جي خاتمي جو بل ضياءُ لنجار 3 جولاء تي پيش ڪيو ، جيڪو منظور ٿيڻ بعد گورنر محمد زبير ڏي اماڻيو ويو ته ان اعتراض واريندي بل رد ڪري ڇڏيو ، ڄڻ ڪو ٺهراءُ نه بلڪه ڪا عام ڪاغذي لکت هجي .  ٻئي دفعي نثار کهڙي ساڳيو بل 24 جولائي تي سنڌ اسيمبلي مان وڏي اڪثريت سان پاس ڪرايو هيو . پر ان جي پاس ٿيڻ بعد ترت ئي پٽيشن داخل ڪرائي وئي .

سنڌ ۾ جن به ڪرپشن ڪري پئسو کاڌو آهي انهن خلاف لازمي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي . جهڙوڪ نيب ڪيسن ۾ نامزد ٿيل پير مظهر الحق ، محمد علي ملڪاڻي ، شرجيل ميمڻ،  ڊاڪٽر عاصم،  اويس مظفر،  غلام قادر پليجو، شرميلا فاروقي يا ٻيا جيڪي به ملوث رهيا آهن انهن کي قانوني دائري ۾ آڻي سخت ڪاروائي پڻ ڪئي وڃي ، جنهن ۾ هر سياسي مداخلت کان پاسو ڪيو وڃي . پر اهو ڪٿان جو انصاف ٿيندو ته  هڪ طرف اسان سنڌ جي خودمختياري ۽ سالميت تي وفاق کي زباني گهٽ وڌ چئون ٿا ۽ ان خلاف سراپا احتجاج ڪريون ٿا . سياسي سماجي فورم تي تنقيد جا تير ٿا اڇلايون ۽ هاء گهوڙا ٿا ڪريون ته ، سنڌ کي وفاق لُٽي ڦُري رهيو آهي ، ان جي  قدرتي ذخيرن تي قابض آهي،  اتي ڌارين جي آبادڪاري ڪئي پئي وڃي . ۽ ٻي پاسي اسين پاڻ وفاقي مداخلت جا گهرجاؤ آهيون . بيشڪ سنڌ اندر ڪنهن کي به اجازت نه هجڻ گهرجي جو عوامي پئسو کائي ، پيٽ ڀري ۽ ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون ٺاهي ،  پر ان جي لاء سڀئي ڌريون گڏجي سنڌ اندر به اهڙو قانون جوڙي سگهن ٿيون  ، جنهن ۾ صوبائي ادارا ئي صوبن اندر ڪاروائي ڪرڻ جو حق رکن   ۽ ڪرپٽ ڪامورن ۽ اسيمبلي ۾ ويٺل ڪرپٽ سياستدانن جي خلاف ڪو ٺوس قدم کڻي سگهن .  سنڌ هاء ڪورٽ  پڻ ان حوالي سان پنهنجي شموليت ڪري  رشوتخوري خلاف ڪارواين کي اڻ ڌريو بڻائي سگهي پئي . اسان جي آڏو تازو ئي مثال نا اهل نواز شريف جو آهي ان مان اسانکي سبق سکڻ گهرجي . ته هن صرف بينظير کي هٽائڻ خاطر  جنهن ترميم جو دفاع ڪندي انکي قانون جو حصو بڻائڻ لاء وڏي واڪي اعلان ڪيا ،  اڄ انهي ئي قانوني زنجير ۾ وچڙي پاڻ ڦاسي پيو آهي . منهنجي هن ليک جو اهو مطلب هرگز نه ورتو وڃي ته آئون ڪو ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ جي حق ۾ آهيان ، يا ڪو آئون انهن ڪرپٽ ماڻهن خلاف ٿيل ڪارواين جي حق ۾ ناهيان ،  جن سان اهي قانون جي پڪڙ ۾ آيا آهن .  بلڪه مونکي ته رڳو اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي  ته جٿي اسين سنڌ جي خودمختياري جي حصول لاء واويلا ٿا ڪريون  ۽ پاڻ ڏسون پيا ته وفاق جو سنڌ سان ڪهڙو نه هر هنڌ ويڌن آهي ، جو قومپرست ڪارڪن کنڀيا پيا وڃن ، ايتري تائين انهن لاء آواز کڻندڙ پنهل ساريو پڻ کنڀجي وڃڻ بعد اڃا تائين لاپتا آهي . سنڌ ۾ پاڻي جي اڻ برابري واري ورڇ  ، هتان جي هر پيدواري ،  آمدني ۽ معدني ذخيرن تي ملندڙ منافعو  وفاق ڦٻائي ٿو وڃي ،  نتيجي ۾ سنڌ کي بي روزگاري  بدحالي ۽ انتهاپسندي  ورثي ۾ آئي آهي . جبري مذهبي  تبديلين سميت ڪيترائي ئي انيڪ مسئلا وفاق جي نوازش سان سنڌ ۾ پيدا ڪيا ويا آهن . اتي جيڪر اسين سنڌ واسي به وفاق جي مڙهيل قانون کي ڀليڪار ڪنداسین پيا ، ان کي پنهنجي ڳلي جو هار پيا بڻائڻ چاهينداسین ته اهو به ذهن نشين ڪري ڇڏڻ گهرجي  ته اهو هار ڳلي جو طوق بڻجندي گهڻو وقت نه وٺندو .

