Tuesday, 19 January 2016

سنڌ جي سائين کي سالگرھ جون واڌايون/ماھم سنڌي

#January17th   112th  #Birthday  #SainGMsyed

سنڌ جي سائين کي سالگرھ جون واڌايون / ماھم سنڌي/ميرپورخاص
mahamsindhi05@gmail.com

جديد سنڌي قومپرستي جي باني غلام مرتضٰي شاھ عرف سائين جي ايم سيد جي اڄ 112ھين سالگرھ آھي.جنھن کي سنڌ واسي پيار مان “پيغمبر سنڌ“ پڻ چوندا آھن.ھن جو جنم ضلعي دادو جي شھر  سن ۾ (جيڪو سنڌو جي ساڄي ڪپ تي آھي) اتي  ھڪ سيد گھراڻي ميان سيد محمد شاھ جي گھر ۾ 17 جنوري 1904ع ۾ ٿيو.پاڻ بزرگ شاھ حيدر رحه جي درگاھ جو 14ھون گادي نشين ھيو. سائين جن ٻالڪپڻ کان ئي انيڪ صلاحتين جا مالڪ ھئا.پاڻ 16 مھينن جي بنھ ننڍي عمر ۾ يتيم ٿي ويا.پيءُ جو سايو کڄڻ بعد گھر ۾ ڪو به مرد نه ھيو. جي ايم سيد اڪيلو گھر ۾ وڃي بچيو باقي سڀ عورتون ھيون.سائين جن جي پالنا ست عورتن گڏجي ڪئي جن ۾ ان جو ٻه مائرون ،جيجي حنيفه  (سڳي ماء )  ،سيده بيگم (ماٽيلي ماءُ) ،ٽي ڦڦيون، ھڪ شمعو بيگم جيڪا علام آء آء قاضي جي پھرين گھرواري ھئي ۽ ان جي ٻي زوجه ڪئي.ھو اڪيلو پٽ جو ٻار ھئڻ سبب ان جي سٺي نموني سان پالنا ڪئي ويندي ھئي ،ان جي کاڌي پيتي ۽ صفائي جو خاص خيال رکيو ويندو ھو پر تنھن ھوندي به ھو ھميشه بيمار رھندو ھو.ھڪ دفعا شديد بيمار ٿي پيو ڪنھن به ڦڪي اثر نه ڏنو.نيٺ ان لاء  دڙو جي بزرگ فقير سيد محمد علي شاھ کي گھرايو ويو.جنھن چيو ته ھي ڇوڪرو وڏو نالو ڪمائيندو ،شھرت جي بلندين کي ڇھندو ۽ اولاد وارو ٿيندو پر ان  جي ڪنھن سان نسبت ڪئي وڃي مطلب ته ان کي ڪنھن ڇوڪري جي نالي ڪري ڇڏجي جنھن کي مڱڻي چون ٿا.سائين جو 6 سالن جي ڄمار ۾ سيده بيبي  مريم سان نڪاح ٿيو ،جيڪا پاڻ پنج سالن جي ھئي.جي ايم سيد کي 1926ع ۾ پھرين پٽ جو اولاد ٿيو جيڪو گزاري ويو ۽ ان بعد 1929ع پھرين نياڻي جي ولادت ٿي جنھن جو نالو جيجي زرين تاج رکيائين.ٻي نياڻي جيجي شمع ڄائي ،ان بعد امير حيدر شاھ ۽ سيد امداد محمد شاھ ڄاوا.آخر ۾ ننڍي نياڻي درشھوار ڄائي.سائين جن طبيعت جو سادو ۽ صابر ھو.ڪنھنجي ڳالھ اڌ ۾ نه ڪٽيندو ھو.موقعو ملڻ تي پاڻ پنھنجي ڳالھ ٻين کي تفصيلي سمجھائيندو ھيو.ڪاوڙ ۽ تنگ نظري ان جي طبيعت جو حصو نه ھئا.مھاتما گانڌي ان کي بيحد پسند ھو.ھن ان جي پوئيواري ڪندي ئي سڄي حياتي سفيد شلوار قميض پاتي.ھن 27 اپريل 1921ع تي مھاتما گانڌي جو سن ريلوي اسٽيشن تي شاندر استقبال ڪيو جڏھن ھو حيدرآباد کان دادو پئي ويو.مھاتما گانڌي صلاح ڏيندي چيو ته کاڌِي جا ڪپڙا پائيندو ڪر ۽ آئون  ان جي صلاح تي عمل ڪيو.ھو ڪارل مارڪس جي خيالن جوحامي پڻَ ھيو.ھو مختلف قسم جا کاڌا کائيندو ھو پر رات جو اڪثر چانھ ۽ بسڪيٽ سان کائيندو ھيو.ھن شروعاتي تعليم گھر ۾ ئي پرائي.ھن کي استاد رکي ڏنل ھو جيڪو ان کي عربي فارسي ۽ انگريزي گھر اچي پڙھائي ويندو ھو.

سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومپرست سياست ۾ نوان لاڙا آڻي ھڪ نئي  ڪسوٽي تي بيھاري پرکيو.سائين جو ننڍپڻ ايترو ته مذھبي قيد ۾ گزريو جو ھو مذھب کان ھٽي چرندو به نه ھو.پاڻ ئي چئي ٿو ته نمازن ،روزن ،تھجد پڙھڻ کان وٺي ماڻھن کي زوري نمازون پڙھائڻ، روزا رکائڻ ،وظيفا پڙھڻ ۽ چلا ڪڍڻ منھنجي روزمره جي زندگي ۾ شامل ھو.پر چئي ٿو ته جئين وڏو ٿيس ته سمجھندو ويس ته مذھب ڪا جيل ناھي جنھن۾ قيد رھي ڪو قيدي سزا ڀوڳيندو رھي.سائين جي ايم سيد جي اھا ڳالھ بنھ تعريف جوڳي آھي ته ھن مذھب ۽ سياست کي الڳ ڪري رکيو.ان جي موجب مذھب جي نالي تي سياست ڪرڻ ۽ سياست کي مذھب جي نالي تي مشھور بنائڻ ٻئي تباھي جو ڪارڻ آھن.حالانڪه ھو مذھبي سياسي جماعتن کي به اھا صلاح ڏيندو ھيو ته مذھب نڀايو ڀلي پر ناجائز طور استمعال نه ڪيو.سائين جي ايم سيد ان ڳالھ تي اتفاق ٿو ڪري ته توھان ھر مذھب ۽ ھر تھذيب بابت ڄاڻ رکو ۽ پنھنجا خيالات ۽ سوچون ھميشه وسيع رکو.ڇوته آزاد خيال انسان ئي ترقي جي ضمانت آھي .باقي مذھبن اندر قيد ماڻھو ھميشه آزادي جي ڳولا ۾ ئي ھوندا آھن.سائين جي ايم سيد پنھنجي وسيع عقل وفھم موجب مُلا کي خاصو تنقيد بڻايو آھي.نه صرف مُلا کي پر ھو ھر مذھب جا رکوالا بڻيل پادري ،پنڊت، ربي وغيره جي نظرين کي تسليم نه ڪندو ھو.سائين جي ايم سيد چئي ٿو اھي ئي انتھاپسندي پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ آھن.ھڪ الڳ سوچ ٺاھي ان کي فروغ ڏئي ماڻھن کي ان ۾ جڪڙڻ سراسر جرم آھي.اھي مذھب جا اھي ٺيڪيدار بڻيا بيٺا آھن جيڪو علم مونکي جواني ۾ پيو.ننڍپڻ ۾ منھنجي ذھن ۾ خوف ھوندو ھو  ڇوته مونکي ٻڌايل ھيو ته انسان گناھن جي ڄار ۾ ڦاسيو پيو آھي.جنھن مان آزادي ناممڪن لڳندي ھئي.ڪجھ عام غلطين کي به گناھ ڄاڻائي انھن جون سزائون رکيل ھيون.جئين ته غير محرم عورت ۽ مرد کي ڏسڻ گناھ ،بيٺي پاڻي پئيڻ گناھ ،نمازي ۾ ديري سبب گناھ.اھي گناھ ڄاڻائي خدا جو ناراضپو ظاھرڪيو ويندو ھو.جنھن جي سزا قبر ۾ عذاب ،دوزخ جي آڙاھ ،فرشتن جا گرزن سان ايذاء وغيره ۽ جيڪو ماڻھو انھن گناھن کان پاڻ کي آجو رکندا ۽ ھر وقت خدا جي عبادت ۾َمشغول رھندا انھيء کي انعام طور سجايل عاليشان محلاتون، سھڻيون حورون، عمده غلمان، طرح طرح جا ميوات ۽ لذيذ کاڌا ملندا.