Saturday, 21 February 2015

مادري ٻولي جو عالمي ڏهاڙو

My article About #InternationalMotherLanguageDay Published in five sindhi Newspapers.
#DailyHilalEPakistan
#DailyShaam
#DailyJhoongar
#DailyMehran
#DailyJeejal

ٻار جڏهن پنهنجي ماءُ جي ڪُک مان جنم وٺي هن دنيا ۾ پير ٿو پائي ته يقينن ان جي پهرين پهچان ،پهريون سهارو ،پهريون سنڀاليندڙ هن جي ماءُ ئي هوندي آهي.وقت جا قدم آڳتي وڌڻ سان جڏهن ٻار جي  قد ۽جسامت وانگر سمجھ سوچ ۽ شعور جا پيرا  دنيا جي اندر وڌيڪ پختا ٿيندا آهن ،ته هن جي ڪنن تائين پهچندڙ پهريان لفظ سندن ئي ماءُ جا هوندا آهن .جنهن ۾ مختلف قسم جون لوريون ،ديني دنياوي ڪچهريون ،پيار ، پاٻوھ ۽ دعائن  سان پُر ٿيل ٻول، رهنمائي جا الفاظ ئي هونداآهن.ٻار جي پهرين درسگاھ ماءُ هوندي آهي هو پنهنجي ٻار کي دنيا جي ٻين طور طريقن سميت ڳالهائڻ به سيکاري ٿي.جيستائين ٻار ۾ ڳالهائڻ جي سگھ ۽ لفظن جي صحيح ۽ مناسب استمعال جي سمجھ اچي، جيستائين هن کي لفظن جي اچارڻ جا ور وڪڙ دماغ ۾ بيهن تيستائين هو مسلسل ماء جي چپن جي ڳالهائڻ دوران حرڪت کي غور سان نهاريندو رهندو آهي،۽ انهي طرح سان انهي ۾ ڳالهائڻ جو شعور  دماغ ۾ ڀرجي رهيو هوندو آهي.ماءُ جي زبان مان ادا ٿيل لفظ هن لاء دنيا ۾ هلڻ ۽ دنيا کي سمجهڻ جو سولو طريقو هوندو آهي.ٻار جا سکيل پهريان لفظ ٻاتا ۽ اڌ ڪٽيل لفظ جيڪي بعد ۾ وڃي هڪ مڪمل  ٻولي جي صورت اختيار ٿا ڪن، اهائي اسان جي مادري ٻولي سڏائجي ٿي.

مادري ٻولي جي هرگز اها معني ۽ مفهوم ناهي ته ڪو گهڻي ايراضي تي رهندڙ ڳتيل آبادي ۾ ڳالهائي وڃي،  پر جيڪر هڪ طبقي تي مشتمل چند ڳوٺن تائين به ڳالهائي وڃي ٿي ته به اهائي اسانجي مادري ٻولي سڏائبي ،جيڪا اسان کي بنا ڪنهن شرمساري جي بافخر ٿي ڳالهائڻ گهرجي.اسان مان هر ڪو پنهنجي پياري ماءُ ۽ پيءُ سان بي پناھ ۽ لامشروط محبت ۽ چاهت ڪري ٿو ،چاهي اهي ڪهڙي به قد ڪاٺ  شڪل صورت رنگ نسل جا ڇو نه هجن ،پر فقط اهي ئي اسان کي زندگي ڏيندڙ، پاليندڙ ،ڏک سک ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪندڙ هوندا آهن،پر افسوس صد افسوس اسان مان ئي ڪجھ ماڻهو يا ائين کڻي چئجي اسان پاڻ پنهنجي ماءُ طرفان وراثتي مليل مادري ٻولي کي سڀني سامهون فخريه انداز ۾ ڳالهائڻ بجاء الاهي ڇو پردن ۾ لڪائي ٻين ٻولين جو سهارو وٺندا آهيون؟الاهي ڪهڙي ذهنيت کي دماغ ۾ پرورش ڏيندا رهون ٿا جنهن سبب صرف قريبي رشتيدارن ۽  گهر محلي تائين پنهنجي زبان جي سرحدي لڪير پنهنجو پاڻ ئي بنايون ٿا؟
ٻاهر جي دنيا ۾ ملندڙ هر ماڻهو سان دفتر ۾ توڙي ٻين آفيشل جڳهن تي اسين اردو ۽ انگريزي زبان کي اوليت ڏيندي ڳالهائڻ ضروري ٿا سمجهون، جيتوڻڪ اهو غلط ته نه آهي اردو اسانجي قومي، انگريزي دفتري زبان آهي ،پر جيڪر اسان وٽ سٺن لفظن ۽ سٺن ٻولن تي مشتمل پنهنجي مادري ٻولي  موجود آهي ته ڇو اسان انکي پروموٽ ڪرڻ کان لنوائيون  ٿا ؟ڇا اسانکي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي شرم ٿو اچي؟
ان ۾  ته ڪو حرج به ناهي نه ئي ڪو اعتراض واريندو ڇو ته جيستائين منهنجي سوچ پهچي ٿي ته اسان ته بافخر ئي محسوس ڪندا آهيون پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي ڪري.اهو ايترو به ضروري ناهي ته اسين پنهنجي ٻولي کي غير اهم قرار ڏيندي ٻين ٻولين کي ئي ڪميونيڪيشن جو ذريعو ٺاهي انهن سان ئي پنهنجي خيالات جي ڏي وٺ ڪندا رهون.بهتر ته اهو ٿيندو ته اسين پنهنجي ماءُ پيءُ پاران سيکايل ٻولي سنگتين ساٿين تائين پهچايون ۽ انهن اڳيان اهو باور ڪرايون ته اسان وٽ به پنهنجي شاندار ۽ پرڪشش لفظن واري مادري ٻولي آهي جنهن تي اسانکي مان ،فخر ۽ خوشي پڻ آهي.

