10/10/2016
#Moharram8th 1438 Hijri.
عورتن ۾ عزاداري / ماھم سنڌي / ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com
جئين ته نئي اسلامي قمري سال 1438ع جي پھرين مھيني محرم الحرام جي شروعات ٿي چڪي آھي . اسين ھر نئي شمسي سال جي آمد تي ته ان کي ڀرپور انداز ۾ مبارڪون ڏئي جشن ڪري ملھايون ٿا، تئين مسلمان انھي نئي اسلامي سال جي شروعات ۾ ڪا مبارڪباد ناھن ڏيندا ، بلڪه انسانيت جي علمبردار حضرت محمد مصطفي صه جي ڏوھٽي ، بيبي فاطمه الزھرا سلام الله عليھا ۽ شير خدا حضرت علي مشڪل ڪشا جي ٻئي فرزند امام حسين عليه السلام ، سندس آل ۽ ساٿين جي ڪربلا ۾ اسلام جي بقا لاء ڏنل قرباني ۽ انھن جي عظيم شھادت کي ياد ڪندي، اسين سڀ جئين ئي پھرين جو حلال چنڊ ڏسون ٿا ته سوڳ ۾ وٺجي وڃون ٿا ۽ ھر خوشي جي دعوت کي ترڪ ڪريون ٿا.محرم جي مھيني ۾ شاديون، مراديون ، سالگراھن جون پارٽيون ، مڱڻيون ۽ ھر قسم جي خوشي جي پروگرامن کي ملتوي ڪري پنھنجي پاڻ سان انھي وچن سان ڳنڍجي وڃون ٿا ته ھاڻي محرم ختم ٿيڻ تائين امام جي شھادت جو سوڳ ملھائبو.امام جي سوڳ جو رنگ ڪارو آھي، تنھنڪري اھلبيت جا مڃيندڙ ڪاري وڳي ۽ سادگي کي اھميت ڏين ٿا.انھي موقعي تي سينگار ڪرڻ، ٺاھ ٺوھه ڪرڻ غلط سمجھيو وڃي ٿو ، بلڪه امام جي سوڳ ۾ وڌ ۾ وڌ پاڻ کي سادو رکڻ جي تلقين ڪئي وئي آھي.محرم جي اچڻ کان اڳ توڙي اچڻ تائين سڀ مرد توڙي عورتون مخصوص انتظامن ۽ عبادتن ۾ لڳي وڃن ٿا.جئين ته مرد جلوسن جون ، مجلسن جون ۽ لنگر جون تياريون ڪندي نظر اچن ٿا ، تئين ھر محاذ تي ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلندڙ عورتون ڪربلا جي واقعي جي عزاداري ۾ به پوئتي ڪونھن بلڪه مردن سان پيش پيش نظر اچن ٿيون.اھي به مردن جيان لنگر جو انتظام ڪنديون ، سبيلون لڳائينديون ۽ روزاني مصروفياتن کي پري رکي امام جي غم ۾ شرڪت ڪن ٿيون.
ڪجھ ڏينھن اڳ جڏھن مون پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو جي لکيل آتم ڪٿا “اوڀر جي نياڻي“ پڙھي پئي ته ان جي ڪجھ لکيل ڳالھين جي خبر پئي، اھا ته خبر ھيم ته ھو به شيعا ھئي، جئين ته ان جي ماءُ نصرت ايران جي شھر اصفھان جي ھئي ۽ اتي جي رھاڪو ھئڻ سبب ھو شيعه فرقي سان ڳنڍيل ھئي.
محترمه بينظير ڀٽو لکي ٿي ته
“ منھنجي امان شيعا فرقي جي ھئي جئين اڪثر ايراني آھن ، جڏھن ته اسان جي ڪٽنب جا باقي ڀاتي سُني ھئا پر ان سبب ڪو کٽر اڳ نه ٿيو.
محرم جي مھيني ۾ جڏھن پيغمبر جي پوٽي حضرت امام حسين عليه السلام کي ڪربلا (عراق ) ۾ شھيد ڪيو ويو ھو. آئون ورلي ڪارا ڪپڙا پائي امان سان گڏجي عورتن جي مجلس ۾ ويندي ھيس.