ماڻھن کي پنھنجي عمل سميت مرڻ بعد پوئينرن طرفان موڪليل ختما خيراتون ختما وغيره پڻ گناھن جي ڪمي جو باعث بڻي سگھبا پئي.اھي سڀ ڳالھيون منھنجي عقل ۽ سمجھ جي موجب اختلاف جو سبب بڻيون.مُلن طرفان بيان ڪيل ڳالھين ۾ صاف ظاھر پئي لڳو ته عورت ٻي درجي جي جنس ۽ گھٽ اھميت جي حامل آھي.زالن تي بي اعتباري سبب انھن کي چارديواري ۾ قيد رکڻ ،تعليم نه ڏيارڻ، ان جو واضح ثبوت ھئا.جٿي مرد ڪيتريون ئي عورتون رکي سگھيا پئي، اتي ساڳي ڪرتوت تي عورت کي سنگسار ڪرڻ جو حڪم ڏنل ھيو.منھنجي نظر ۾ گناھ صرف گناھ ئي آھي چاھي عورت ڪري يا ڪو وڏي شان ۽ مان سان گھمندڙ مرد ڪري.چيو پئي ويو اسلام ئي آخري ۽ بقا جو مذھب آھي آخر ۾ سڀ انھي ۾ شامل ٿيندا ته ڇا انھن اوڻاين جي باوجود به مڪمل ٿي سگھيو پئي؟جٿي مرد آزاد ۽ عورتون بند پڃرن ۾ آھن.
سائين جي ايم سيد مذھب کانسواء سياست تي به گھري اسٽڊي ڪئي ۽ ان جي پرک اسان سڀن لاء ڄڻ ته ھڪ راھ مشعل آھي.پاڻ چوي ٿو ته سياست ھتي ٻن قسمن جي ٿي رھي آھي.ٻه جذبا آھن جيڪي ھڪ ماڻھو کي سياست طرف ڇڪي آڻين ٿا.ھڪ ته خدمت خلق جو شوق، غلامي کان آزادي جي خواھش ۽ ٻيو اھا جنھن ۾ نالي ۽ شھرت جي ٺلي بک ھجي ،ذاتي لالچ ھجي، اقتداري ڪرسي جي تمنا انھن کي سياست طرف وڃڻ تي مجبور ڪندا آھن.سائين جي ايم سيد سماج ۾ ناسور بڻيل مده پڳل رواجن جي خاتمي لاء پڻ جاکوڙيو.ھن انھي جي شروعات پنھنجي اباڻي شھر سن کان ڪئي.ھو اتي جلسن کي خطاب ڪري ماڻھن کي چوندو ھو ته جيڪي رواج تڪليف جو باعث بڻجن انھن کي تڙي ڪڍي ڇڏيو.جيئن ته پرڻي توڙي مرڻي تي خاص کائڻ پيئڻ جا انتظام ڪرڻ لازمي ھوندا ھئا ته سيد سائين انھي جي مخالفت ڪئي.سائين جن ڳوٺ.سڌار ھلچل جي تحريڪ شروع ڪيائين  جنھن ۾ ڳوٺن جي عورتن کي بھتر تربيت ڏيڻ ،ننڍي عمر جي شادي بابت پابندي ،ڳوٺن ۾ اسڪول کولرائڻ ،مرڻي تي اجائي خرچ جي جڳھ تي سادگي اختيار ڪرڻ شامل آھن.

1919ع تي چيئرمين بورڊ آف اسڪول ٿيا ۽ 1929ع تي صدر ضلعي ڪراچي لوڪل بورڊ بڻيا.انھي دوران اسڪول ٺھرايائين،نوان رستا جوڙيائين ، ٽٽل رستن جي مرمت ڪرائڻ ،غريب شاگردن کي وظيفا ڏيارڻ سميت انيڪ ترقياتي ڪم ڪيائين.1930ع ڌاري پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي جو قيام وڌي پاڻ ان جا سيڪريٽري ٿيا.
