Friday, 21 July 2017

سنڌ اندر زوري مذهب مڙهڻ جو ڪلور/ماهم سنڌي / ميرپورخاص

21/07/2017

سنڌ اندر زوري مذهب مڙهڻ جو ڪلور/ماهم سنڌي / ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

ڪنهن به ننڍي ٻار جي ڄم کان وٺي سڄي پالنا ان جا مائٽ ڪندا آهن . هڪ ٻار جنم وٺڻ بعد ٻولي سميت ريتون رسمون ، سماجي لاها چاڙها ۽ مذهبي عقيدا پنهنجي مائٽن کان وراثت ۾ وٺندو آهي . اسان اگر پنهنجي آسپاس ئي جاچون ته هر مذهب جا ٻار پنهنجي مذهب سان ڳنڍيل هئڻ تي فخر ڪن ٿا ۽ مطمئن پڻ هجن ٿا . مسلمانن جا ننڍا ٻار هجن ،  يا هُندو توڙي ٻين مذهبن جا انهن کي پنهنجي ريتن رسمن سان پيار هوندو آهي . مسلمانن جا ننڍڙا ٻار عيد جي موقعن تي گلن جيان ٽڙي پوندا ته ، هولي تي هندن جا ٻار ڳاڙهن نيرن رنگن ۾ رنگيا پيا هوندا آهن . اُهي پنهنجي والدين سان گڏ پنهنجي مذهبن موجب پنهنجا تهوار ۽ ڏهاڙا ملهائي دل سان خوش ٿيندا آهن،  نچندا ، جمهريون هڻندا آهن . شادي جا ناچ گانا رسمون هجن ،  يا مرڻ تي سوڳ جا طريقا هر انسان کي پنهنجو پنهنجو مذهب ئي سڪون ڏيندو  آهي. پر اهو سمجھ ئي نٿو اچي ته ننڍا ٻار ۽ ٻارڙيون جهٽ ۾ ڪئين ته ننڍي عمر ۾ ايڏو وڏو فيصلو ڪري سگهندا ته،  اسان پنهنجي مذهب سان متفق ناهيون ۽ ايتري قدر جو اسين پنهنجي سڃاڻپ مٽائي ، پنهنجا ابا ڏاڏا ڇڏي ٻي هنڌ وڃي دنيا وسائينداسون .
انهن ڪچي ذهن جي ٻارن کي جيڪر زبردستي ٻيو مذهب قبول ڪرائي ۽ ان جي رسمن ريتن تي عمل ڪرڻ جو زور ڀريو وڃي ته ، اهو ڪئين ته ان لاء قابل قبول هوندو؟   اڃا ته انهن جي ننڍڙن ذهنن ۾ ايڏي اوسر به ناهي ٿي هوندي ، جو هو مطالعي ۽ تجربي جي بنياد تي ٻي مذهب مان  متاثر ٿي اهو قبولڻ چاهيندا هجن . سنڌ اندر هندن جي جبري طور مذهب جي تبديلي جو سنجيده نوعيت جو مسئلو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي . جنهن سان هندو برادري ۽ خاص ڪري شيڊيول ڪاسٽ ڀيل ، مينگهواڙ ۽ ڪولهي ذاتيون ان جبر جو وڏي عرصي کان شڪار آهن . انهن جي انسان هئڻ جي ناتي بنيادي حقن جي لتاڙ ڪري ، انهن کي ڌمڪيون ڏئي ، لٺ جي زور تي پيرن مُلن هٿان مدرسن ۾ زوري مذهب تبديل ڪرائي ، انهن جي اصل سڃاڻپ انهن جو نالو  ۽ ذات کسي  ڪلمو پڙهايو وڃي ٿو ۔  پوء انهن کي ڪو اسلامي نالو ڪنهن نبي يا بيبي جي نالي سان ڳنڍيل نالو ڏئي ڏاڍ ۽ جبر سان مسلمان ڪيو وڃي ٿو ۽ ان بعد هر طرح جو زور ڀريو وڃي ٿو ته،  ڀلي دلي طور اوهان راضي هجو يا رنج پر اسلامي عقيدن مطابق زندگي گزاريو .