ڪنهن به طبقي جي ٻولي ان لا۽ روڊ ميپ جي حيثيت ٿي رکي.ان جي ڪلچر، تهذيب وتمدن، رسم و رواج کي ڄاڻڻ  ۽پرکڻ لاء ان جي ٻولي جي ادائگي ،لهجو، جملن جا پاڻ ۾ ڳانڍاپا ،شيشي جيان  سامهون ايندڙ  عڪس کي صاف چٽو ظاهر ڪن ٿا ته اسين ڪهڙي ذات پات سان لاڳاپيل آهيون.ڀلي کڻي سامهون وارو شخص اسانجي زبان ڀلي ڀت پوري سمجهي به نه سگهي،  پر اسانجي زبان مان ادا ٿيل لفظ اسانجي پهچان ٿا بڻجن .لفظ به اهي لفظ جيڪي اسان چڱي طرح سان مڪمل روانگي سان بنا ڪنهن گرامر جي غلطي، اچارن ۾ هير ڦير،  ادائگي ۾ اڻائي ڪرڻ جي ،خيالن جو اظهار ٻين تائين پهچائيندا رهون ٿا.
اها اُها ئي ٻولي جيڪا اسانجي ماء طرفان اسان ۾ منتقل ٿئي ٿي جئين ته هر ٻار جو چهرو عادتون جزبات سندن ئي ماء سان مشهابهت  رکن ٿ،ا ائين ئي سندن زبان جي ادائگي ،لهجي  جي به ڀيٽ سندن ماءُ سان آساني سان ڪري سگهجي ٿي.اسانجي چهري ،نالي ۽ لباس وانگر ٻولي به اسانجي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾  شناخت ڪرائي ٿي.دنيا ۾ انتهائي اهميت جي حامل مادري ٻولي  بابت اسان معمولي سوچ رکي  گهڻن ئي موقعن تي پنهنجي ٻولي کي سائيڊ تي ڌڪيندي ٻين ٻولين کي پنهنجو چوائي بافخر ٿا محسوس ڪيون جيتوڻڪ  مونکي ته اهو شرم جو مقام ٿو لڳي جو اسان ٻولي جي نالي تي اصل ۾ پنهنجي امڙ جي پهچان ٻين اڳيان ڪرڻ  بجاء لڪائڻ جي ڪوشش ڪري اڻڄاڻائي ۾ بزدلي جو کليل مظاهرو ڪري رهيا هوندا آهيون.
ڇا اسين پنهنجي جيجل ماءُ طرفان مليل ٻولي ڳالهائڻ ۾ شرم محسوس  ڪيون ٿا؟يقينن نه ته  پوء ڇو بافخر امان سائنڻ جي ٻولي کي نظر اندازي جي ور ٿا چاڙهي ڇڏيون.
مادري ٻولي کي ايتري ته اهميت مليل آهي  جو هر سال فيبروري جي 21 تاريخ  تي اقوام متحده  پاران نيئن ٿيم هيٺ مادري ٻولي جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو.اها عام فهم جي ڳالھ آهي ته عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته ان موضوع  کي سماج ۾ اجاگر ڪرڻ  آهي، جيڪي پنهنجي قيمتي شيء جي ملھ کان اڻڄاڻ آهن.