http://www.dailyhilal.com.pk/images/Page-edit.jpg

http://awamiawaz.com/epaper/20170819/page4h.php

موصل جي آزادي جو سهرو سيستاني جي سر/ماهم سنڌي / ميرپورخاص .

29 / 7 /2017

موصل جي آزادي جو سهرو سيستاني جي سر/ماهم سنڌي / ميرپورخاص .

mahamsindhi05@gmail.com

عراق جي اتر طرف واقع  ٻي نمبر وڏي ،  ملڪ جي مشهور ۽ تاريخي شهر موصل ۾ تازو ئي عراقي حڪومت ۽ فوجين پاران جشن ملهايو ويو . اهو جشن ڪنهن مذهبي تهوار جو نه بلڪه اسلامي دولت آف عراق ۽ الشام  (ISIS) يا ، (ISIL)،  داعش کان ڇوٽڪاري تي ملهايو ويو . داعش جي دهشتگرد تنظيم جيڪا دنيا جي خطرناڪ ترين انسانيت ۽ امن جي دشمن آهي ، جنهن ۾ تازو ئي فتوي جاري ڪئي وئي هئي ته اگر توهانجا ٻار زالون ۽ ٻيا گهر ڀاتي به جهاد جي راھ ۾ رڪاوٽ بنجن ته انهن جو سر به قَلم ڪري ڇڏيو . انهي داعش جي قبضي هيٺ آيل عراق جو اهم  موصل جو علائقو جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ 2 ملين تائين آهي  . موصل جو علائقو گادي واري هنڌ بغداد کان اتر طرف نينوا واري دريا جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي ۽ گهڻي وقت کان اندروني جنگ ۾ ڀوڳيندو رهيو آهي . هونئن ته عراق_آمريڪا جنگ واري صورتحال بعد هي سڄو ملڪ پوري طرح جنگ مان نڪتو ئي ناهي ، پر موصل جو پورو علائقو  داعش جي سربراھ ابوبڪر بغدادي جي ويڙهاڪن وٽ جون 2014ع کان يرغمال هيو ،  جنهن جي مرڻ واريون خبريون تازو ئي ميڊيا تي آيون هيون پر وري وقفي وقفي سان ترديد پڻ ٿيندي رهي آهي .