جئين ته مذهبي انتهاپسندي ۽ مذهب جي استمعال غرضي ۾ تازي شدت آئي آهي ته  پاڪستان جي رياست اندر سنڌ ۾ خاص ڪري هندو ان جو وڏو نشانو  آهن . بلڪه ائين چئجي ته برصغير جو ورهاڱو انهي فساد جي پيڙھ جو پٿر ثابت ٿيو آهي . شايد انڪري به ڇوته پاڪ هند گڏ هئا ۽ ورهاڱي بعد جيڪي فساد ۽ قتل غارت ٿي ان جي ڪري ٻنهي ملڪن ۾  زميني توڙي دلي سرحدن تي روز نفعرتم جي گولاباري ٿيندي رهي ۽ ان انتشار جو اظهار زور زبردستي سان اقليتي قومن تي ٿيڻ لڳو ۽ ڪرڻ وارن جو تعلق ڪجھ مخصوص گروھ جي انتهاپسندن سان آهي .
ضلعو عمرڪوٽ ،  ٿرپاڪر  ، گهوٽڪي،  سکر،  لاڙڪاڻي  ، جيڪب آباد ، ڪشمور  مان ان ڏس ۾ ڪيس سامهون آيا آهن .  سڀ کان وڌيڪ عمرڪوٽ ۽ ٿرپاڪر ان حوالي سان گهڻو ڀوڳي رهيو آهي ڇوته اتي هندن جي آبادي اڪثريت ۾ آهي . جن به هندن وٽ مال ملڪيت يا وڏي تعداد ۾ سونا زيور آهن،  انهن کان مذهبي جي آڙ ۾ اهي ڦُر ڪرڻ لاء تنگ ڪري هيسايو وڃي ٿو . ان سبب  ڪري ڪيترائي سنڌي هندو پنهنجي ڪٽنبن سميت واپس هندوستان لڏي ويا آهن ، باقي رهجي ويل انهي آزار ۾ ڀوڳي رهيا آهن ته هو هندو مذهب سان لڳاپيل آهن . پر نه صرف اهي امير هندو خاندان  ، پر غريب طبقي جا هندو جن جو تعليم نه هئڻ سبب رڳو هارپي مزدوري سان تعلق آهي ، اهي ته سڌو نانگ جي مُنهن ۾ آهن ۽ هر طرح جا زهريلا ڏنگ برداشت ڪري رهيا آهن . انهن جون نابالغ 18 سالن کان ننڍيون نياڻيون زبردستي اغوا ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن جا جبري مذهب بدلائي سرٽيفيڪٽ ڏئي انهن تي مسلمان هئڻ جو ٺپو لڳايو وڃي ٿو . ويچاريون معصوم هندو نينگريون جيڪي اڃا عاقل بالغ به ناهن هونديون ، سي هميشه لاء پنهنجي ماءُ پيءُ کان زبردستي ڌار ڪري سڄي عمر لاء مجبوري ۾ الوداع ڪري ٿيون ڇڏين .  اگر ڪنهن جو معامرو کُلي به ٿو ته اها ويچاري نينگري پنهنجي  حق ۾ بيان به ڏئي ناهي سگهندي ۽ ڪجھ ڪري ناهي سگهندي ، ڇو جو ان کي ڌمڪيون ڏنل هونديون آهن ته جيڪر سچ ٻولئيي ته تنهنجي مائٽن کي ماريو ويندو . انهي ڊپ وچان اهي هندو ڇوڪريون خاموش ٿي پنهنجي مٿان  زوري مڙهيل مذهب تحت زندگي گزارينديون آهن . اتي جي مقامي هندن ڪميونٽي موجب پوليس به اسانجي داد فرياد ڪرڻ کان لنوائي ٿي ۽ چوي ٿي ته ،  مسلمانن جي ڪميونٽي ڀڙڪي پوندي ۽ چوندا هندن جي ٿا مدد ڪريو ۽ عزت لائق مولين تي تهمتون ٿا لڳايو . ٻيو ته اتي موجود مدرسن کي سنڀاليندڙ پڻ آسپاس سميت ڪراچي جي ايوانن تائين اثر رسوخ رکندڙ هجن ٿا .  زوري مذهب مٽائي مسلمان جيڪي ٿين ٿا  ،  ته ذرا سوچجي ته ڇا انهن کي پنهنجي ريتن رواجن سان پيار نه هوندو ؟   اهو ته هڪ ظلم آهي جنهن جي نالي مذهب تبديل ڪرائيندڙ مُلا فتوائون ٿا ڏين ته اسين ثواب جو ڪم پيا ڪريون . حالانڪه ڏٺو وڃي ته ڪا بالغ ۽ وڏي عمر جي  هندو عورت ان ڪيس ۾ نظر ئي ناهي ايندي . ڪا به وڏي عمر جي هندو عورت جي ڪڏهن ڳالھ ٻڌڻ ۾ نه ايندي ته ،  ڪو ان پيار جو پرڻو رچائي ۽ پنهنجي خوشنودي سان اسلام قبول ڪري ڪنهن مسلمان سان شادي ڪئي اٿس . تقريباً سڀن ئي واقعن ۾ ننڍي عمر جي 10 کان 15 يا 16،  17 سالن جي هندو نينگرين جا نالا رپورٽ ٿيا آهن . ڇا ايڏي  ننڍڙي عمر ۾ ان جو دماغ ايڏو  سنجيده هوندو جو هو پنهنجي ساهيڙين سان سڄو ڏينهن راندين ۾ مصروف رهڻ بدران،  ڪنهن پاڻ کان وڏي عمر جي مرد سان عشق محبت جون ڳالهيون ڪري . اها سوچ ۽ جذبو ،  پنهنجي مرضي جو فيصلو ڪرڻ شعور ۽ ان تي عمل ته هڪ بالغ  ڇوڪري ئي ڪري سگهي ٿي . هي ننڍڙيون نينگريون ته ٽاپو راند ۽ گڏين جي راندين ۾ گُم هونديون آهن . اسان ڪڏهن اهي واقعا سنڌ اندر نه ٻڌا هوندا ته ڪا نابالغ مسلمان ڇوڪري مذهب مٽائي ڪنهن هندو ڇوڪري سان گڏجي پنڊتن سامهون هندو مذهب قبول ڪري ، نالو بدلائي ، ان سان گڏ باھ کي ست ڦيرا ڏئي،  مٿي تي سندور لڳائي شادي ڪري هندياڻي ٿي آهي . ان جو صاف ۽ چٽو مطلب اهو ٿيو ته اقليت ۾ هئڻ  ڪري هندو طبقو جبر ۽ ڏاڍ جو مذهب جي نالي تي ڪيترين ورهين کان شڪار آهي ، جنهن جي داد رسي اڃا تائين ناهي ٿي . ڪنهن سچ ئي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن کي جتي سفيد رنگ سان ظاهر ڪيو ويو آهي اصل ۾ ڏنڊو به ته اتي ئي هنيو ويو آهي .

ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقه ساماري ۾ گلزار خليل جي نالي سان جوڙيل مدرسو،  جنهن جي مالڪي هنئير پير ايوب جان سرهندي وٽ آهي ، جيڪو سرهندي واري مقبري جو گادي نشين پڻ آهي ، ان جي معرفت هيٺ ڪيترن ئي هندو نينگرين کي زوري مسلمان بڻايو وڃي ٿو ، جنهن ۾ تازو ئي ڪيس رويتا مينگهواڙ جو منظرعام تي آيو هيو . انساني حقن جي هڪ سرگرم ڪارڪن جي رپورٽ موجب هر مهيني 25 ، يا ان کان وڌيڪ ٻارن جا مذهب تبديل ڪرايا وڃن ٿا جن ۾ ننڍا  ڇوڪرا پڻ هجن ٿا  . ايوب جان سرهندي جي ڀاءُ موجب ته اسان اڻ ڳڻت هندن جا مذهب ان مدرسي ۾ تبديل ڪرايا آهن جن جا انگ اکر ئي ناهن . عمرڪوٽ کان اتر طرف 20 ڪلوميٽرن تي هڪ ٻيو مدرسو جوڙيو ويو آهي ، جنهن جي مالڪي  محمد يعقوب ڪري پيو . هو جمعيت العلما اسلامي(فضل) جو جنرل سيڪريٽري  ضلعه عمرڪوٽ پڻ آهي ۔ هن موجب ته اسان سڄي خاندانن کي گهرائي انهن جا مذهب تبديل ڪرايون ٿا . ان موجب پوين 15 سالن ۾ اٽڪل 9 هزار ماڻهن جا ان مدرسي ۾ مذهب تبديل ڪرائي مسلمان هئڻ جي سند جاري ڪئي وئي آهي . پوئين سال ۾ ساڍا 8 سئو هندو مسلمان بڻايا ويا . ان بعد انهن جي خوشامد ڪندي انهن نون مسلمان ٿيل ماڻهن کي نوان پڪا گهر ٺهرائي ڏنا وڃن تا . انهن جي عورتن کي سلائي مشينون ۽ ڪنوارين ڇوڪرين کي شادي مهل ڏاج پڻ ڏنو وڃي ٿو . ٻيو ته جلد ئي انهن کي هنگامي بنيادن تي 6 مهينا شروعاتي اسلام جي سکيا ڏئي  وڃي ٿي ته،  جئين هو مسلمان جي عقيدن کان واقف ٿين ۽ پنهنجي زبان ۾ ڀڳوان رام جو ورد ڪرڻ بدران ، الله الله ڪن ۽ گيتا جيڪي اهي دل جي گهرائين سان پڙهن ٿا ،  اها ڦٽي ڪري ڪلام پاڪ کي پڙهن ڀلي بي دلي سان ئي ڇو نه پڙهن . 2012 سال ۾ رنڪل ڪماري جي جبري مذهب جي تبديلي ميڊيا سامهون پڌري ٿي آئي هئي . جنهن ۾ پي پي پي جو ٽڪيٽ يافته گهوٽڪي جي مولوي پير ميان مٺو ان جبر سان ڪيل عمل جو ذميوار نڪتو هيو . ان جي هڪ فوٽو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هو هٿ ۾ بندوق کڻي نشانا چُٽي رهيو هيو . اها هڪ تصوير ئي  سمجهڻ  ۽ سمجهائڻ لاء ڪافي هئي .

ٿرپارڪر تان چونڊيل  ايم اين اي ۽ هندو ڪائونسل جي چيف  ڊاڪٽر رميش ڪمار ونڪواڻي موجب  ته :   “ڪا به ڇوڪري رضامندي سان شادي ناهي ڪندي . بلڪه زبردستي ڪندي نه هلڻ تي انهن ڇوڪرين کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ، طرح طرح سان ستايو ڌمڪايو وڃي ٿو ،  لڄالٽ ڪئي وڃي ٿي ته جئين هو شادي لاء رضامند ٿين.“
انساني حقن بابت قانوندان فاطمه هاليپٽو جي هڪ انٽرويو موجب  : “جڏهن ڪا هندو نينگري ايڏي پريشر مان گزري ٿي ته آخر اها ڪاڏي وڃي؟ هڪ طرح ان جي مائٽن جي غيرت جو سوال ،  انهن جي قتل ٿيڻ جو خوف ، ٻي طرح سماج جو بي رحماڻو رويو . اها ڇوڪري باقي زندگي  زنده بُت مثل ٿي گزاري ٿي ان لاء ته اها مسلمان ٿيڻ سان گڏ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ پنهنجيون اباڻيون رسمون وڃائي ٿي ويهي . اها مذهب جي تبديلي سان گڏوگڏ  قبر کوٽي ان ۾ خوشيون ۽ خواهشون دفن ڪري ٿي ڇڏي .“