“ڌيان سان ٻڌجان“ امان مونکي چوندي ھئي، ڇوته شيعن جون اھي مذھبي رسمون سُنين جي مقابلي ۾ وڌيڪ سخت ھونديون آھن.آئون مجلس پڙھندڙ کي ويچار سان ٻڌنڌي ھيس، جيڪا ڏاڍي اثرائتي نموني ۾ غمگين واقعي جو بيان ڪندي ھئي. جنھن ۾ امام حسين ۽ سندس ڪجھ ساٿي غاضب يزيد جي فوجن جي گھيري ۾ اچي بيدرديءَ سان قتل ڪيا ويا ھئا. امام حسين جو ڪنڌ مبارڪ قلم ڪيو ويو، ۽ ھن جي ڀيڻ بيبي زينب کي اگھاڙي مٿي يزيد جي درٻار آندو ويو ، جتي ھن پنھنجي ڀاءُ جي سر سان ظالم کي راند ڪندي ڏٺو.ھنن جو نسل جيڪو اڄ شيعا سڏجي ٿو.
“ٻڌو معصوم ٻار پاڻي لاء پيو روئي“ ذاڪرياڻي ڏک ڀرئي جذباتي آواز ۾ چوندي ھئي. “ ٻار جي روئڻ جو آواز ٻُڌي ھن جي ماءُ جو ڇا حال ٿيو ھوندو، ھوڏانھن ھن سُھڻي مرد کي ڏسو جيڪو گھوڙي تي چڙھيو پاڻي کڻڻ پيو وڃي، ھو واھ جي ڪناري وٽ جُھڪي ٿو ، اسين ھن کي جُھڪندي ڏسون پيا ، ڏسو ! ڏسو ! سپاھي ھن تي ترارن سان حملا پيا ڪن ... “ ھن جي چوڻ تي عورتون پنھنجي سينن تي غم وچان ھٿڙا ھڻي ماتم ڪنديون ھيون. اھو بيان ايترو ته چٽو ۽ اثرائتو ھوندو ھو جو آئون به اڪثر روئي ڏيندي ھيس. “
جئين ته عورتون نازڪ طبيعت جون ۽ وڌيڪ حساس آھن ، تنھنڪري عورتون جڏھن ڪربلا جي واقعي جي ذڪر ۾ بيبين جون دردن سان ڀريل داستانون ٻڌن ٿيون ته اھي پاڻ کي روڪي ناھن سگھنديون. امام حسين جي ڀيڻ بيبي زينب جنھن ڀاءُ مٿان ٻه جوان پٽ قربان ڪيا ، جيڪا شام غريبان ۾ اڪيلي بي ڪفن لاشن جو پھرو ڏيندي رھي، جنھن جا خيما ساڙيا ويا، چادرون لٽيون ويون ، زنجيرن ۾ قيد ڪيو ويو ۽ پوء ملڪ شام جي گلين ۾ سر اگھاڙي گھمايو ويو . امام حسين جي زوجه بيبي امام رباب ، جنھن جي اڃايل ممتا ۽ خالي ٿيل جھولي عورتن جي آه بقا لاء ڪافي آھي، ان جي ننڍڙي کير پياڪ 6 مھينن جي پٽ علي اصغر کي ٽي ڏينھن جي اڃ بک بعد ان جي معصوم ڳلي تي تير ھلايو ويو ، اھو تير جنھن جو وزن بيبي جي معصول لال اصغر کان به وڌيڪ ھيو، جنھن بعد بيبي ام رباب وري ڪڏھن به ڇانھ تي نه ويٺي. امام حسين جي 4 ساله معصوم نياڻي بيبي سڪينه جنھن جا 10 محرم بعد دُر ڇنا ويا، تماچا ھنيا ويا ۽ شام ۾ اڪيلي انڌيري ۽ گرم ڪمري ۾ قيد ڪيو ويو جتي ان جي شھادت ٿي. مديني ۾ رھندڙ بيبي صغرا جيڪا پنھنجي ڀاءُ اڪبر جي راھ ڏسندي رھجي وئي ۽ نيٺ وڇڙيل ڀاءُ ڀيڻ نه مليا.