موصل ۾ جاري ويڙھ دوران اتي موجود قديمي النوري مسجد جنهن ۾ ويهي 2014ع ۾  ابوبڪر بغدادي خلافت جو اعلان ڪيو هيو ، اها قديمي تاريخي مسجد پڻ ويڙهاڪن طرفان ميسمار ڪئي وئي .  ان جا مينار بم ڌماڪي سان تباھ ڪيا ويا،  نه صرف اها مسجد پر اتي موجود ٻيون به ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون بم ڌماڪن سان ختم ڪيون ويون . موصل ۾ رهندڙ ماڻهن جي حالت ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هئي . انهي ويڙھ دوران ان علائقي اندر اهڙو ته ڪڙو چاڙهيل هيو ، جو ڪو به اتان جو رهائشي پنهنجي مرضي سان اتان فرار نه پئي ٿي سگهيو . اتي جي رهائشين کي داعش وارن هڪ مظبوط ڍال طور استمعال ڪيو پئي ،  سڀ جا سڀ داعش وارن جي قبضي هيٺ هيا ،    اتان جي مقامي ماڻهن جي زندگي هر وقت آزار ،  عذاب ۽ اعتاب ۾  هئي . نيٺ پوئين سال عراقي حڪومت جي فيصلي سان موصل ۾ فوجون موڪليون ويون ته فوجي آپريشن ذريعي اهو علائقو آزاد ڪرائبو .  “نينوا اسين اچون پيا “ جي نالي سان فوجي آپريشن 16 آڪٽوبر 2016ع تي فوجون موڪلي شروع ڪيو ويو . ان فوجي آپريشن دوران لاتعداد تباهڪارين بعد پوئين مهيني 9 جولائي تي  عراق جي وزيراعظم  حيدر ال آبادي اعلان ڪيو ته موصل وارو سڄو علائقو عراقي فوج جي  هيٺ آهي ۽ داعش جي قبضي کان مڪمل طور آزاد آهي . اها خوشي جي خبر موصل ۾ ٿيل تباهين کي ڏسندي معمولي لڳي پر تنهن هوندي به ان يزيدي داعش وارن جي عذابن کان ڇوٽڪارو موصل واسين لاء خوشي جي نويد هئي . جئين ته اتي پوري طرح زندگي جون رونقون بحال ٿي ناهن سگهيون اڃا به هر هنڌ  تباھ ٿيل عمارتن جا ڍير ۽ بارود جي ڌپ آبهوا ۾ مليل آهي،  پر پوء به عراقي فورسز جو اتي قيام  وڏي ڪاميابي آهي . داعش خلاف جنگ جوٽيندڙ ته بلڪل عراقي فوجي هيا ، پر اها ڳالھ تصديق سان ڪئي پئي وڃي ته انهي ڪاميابي ۾ موصل کان داعش جي ڇوٽڪاري ۾ شيعه فرقي جي وڏي عالم ايران جي آيت الله سيستاني جو وڏو هٿ آهي يا ائين چئون ته عراقي حڪومت موصل ۾ فتح جو سهرو آيت الله سيستاني جي نانُ ڪيو آهي . 9 جولائي تي عراقي وزيراعظم جئين موصل لٿو تئين واڌايون ڏيندي ان فتح جو ڪريڊٽ ايران جي وڏي عالم آيت الله سيستاني جي نالي ڪيائين  . وزيراعظم موجب ته  جون 2014 کان موصل داعش جي قبضي هيٺ هيو ۽ هاڻي وڃي جولائي 2017ع ۾ 3 سالن بعد مڪمل طور آزاد ٿيو آهي . هن شڪريو ادا ڪندي آيت الله سيستاني جي فتوا کي ساراهيو ،  اها فتوي جنهن موصل جي آزادي ۾ اهم ۽ معنائتو ڪردار ادا ڪيو . آيت الله سيستاني جي فتوي موجب ته :  “ دشمن سان وڙهڻ لاء اٿڻ جو سڏ ۽ نه جهڪڻ جو سڏ جنهن تي عراقي عوام لبيڪ چيو ۽ داعش خلاف وڙهڻ لاء اٿي بيٺي  . ان موجب جيڪي شهري دشمن سان وڙهڻ جي صلاحيت رکن ٿا اهي اٿي بيهن ۽ هٿيار کڻي دشمن کي شڪست ڏين . عوام پنهنجي تاريخي ، مذهبي عمارتن ۽ اتان جي يرغمال عوام کي محفوظ بنائڻ لاء عراقي فورسز سان گڏجي وڃن ۽ موصل جي آزادي لاء اڳتي اچن “ .  جون 2014ع  ۾ اها فتوي سيستاني جي موڪليل هڪ ماڻهو طرفان ڪربلا ۾ جمعي جي خطبي جي دوران پڙهي ٻڌائي هئي . وڌيڪ ته ان سڏ کي عوام دل سان قبوليو ۽ هزارين عراقي ماڻهو رضاڪارانه طور تي عراقي آرمي ۾ شامل ٿيندا ويا .ان فتوي بعد ٻن ڏينهن اندر هڪ تنظيم ال هشد ال شعابي نالي جُوڙي وئي ، جيڪا عراقي گهرو وزارت پاران جوڙيل هئي . ان  تنظيم ۾ شيعن جي تعداد اڪثريت ۾ هئڻ سان گڏ سُني ۽ عيسائين جي پڻ ڪافي هئي . آيت الله سيستاني جي فتوي ماڻهن کي بيدار ڪيو ته اهي اُٿي ڪري فوجين سان گڏ داعش خلاف وڙهين جنهن سبب انهن سڀن تي گهڻو اثر ٿيو . آيت الله سيستاني جنهن جا مداح ۽ مڃيندڙ نه صرف ايران ۽ عراق ۾ پر سڄي دنيا ۾ آهن، ان جي واکاڻ عراقي وزيراعظم پڻ ان فتح جي موقعي تي ڪئي . جيڪا فتح پوئين سال  کان داعش جي جهادي دهشتگردن سان وڙهي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي .

جئين ته جٿي جنگ ٿيل هجي اتي جا حالات هڪدم ۾ نارمل ناهن ٿيندا،  اتي ٿيل تباهڪارين ۽ جاني نقصانن جي زخمن کي ڀرجڻ ۾ وقت ته لڳي ٿو پر اها خوش آئند ڳالھ آهي ته موصل جو علائقو هاڻي داعش جي جبر کان آزاد آهي . پر ضرورت آهي ته اتي جي امدادي ڪارواين ۽ ان علائقي جي سڌارڻ سان گڏ عراقي حڪومت کي اڃان به پنهنجو پهرو سخت رکڻو پوندو ، جئين داعشي درندا وري موصل واسين تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهن . حڪومت موجب انهن تباھڪارين جي مرمت ڪندي 5 سال جو عرصو لڳندو پر تنهن هوندي به آزادي املھ آهي ان جي قيمت سڀن کان کان وڌيڪ آهي جيڪا موصل واسين کي وڏين قربانين ۽ سر تي عذابن سهڻ بعد ملي آهي .  

پنهنجن بزرگن/ پوڙهن کي وندر سان لڳايو/ماهم سنڌي .

30/ 07 /2017
Kawish gallery page .

Take care of your  GrandParents , Parents (old couples)  when they get old. Try to Facilitate them with physical , Mental activities .👥

پنهنجن بزرگن/ پوڙهن کي وندر سان لڳايو/ماهم سنڌي .

جئين ته اسان بخوبي ڄاڻون ٿا وڌنڌڙ عمر سان گڏ انسانن ۾ جسماني ، ذهني ڪمزوري اچي ويندي آهي جنهن سبب بزرگ يا پوڙهن انسانن ۾ بخيل ٿيڻ جو جذبو وڌيڪ ٿيندو ويندو  آهي . جواني ته ديواني هجي ٿي ، ان مهل انسان ذهني طور پاڻ کي چُست سمجهي ٿو ۽ محتاج نٿو سمجهي پر جئين پوڙهائپ اچي ٿي ته ڪٿي نه ڪٿي پوڙها ماڻهو پنهنجي اولاد جا يا پوٽن پوٽين جا محتاج ٿي پوندا آهن . پوڙها ماڻهو چاهيندا آهن ته انهن کي وڌ ۾ وڌ توجه ملي ۽ هر فيصلي دوران انهن جي مرضي شامل ڪئي وڃي . جئين ته رٽائرمينٽ بعد مرد هجن يا عورتون اهي فارغ ٿي وڃن ٿا ، گڏوگڏ جڏهن انهن جو  اولاد نوجوان ٿيندو آهي ته پٽن ڌيئرن کي هو پرڻائي ڇڏين ٿا ، جنهن سان هو ته پنهنجي طريقي سان نئي زندگي گزاريندا آهن ۽ جيڪي گهر ۾ ويٺل بزرگ هوندا آهي اهو نئون ماحول ۽ نوان طور طريقا مڪمل طور اپنائي ناهن سگهندا نتيجي ۾ انهن ۾ چڙچڙائپ پيدا ٿي پوندي آهي .