ٿرپاڪر ۾ وڌنڌڙ مدرسن جي تعداد ڏسندي ٿر واسي حيرت ٿا کائين ته خبر ناهي ايترا فنڊ ڪٿا ۽ ڪئين اچن ٿا جو جهٽ ۾ عاليشان عمارتن وارا مدرسا جڙيو راس ٿيو وڃن . ڪيترا ئي اسڪول زمين ۽ بلڊنگ سميت خريد ڪيا وڃن ٿا .   شهر مٺي ڀرسان جماعت الدعوه جو هڪ عاليشان مدرسو  پڻ تعمير ٿي رهيو آهي جنهن جو سربراھ انٽرنيشنل طور تي پابندي لڳل بدنام دهشتگرد آهي . مقامي رهائشين موجب مدرسي جي مک گيٽ تي انهن جا ماڻهو اچي تعميراتي سامان سان ڀريل ٽرڪون ٻاهران ڊرائيورن کي لاهي پاڻ اندر کڻيو وڃن ٿا ، انهن کي اندر داخلا ناهي ڏني ويندي .
ان ئي تنظيم پاران ٻه سال اڳ مٺي شهر جي مک ڪشمير چوڪ تي عيدالضحي جي موقعي تي هندن کي مذهبي طور رسوا ڪندي ڍڳين کي  ذبح ڪيو ويو . حالانڪه اتي ائين عام طور قرباني بدران گوشت صرف ڪاسائين جي دڪان تي ملي ٿو پر فساد پکيڙڻ لاء اهو عمل ڪيو ويو .

زوري مذهب تبديل ڪرڻ خلاف قانون جو دروازو پڻ کڙڪايو ويو پر اهو قانون به صفا انڌو ڪٿي ٿو ڏسي  معصوم هندو ٻارن جا  ڳوڙها .... اهو پاڻ به ته انهن مذهبي مولوين وٽ يرغمال لڳو پيو آهي . 2015ع جي آخري مهيني ڊسمبر ۾ ان حوالي سان سنڌ اسيمبلي ۾ بل آيو پر سردخاني حوالي ٿيو ۽  بحث مباحثي جي انتظار ۾ پيل رهيو . اقليتن جي حقن وارو بل پوئين سال 2016ع جي نومبر مهيني ۾  سال کان پوء سنڌ ڪرمنل لاء (اقليتن جي حقن جي حفاظت وارو قانون ) جو بل منظور ڪيو ويو،  جيڪو سال اڳ مسلم ليگ فنڪشنل جي نند ڪمار  گوڪلاڻي ، پي پي پي جي سينيٽر کٽو مل جيوڻ جو پيش ڪيل هيو . جنهن ۾ مختصر اهو ته ڪنهن جو به 18 سالن کان اڳ مذهب تبديل ڪرائڻ مجرماڻو عمل هوندو ، جنهن لاء سزا مقرر ڪئي ويندي . ان عمل ۾ سڌو ملوث ٿيندڙن کي پنج سال ،  سهولتڪارن کي 3 سال جي قيد ڏني ويندي . اگر ڪو بالغ به مذهب تبديل ڪري ٿو ته ان کي 21 ڏينهن پنهنجي فيصلي تي غور ڪرڻ لاء مهلت ڏني ويندي .
اهو بل خفيه طور منظور ته ڪيو ويو  پر جنهن بعد وڏي تنقيد  ٿي ۽ وڏو هُلان مچي ويو . مختلف مذهبي جماعتن پاران احتجاج شروع ٿي ويا ۽ عمرڪوٽ مدرسي جو سربراه ايوب سرهندي پڻ ڪراچي وڃي لٿو هيو ته ڪئين به ڪري ان غير اسلامي ۽ ڪُفر کي هٿي ڏيندڙ بل کي خارج ڪريو ۽ ان کي قانوني شڪل نه ڏني وڃي . سنڌ حڪومت جلد پريشر هيٺ اچي وئي ۽ گورنر سنڌ پڻ چيو ته بل  اسلامي نظرياتي ڪائونسل  جي اصولن خلاف آهي . ايم ڪيو ايم طرفان به ان جي خلاف درخواستون موصول ٿيون  ۽ پوء ان بل جي اصلي شڪل بگاڙي پنهنجي من مرضي موجب ترميمون ڪيون ويون ۽ جنوري 2017ع ۾  ان وقت جي گورنر سعيد الزمان صديقي جا اعتراضات سان ان کي واپس ڪيو ويو .
قرآن پاڪ جي سڀ کان ڊگهي سورة البقره ۾ حڪم ٿيل آهي ته “ مذهب تي ڪا زور زبردستي نه هلندي “ . جنهن جي معني ۽ مفهوم سمجهڻ جي اسان سڀ اهليت رکون ٿا . اسلام امن جو مذهب آهي ،  اهو نڪاح کان وٺي مذهب جي تبديلي تائين رضامندي سان قبولڻ جو حڪم ڏئي ٿو . ان ۾ زور زبردستي ۽ يرغمال ڪري اسلام قبول ڪرائڻ جو حڪم ناهي ڏنل ،  بلڪه رضا خوشي سان جيڪر قبول ڪري ٿو ته ان کي اسلام مذهب ۾ شامل ڪرڻ جو چيل آهي  . رياست تي وڏي ذميواري اڪثريتي کان وڌيڪ اقليتي قوم جي هوندي آهي ته ان جي حقن جي حفاظت ڪري . انهن جي مذهبي عقيدن  ۽ سماجي برابري کي نظرانداز نه ڪري . پر ان سڀ باوجود اڄ تائين سنڌ ۾ هندو سنڌين سان ناانصافيون زور شور سان جاري آهن جن جي روڪٿام لاء قانون جڙڻ ۽ انهن تي عمل ضروري آهي . سنڌ ۾ زوري مذهبي تبديلي جا ڪلور جيڪي مدرسن اندر جاري آهن تنهن اسانجي مقدس  ڌرتي سنڌ امڙ کي وڏو رنجايو آهي .  ان جي رنج جو قرض اسان سڀني سنڌ واسين تي عائد ٿو ٿئي .