بيبي زينب جي ڀيڻ بيبي اُم ڪلثوم ، ڪربلا ۾ ھڪ رات جي بيواھ بيبي ڪُبرا جنھن جو امام حسن جي فرزند علي قاسم سان لائنون ٿيو، شھزادي قاسم جي ئي ماءُ اُم فروا ، امام زين العابدين جي ماءُ بيبي شھربانو ، 18 سالن جي شھزادي اڪبر جي ماءُ بيبي اُم ليليٰ ۽ انھن بيبين جي ڪنيز بيبي فضا جيڪا ھر ڏکي گھڙي ۾ گڏ ھئي.
ھن ڌرتي جي تاريخ تي اھو ڪھڙو ظلم ھيو جيڪو ڪربلا ۾ نه ٿيو پر ڪربلا جي دلير عورتن جيڪو نڀايو
اھو عام عورت جي وس جي ڳالھ صفا نه ھئي . ڪربلا جي واقعي ۾ امام حسين جي لشڪر مان ھر عورت وڏا پھاڙ پاڻ تي ڪرائي پوء به صبر ڪيو . ھانءُ چيريندڙ بربريت جي انتھا تي به صبر کي سوگھو جھليندڙ انھن مان ھر ھڪ بيبي جو امر ڪردار اڄوڪي عورتن جي رھنمائي ڪري ٿو ، وڌ ۾ وڌ صبر ۽ برداشت جو سبق ڏئي ٿو.
ان واقعي بعد ڪربلا جي عظيم شھادتن کي ماتم داري ڪري ۽ نوحه خواني ڪري ياد ڪيو ٿو وڃي . قديم وقت ۽ ھاڻوڪي عورتن جي عزاداري ۾ وڏو فرق آيو آھي . اڳي جڏھن محرم جو مھينو ويجھو ايندو ھو ته عورتون ڪارو رنگ گھرائي ، پاڻي ۾ ٽھڪائي ڪو پنھنجو پاتل پراڻو وڳو ڪڍي ان کي رنگينديون ھيون، ۽ اھو ئي ڪارو جوڙو ڪري تيستائين پائينديون ھيون جيستائين اھو پائڻ جي لائق ھوندو ھو.پوڙھيون عورتون ته وارن کي ڪارو ڪلر ڪرڻ يا ميندي لڳائڻ کان به لنوائينديون ھيون ۽ پھرين محرم کان 20 سفر (چاليھو امام حسين) تائين اکين کي ڪارو ڪرڻ لاء سرمو تڪ اکين جي ويجھو نه آڻينديون ھيون.مليل ڄاڻ موجب سُرما توڙي پائوڊر ۽ مُساڳ، ڪا به سينگار جي شيء ھجي ان کي ويڙھي سيڙھي محفوظ جڳھ تي رکي ڇڏينديون ھيون.منھنجي مرحومه ناني چوندي ھئي ته ھٿ ۾ ڪنگڻ يا چوڙي ھجي ڪنن ۾ جھمڪا ھجن يا آڱر ۾ ڪا سون جي يا چاندي جي مُنڊي ھجي، اھي سڀ محرم ۾ پائڻ ڏوھ سمجھندا ھئاسين ۽ انھن جون مائرون انھن کي وڌ ۾ وڌ ھدايتون ڏينديون ھيون ته صفا سادا ٿي رھو، جئين اوھان جي ڏنل مھڪاڻ ۽ پرسو مادر حسين قبول ڪري. شيعن جي پختي عقيدي موجب جٿ جيڪا به مجلس ٿيندي ۽ ان جو تڏو وڇايو ويندو آھي ته اتي امام حسين جي ماءُ شريڪ ٿيندي آھي. بيبي فاطمه الزھرا سلام الله عليھا جي قول موجب “جنھن گھر ۾ جنھن مھل کان تڏو وڇايو ويندو آھي، تنھن مھل کان مان اتي حاضر ٿي ويندي آھيان ۽ اتي جڏھن مجلس ٿيندي آھي ته جنھن جنھن عورت جي اک مان جيترا ڳوڙھا منھنجي پٽ حسين جي ڏک ۾ وھندا آھن، انھن کي ھڪ ڪاري رومال ۾ جمع ڪندي ويندي آھيان ۽ قيامت ڏينھن اھو رومال پنھنجي پٽ حسين کي ڏيکاري چونديس ته ڏس حسين تنھنجي ڏک ۾ بابا محمد جي امت ڪيڏي نه رُني آھي.“
