Saturday, 18 October 2014

اڄ آئي ھئي بينظير بي باڪ بڻجي

اڄ آئي ھئي بينظير بي باڪ بڻجي

خوشين جا جھول ڀري،
سڀني ناڪامين کي پوئتي ڌڪي،
شام جي پھر ۾ سج اڀاريندي،
اڄ آئي ھئي بينظير بي باڪ بڻجي.

بابا جي وکريل قافلي کي ميڙيندي،
مٺڙن ڀائرن جون ساروڻيون ساريندي،
امڙ نسرت جون کوڙ دعائون کڻي،
اڄ آئي ھئي بينظير بي باڪ بڻجي.

لکن جي مجمعي کي مرڪون بخشيندي،
اميد ۽ اتساھ جا نوان روح ڦوڪيندي،
آمرن جي حڪمراني مختصر ڪرڻ جي جذبي ساڻ،
اڄ آئي ھئي بينظير بي باڪ بڻجي.

والي مشھد رضا کي ضامن بڻائيندي،
تسبيحن ۾ صلواتن جا ورد ڪندي،
الله جي ڪلام جي پاڪ سائي ۾،
اڄ آئي ھئي بينظير بي باڪ بڻجي.

زماني جي سازشن کي کليل چيئلنج ڏيندي،
ھر ھڪ دشمن کي للڪار ڏيندي،
جسماني جان جو جوکم کڻي،
اڄ آئي ھئي بينظير بي باڪ بڻجي.
A Dedication from Maham jee.