سڀ کان بهتر اهو حل آهي ته اسانکي گهرجي ته اسان گهرن جي بزرگن کي ڪنهن ننڍي وڏي وندر سان لڳايون جنهن ۾ هو دلچسپي به وٺن ۽ انهن جي پوڙهن هڏن جي گهڻي محنت به نه لڳي . مان اهو هرگز نٿي چوان ته ڪو اوهان پنهنجي گهر جي پوڙهن کان ڪم وٺو يا انهن کان پوڙهائپ ۾ ٿڪائيندا رهو ، بلڪه انهن آڏو اهڙي ڪا وندر رکو جنهن ۾ اهي وندريل به هجن ، دلچسپي به وٺن  ۽ انهن جو وقت به مصروف رهي .  اگر اهي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي ٿا رکن ته انهن کي انهن جا پسنديده ڪتاب مهيا ڪري ڏيو . جيڪر بزرگ عورتون هٿ جي سلائي جون شوقين آهن ته  اهي ساز سامان ان کي آڻي  ڏيو ، جئين انهن جي گهڻي هل ڦر به نه ٿئي ۽ هو خوشي سان پنهنجي ڪرت سان لڳل رهن . ڪوشش ڪري پنهنجي گهر جي بزرگن کي انهن جي زماني جي دوستن ۽ هم عمر ماڻهن سان ملائيندا رهو جئين هو انهن سان دل کولي پنهنجي وقت جون ڳالهيون ٻڌائيندا ۽ ٻڌنڌا رهن . اگر ٽي وي جا شوقين آهن ته انهن جي ڪمري ۾ الڳ ٽي وي جو بندوبست ڪريو جئين انهن جي وچ ۾ ڪو دخل اندازي ڪري انهن کي چيڙائي نه وجهي  . اسين اڪثر اهو چئون ٿا ته پوڙهن کان ڪو ڪم به نٿا وٺون واندا آهن پر پوء به هرڀرو بخيل ٿين ٿان ڪاوڙ ڪن ٿا. اصل ۾ واندڪائي ئي وڏي بخيلائپ آهي جنهن ڪري پوڙها ماڻهو سڄو ڏينهن ويهي ويهي بيزار ٿيو وڃن ۽ نتيجي ۾ تنقيد پيا ڪندا آهن . گهر جي بزرگن کي ٿڌي ۽ کليل هوا ۾ ضرور ويهاريو ڇوته اها انهن جي مزاج جي اولين گهرج آهي . هميشه اها ڪوشش ڪريو ته روزانه جي مصروفيت مان ڪجھ وقت ڪڍي بزرگن سان گڏ وقت گزاريو ۽ انهن جون ڪچهريون ۽ تجربا ٻڌو . ڀلي اوهان انهن جي ڳالهين ۾ دلچسپي نه به رکندا هجو پوء به  ٻڌو ، ڇوته پوڙهن جي زندگي تجربن سان ڀرپور هوندي آهي ۽ هو چاهيندا آهن اسان جون ڳالهيون ڪير ٻڌي . اوهانجي ٻڌڻ سان انهن ۾ سڪون ۽ اطمعينان ايندو . پنهنجي گهر جي بزرگن کي اهو شڪ نه پوڻ ڏيو ته ڪو اوهين انهن کان ڳالهيون لڪايو ٿا ڇوته ائين انهن جي اندر افراتفري مچندي ته شايد اسانجي اهميت  ئي ڪونهي ، جو اسان سان راز جون ڳالهيون ونڊي سگهجن . اگر اوهان جا راز به آهي ته به گهر جي پوڙهن کي اها ڀڻڪ  نه پوڻ ڏيو . بزرگن ۾ وهم تمام گهڻو هوندو آهي ۽ هو جلدي بخيل ٿي پوندا آهن ، سو انهن سان گهڻي بحث نه ڪندا ڪيو ۽ انهن جي ڊگهي بحث ۽ ڪاوڙ دوران چپ جو روزو رکي ڇڏيندا ڪريو . گهر جي بزرگن کي خوش ڪرڻ لاء انهن جي پسند شامل ڪندا ڪريو جئين هو خوش رهن . جوانن جي ڀيٽ ۾ پوڙهن ۾ مرڻ جو خوف پڻ گهڻو هوندو آهي . ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته ڏينهون ڏينهن موت ويجهي آهي سو جيڪر اوهانجي گهر جا بزرگ مرڻ جو خوف رکن ٿا ته هروڀرو انهن سامهون اهو خوف وري وري تازو نه ڪندا ڪريو جئين هو سڪون ۾ رهن . 
اها حقيقت آهي ته ٻار جي ڄمڻ تي ماءُ پيءُ وڏي چاھ سان ان کي پالين ٿا ، پر اهي مائٽ پوڙها ۽ ٻار جوان ٿين ٿا ته انهن ٻارن لاء پنهنجي ماءُ پيءُ جي سارسنڀار بار ٿي وڃي ٿي . تنهنڪري پنهنجي مائٽن تي مڪمل توجه ڏيو ۽ انهن جي وندر ۽ مصروفيتن جو خيال رکو .

ﮔُٽڪﺎ، ﻣﻴﻦ ﭘُڙﻳﻮﻥ ﻭﺍﭘﺮﺍﺋﮡ ڪﻮ ﻓﺨﺮ ﺟﻬڙﻭ ﻋﻤﻞ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ ـ ﻣﺎﻫﻢ ﺳﻨﮅﻱ .

26/7/2017
Essay published in Kawish midweek magazine.

ﮔُٽڪﺎ، ﻣﻴﻦ ﭘُڙﻳﻮﻥ ﻭﺍﭘﺮﺍﺋﮡ ڪﻮ
ﻓﺨﺮ ﺟﻬڙﻭ ﻋﻤﻞ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ ـ ﻣﺎﻫﻢ
ﺳﻨﮅﻱ .

