صبح جي باک ڦٽڻ سان پري جي اک به سجاڳ ٿي،اٿڻ شرط جلد ئي فريش ٿي پنھنجي فيورٽ ڪلر جو گلابي جوڙو پائي ،اڃا ڪمري کان ٻاھر ٻه وکون مس کنيس ته ھن جي بابا اچي ھن جو اڳ جھليو.جئين ته ڪافي وقت کان انتظار ۾ ھجي.
پري جي مک تي ڪجھ ماڪ ڦڙا باقي ھئا،ھن جي مسڪراھٽ ۽ صبح جي ٿڌي ھير ماڪ ڦڙا سڪائڻ جي ڪوشش ۾ جھڙوڪ ڪامياب ٿئيڻ ئي واريون ھيون.ھن جي بابا ھن جي پيشاني تي ۽ ٻنھي ڳلن کي چميندي چيو منھنجي ڏاھي ڌي(ھن جو بابا ھن جو نالو وٺڻ بجاء پيار منجھان ڏاھي ڌي،ھوشيار ڌي،پڙھيل ڌي جي نالي سان مخاطب ٿيندو ھو)عيد مبارڪ ھجئئ ۽ ائين چئي ھن کي ڀاڪر پاتس.پري کي ته ڄڻ دنيا جون سڀ خوشيون،لذتون ٻن ٻانھن جي ڀاڪر ۾ ملي ويون ھجن،وڌيڪ ھن جو بابا چوي ٿو ته تون سھڻي ته جام آھين پر رھندين ڪونه ميڪ اپ بغير سو جلدي تيار ٿي وٺ ته ھلون پنھنجن سان عيدون ملون.پري جي مسڪراھٽ ٽھڪن ۾ تبديل ٿيندي پئي وئي.
بابا کان ڪجھ گھڙين لاء موڪلائيندي پري روم ۾ آئي،شيشي آڳيان ڪنگي ڪندي آڳين وارن کي ڪلپس سان قابو ڪيس ۽ پويان وار کليل رکيس.ٻسين اکين کي سرمي سان پُر ڪيس،ميندي لڳائڻ سبب رات کان خالي پيل ڪلاين ۾ کنگڻ ۽ ٻي ۾ بريسلٽ پاتس،لپ اسٽڪ ته ھن جي موسٽ فيوريٽ سو اھا لڳايس ۽ پوري تيار ٿي اچي بابا جي روم ۾ ويٺي ۽ چيس بابا ھاڻي ھلو.ھن جو بابا مزاحيه انداز ۾ چوڻ لڳو ڏاھي ڌي ڪارو ڌاڳو پائي ڇڏ،ڇو ته تون جڏھن عيد تي تيار ٿيندي آھين ته توتي بري نظر ھميشه بخار،چڙچڙائپ ۽ بي سبب ڪاوڙ جي روپ ۾ اثر ڪندي آھي پر پري ڳالھ کي اھميت نه ڏيندي ٽاري ڇڏيو.
ھو بس ڪجھ وقت لاء ئي بابا کان دور ٿي جڏھن ھو نماز پڙھڻ ويو ۽ مائٽن دوستن سان ملڻ ويو ۽ جڏھن پري جون ساھيڙيون آيون ۽ پري انھن کي ڪجھ ٽائيم ڏنو.
پري پنھنجي ڀائرن ۽ ڀيڻين ۾ ننڍي ھئڻ ڪري ڪجھ وڌيڪ ئي لاڏ پيار جي حقدار ٿيندي ھئي ۽ اھو حق ھن کي گھرڻ کان اڳ ئي ملي ويندو ھو.
پري اھا عيد ڀرپور ملھائي،تمام گھڻي خوش ھئي ڇوته ھن جي فيملي مڪمل ھئي ۽ پري سمجھي پئي ته ڏک يا سک ونڊڻ لاء ان وٽ مڪمل فيملي موجود آھي.پر خواھشن موجب پورائي جيڪر ٿئي ته اھا جنت ئي ڪوٺبي جيڪا پري جي حصي ۾ مختصر آئي ھئي.
بي رحم،بي پير ظالم وقت پنھنجو پاسو ورايو.۽ ھلندو ويو ھلندو ويو.......
ھينر 2014 جي رمضان جو آخري عشرو قدم وڌائئ چڪو آھي،پر پري اڃآ نوان ڪپڙا ناھن ورتا،۽ نه ئي سينڊل،پراڻي اڌوري لپ اسٽڪ ڪنھن خاني ۾ پيل ھوندي جنھن کي پري ڳولي به نه پئي،ھن جي کاٻي ٻانھن ۾ پراڻيون ڇھ چوڻيون آھن،نه نوان ڪنگڻ ورتس نه ئي ڪو بريسلٽ، ھن نئون ڪجل به ناھي ورتو شايد اکين کي ٻسو رکڻ چاھي پئي.ھينر شايد ماڪ ڦڙن بجاء لڙڪ گردشون ڪندا ۽ سخت گرمي ۽ گُھٽ واري موسم ۾ شايد ڪا به ٿڌي ھير ھارائڻ جو رسڪ نا کڻي.پري سوچي پئي ته ھن ڀيري وارن کي ائين ته ول ۾ وڪوڙجي جو ھوا جاطوفان به وار جي ھڪ لٽ کي لڏائي نه سگھن.
پري شايد ھاڻي ميچوئر ۽ وڏي ٿي چڪي آھي يا کڻي ائين چئجي وقت ھن کي وڏو ڪري ڇڏيو آھي،ھو ته ڪوڙي مرڪ به آرامي سان سجائي وڃي ٿي،ٽھڪ ته شايد ڪجھ قيمت ڏئيي خريد ڪري ڇڏيا اٿس.ھو ته عيد جو انتظار به نه پئي ڪري جيڪا رمضان کي انڱرين تي ڳڻي ڳڻي موڪلايندي ھئي.
اي الله رحم ڪجان ڪٿي ھو پري زندگي جي امتحانن مي فيل نه ٿي پوي،ڪٿي ھن جي سميٽل ھمت حوصلو وکري ٽٽي نه پوي.
ٻڌو دنيا والو تسان ڪون خبر ھي ول عيد آئي ھي........