انهن ڏينهن ملهائڻ جي پس منظر تي نظر جيڪر ڪجھ وقت لاء ترسائبي ته مادري ٻولي پويان ڪيل  بنگالي جدوجهد جي تاريخ جو هڪ ورق ڪارو ۽ رت سان ريٽيل ملندو.مادري ٻولي جي ڪري   ڪيل لڳاتار  جدوجهد جو 21 فيبروري  جي ڏينهن وارو اثر ۽ بي دردي سان جوان شاگردن تي ڪيل  تشدد نه وسرڻ جوڳو آهي.1947 ع ۾ پاڪ هند ورهاڱي سبب اوڀر بنگال پاڪستان جي حصي هيٺ آيو.حالتن ۾ ڪشيدگي  1948ع  ۾ تڏهن نروار ٿيڻ لڳي جڏهن پاڪستان گورنمينٽ اردو ٻولي کي اڪيلي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏنو.بنگالي پنهنجي ٻولي جي نظر اندازي سبب کلي طرح سان ميدان ۾ اچڻ لڳا.1952ع ڌاري هاڻوڪي بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا جي يونيورسٽي ۾ سرگرم شاگردن ڀرپور احتجاج ڪيو،انهي احتجاج کي دٻائڻ لا۽ پوليس بندوقن جا منهن سڌا ڪري ڇڏيا ،انڌ ڌنڌ فائرنگ ۽ شيلنگ سبب 4 جوان شاگرد ڳولين جو کاڄ بڻجي ويا ۽ پنهنجي ٻولي جي حقن جي حاصلات خاطر موت کي ڀاڪر ڀري چنبڙي ويا.انهي  شاگردن جي رت ڳاڙهي لال ٿي  رنگ لاتو .انهي ڏينهن بعد انهي احتجاج جو دائرو وسيع  ٿيندو ويو۽ ڏينهن گزرڻ سان گڏ ڦهلجندو ويو.  نيٺ 4 سالن بعد  انهي احتجاج آڏو گوڏا کوڙيندي 29 فيبروري 1956 ۾ بنگالي ٻولي کي پاڪستان جي دفتري زبان طور قبول ڪيو ويو ۽ پوء 1971 ۾ بنگال جي ورهاڱي بعد بنگالين  پنهنجي ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي  طور منظور ڪيو.
اها جدوجهد ڏسي  گولين جي آواز تي اک پٽيندي 17 نومبر 1999ع  ۾ اقوام متحده جي يونيسڪو، 21 فيبروري کي مادري ٻولي جو بين الاقوامي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو.اهو ڏينهن پهرين دفعا سال 2000ع جي 21 فيبروري کان باقاعدگي  سان ملهايو ويو ۽ هر سال نئي ٿيم هيٺ ملهايو وڃي ٿو.
منهنجو (ماهم سنڌي) جو بنيادي طور تعلق سنڌي ٻولي سان آهي مونکي اها زبان ناناڻن توڙي ڏاڏڻن ٻنهي طرفان وراثت ۾  ملي آهي.اها ٻولي مون لاء باعث فخر آهي .اها ٻولي منهنجي امان جيجل مونکي جهولي ۾ سمهاري سيکاري ٿي ته پياري بابا سائين اڱر پڪڙي هلڻ مهل، شروعاتي وکن دوران  منهنجا پير زمين تي پختا ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻولي جي مٺڙن لفظن کي منهنجي دل ودماغ اندر ڪاميابي سان پڪو ڪندو ويو. منهنجي ٽٽل ڀڳل جملن جي سهي جوڙجڪ ڪندو ويو.
ڪنهن کان پڇيو ويو ته سڀ کان مٺي ء سٺي ٻولي ڪهڙي آهي ان جواب ڏنو  ته سڀ کان عمده ۽ ڪشش ڪندڙ  اها سنڌي ٻولي آهي جيڪو ڪمسن ٻار ٻاتي ٿو ڳالهائي.ان جي جواب سان مان بلڪل متفق آهيان ۽ مون سميت سڀ سنڌي به سوء سيڪڙو متفق هوندا.

تنهنڪري اڄ 21 فيبروري تي پنهنجي مادري سنڌي ٻولي بابت مختصر معلومات پڙهندڙن تائين پهچائڻ چاهيندم. سنڌي لفظ سنڌو دريا مان اخذ  ڪيل آهي.سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٻولي کي دفتري زبان جي حيثيت مليل آهي ۽  بلوچستان سميت سڄي پاڪستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.سنڌي ٻولي ڏکڻ ايشيا جي زبان آهي اها پاڪستان ۽ انڊيا جي علائقي  ڪڇ ،گجرات ،راجستان ،مهارشترا، جيسيلمير  ۽ ممبئي ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي.2006 ع جي هڪ ڪاٿي موجب پوري دنيا ۾ 42 ملين ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ آهن جنهن ۾ 35 ملين پاڪستان ۾  5 ملين انڊيا ۾   150ٖ,000 متحده عرب امارات ۾ ،180,000 برطانيا ۾، 50,000 آمريڪا ۾، 35,000 ڪينيڊا سميت ٻين به ملڪن ۾ توڙي جو گهٽ مقدار ۾ ئي سهي پر ڳالهائي وڃي ٿي.جيتوڻڪ هاڻي ڪافي تعداد اضافي ٿي چڪي آهي.