امام حسين جي مجلس ، نوحن، مرثين جو اڄ جي ڀيٽ ۾ اڳي عورتن ۾ ڏاڍو احترام ھوندو ھيو.جڏھن به گھر ۾ نوحو ھلندو ھو يا اوڙي پاڙي کان آواز ٻڌنڌيون ھيون ته جھٽ ۾ کڻي چادر مٿي تي رکنديون ھيون ته پاڪ امام جو ذڪر پيو ھلي، مٿو اگھاڙو رکڻ ٺيڪ ڪونھي.عورتن ۾ ھڪ اھا به عادت ھوندي ھئي جو نوحو ڪڏھن به کٽ، ڪرسي تي يا پلنگ تي ويھي نه ٻڌنڌيون ھيون، بلڪه ھيٺ زمين تي چادر وڇائي ويھي پوء ٽيپ ۾ ڪيسٽ لڳائي ٻڌنڌيون ھيون. جيئن مردن جون الڳ امام بارگاھون ۽ عزا خانا ھوندا آھن، اڄ به جٿي ڪٿي ڳوٺن توڙي شھرن ۾ عورتن جون الڳ امام بارگاھون آھن ۽ ڪٿي وري مردن ۽ عورتن جو گڏ امام بارگاھون ھجن ٿيون ۽ وچان پردو لڳائي عليحدگي ٿيل ھوندي آھي.عورتون غم حسين ۾ ذاڪري توڙي نوحه خواني به وڏي پيماني تي ڪن ٿيون. اھلبيت ۽ اسلام جي تعليم وٺي ۽ علم حاصل ڪري مردن جيان ئي عورتون پھرين فضائل پڙھي پوء مصائب پڙھن ٿيون ۽ اھي عورتون به ھونديون آھن جيڪي وچ وچ ۾ نعرا لڳائين ٿيون. عورتون نوحه خواني ۾ به اڳيان آھن جئين ته مشھور ڳائڻي فوزيه سومرو به نوحه پڙھندي ھئي ۽ آڊيو ڪيسٽون پڻ ڪڍيائين.اڄ به ڪيتريون ئي ڳائڻيون محرم ۾ نوحه پڙھن ٿيون، ۽ عورتن جو آڊيو وڊيو ڪيسٽون ريليز ٿينديون آھن . اھڙي طرح عورتون جا گروپ ٺھيل ھوندا آھن جيڪي پنھنجي مخصوص انداز ۾ ماتم داري ڪنديون آھن. ھڪ متاثر ڪندڙ ڳالھ اھا به آھي ته نوجوان ڇوڪرين وانگيان ئي عمر رسيده پوڙھين جا به ٽولا ھجن ٿا ، جيڪي اڪثر پراڻا ۽ قديمي نوحه پڙھي گريان ڪري سر، منھن ۽ سينو پٽينديون آھن، انھن جي ماتم ڪرڻ جو انداز به وکرو ھوندو آھي، پر انھن جي آواز ايڏي ته پُر اثر ۽ غم سان ڀريل ھجي ٿي جو ھر اک اشڪبار ٿيو وڃي. جڏھن عورتون سڀ بيھي ماتم ڪن ٿيون ته ماتم جو حلقو ٺاھين ٿيون ۽ انھن جو انداز اھڙي قسم جو ھوندو آھي ته ڪوشش ڪري علم جي چوڌاري گول چڪر ۾ بيھينديون ۽ نوحه پڙھندي پڙھندي آھستي سان ٿورو قدم وڌائينديون وينديون ۽ ائين اھي علم جو گول چڪر لڳائين ٿيون.