ﺍﭲ ڪﻠﮫ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﻧﺴﻞ ﺍﻳڏﻭ ﺗﻪ ﺩﺭﺳﺖ ﺭﺍﮪ
ﮐﺎﻥ ﭜٽڪﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﻏﻠﻂ ڪﻢ ڪﻨﺪﻱ ﻓﺨﺮ ڪﻨﺪﻱ ۽ ﻧﻴڪ ﻋﻤﻞ
ڪﻨﺪﻱ ﻟﭵﻲ ﭘﺌﻲ ﭤﻴﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ ـ
ﮘﻮﭠﻦ ﺗﻮڙﻱ ﺷﻬﺮﻳﻦ ﺗﻲ ﺍﭴﻮڪﻲ ﺩﻭﺭ ۾ ﮔُٽڪﻲ ، ﻣﻴﻦ ﭘُڙﻳﻦ، ﭘﺎﻥ ،
ﺳﻮﭘﺎﺭﻳﻦ ﺟﻮ ڪﺎﺭﻭﺑﺎﺭ ﻋﺮﻭﺝ ﺗﻲ ﺁﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ڪﻴﺒﻦ ﻭﺍﺭﻱ ﻭٽ ﻳﺎ
ﺩڪﺎﻥ ﻭﺍﺭﻱ ﻭٽ ﺍﻫﻲ ﻧﺸﻲ ﺁﻭﺭ ﻏﻠﻴﻆ ﺷﻴﻮﻥ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮﻥ ﺍﺗﻲ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ
ﻧﺴﻞ ﺟﻲ ﺭﺵ ڏﺳﮡ ۾ ﺍﻳﻨﺪﻱ . ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﺍﺳڪﻮﻝ ۽ ڪﺎﻟﻴﺞ
ﺟﻲ ﮀﻮڪﺮﻥ ﺟﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ . ﺟﻴڪﺎ ﺧﺮﭼﻲ ﻣﻠﻨﺪﻱ ﺗﻦ ﺳﺎﻥ
ﭘڙﻫﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﺧﺮﭺ ﭘﻮﺭ ڪﺮﮠ ﺑﺪﺭﺍﻥ ﺍﻫﻲ ﺳﻮﭘﺎﺭﻳﻮﻥ ﮔٽڪﺎ ﻭﭠﻲ
ﻣُﻨﻬﻦ ۾ ﻭﺟﻬﻨﺪﺍ ۽ ﺑﻨﺎ ڪﻨﻬﻦ ﺧﻴﺎﻝ ﺟﻲ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ
ﻓﺮﺵ ﺩﺭ ﺩﻳﻮﺍﺭﻥ ﺗﻲ ۽ ﭔﺎﻫﺮ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﻭﻳﻨﺪﻱ ﭘﻴﺎ ﭤُڪﻮﻥ ﺍﮀﻼﺋﻴﻨﺪﺍ .
ﺳﻨﺪﻥ ﻣﻨﻬﻦ , ﺯﺑﺎﻥ ﺗﻮڙﻱ ڏﻧﺪ ﮘﺎڙﻫﺎ ﻻﻝ ﺍﺋﻴﻦ ﻟﮙﺎ ﭘﻴﺎ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺟﺌﻴﻦ
ڪﻮ ﺭﺕ ﭘﻴﺎڪ ﻫﺠﻦ ـ
ﺍﻫﻮ ﻋﻤﻞ ﺍﭴﻮڪﻲ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﻧﺴﻞ ﺟﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ ﺟﻮ ﻭڏﻭ ڪﺎﺭﮠ ﺗﻪ
ﺁﻫﻲ ﺋﻲ ﭘﺮ ﮔڏﻭﮔڏ ﺷﺮﻡ ﺟﻮﮘﻲ ﮘﺎﻟﮫ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﮀﻮڪﺮﺍ ﺍﻥ ﺗﻲ
ﺷﺮﻣﻨﺪﮔﻲ ڪﺮﮠ ﺑﺠﺎﺀ ﻓﺨﺮ ﭘﻴﺎ ﻇﺎﻫﺮ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ
ﮔﺮﻭﭖ ﻣﺎﻥ ڪﻮ ﺍﻫﻲ ﻧﺸﺎ ﻧﭥﻮ ﻭﺍﭘﺮﺍﺋﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻮ ﭼﺮﻳﻮ ۽ ڊﭴﮣﻮ
ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻮ ﻭﭸﻲ . ﺍﻥ ﮐﻲ ﻃﻌﻨﺎ ٽﻮڪﻮﻥ ﻫﮣﻲ ﺯﻭﺭ ﭤﻮ ﻭﮄﻭ ﻭﭸﻲ
ﺗﻪ ﺗﻮﻥ ﺑﻪ ﺍﺳﺎﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺍﻫﻲ ﻏﻠﻴﻆ ﺷﻴﻮﻥ ﻭﺍﭘﺮﺍﺋﻲ . ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﻏﻴﺮ
ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﻭﺍﭘﺎﺭ ﺍﭲ ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻲ ﺑﻠﻨﺪﻳﻦ ﺗﻲ ﺁﻫﻲ . ﭜﺎﺭﺕ ﺗﻮڙﻱ ﭔﻴﻦ
ﻣﻠڪﻦ ﻣﺎﻥ ﺑﻠﻴڪ ﺗﻲ ﺍﻫﻲ ﺳﺎﻣﺎﻥ ﺁﮢﻲ ﺍﺗﻲ ﻭڪﮣﻴﺎ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ .ﺍﻧﻬﻦ
ﺟﻮ ڪﺎﺭﻭﺑﺎﺭ ڪﻨﺪڙ ﺗﻪ ﻭڏﻱ ﻧﻔﻌﻲ ۾ ﻫﺠﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻭﺍﭘﺮﺍﺋﻴﻨﺪڙ
ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭔﻴڙﻭ ﺋﻲ ﭔﻮڙﻱ ﭤﺎ ﮀڏﻳﻦ ـ
ﺳﮕﺮﻳٽ ﻧﻮﺷﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻﺀ ﺍﺳﺎﻥ ﭼﺌﻮﻥ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺍﻫﺎ ﺧﺎﻣﻮﺵ ﻗﺎﺗﻞ ﺁﻫﻲ
ﭘﺮ ﮔُٽڪﺎ ۽ ﻣﻴﻦ ﭘڙﻳﻮﻥ ﭼﭕﺎڙﻱ ﮐﺎﺋﮡ ﺳﮕﺮﻳٽ ﻧﻮﺷﻲ ڪﺮﮠ ﮐﺎﻥ ﺑﻪ
50ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﺧﻄﺮﻧﺎڪ ﺁﻫﻲ. ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﮘﻠﻲ ﺟﻮ ﺳﺮﻃﺎﻥ ﺟﻮ
ﺭﺳڪ ﻭﮄﻳﻞ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ـ
ﺳﮕﺮﻳٽ ﺟﻲ ﭘﺎڪﻴٽﻦ ﺗﻲ ﺗﻪ ﺍﻭﻫﺎﻧﮑﻲ ﻭﺍﺭﻧﻨﮓ ﻣﻠﻨﺪﻱ ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﺗﻲ
ڪﺎ ﻭﺍﺭﻧﻨﮓ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻱ ۽ ﻟﻮڪﻞ ﻓﻴڪٽﺮﻳﻦ ﭘﺎﺭﺍﻥ ﻏﻴﺮ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ
ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺍﻫﻮ ﮄﻧﮅﻭ ﻫﻼﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ . ﻫڪ ﺭﭘﻮﺭٽ ﻣﻮﺟﺐ ڪﺮﺍﭼﻲ ۾
ﺋﻲ ﺭﻭﺯﺍﻧﻪ 45 ﻫﺰﺍﺭ ڪﻠﻮ ﮔٽڪﻮ ﮔﺮﺍﻫڪ ﺧﺮﻳﺪ ڪﺮﻱ ﺍﺳﺘﻤﻌﺎﻝ
ڪﻦ ﭤﺎ ۽ 80 ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﻓﺌڪٽﺮﻳﻮﻥ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ ـ
ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﻩ ﺍﻭﻫﺎﻧﮑﻲ ﺍﻧﺪﺭﻭﻥ ﺳﻨﮅ ۾ ﺑﻪ ﺍﻫﻮ ﺳﭛ ﻭڏﻱ ﭘﻴﻤﺎﻧﻲ
ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﻭ . ﻫڪ ﺍﻧﺪﺍﺯﻱ ﻣﻮﺟﺐ 5 ﻣﻠﻴﻦ ﺍﺳڪﻮﻟﻲ ﭔﺎﺭ ﺟﻦ ﺟﻲ
ﻋﻤﺮ 15 ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ﮔﻬٽ ﺁﻫﻲ ﺍﻫﻲ ﮔٽڪﺎ ﻭﺍﭘﺮﺍﺋﻴﻦ ﭤﺎ . ﺍﻥ ﺳﺎﻥ
ﻧﻨﮃﻱ ﻋﻤﺮ ۾ ﺋﻲ ﮘﻠﻲ ﺟﻮ ، ﻭﺍﺕ ﺟﻮ ڪﺌﻴﻨﺴﺮ ﺗﺮﺕ ﺋﻲ ﭤﻲ ﻭﭸﻲ
ﭤﻮ . ﮔﻨﺪﻱ ﺷﻲﺀَ ﺟﻲ ﻭﺍﺕ ۾ ﮔﻬﮣﻲ ﺩﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮﺟﻮﺩﮔﻲ ﺳﺒﺐ ﺍﺗﻲ
ﮀﺎﻻ ۽ ﮘﻮڙﻫﻴﻮﻥ ﻧڪﺮﻱ ﺍﻳﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﻫﻲ ﻭﮄﻱ ﺍﻥ ﻣﻮﺗﻤﺎﺭ