Friday, 7 July 2017

سنڌ ۾ جبري گمشدگيون / ماهم سنڌي/ميرپورخاص

05/07/2017

سنڌ ۾ جبري گمشدگيون / ماهم سنڌي/ميرپورخاص .
mahamsindhi05@gmail.com

روزانه جڏهن ڪا سنڌي اخبار کڻي ان تي نظر ڦيرايان ٿي ته مين پيج ڇڏي ٻئين يا ٽئين صفحي تي ،  بنهه معمولي نوعيت جي خبر طور ڇپيل ڪنهن  ڪنڊ پاسي ۾ بنا ڪنهن سُرخي جي ٻن سٽن تي پڙهڻ لاء ملي ٿي ته سنڌ ۾ قومپرست سياسي ڪارڪنن جون جبري گمشدگيون ٿي رهيون آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي . قومپرست جماعتن مان ڪنهن نه ڪنهن پارٽي جي سربراھ جو مذمتي بيان پڙهڻ لاء ملي ٿو ، جنهن ۾ هو ميڊيا سامهون اچي مطالبو ڪري رهيو هوندو آهي ته ، جبري گمشدگين جي روڪٿام ڪري ڪارڪنن کي ڇڏيو وڃي ،  يا وري ڪارڪن ۽ انهن جا دوست پريس ڪلبن اڳيان گڏجي پلي ڪارڊ ۽ پوسٽر کڻي احتجاج ڪري رهيا هوندا آهن ،  جنهن ۾ گم ٿيل نوجوانن جا مائٽ پڻ شامل هوندا آهن . ان ڳالھ کي معمولي سمجهي نا ڪو وڏو عملي قدم کنيو ويو آهي نه ئي جبر ۽ ڏاڍ سان گُم ڪيل ڪارڪنن بابت ڪو ڪيس يا ڪا ڪاروائي ٿي آهي  . اها هڪ ننڍي خبر نه بلڪه انساني حقن جي خلاف ورزي جو اهم مسئلو آهي ، جنهن جي تحفظ لاء واڪا اسانجي رياست ڪندي ته  رهي ٿي پر پاڻ انساني حق  وڏي پيماني تي پائمال ڪري رهي آهي  . جڏهن ڪنهن ڏوھ ۾ ڪو مجرم يا شڪي گرفتار ڪيو ويندو آهي ته ان مٿان ڪيس هلندو آهي،  ان تي لڳايل الزام ثابت ڪرڻ لاء گواھ ۽ ثبوت پيش ڪيا ويندا آهن ، فريادي توڙي جوابدار ڌُر کي وڪيل ڪرڻ جو حق هوندو آهي ، پر هي اوچتو تشدد ڪري بندوق جي نوڪ تي گُم ڪيل ماڻهن بابت ڪا ڄاڻ ناهي ڏني ويندي . اوچتو ڪٿي گاڏي مان لاهي ، ڪنهن گهٽي بازار مان زوري گيهلي پڪڙي ، يا آڌي رات جو در کڙڪائي  گهر مان کنڀي تشدد ڪندي اهي ماڻهو کنيو  هليا وڃن ٿا ، جن کي اسان نامعلوم افراد به چئون ٿا. نا اهي پوليس وارا هجن ٿا نه ظاهري طور رينجرس ۽ ايف سي اهلڪارن جي وردي هجي ٿي ، پر خبر ناهي ڪهڙا ۽ ڪير ماڻهو جنهن لاء چيو وڃي ٿو اهي خفيه ايجنسين جا ماڻهو آهن ،  اهي هڪ قسم جي اغوا جي واردات وانگر کڻي وڃي ڪنهن لڪل ٽارچر سيلن ۾ وجهي پنهنجي مرضي موجب غير انساني سلوڪ ڪن ٿا . انهن خفيه ايجنسين جا خفيه ماڻهو ڪو عزرائيل فرشتي وانگر ڪنهن به وقت اچي مٿان ڪڙڪندا آهن . جيڪر ڪو کنڀيل ڪارڪن واپس گهر اچي ٿو ته گهرڀاتين لاء معجزي مثل هجي ٿو ، ڇو جو ائين کنڀجڻ بعد  ۽ عزرائيل جي چنبن ۾ وڃڻ بعد گهر وارن لاء باقي ڪوئي آسرو نٿو هجي ته چچريل لاش بدران ڪو اسان جو عزيز صحيح سلامت اسان وٽ زنده گهر پهچندو .
ڇوته سنڌ وڏي وقت کان سنڌين جا چچريل لاش وصول ڪندي پئي اچي. اسان ڪڏهن اهو به  ويچار ڪريون ٿا ته اهي آخر ڇو ائين سنڌي قومپرستن سان لڳاپيل ئي ماڻهو کنڀيا وڃن ٿا ؟  هو ته ظاهري طور ڪنهن خون جي يا دهشتگردي جي واردات ۾ ملوث به ناهن هوندا . بلوچستان جي بلوچن جيان سنڌ ۾ سنڌين سان اهو ظلم آخر ڇو آهي  جنهن کي ڪير ٻنجو ڏيڻ وارو ئي ڪونهي ؟ سڀ کان پهرين ته ڏسون  کنڀي گم ڪيل ڪارڪن يا يونيورسٽين جا اهي شاگرد  جيڪي غائب ٿا ڪيا وڃن انهن جي واتان سنڌوديش جو نالو ٻڌو وڃي ٿو ۽ رياستي ادارا اهو الزام ٿا لڳائين ته اهي ملڪ ٽوڙڻ پٺيان آهن . ڇوته سنڌ جي 70 کان 80 فيصد قدرتي ذخيرن تي گزارو ڪندڙ ۽ اتان جي ٽيڪس اوڳاڙي پنهنجي نفعي لاء استمعال ڪندڙ رياست ڪڏهن نه چاهيندي ته اتان جو اصلوڪا پنهنجو حق گهرڻ جي به همت ڪن . اسان ويجهي ماضي ۾ ئي ڏسون ته  1971ع ۾ اوڀر بنگال  جيڪو هاڻي بنگلاديش آهي ، ان جي عليحدگي جو هڪ وڏو اکيون کوليندڙ مثال اسان جي قوم