عورتون عَلم جي سينگار ۾، سيج ۽ پينگھا ڪڍڻ ۾ ڪافي جڳھن تي حصو وٺنديون آھن.جڏھن محرم کان پھرين عورتن جي امام بارگاھن جو علم لاھيندا آھن تي علم جي بيرڪ (علم تي چاڙھيل جھنڊو) عورتون پاڻھي گھرن ۾ سبنديون آھن ۽ اھي علم تي لڳائي اينديون آھن. اڪثر عورتون سڀ گڏجي اھي ڪم ورھائي کڻن ٿيون، امام بارگاھ جي صاف صفائي ھجي يا ٽٽل ڀڳل شيءُ جي نيڪالي، عورتون بخوبي پنھنجو ڪردار نڀائين ٿيون. جتي امام بارگاھن جو پٽ ڪچو ھوندو اتي پاڻھي ئي ٻه ٽي عورتون گارا لنبينديون، اتي موجود رليون ۽ چٽائيون ورھائي کڻي ڌوئينديون، ۽ ڄارا وغيره لاھي امام بارگاھ کي صاف سٿرو ڪنديون. اٺين محرم تي امام حسن جي فرزند علي قاسم جي ميندي ڪڍنڍيون آھن، جيڪا ڪئي عورتون منت طور پنھنجي ھٿ تي پل کن لاء ھڻي پوء مٽائي ٿيون ڇڏين.ان سان گڏوگڏ علي اصغر جو پينگھو ھجي يا علي قاسم جي سيج، عورتون گڏجي پاڻ سينگاري پيش ڪنديون آھن.علي قاسم جي وني بيبي ڪُبرا جون ڏاج پڻ ڪڍن ٿيون جنھن ۾ ڪپڙا چوڙيون ۽ ھار ھجن ٿا.
امام بارگاھ کان علاوه محرم دوران گھرن ۾ به اھتمام ٿيل ھوندو آھي، گھرن ۾ ذاڪرياڻيون ۽ نوحه خوان عورتن جو ٽوليون اچن ٿيون. اوڙي پاڙي ۾ امام جي مجلس جو دعوتنامو موڪليو ويندو آھي ۽ سڀ اچي جمع ٿينديون آھن، جئين ته شادي مرادي ۾ اچڻ وڃڻ جا حساب ڪتاب ھوندا آھن ، پر مجلس ۾ سڀ ئي اچي شريڪ ٿيندا آھن ۽ اھو چيو ويندو آھي ته امام حسين جي مجلس ۾ شريڪ ٿيڻ پيا وڃون ان ۾ ڪھڙي ريس ڪبي؟ اھڙي طرح مردن وانگي عورتن جي مجلس ٿيندي ئي بعد ۾ نياز حسين تقسيم ڪيو ويندو آھي.اڄڪلھ ڪيتريون ئي نوجوان ڇوڪريون جن جو لاڙو مذھب طرف وڌيڪ آھي تن جي مجلسون سکڻ ۽ پڙھڻ ۾ وڏي دلچسپي ھوندي آھي.عورتن ۾ حساسيت وڌيڪ ھوندي آھي، تنھنڪري مردن جي ڀيٽ ۾ گريان وڌيڪ ڪنديون آھن. جئين ته مان ڪا رپورٽر ناھيان جو شھر شھر وڃي معلومات سھيڙي سگھان باقي آسپاس ۾ موجود عورتن کان جيتري معلومات ميڙي سگھيم سان ميڙي ھتي تحرير ڪندم. جئين ته ميرپورخاص جي شھر ۾ موجود امام بارگاھن ، جنھن ۾ حيدري امام بارگاھ، مکڻ شاھ امام بارگاھ ، ڪاظمين امام بارگاھ، عزا خانه زھرا سميت ٻين ھنڌن تي منھنجو وڃڻ ٿيندو آھي ته ، مان وڃي ڪري ھر پھلو کي باريڪ بيني سان ڏسندي آھيان.ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شھرن جي عورتن ۾ شعور ۽ جذبو وڌيڪ نظر ايندو آھي .