سنڌي ٻولي جا ڇھ کان مٿي اقسام آهم.
1:اترادي.اهو ٻولي جو قسم  اتر سنڌ ۾ ڳالهائي۽ سمجهي سڄي سنڌ ۾  وڃي ٿي.
2:وچولي.اها قسم سنڌ جي بلڪل سينٽل ايريا  يعني وچ وارن علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.وچولي زبان سنڌي ٻولي جي معياري بنياد پڻ آهي.
3:لاڙي.هن ٻولي جو نالو ئي ظاهر ٿو ڪري ته اها سنڌ جي لاڙ طرف (Lower Sindh) جي زبان آهي.
4:لاسي .ٻولي جي نالي سان مشهابت رکندڙ اها زبان بلوچستان جي علائقي لسٻيلي   طرف جي زبان آهي.
5:ٿري.اهو قسم ٿرپارڪر ۾ ڳالهايو وڃي ٿو ان کي ڊاٽڪي  ٿرو، يعني وارياسي علائقي  ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.اهو وارياسي علائقو ڏکڻ اوڀر طرف پاڪ انڊيا بارڊر هئڻ سبب بارڊر پار، انڊيا جي راجستان جي علائقي جيسيلمير ۾ وڏي علائقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
6:ڪڇي/ڪوڇي.اها ڪڇ واري علائقي جي زبان آهي اها ڪاٺي وار گجرات ۾ سمجهي وڃي ٿي.
سنڌي ٻولي جي عروج جو سفر 14 کان 18 صدي  دوران ٿيو.جڏهن سنڌ ڌرتي مها ڏاهن ، امن ۽ انسانيت جي پرچار ڪندڙ شاه عبدالطيف ڀٽائي  سچل سرمست سامي کي پئي جنم ڏنو.سنڌي ٻولي ۾ ايترا نامور اديب ليکڪ ۽ دانا ٿي گزريا ۽ موجوده  دور ۾ آهن،  جنهن مان هڪ ٻه نالا کڻڻ تاريخي غلطي چئبي.منهنجي مادري سنڌي ٻولي ۾ 500 کان مٿي ويب سائيٽس  مختلف موضوعن تي معلومات مهيا ڪري رهيون آهن.اسان سڀ سنڌي درخواست نه پر پرزور مزاحمت سان گڏ مطالبو ڪيون ٿا ته 1972ع ۽ 1994ع جي ٻولي بابت ٺهرائن کي منظور ڪري آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ ترميم جي منظوري ڪري سنڌي ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي طور رائج ڪيو وڃي.ٻولي  بابت بل کي قومي اسيمبلي جي سرد خاني ۾ رولڻ بجاء منظور ڪري اسانجي مادري ٻولي کي ان جو اصل حق ۽ اهميت ڏني وڃي.

مان هن مختصر لفظن تي مشتمل ڪهاڻي تي اختتام ڪندم.جيڪو اسان ۾ شامل موجوده سوچ جي پوري نه ته اڌ عڪاسي ڪري ويندو.

هڪ نوجوان ڪنهن ميگزين ۾ مادري سنڌي ٻولي بابت تفصيل سان لکيل آرٽيڪل پڙهي رهيو هو، جنهن ۾ مادري ٻولي جي اهميت لکيل هئي . هو پڙهڻ سان گڏ  دل ئي دل ۾ لفظ لفظ پڙهڻ سان متفق ٿيندو ويو.سندن ماءُ بورچي خاني مان نڪري پٽ کي چئي ٿي ابا سامان کٽل آهي، وڃي بازار مان وٺي اچ.نوجوان ماء جي ها ۾ ها ملائيندي ميگزين ڀر واري ميز تي رکيندي موٽر سائيڪل ڪاهي بازار ويو.ريزڪي دڪان تي گاڏي کي بريڪ هڻي بيٺو ۽ دڪان واري سان مخاطب ٿيندي چيائين،بهائي 5 کلو آٹا 2کلو چینی اور بناسپتی گیھ کا ایک پیکٹ دو اور بتاؤ پئسي کتنے ھئے؟؟؟؟

ماهم سنڌي
mahamsindhi05@gmail.com