آڏو آهي . بنگالين جي سڀني حقن سميت انهن جي بنگالي ٻولي ۽ مذهب کي ئي پيرن هيٺيان ميسارجڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، انهن کي ظلم ذريعي دٻائڻ ۽  هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي . نتيجي ۾ اهي هڪ وڏي قوت بڻجي قربانيون ڏئي ايترو اڳيان وڌي آيا جو اڄ بنگلاديش نه صرف آزاد آهي پر ان  جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان اچڻ کان کُتو جواب ڏئي رهي آهي جيڪا شرم جوڳي ڳالھ آهي ،  ته پوء بنگالين ۽ بلوچن وانگر ظاهر آهي ظلم جي ڪيل انتها خلاف پوء سنڌ واسي ڪئين ۽ ڪيستائين آخر چپ رهن ؟ هندوستان جي ٽٽڻ بعد به جڏهن سنڌ کي سُک جو ساھ نه کڻڻ ڏنو ويو ۽ پنجابي سامراجي قوتن اڳيان جهڪائي رکيو پئي ويو ته نيٺ 1972ع کان سائين جي ايم سيد پاڪستاني رياست ۽ اتان جي هڪ ڌُر بڻيل حڪمرانن کان مايوس ٿي سنڌوديش جي آزادي جا ڳالھ ڪئي   ۽ ان پاڪستان جي وجود کي سنڌ جي سالميت لاء خطرو قرار ڏيندي سنڌوديش جو پلان جوڙيو . جنهن تي ڪتاب پڻ تحرير ڪري ان جا مقصد ۽ ضرورتون پڻ بيان ڪيائين . پر سنڌوديش جو خاڪو تڏهن جڙيو جڏهن سنڌ سان ڪيل ويڌن ۽ ان جا حق ڦٻائڻ جي انتها ٿئي وئي . سنڌ جي دل ڪراچي کي هٿرادو طور ڌارين سان ڀري انهن جي حوالي ڪيو ويو  . سنڌ جي تيل گئس تي توڙي  ٿر ۾ ملندڙ ڪوئلي جي ذخيرن  تي پڻ سنڌ کي ڪو حق اڄ تائين ناهي  ڏنو ويو . سنڌ اڄ کان پنجاھ سال اڳ جهڙي هئي ان کان وڌيڪ بدترين حالت ۾ پستي طرف وڌنڌي وئي . اگر ڪو آواز اٿاري  ته چيو ويو ته غداري پيو ڪري ،  پر اها غداري ته نه ٿي . پنهنجو  جائز حق گهرڻ  حقوق العباد جو حصو آهي . اڳ توڙي اڃا تائين سنڌ ۾ رهندڙ هندو سنڌي نياڻيون جيڪي 18 سالن جون به ناهن تن کي  انتهاپسند مُلان زوري مسلمان بڻائي مسلمانن سان شاديون ڪرائي انهن کان هميشه لاء انهن جون نياڻيون کسي  رهيا آهن . هندو سنڌين کي زوري لڏپلاڻ تي مجبور ڪري انهن جي جڳھ تي ڌارين پٺاڻن کي آباد ڪيو ويو  ۽ انهن ڌارين اڄ ايڏا پير پختا ڪري ڇڏيا آهن جو دهشتگردي جون ڪاروايون ڪري سنڌ اندر امن کي ڇيهو رسائين پيا . جنهن سنڌو دريا بادشاھ تي سنڌ آباد آهي سان سنڌ اڪندي رهي . ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ سنڌين جي داخلا  بند ڪئي وئي  . سنڌ جي ٻولي سنڌي بدران اردو ڪئي وئي آهي . اسڪولن مان سنڌي ٻولي غير لازم ٿي وئي . سڄي دفتري لک پڙھ توڙي اسيمبلي جي فورم تي رڳو اردو ڳالهائي هتان جي قومي زبان کي ڇيهو رسايو ويو . جيڪي جٿان جا به ڌاريا آهن انهن کي سنڌ اندر آباد ڪيو ويو  انهن لاء الڳ وسنديون ۽ الڳ روزگار اسڪيمون ٺاهي سنڌي قوم جي روزگار تي سڌي سنئي لت هنئي وئي  . ڌارين ساڻ اهڙا انتهاپسند رهايا ويا آهن جيڪي فساد ۽ مذهبي انتهاپسندي ڦهلائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ، سنڌ جي امن کي ڳجهن جيان کائڻ لڳا . ان سڀ باجود جيڪر ڪوئي ڪُڇي ته اهو ڪافر سمجهيو پيو وڃي ۽ سائين جي ايم سيد جي حياتي ۾ توڙي  اڄ حق گهرندڙ سنڌي ڪارڪن رياست جا وڏا ڏوهاري سمجهيا پيا وڃن  .
