Sunday, 21 August 2016

ابوجھاد جي آمد / ماھم سنڌي

10/08/2016
ابوجھاد جي آمد / ماھم سنڌي / ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

سنڌ امڙ پنھنجي بھادر ۽ موڀي پُٽن کي پنھنجي جھولي ۾ جھولائڻ سان گڏوگڏ، اھڙي ته بھتر رھنمائي ڪندي آئي آھي جو سندس پٽ ماءُ جي ڏسيل واٽ تي پير ڀريندي سنڌ ڌرتي جو ڳاٽو فخر سان اونچو ڪيون بيٺيون آھن.جڏھن ماءُ پنھنجي ٻار کي جنم ڏيندي آھي ته ، سمورين پيڙاھين کي سر تي ۽ جسم تي سھي انھي خوشي ۾ ٻھڪي ٿي پوي ته، منھنجي ٻار جي آمد ضرور منھنجي لاء باعث فخر بڻجندي.پنھنجي ٻار جي پھرين جھلڪ ڏسڻ لاء نظر جُھولي طرف ڦيرائي  ٿي ته، معصوم  ٻار جو اکيون ٻوٽيل ۽ ڳاڙھاڻ سان ڀريل چھرو پسي ان  ماءُ جي مرڪ املھ ٿي پوندي آھي.ڄڻ ھن کي نوء مھينن جي ڪٽيل ڪشالن ۽ دردن جو ثمر ملي پوندو آھي.
ھڪ ھڪ رات جو اوجاڳو، سار سنڀال، صفائي سٿرائي ، پرورش، سڀ ڪجھ ڪندي  ھو ڄڻ ته ايندڙ وقت ۾ سجايل اميدن جي آر سان خواھشن جي پوتي پوئيندي وڃي ٿي.سنڌ ڌرتي جي اڻ ڳڻت ڪردارن ھميشه ڌرتي کي سرخرو ڪيو آھي.صوفي ازم جو لاڙو ھجي، انسانيت سان محبت جو درس ھجي،  يا ايڪتا جو سوال ھجي، حقن جي حاصلات ھجي يا دشمنن سان مقابلو ھجي، نج ۽ حلالي سنڌي ، انھي سڀني چئلنجن کي وقت سر منھن ڏيندا آيا آھن ۽ ڏيندا رھندا.سنڌ جي ڌرتي ئي اھڙي  املھ آھي تڏھن ئي ته ھر وقت ۾ املھ ڪردارن کي جنم ڏئي دنيا سامھون فخر ڪري ٿي ته، منھنجا پٽ مٽي ملھائي سرخرو  ٿي ويا آھن. جديد سنڌي قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جھڙي طرح سنڌ جي حقن لاء جنگ جوٽي سنڌ جو ڪيس اڳيان رکيو ، تنھن دشمن ته گھڻا پيدا ڪيا ، پر سائين جي  ايم سيد پنھنجي اڳواڻي ھيٺ پنھنجي سياسي ٻارن جي پرورش به اھڙي خوب انداز ۾ ڪئي جو انھن ۾ پنھنجا گڻ پڻ منتقل ڪري ويو .پنھنجي ليڊرشپ ، پنھنجي سياسي ڏاھپ ، دور انديشي،  دشمن ۽ دوست جي پرک ، آئيندي جو اونو وغيره سڀ پنھنجي شاگردن ۾ منتقل ڪري ويو.انھن شاگردن ۽ سيد جي وفادار ٻچن مان بشير خان قريشي به ھڪ يادگار ۽ وعدو وفائي ڪري ، سنڌ لاء سر پيش ڪندڙ  سچو سپوت ڪردار ھو.

اڄ بھادر بشير خان جي 57ھين سالگرھ آھي.اھا اسانجي بدنصيبي چئبي جو اڄ ھو اسان سان گڏ موجود ناھي، جو پنھنجي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽي پنھنجو منھن به مٺو ڪري ۽ اسان به کيس سامھون واڌايون ڏيون.پر ھن جھڙي سحر انگيز شخصيت کي ياد ڪري اڄ ڀيٽا پيش ڪريونس ٿا.يادن جي ڊگھي ميز تي  پاڻمرادي گُھرايل خيالن کي ڪنھن عڪس جو روپ ڏئي ھڪ ڪيڪ رکون ٿا ۽ ان جي ناموجودگي جي تکي احساس سان ڪيڪ ڪٽي ۽ چھري تي سرھائپ آڻي بشير جي تصوير واري وڏي فريم سان مخاطب ٿي چئون ٿا ته جنم ڏھاڙو مبارڪ ھجيئي وڏا...