ﺑﻴﻤﺎﺭﻱ ﺟﻮ ﺭﻭﭖ ﻭﭠﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ . ﺍﺳﺎﻥ ﭘﺎﮠ ﺋﻲ ﺳﻮﭼﻮﻥ ﺗﻪ ﺍﻫﻲ
ﮔٽڪﺎ ﺟﻴڪﻲ ﮐﻠﻴﻞ ﺟﮙﮫ ﺗﻲ ﺍﮄ ڪﻼڪ ﻻﺀ ﺭﮐﺠﻦ ﺗﻪ ﺍﻧﻬﻦ ۾
ڪﻴڙﺍ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻮ ﻭﭸﻦ ﺳﻲ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ﺟﺴﻢ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺩﺍﺧﻞ ﭤﻲ
ڪﻬڙﻱ ﺣﺎﻟﺖ ڪﻨﺪﺍ ﻫﻮﻧﺪﺍ ؟ ﺍﻫﻲ ﻧﺸﺎ ڪﻨﺪڙ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﺍڪﺜﺮ ﻣﻌﺪﻱ
ﺟﻲ ﺗڪﻠﻴﻒ ۽ ﺑﺪﻫﻀﻤﻲ ﺟﻲ ﭘﮡ ﺷڪﺎﻳﺖ ڪﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﮀﻮﺗﻪ ﺯﻫﺮ
ﺟﺴﻢ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﺍﺛﺮ ﺍﻧﺪﺍﺯ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ـ
ﺟﻴڪﺎ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﻧﺴﻞ ﺍﻳڏﻱ ﻧﺸﻲ ۾ ﮄﺕ ﻫﺠﻲ ﺟﻮ ﺻﺒﺢ ﺍﭤﮡ ﺑﻌﺪ
ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮔٽڪﺎ ﻭﺍﭘﺮﺍﺋﻲ , ﺭﺍﺕ ﺟﻮ ﺳﻤﻬﮡ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ﻣﻨﻬﻦ
ﻏﻠﻴﻆ ڪﺮﻱ ﺳﻤﻬﻲ ، ﻫﺮ ﻭﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﺑﻌﺪ 5 ﻣﻨٽﻦ ﺍﻧﺪﺭ
ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻭﺍﺕ ۾ ﮔٽڪﺎ ﺳﻮﭘﺎﺭﻳﻮﻥ ﻭﺟﻬﻲ ﺳڪﻮﻥ ﻣﺎﮢﻲ , ﺗﻨﻬﻦ ﮐﻲ
ڪﺌﻴﻦ ﺗﻪ ﻓﺮﺻﺖ ﻣﻠﻨﺪﻱ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺭﻭﺷﻦ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ﺟﻲ ﺭﭤﺎﺑﻨﺪﻱ
ڪﺮﻱ ؟
ﺍﻥ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ڪﺎﻓﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪﻱ ﻻﺀ ﺳﻨﮅ ﻫﺎﺀ ڪﻮﺭٽ ۾
ﺍﭘﻴﻠﻮﻥ ﺩﺍﺋﺮ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﻮﻥ , ﭘﺮ ڪﻮ ﻧﺘﻴﺠﻮ ﻧﻪ ﻧڪﺘﻮ ۽ ﺍﻥ ﺯﻫﺮ
ﻣﺜﻞ ﮔٽڪﻦ ۽ ﻣﻴﻦ ﭘڙﻳﻦ ﺟﻲ ﻭڪﺮﻭ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﺟﺎﺭﻱ ﺁﻫﻲ . ﻇﺎﻫﺮﻱ
ﻃﻮﺭ ﺩﺭﮔﺬﺭ ڪﻴﻞ ﺍﻫﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﺍﺻﻞ ۾ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻤﺎﺝ ﺍﻧﺪﺭ ﻭڏﻱ
ﺗﻮﺟﻪ ﮔُﻬﺮﻱ ﺭﻫﻴﻮ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﮅﻭ ﺳﻨﺌﻮﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﻧﻮﺟﻮﺍﻥ ﻧﺴﻞ
ﺟﻲ ﺑﺮﺑﺎﺩﻱ ﺳﺎﻥ ﺁﻫﻲ ـ