ڪنهن به زميني خطي اندر آزادي جي سوچ کان وٺي ان جي تحريڪ جو جذبو ائين ئي بي بنياد پيدا ناهي ٿيندو . اگر نا انصافيون ۽ ظلم چوٽ نه چڙهن ها ته ڪٿي به ڪو انقلاب نه اچي ها . سائين جي ايم سيد جا عاشق ان جي ڏنل هدايتن تي جڏهن عمل پيرا ٿيڻ لڳا ته هر هنڌ هاء گهوڙا ٿي وئي ۽ اگر ڪو ٻيو سبب ۽ جرم انهن تي ثابت نه ٿيو ته انهن کي جبري طور گُم ڪرڻ جي روايت شروع ڪئي وئي . چوڻ لاء ته اسان وٽ انساني حقن جون تنظيمون ۽ ٻيا ادارا متحرڪ آهن پر سوين ڪارڪن جيڪي لاپتا آهن تن جي پوئيورارن جا هيڻا حال ڏسي لڳي ٿو اهي انصاف جو آسرو ئي لاهي ويٺا آهن . جن جي گهرن جا ڳڀرو نوجوان ائين اذيتن جي سلاخن پويان هجن،  انهن جون ڪهڙيون عيدون ، ڪهڙيون شاديون ۽ ڪهڙا فنڪشن. سندن گهرن ۾ پنهنجن پيارن جي واپسي لاء رڳو قرآن خوانيون پيون  ٿينديون رھنديون آهن . هن دفعي به عيدالفطر انهن پريس ڪلبن اڳيان ۽ روڊن رستن تي احتجاج ڪري انصاف گهرندي گزاري آهي . سنڌين سان ظلم جي حد ايستائين آهي جو پوئين سال 80 سالن جي جهوني قومي ڪارڪن استاد محمد راهمون کي اوچتو کنڀيو ويو ،  جيڪو پيريءَ سبب هاڻي ايڏو سرگرم ڪارڪن به نه هيو . ان جهوني ڪارڪن جي کنڀجڻ بعد سندس نياڻي سنڌو روڊن رستن تي ويهي ان جي آزادي جا مطالبا ڪيا ۽ پوء نيٺ ان کي آزاد ڪيو ويو . اهو جهونو ڪارڪن ڪٿي ۽ ڪهڙي اذيتن مان گزري آيو هو اهو سڀ راز جي پردي ۾ لڪي ويو . سنڌ ۾ جسقم (جيئي سنڌ قومي محاذ) آريسر گروپ جا درجنن کان مٿي ڪارڪن اڄ ايجنسين جي ظلم واري گهاڻي  ۾ پيڙهجن  ۽ پيسجن پيا . 40 کان مٿي ٻين قومپرست جماعتن جا ڪارڪن گُم آهن جن بابت ڪا معلومات ناهي .  سال اڳ 17 مارچ 2016ع ۾ جسقم ورڪر صحبت کوسو کنيو ويو هيو جنهن جي اڄ تائين ڪا خبر چار ناهي. بخش علي مغيري 3 مارچ 2017 ۾  ضلعي قمبر شهدادڪوٽ مان گم ڪيو ويو. اعجاز تنيو ۽ هدايت لوهار 17 اپريل تي نصيرآباد ضلعي قمبر شهدادڪوٽ تان کنيا ويا ،  جڏهن ته ساڳي ئي تاريخ تي خادم آريجو وري حيدرباد مان لاپتا ٿيو . جسقم مرڪزي ڪاميٽي ميمبر صابر چانڊيو 25 اپريل تي دادو سيوهڻ روڊ تان  جبري کنڀيو ويو ، جنهن جو پيءُ پٽ جي آزادي جي انتظار ڪندي وڃي قبر ۾ آرامي ٿيو ،  سندس معصوم نياڻي مارئي چانڊيو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ان رياست کان پنهنجي بابا صابر چانڊيو جي آزدي گُهري رهي آهي . محمد ايوب ڪانڌڙو جيڪو پڻ جسقم مرڪزي ڪاميٽي جو حصو آهي اهو 27 اپريل تي خيرپورميرس مان گم ڪيو ويو ،  سندس نياڻي مارئي ڪانڌڙو  پنهنجي بابا جي واپسي لاء احتجاجن ۾ شريڪ ٿي ان جي واپسي جو مطالبو ڪري رهي آهي . جسقم ورڪر مرتضي جوڻيجو 7 مئي تي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي مان رياستي جبر جو شڪار ٿيو . رضا جروار ۽ شادي خان سومرو 24 مئي تي بدين مان کنيا ويا . انصاف دايو 29 مئي تي نصيرآباد ضلعي  قمبر شهدادڪوٽ مان گم ڪيو ويو . جڏهن ته پهرين ئي جون تي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي مان مختيار عالماڻي کي رياستي ادارا نامعلوم هنڌ کڻي ويا آهن . ان کانسواء ٻيا  ٻن درجن کان وڌيڪ  سنڌ جي قومي تحريڪ جا ڪارڪن رياست جي چنبي ۾ آهن . جهڙوڪ سهيل رضا ڀٽي ،  عرس هنگورو ، حيدر کوسو ، سرور آريسر،  علي احمد ٻگهيو،  عزيز گوريز  ، اربيلو بهڻ ،  خدابخش بهڻ ،  امام بخش محمداڻي،  سمي وسترو ، مير سڪندر چانڊيو،  وقار چنا،  فياض ڏاهري ، فرمان هنگورو ، سني ڪاڪيپوٽو ، عزيز مدثر ڪاڪيپوٽو،  نديم سيال ، مجيب چولياڻي،  نويد ميراڻي،  الله وڌايو، التاش ٽالپر ، موهن مينگهواڙ ، عمران جوکيو، عامر وڌو، عرفان پيرزادو   هوشو قمبراڻي ۽ اعزاز ڳاهو . اهي سڀ اهي سنڌي نوجوان آهن جن سنڌ جي حق جي ڳالھ ڪئي ۽ پنهنجي جائز آزادي لاء آواز  اٿاريو ،  نتيجي ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندي انهن کي طاقت جي زور تي سلاخن پويان ڌڪيو ويو آهي ڏينهن رات  جسماني ذهني تشدد جاري آهي  .  تازو ئي خبرن موجب ته دادو مان وڌيڪ چار ڪارڪن منير جمالي ، عزيز جمالي ، حبيب جمالي ۽ غلام رسول جمالي پڻ گم آهن .