جئين ته ڳوٺ اندر ھڪ ئي ذات جون ويجھيون عورتون ھوندي ھڪٻئي جي طور طريقن سان ڀلي ڀت واقف ھونديون آھن، پر شھر ۾ مختلف ذاتن جو شيعه عورتون گڏ ٿي اچي بيبي بتول کي پُرسو ڏينديون آھن. مون حيدري امام بارگاھ ۾ ھڪ اڌڙوٽ عورت ڏٺي جيڪا وڏي ڦڙتي سان عورتن جي طرف جا انتظامي ڪم سنڀاليا پئي، ۽ ھر ايندڙ ويندڙ کي پئي ھدايتون ڏنائين آرام سان اچو وڃو ، جڏھن نياز تقسيم ٿئي ته صبر سان کائو، پنھنجن ننڍن ٻارن کي سنڀاليو جئين رش سبب چپجي نه وڃن ، مجلس دوران ڪابه ڪچھري نه ڪريو، ڪوشش ڪري موبائلون پنھنجو سائلينٽ تي يا وابريشن تي رکو ، ۽ پنھنجي پرس جي حفاظت پاڻ ڪيو.مون سوالي انداز ۾ پڇيومانس : آپا اوھان ڪيڏي نه رعب سان ھي سڀ ڪجھ سنڀاليو پيا ، ڇا اوھان کي ذميواري ڏنل آھي؟ اھا ذات جي سيدياڻي ھئي ۽ تڙ تڪڙ ۾ جان ڇڏائيندي جواب ڏنائين ته ، منھنجي ڏاڏي جي دور کان اسين انتظام سنڀاليندا پيا اچون، تنھنڪري مون تي فرض آھي ته مولا حسين جي نوڪري، ان جي آيل عورت عزادارن کي صحيح ھدايتون ڏئي پوري ڪريان . ھو پاڻ به پڪي مولائڻ پئي لڳي ۽ سندن زبان تي اھي لفظ پئي گھميا، مولا کي احترام سان پرسو ڏيو ، شور نه ڪيو ، جٿي جنھن کي جڳھ ملي اتي ويھي رھي. اتي ھر قسم جي ويڙھ ۽ اٽڪاءُ کي وقت سر اڪلائڻ لاء ٻه پوليس واريون عورتون ويٺل ھيون ، جن اچڻ وارين عورتن جي چيڪنگ پئي ڪئي ۽ پڇڻ تي چوڻ لڳيون ته محرم ۾ پورو عشرو، پوء چھلم توڙي ٻين امامن جي شھادتن جي حوالي سان جڏھن عورتن جون شب بيداريون ۽ ماتم برپا ٿيندا آھن ته اسان کي شھري حڪومت طرفان آرڊر ڏئي اتي ڊيوٽي لڳائي وڃي ٿي.چوڻ لڳيون ھرڀرو عورتن ۾ ڪوبه ويڙھ جو معامرو سامھون ناھي ايندو ، پر اسان جي وڏي توجه انھي تي ھوندي آھي ته ڪنھن جو خدانخواسته ٻار ماءُ کان پاسيرو نه ٿي وڃي، باقي جتيون گُم ٿيڻ جون ڪڏھن ڪڏھن ڪا شيء چوري ٿيڻ جون به شڪايتون اچن ٿيون ، پر جيستائين اسان وٽ شڪايتي پھچي، مجلس ۾ شرڪت ڪندڙ عورتون مجلس ختم ٿيڻ بعد جھٽ پٽ ۾ واپس روانيون ٿي چڪيون ھونديون آھن، ان ڏس ۾ پوء اسين اھو چئون ٿا ته يا مھلائتي شڪايت ڪيو يا وري پوء پنھنجي شيء جي سنڀار پاڻ ڪيو. ليڊيز پوليس وارين موجب مجلس ۽ ماتم ٻڌي اسان جو ڌيان به ڪافي ان طرف راغب ٿي وڃي ٿو ۽ عورتن جو روئڻ ڏسي ۽ ذاڪره جون غم سان ڀريل ڳالھيون ٻڌي اسان جي اکين ۾ به ڳوڙھا تري اچن ٿا.
مکڻ شاھ جي پڙ ۾ ته جاء گھٽ ۽ رش ايتري ھجي ٿي جو ويھڻ جي جڳھ ئي نه ملي، اھي سڀ امام بارگاھون عورتن توڙي مردن جو آھن ۽ اڌ پاسو عورتن لاء مخصوص ڪيل ھوندو آھي.اھي ته وڏيون ضلعي سطح تي امام بارگاھون آھن جتي محرم دوران ھر قسم جي تخريبڪاري کان بچڻ لاء انتظام سخت ھوندا آھن، باقي شھر اندر محلن ۽ پاڙن تي ننڍا ننڍا عزاخانه پڻ موجود آھن جن ۾ عورتن جي شرڪت صرف پاڙيسڙين تائين محدود ھجي ٿي. جڏھن ھن ئي سال ٻه محرم تي منھنجي ھڪ عزيز قدمگاھ مولا علي حيدرآباد تي حاضري ڏني تي واپسي تي مونکي اچي چيائين اڄ ھڪ دل ڇھندڙ مذھبي ھم آھنگي جو نمونو ڏسي آئي آھيان.