لاڙڪاڻي جي گرم  ۽ خشڪ زمين ، جتي ھاڙ جي مند جو گرمي پد وڌي ڪري ماڻھن جو ساھ منجھائي ٿو ڇڏي ، اتي رتيديرو جي محلي موٽڻ پور ۾ 10 آگسٽ 1959ع تي جنم وٺندڙ بشير خان قريشي ھڪ لڪل ستاري جيان ھيو ، جنھن جا چمڪندڙ ارادا ۽ شخصيت وقت جي وکن کڻڻ بعد منظرعام تي آئي.غلام مرتضي قريشي جي گھر ۾ گلشن قريشي جي ڪک مان جنم وٺندڙ بشير خان جي ڪنھن کي ڪل ھئي ته ھي به ڪو ليڊرشپ جون خوبيون رکي ٿو . سادگي سان زندگي جا شروعاتي ڏينھن گزاري عام ٻار وارا مشغلا اپنائيندڙ بشير خان  پاڻ به شايد اڻڄاڻ ھو ته ھو اڳتي ھلي سنڌي قوم جي حقن لاء ويڙھاند شروع ڪندو ۽ آخري دم تائين جاري رکندو.بشير قريشي رتيديري ۾ موجود پرائمري اسڪول مان 1969ع تي پنج درجا پاس ڪري،  1974ع ۾ گورنمينٽ ھاء اسڪول رتيديري ۾ مئٽرڪ جي ڊگري حاصل ڪئي.انٽر سائنس جو امتحان سي اينڊس ڪاليج شڪارپور مان پاس ڪري ، 1978ع ۾ اچي ڪري ٽنڊي ڄام جو رخ ڪيائين، اتي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتائين.ھي اھو وقت ھيو جيڪو ھن جي شخصي خوبين کي وائکو ڪري رھيو ھيو، ھاڻي ھو پنھنجي گڻن سان گڏ عملي زندگي جي اڻانگھي ۽ اوکي ميدان ۾ قدم رکي رھيو ھيو، جتي ھن جي ڪيرئير کي به خطرا لاحق ھئا ۽ ان جي پڙھائي به متاثر ٿي پئي سگھي ۽ ھي اھڙو زندگي جي دور ۾  داخل ٿي چڪو ھيو جتي اڪثر نوجوان بري صحبت سبب اصل مقصد کي پٺي ڏئي راھ تان ڀٽڪيو وڃن ٿا جن کي سڌي راھ تي آڻڻ ئي اوکو ٿيو پوي.ھونئن به سچ چوڻي آھي ته جواني ديواني ھوندي آھي ، گھڻا نوجوان رڳو موج مستيون ڪري پنھنجي زندگي جا اھم ترين ڏھاڙا ضايع ڪريو ٿا ڇڏين.ھي اھو وقت آھي جڏھن انسان ۾ ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جو  مڪمل ولولو ۽ جوش ھوندو آھي.اگر  انھي وقت ۾ پنھنجا ارادا ھماليه جيان مظبوط رکجن ته ان جي ڪاميابي گھڻي پنڌ تي ناھي ھوندي ۽ پٿريلا جبل به واري جي ڀٽ جيان ٿي پوندا آھن.بشير خان ايندي ئي پڙھائي کان علاوه ٻين سرگرمين جو به حصو بڻيو، ھن شاگرد تنظيم جئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪئي.اھو دور ھن جي عملي سياست  ۾ سکيا جي شروعات جو وقت ھو.بشير خان سائين جي ايم سيد جي نقش قدم تي پنھنجا پير رکي ان جي نظريي جو پرچار ڪرڻ لڳو. 1980ع ۾ ٽنڊي ڄام يونيورسٽي ۾ ان کي جساف جو صدر مقرر ڪيو ويو ، اھا نا صرف ان جي ڪاميابي ھئي بلڪه ان جي لاء ھڪ نئون امتحان پڻ ھئي.ھي ھاڻي جساف ۾ موجود شاگردن جي صدارت ڪرڻ لڳو ھو، اندروني توڙي ٻاھرين مسئلن کي صحيح انداز ۾ پيش ڪري فيصلا ڪرڻ ان جي ذمي ۾ ھو.ھڪ شاگرد جي حيثيت سان ھن ضياءالحق جي لڳايل  ڪاري مارشلا دوران ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پڻ شامل ھيو.ان جي زندگي ۾ يو ٽرن 17 آگسٽ 1984ع تي ٺوڙھي ڦاٽڪ تي شھيد ٿيل سنڌين بعد آيو جنھن ۾ جساف جا گھڻا ئي ڪارڪن گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويو ھيو.1984ع ۾ ئي ھو سعيده قريشي سان شادي بي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو. ھن پھرين دفعي جيل جو منھن 1985ع ۾ ڏٺو ۽ جسماني اذيت پڻ سٺس، ان وقت گرفتاري دوران ملٽري ڪورٽ ان کي ھڪ سال ڏھ ڪوڙن جي سزا ٻڌائي ۽ ان تي عمل ٿيو ۽ 1986ع تي آزادي  ماڻيس.