سائين جي ايم سيد پاڪستان جي آزادي جو وڏو حامي ھو.1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ مسلم ليگ سنڌ جو صدر 1943ع ۾ ٿيو
انھي جي ڪوششن ۽ جدوجھد سان پاڪستان جو ٺھراء 1944ع ۾ سڀ کان پھرين سنڌ اسيمبليء پاس ڪيو.پر جئين جئين سائين ڏٺو ته برصغير جي ٻن ٽڪرن ۾ ٽٽڻ بعد جيڪو وجود پاڪستان جو آيو تنھن ۾ سنڌ صوبي اندر مرڪزي قوتن پاران ڪيترن ئي پناھگيرن کي پناھ ڏئي سنڌ اندر آباد ڪيو پئي ويو.ٻاھران ايندڙ مھاجرن کي سنڌ اندر وسنديون ٺاھي ڏنيون ويون ۽ ھو سنڌ جي وسيلن تي مالڪي ڪندي سنڌين کان حق ڦريندا پئي ويا.اھي حالات ڏسي ھن جي عقل کان ٿيندي روح تائين ڪاوڙ پکڙجي وئي  ۽ ھن 1946ع ۾ مسلم ليگ کان عليحدگي ڪري ،الڳ سنڌو ديش جو مطالبو اڳيان آندو جنھن ۾ سنڌي سڀ اتفاق ڪري رھيا ھئا.ھو سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين 1945ع ۾ ٿيو.1966ع ۾ بزم صوفيا سنڌ جو بنياد وڌائين.1969ع ۾ سنڌ يونائيٽيد فرنٽ جوڙيائين  ۽ ون يونٽ خلاف جاکوڙي ختم ڪرايائين.1972ع ۾ ھن پنھنجي پارٽي جئي سنڌ قومي محاذ ٺاھي جنھن ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي حاصلات لاء جاکوڙ ڪيائين.ھن چيو ته سنڌ وٽ پنھنجي الڳ تھُذيب ،ثقافت ،رسمون ،ٻولي ۽ تاريخي پسمنظر آھي.انھي جي بنياد تي اسان کي سنڌ الڳ ڪري ڏنو وڃي جئين پنھنجي معيارن مطابق زندگي گزاريون.الڳ سنڌ جي تصور سبب سائين جي ايم سيد جيلن جو منھن ڏٺو ۽ ڪيترو ئي وقت قيد ۾ گذاريائين.ان دوران به ھو چپ ڪري نه ويٺو اتان ئي جدوجھد جاري رکيائين.سائين جي ايم سيد سنڌ واسين جي ستل شعور کي جاڳائڻ لاء قلمي پورھيو پڻ ڪيو.ھن 58 ڪتاب لکيا جيڪي مختلف اڪيڊمين طرفان ڇپرايا ويا آھن.ان جي پنھنجي آتم ڪٿا سميت برصغير جي سياست بابت، سنڌ جي تاريخ ۽ اتان جي رواجن بابت ۽ شاھ لطيف جي شخصيت ۽ شاعري تي ھڪ تفصيلي ڪتاب لکيائين.جنھن جو نالو آھي “شاھ لطيف جو پيغام“.ان جي پڙھڻ بعد شاھ لطيف کي سڃاڻڻ ۾ خاصي مدد ملندي.
19 جنوري 1992ع ۾ سائين جن کي نظربند ڪيو ويو.ھن جي گھر کي سب جيل جو درجو ڏنو ويو.نيٺ نظربندي دوران بيمار رھندي ھن جو 25 اپريل 1995ع تي جناح اسپتال ۾ وصال ٿيو.ھن جي جدائي تي اڻ ڳڻت اکيون آليون ٿيون.
سيد سائين کي اڄ سالگرھ جو مبارڪون ڏئي ان جي انھي سوچ کي جڳائڻ جو عزم ڪرڻ گھرجي ته سنڌ سنڌين جي آھي ۽ سدائين رھندي.
"سيد ۽ سنڌ ٻئي پيا صدين کان جاڳن،
سُتا ئي ناھن انڌيرن جي اک ۾“.
http://www.onlineindusnews.com/2016/01/سنڌ-جي-سائين-کي-سالگرھ-جون-واڌايون/