مهينو اڳ سنڌ ۾ جبري گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاء هڪ تنظيم  (Voice of Missing Persons in Sindh ,VMP)  نالي جوڙي وئي . ان بعد   VMP جي فورم هيٺ پريس ڪلب ڪراچي سامهون لاڳيتو ست ڏينهن ڌرڻو ڏئي بک هڙتال ڪئي وئي جيڪا پهرين جولائي تي پڄاڻي تي پهتي  . ان ۾ VMP جو ڪنوينر پنهل ساريو،  سول سوسائٽي جا ميمبر ،  جبري طور کنڀيل ماڻهن جي وارثن ۽  انهن جو نياڻين سان گڏجي ست ڏينهن بُک هڙتال ڪئي  . ان سان گڏ ست ئي ڏينهن لڳل ڌرڻي ۾ روز ڪي قومي اڳواڻ ، ڪي سماجي اڳواڻ شامل ٿيندا رهيا . مير عالم مري ، نياز ڪالاڻي،  فوڪ ڊانسر شيما ڪرناڻي سميت ٻيون ڪيتريون ئي شخصتيون شامل ٿي ساڳيو ئي مطالبو ورجائينديون رهيون . ڪراچي پريس ڪلب 7 ڏينهن سنڌ ۽ سنڌين جي آزادي جي نعرن سان گونجندي رهي ، پر اڃا دردن جي داستان پڄاڻي نه ٿي سگهي آهي .  وڇڙي ويل گهرن جا وارث اڃا تائين پنهنجن عزيزن سان ناهن مليا . اڃا تائين انهن جي وارثن جو ننڊون ڦٽل آهن ۽ دعاگو آهن ته اسان جي گهر جا چراغ سلامتي سان گهر واپس پهچن . ان ڌرڻي ۾ جبري گم ٿيل ڪارڪنن جا عزيز توڙي قومپرست اڳواڻ شرڪت ڪري  پنهنجو آواز اٿاريندا رهيا . جيڪا ڳالھ ميڊيا جي سامهون ته آئي پر ان جو کڙ تيل نه نڪتو ۽ گم ٿيل ماڻهن جي واپسي اڃا ناهي ٿي سگهي .
ورلڊ سنڌي ڪانگريس  پاران 14 جون تي اقوام متحده جي انساني حق واري ڪائونسل جنيوا سامهون احتجاج ڪندي پڻ انهن گمشدگين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان سنجيده مسئلي کي اقوام متحده ۽ ٻين بين الاقوامي تنظيمن آڏو کڻڻ جو چيو ويو آهي . جنهن ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر لاکو لوهانا ۽ هدايت ڀٽو شامل هيا . سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا  (Sindhi Association of North  Ameria ,SANA) جو ساليانو 33هون ڪنويشن ٿيو .جنهن ۾ 2 جولائي تي قرارداد پيش ڪري 14 نڪاتي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو .جنهن ۾ مکيه نڪتا اهي هئا ته سنڌ ۾ جبري گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي واپسي لاء سگهارو آواز کنيو وڃي . دهشتگردي جي روڪٿام ۽ زوري مذهب بدلائڻ واري پيل ڪُڌي روايت جي روڪٿام لاء قدم کنيا وڃن . گم ٿيل ڪارڪنن جي واپسي لاء  غفلت جي ننڊ پيل سنڌ حڪومت کي جاڳائڻ لاء 5 جولائي تي سياسي سماجي ورڪرن  ۽ انساني حقن جي تنظيم طرفان انهن زوري قيد ٿيلن جي آزادي لاء حيدرآباد پريس ڪلب کان ڪراچي پريس ڪلب تائين لانگ مارچ پڻ ڪيو پيو وڃي .

سنڌ حڪومت ۽ پاڪستاني رياست جي مجرماڻي خاموشي ڏسي ائين ٿو لڳي ته انهن کان مطالبو ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي .  اسان سنڌين کي هتان جي حڪمرانن کان مليل مايوسي سبب هاڻي اسان اها ذميواري بين الاقوامي تنظيمن اقوام متحده،  هيومن رائٽس واچ،  ايمنسٽي انٽرنيشنل،  سنڌي ايسوسيئشن  آف نورٿ آمريڪا،   ورلڊ سنڌي ڪانگريس کي  سونپيون ٿا ته اهي رياست سان لھ وچڙ ڪري ان تي دٻاءُ وجهي  ان ظلم کي روڪين ۽ انساني حقن جي تحفظ کي سنڌ اندر يقيني بڻائين . جئين قومي ڪارڪنن جو بنا سبب جي گمشدگيون ۽ انهن تي تشدد جو سلسلو بند ٿئي  .