1986ع ۾ جساف سنڌ جو صدر ان جي شخصيت تي ڀروسي سبب ان کي ڪيو ويو.ھن جي بھادر شخصيت جو اثر ان جي ھيٺيان ڪم ڪندڙن تي خوب ھيو.اھي ان جي فيصلن ۽ راء کي بي حد مفيد سمجھي ھر فيصلي تي ھائوڪار ڪندا ھئا.جيتوڻڪ تنقيد ڪندڙ به عنصر ھئا جيڪي ھر وقت الرٽ رھندا ھئا.
1988ع ۾ ھن کي نسلي فسادن جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو ۽ 18 مھينا جيل ۾ رھيو.
1990ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر مقرر ٿيو.ھاڻي اھو دور ھيو جو بشير خان جو نالو ھڪ معتبر ماڻھو جي حيثيت سان ورتو پئي ويو. حالانڪه ھو بي انتھا سادو ۽ يارن جو يار ھيو، سادگي سان ھلڻ ۽ ھر ننڍي توڙي وڏي سان گھلي ملي رھڻ ان جي ظاھري شخصيت جا مثبت پھلو ھئا.
سائين جي ايم سيد جي سرپرستي ۾ سکيا وٺندڙ بشير خان تي سائين جي ايم سيد کي ڀروسو ھوندو ھيو، تنھنڪري ان سان ويجھڙائي پڻ رھيس. 25 اپريل 1995ع تي جڏھن سائين جي ايم سيد  لاڏاڻو ڪري سنڌ جي مٽي منجھ مليو ، ته نه ڀرجندڙ خال پيدا ٿي پيو پر پوء به ان جا ڏسيل الفاظ  سنڌ ڌڻين لاء مشعل راھ ٿي پيا.سائين پاڻ چوندو ھو ته  ‏"جڏهن آزاديءُ جي سفر ۾ ٿڪجي پئو ته مٿي آسمان ڏي نهارجو ، آءُ سِتارن ۾ به سنڌوديش جي پرچار ڪندي نظر ايندس." ته انھي وانگر ئي ضلعي دادو جي شھر سن مان ھو سنڌ جي موڀي پٽن جي رھنمائي ڪندو پئي رھيو ، جيڪا اڄ تائين جاري آھي.اُن وقت جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) وجود ۾ آئي ۽ بشير خان جيل ۾ ھوندي به ان کي ڊپٽي ڪنوينر چونڊيو ويو. سال 1998ع کان ان جي سربراھي بشير خان جي حصي ۾ آئي.ھاڻي بشير خان قومپرست سياست ۾ ھڪ سربراھ ليڊر طور متعارف ٿيو.حالانڪه ھن جي اڳواڻي پھرين به ھئي ، پر ھاڻي ھو چيئرمين مقرر ٿيل ھيو.جيلن جون اذيتون ۽ ڪوڙن جا ڦٽڪا سڀ سھي چڪو ھو.ڄڻ ته سرن جي بٺي مان پچي راس ٿي نڪتو، ھو ھاڻي مخالفن جي باھ ۽ دشمنن جي تپش پنھنجي جسم تي سھي ڪري پچي نڪتو ھو.ھاڻي بشير خان جي شخصيت زندگي جي تلخ تجربن سان ڀرپور ھئي ، جنھن ۾ ھن ڪئي ڏکيا سبق پرايا ۽ دوست يار به آزمايا ۽ ماڻھن جي پرک به پئجي ويس.سائين جي ايم سيد جي شخصيت ۽ ان جي اڳواڻي مان فيض حاصل ڪندڙ بشير خان ۾ ان جي سحر انگيز صبحت جا ڪجھ گڻ شامل پڻ ٿي چُڪا ھئا.بشير خان جي تقريرن ۾ ولولو ۽ شينھن واري گجگوڙ ۽ للڪار ڏسڻ وٽان ھئي.بشير خان جي دوستن جو دائرو ته وسيع ھو پر ان جا ويري به آڱرين تي ڳڻڻ کان مٿانھان ھئا.ھو 17 جنوري 1999ع تي جڏھن سنڌ جي سيد جي سالگرھ ملھائڻ لاء سن پئي ويو ته گرفتار ڪيو ويو.۽ 11 مھينو لاڳيتو ان جي آزادي جي تحريڪ ھلائڻ بعد نومبر 1999ع ۾ رھا ٿيو.