پڇڻ تي اطمعينان سان چيائين ته قدمگاھ ۾ جڏھن زيارت لاء اندر وياسين ته ٻه ٽي عورتون داخل ٿيون، جن جي مٿي تي سندور لڳل ھئا ۽ ھندو مذھب جون عورتون ھيون پر اھي سڀئي ھلڪي ھٿ سان ماتم ڪري رھيون ھيون ۽ ڏيک ۾ لڳو پئي انھن جو خاص عقيدو آھي تڏھن ئي حاضري به ڏين پيو ۽ گڏوگڏ ماتم به ڪن پيون.
شيعه عورتن جي محرم ۾ خاص سڃاڻپ ، ڪارا ڪپڙا ۽ ڪاري چادر ھٿن ۾ منتن جا ڌاڳا، ڪڙا ساڄي ھٿ ۾ دُر نجف واري يا ٻي پٿر واري مُنڊي آھي، جنھن ڪري پري کان ئي ڏسي ھر ڪو سمجھيو وڃي ته اھا عورت عزادار حُسيني ۽ مولائڻ آھي. جئين ته ھاڻي جي جديد دور ۾ عورتون سوڳ لاء ڪارا ڪپڙا وٺڻ کي ترجيح ڏين ٿيون ، جنھن سبب ذوالحج جي 10 تي عيد قربان گزرڻ بعد مارڪيٽس ۾ ڪارا ڪپڙا ، خصوصي طور تي چادرن جي دڪانن تي ھر قسم جون ڪاريون چادرون محرم جي مناسبت سان اچي وڃن ٿيون.چادرون سوٽي ڪپڙي جون ۽ نيلن جي ڪپڙي جون گھڻيون استمعال ڪيون وڃن ٿيون ۽ اڄڪلھ ڇوڪريون ڪارا اسڪارف پائڻ به بيحد پسند ڪن ٿيون. جيڪي چادرون ھلڪي ڪپڙي جون ھونديون آھن اھي 3 سئو کان 4 سئو تائين ملن ٿيون، باقي ڀلي ڪپڙي واريون 500 کان ھزار تائين جون ملن ٿيون . منھنجو محرم کان 15 ڏينھن اڳ جڏھن ميرپورخاص جي ليڊيز مارڪيٽ جي چادرن وارن دڪان تي وڃڻ ٿيو ته، دڪان واري چيو باجي 2 ڏينھن انتظار ڪري پوء اچو اسان محرم جي مناسبت سان نيون ڪاريون چادرون گھرائڻ جو آرڊر ڏنو آھي، ھڪ ٻه ڏينھن ۾ پھچي وينديون.ھاڻوڪي دور جي عورتن ۾ عقيدي جي پنھنجي جڳھ پر ڏيک ڏيکاءُ ۾ پڻ واڌارو پيو اچي جنھنڪري شيعه عالم عورتون ۽ مرد انھي تي تنقيد پڻ ڪري رھيا آھن ته جيترو ٿي سگھي محرم ۾ سادگي اپنايو ۽ اھڙو رويو رکو جئين واقعي اھو تاثر ملي ته اوھان انھن شھيدن جا مڃيندڙ آھيو جن ڪربلا جي تتل رڻ ۾ جانيون ڏئي اسلام جي مذھب کي اونچو رکيو.
اسانکي ڪربلا جو غمزده واقعو ۽ ان سان لاڳاپيل ھر ڪردار ھڪ سبق ڏئي ٿو ، جنھن ۾ اسان لاء رھنمائي سمايل آھي . عزاداري سان گڏوگڏ اڄڪلھ جي عورتن کي اھو به گھرجي تہ جيترو ٿي سگھي محرم جي ڏينھن ۾ پاڻ کي سادو رکي غم حسين ملھائين، ڇوته امام حسين پنھنجي سربراھي ۾ جيڪا ويڙھ ڪري قربانيون ڏنيون، اھا حق جي جنگ ھئي ۽ اسان کي صفا نٿو سونھي ته اجائي ٺاھ ٺوھ ۽ ڏيکاءُ ڪري سوڳ وارن ڏينھن ۾ امام جي حاضري ڏيون.
http://www.dailyappeal.pk/home/paper/2016-10-10/2.jpgi