ھو مجموعي طور 6 سال  10 مھينا مختلف جيلن ۾ گھاريا.1989ع ۾ ھن جو ڪتاب  “جاڳيا جنگ جوان“  شايع ٿيو جن ۾ ھن جون تقريرون شامل آھن.ان ڪتاب 1997ع  ۾ جي ايم سيد نيشنل ايوارڊ ماڻيو.بشير خان کي “ابوجھاد“ جو لقب ڏنل ھيو.مسلسل جدوجھد ڪرڻ ۽ سنڌين جي حقن جي لاء آواز اٿارڻ سبب اھو لقب مليس.پر ماڻھو ھن کي وڏا يا وڏو چوندا ھئا ، جيڪو عام طور ھن جا ويجھڙا ڪارڪن ، ڄاڻ سڃاڻ، ياري دوستي، وارا چوندا ھئا.
ھو آخري دفعا 2011ع ۾ غيرقانوني ھٿيار رکڻ جي الزام تي گرفتار ٿيو ، پر ٽن ڏينھن اندر ضمانت تي رھا ٿي ويو.ھن جو سڀ کان وڏو سياسي ڪارنامو ۽ سنڌ جي قومپرست سياست ۾ تاريخي فتح اھا ھئي ته ھن 23 مارچ 2012ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ فريڊم مارچ ڪرايو ، جنھن ۾ ٻين قومپرست ليڊرن ۽ سنڌي توڙي اردو ڳالھائيندڙن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.جنھن ۾ ان اعلان ڪيو ته اسان سڀ سنڌ واسي 23 مارچ 1940ع واري قراداد پاڪستان کان لاتعلقي ڪيون ٿا ۽ عھد ڪيون ٿا ته سنڌوديش کي قائم ڪري رھنداسين ، جنھن جو وجود ھن  خطي جي امن ۽ سنڌ ڌرتي جي حفاظت لاء انتھائي اھميت رکي ٿو.ابوجھاد جي ان تقرير ۽  سنڌوديش جي حق تي مبني مطالبي جي ورجاء مخالفين کي ننڊن ۾ ڇرڪ ڀرائي ڇڏيا.
7 اپريل 2012ع تي سڪرنڊ ۾ دوستن سان گڏ رات جو کاڌو کائڻ بعد واپسي لاء جئين اتان روانو ٿيو ته  طبيعت بدلجڻ لڳس ، ھو ھوش وڃائڻ لڳو ۽ ڇاتي جي سور جو چيس ، جنھن دوران کنگھندو به رھيو ۽ پوڻي 3 وڳي تائين پاڻ ۾ ساھ جي سانت نه جھلي سگھيو ۽ سنڌ جو بشير مرحوم بشير خان ٿي ويو.ھڪ ڳجھارت بڻيل ۽ اڻ مندائتي موت بھار جي مند جي پوين ڏھاڙن ۾ گلشن اندر خزان جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو.ان موت جي پٺيان به سازش ظاھر ٿي جڏھن پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ کاڌي جو پوائزن ظاھر ٿيو.ھن جي دشمنن جو دائرو فريڊم مارچ ريلي کانپوء وڌي وڏو ٿي ويو ھيو.سائين جي ايم سيد جا پيروڪار ۽ ان کي پيغمبر سنڌ مڃيندڙ حالانڪه سڄي سنڌ آھي، پر ھي سيد جي واٽ تي ھلندڙ ڪارونجھر جيان اونچو جوان اڌ سفر ۾ ئي موت طرف راھي ٿي ھڪ وڏو نا ڀرجندڙ خال ڇڏي ويو، جنھن جي ڀرپائي وقت به نٿو ڪري سگھي.جئين ته سيد جا ويري گھٽ نه ھئا ، اھڙي طرح سيد جي سچن ساٿين ۽ ٻچن جا به وڏا ڪاريھر ويري نانگ ٻرن ۾ لڪل آھن ۽ زھريلو ڏنگ ھڻڻ جي تانگھ ۾ ھر پھر تيار ٿيو ويٺا آھن. ان جي مرتئي بعد سنڌ وري سوڳ ۾ وٺجي وئي ۽ ماتم ڪرڻ لڳي. بشير جي پڳدار پٽ صنعان قريشي کي جسقم جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.جيڪو اڃان سياسي طور ايڏو تجربو ۽ پرک نٿو رکي.
اڄڪلھ سنڌ جي قومپرست سياست ۾ بيشڪ وڏا نالا ۽ سچا جي ايم سيد جا پيروڪار موجود آھن پر اڄ جي سنڌ جي قومپرست سياست انفراديت تي لھي آئي آھي.جيئي سنڌ تحريڪ جي مختلف  ڌڙن ۾ ورھائجڻ بعد ان جا جيڪي بنيادي اصول ھئا ، جنھن ۾ سنڌوديش جو قيام ، ان جي ڦريل پاڻي سميت وسيلن تي قبضي تان ڇوٽڪارو،  ڌارين جي آبادڪاري کي نيڪالي ڏيڻ، پاڻمرادو واڌيل انتھاپسندي کي پاڙن سميت پٽڻ ، ڪالاباغ ڊيم سميت جيڪي وڏا اشو آھن ، ان تان ڪجھ ھٽيل نظر اچن ٿا انھن اشوز تي اڄڪلھ جا قومپرست ذاتيات تي لھي ڪري اوترا متحد نه پيا نظر اچن جيتري اڄ  کين ضرورت آھي.پکين جي ولر ۾ به تيستائين طاقت ۽ ايڪو نه ايندو جيستائين ھو ولر جي صورت اختيار نه ڪندا.ھڪ ذاتي تجربو ٻڌايان ھتي لکان ته: مون ھڪ دفعي  ڏٺو ته سامھون واري گھر جي ڇت تي اڇلايل اَن جي داڻن تي ڪيترائي پکي لھي آيا.پر پکين جي ايڪتا  جو اھو خوب انداز دل سان وڻيم ته ھڪ پکين جو ٽولو سڀ داڻا چڳڻ بجاء ٿورا کائي ۽ پوء اڏامي ويو ۽ ٻين پکين کي وٺي آيو، جڏھن ٻيا پکي چُڳڻ لڳا ته پھريون ٽولو پاسو وٺي ڄڻ ته دشمنن کان بچاءُ لاء پھرو ڏئي رھيا ھجن.انھي تجربي جيان
قومون به تڏھن ئي حق حاصل ڪرڻ جي اھل ٿينديون آھن، جڏھن اھي اجتماعي مسئلن جي حل جو سوچين ٿيون.ڪنھن ھڪ فرد کي نوڪري ملڻ يا ڪنھن ھڪ گھر جي سھولت، ان ھڪ ئي گھر جي ڀاتين کي فائدو ڏيندو ، پر جيڪو ڪم ھڪ گھر بجاء سڄي ڳوٺ يا شھر لاء ڪيو ويندو  آھي ان مان گھڻا ماڻھو لاڀ حاصل ڪندا آھن. روزگار جي نون موقعن لاء توڙي ، معياري تعليم لاء اجتماعي بنيادن تي تڪڙا قدم کڻجن ته ان جو فائدو گھڻن کي ٿيندو.
اڄ اسانکي بيحد ضرورت آھي ته پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ھڪ پيج تي اچي ھڪ آواز بلند ڪريون ۽ جيڪي به سنڌ دشمن رٿائون ۽ فيصلا آھن انھن کي سختي سان رد ڪيون.جتي سنڌ ۽ سنڌين سان سوديبازي جي ڳالھ اچي اھو پاسو ئي مٽائي ڇڏيون.سنڌ سنڌين جي آھي اھا ڳالھ چوڻ سان نه پر ثابت ڪري ڏيکارڻ سان ئي اسان ڪجھ ڪري سگھنداسين.اڄ بشير خان جي جنم ڏھاڙي تي ھو اسان وٽ موجود ناھي پر اڄ  ان جي سنڌ ڌرتي  تي آمد جو ڏينھن آھي.ان جو جنم واقعي  به خوشي جي نويد ھئي.جنھن ڪري اھو ھڪ خوشي جو ڏھاڙو آھي.اڄ بشير خان کي جنم ڏڻ جون واڌايون پيش ڪيان ٿي ۽ گڏوگڏ اھو به حافظي ۾ آڻيان ٿي ته سنڌ جي سائين جي ايم سيد جي مقصد کي اڳيان رکي ان جي نقش قدم تي ھلون.جنھن سنڌ تي سوديبازي نه ڪري پاڻ مڃايو.